جيئن جيئن رات ڀِڄي ٿي جيئن جيئن رات ڀِڄي ٿي. تيئن تيئن ننڊ رُسي ٿي. پرواني جي ميت تي، ڪيڏو رات روئي ٿي. پنهنجن جا پراون جا، دل ڪيڏا سور سهي ٿي. اڪثر ياد اوهانجي، ٿي ٿڌڙي هير لهي ٿي. تنها چنڊ جي تنهائي، ٿي ماٽ ڦُڙا وَسي ٿي. *