گيت : ڇڏي ڇن ڇپرُ ڇڏي ڇن ڇپرُ امڙ تنهنجو گهرُ ابل جو پڌرُ؛ مان هيڪر هلي ويندس. ڪنڊيءَ تي ڳيرا، پرينءَ گهر ڀيرا، چولا ڇڏي ميرا؛ مان هيڪر هلي ويندس. داڻا مٿي جند، پيٺي ڏٺا چنڊ ڇڏي سڀئي ونڊ؛ مان هيڪر هلي ويندس. *