اُجهڻ تي آ لاٽ اُجهڻ تي آ لاٽ، سِگهو اچج سُپرين! تَڪيان پئي لوڙهي تان، ڪري اوچا ڳاٽ، سِگهو اچج سُپرين! اُونهاري ۽ سياري، هاءِ ووڙيان واٽ، سِگهو اچج سُپرين! مَ ڄاڻان ڪڏهن ۽، ايندؤ ڪهڙي گَهاٽَ، سِگهو اچج سُپرين! *