جيوَن سراب وانگر جيوَن سراب وانگر. هر پَل عذاب وانگر. تنها شباب وانگر، ٿر ۾ گُلاب وانگر. دوست منهنجي ڪهاڻي، آ بُور باب وانگر. آءٌ گنهگار، تون، سراپا ثواب وانگر. ڪاش بڻي ها ڪوئي، لمحو شراب وانگر. *