ڪملي ڪيڏو ڪَچُ ڪري ٿي ڪملي ڪيڏو ڪَچُ ڪري ٿي. ڪيچ وارن کان وَرُ گُهري ٿي. تنهاين جي موسم ۾ بس، مونڏي تنهنجي ياد وري ٿي. عشق جون بي انت لهرون، دل ڪاغذي ٻيڙي، تري ٿي. پوئين پهر ۾ واءُ جي سِرِ سِرِ، دل-اڱرن تي ماڪ ٺري ٿي. *