شاعري

آسن جو آسمان

نئون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب قادر سيال جهڏائي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. قادر سيال جهڏائي ڀلوڙ شاعر هجڻ سان گڏ بهترين نثرنويس پڻ آهي. قادر سيال جهڏائي گھڻي عرصي کان شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ شاندار قلمي پورهيو آهي. قادر سيال جي شاعريءَ ۾ جتي عشق اڌما ڏئي ٿو اتي ڌرتيءَ جي درد جو جوالامکي بنجي ٻري پيو.
Title Cover of book آسن جو آسمان

مهاڳ

مهاڳ
شاعري جو اڙانگو پنڌ
سنڌي ٻولي جي عظيم شاعر شاهه سائين چيو آهي ته “وکر سو وها جو پئي پراڻو نه ٿيئي” اها ڳالهه شاعري تي به لاڳو ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته شاعري ادب جي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن تازگي آهي، ڪا اهڙي سماج جي حقيقي عڪاسي ۽ انقلابي ڳالهه، خيال يا فڪر پيش ڪيل آهي، جيڪو صديون پڄاڻان به نئون ۽ نڪور لڳي ته اهو اهڙو وکر ٿيو وڃي جيڪو پئي پراڻو نٿو ٿئي. شاعري ڪهڙي به صنف ۾ ڪئي وڃي، اها غزل جي صورت هجي، نظم هجي يا وري بيت جي شڪل ۾ هجي پر جيڪڏهن انهي ۾ شعريت ناهي ته اها ڪنهن ڪم جي ناهي. شعريت جي معنى آهي جڏهن ڪنهن به شاعر جو ڪلام پڙهيو وڃي ته اهو محسوس ٿئي ته جنهن خيال کي پيش ڪيو ويو آهي، انهي جي پيشڪش اعلى آهي ۽ نرالي. انهي ۾ موجود خيالن جي اڻت ڪهڙي انداز سان رکي وئي آهي جو اها پڙهڻ مهل هڪ پڙهندڙ کي اهو احساس ڏياري ته شاعر رڳو لفاظي کان ڪم ناهي ورتو پر پنهنجي ڪلام ۾ انهي شعريت واري مزاج کي به زنده رکيو آهي، جيڪو اصل ۾ شاعري جو روح هوندو آهي.
سنڌي شاعري جو سفر صديون پراڻو آهي. انهي ۾ اسان ڪلاسيڪل شاعرن کان وٺي جديد دور ۽ هاڻوڪي دور جي شاعرن کي پڙهندا پيا اچون. جن پنهنجي ڪلام سان سنڌي شاعري جي جهول ۾ ڪيترائي گل ڀريا آهن پر ڇا سنڌي ٻولي ۾ ٿيندڙ سموري شاعري بهترين آهي؟ ڇا انهي کي ان ڪري ڀلو چوڻ گهرجي جو اها اسان جو نوجوان لڏو لکي رهيو آهي.
پر اڄ به سنڌ ۾ اهڙي قسم جا جرئتمند شاعر اسان کي ورلي ئي ملندا جيڪي رياستي جبر کان وٺي ڪنهن ڏاڍي مڙس خلاف لکڻ جي همت ڪري سگهن. سنڌ ۾ هڪ دؤر اهڙو به رهيو آهي، جنهن ۾ مزاحمتي شاعري نه فقط ڌڙا ڌڙ لکي ويندي هئي پر انهي کي وڏو مانُ به ڏنو ويندو هو. اها شاعري ماڻهن جا روح گرمائي ڇڏيندي هئي. ڪئين ماڻهو انهي کي نعريبازي چون ٿا پر آئون انهي کي نعريبازي نه بلڪه مزاحمتي ادب جو حصو ئي سمجهان ٿو. جڏهن توهان لفظ مزاحمت استعمال ڪريو ٿا ته انهي جو مطلب آهي ته توهان وٽ هڪ ڪروڌ آهي، هڪ ڪاوڙ آهي، جنهن جو اظهار ليکڪ توڙي شاعر لفظن وسيلي ڪندو آهي. انهي ۾ پو اسين پرين جي لبن جي لالي ۽ سندس ٻانهن جي هار کي نٿا ڳولي سگهون. اهڙي قسم جي شاعري قومن لا نه فقط اتساهه جو ذريعو هوندي آهي پر ماڻهن کي پنهنجي وطن ۽ مٽي سان وڌيڪ ڳنڍيندي آهي. تنهنڪري شيخ اياز، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي، مجرم لغاري، استاد بخاري، سرويچ سجاولي، آڪاش انصاري، مير حسن آريسر، ايوب کوسي ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن اهڙي قسم جا نظم لکي ماڻهن کي اهو احساس ڏياريو ته شاعري ڪا تير يا توپ ناهي پر پر اها انهي کان گهٽ به ناهي. انهي جا لفظ ئي گولا بارود آهن. خير اهو ته سنڌي شاعري جو اهو پاسو آهي، جيڪو هاڻ ماضي جو قصو ٿي چڪو آهي. هاڻ اهڙي قسم جي شاعري اسان کي ڪڏهن پڙهڻ لا ملندي، ان باري ۾ ڪجهه چئي نٿو سگهجي.
اڄ به سنڌي ادب ۾ نوجوان لڏو شاعري کي تمام گهڻُو اهم سمجهي ٿو، جيڪي لکندڙ بهتر نثر لکي سگهن ٿا، انهن کي به اهو ئي شوق رهي ٿو ته اهي شاعري ڪري نالو ڪمائين. جڏهن ته هڪڙا ماڻهو شاعر هوندا آهن پر ٻيا وري اهڙا به هوندا آهن، جيڪي شاعر ٿيڻ چاهيندا آهن. اها هر ماڻهو جي مرضي آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي ادب جي ڪهڙي صنف ۾ بهتر محسوس ڪري ٿو، تنهنڪري انهي کي ان صنف ۾ ئي محنت ڪرڻ گهرجي.
اسان جو دوست قادر سيال جهڏائي، جيڪو مون کي سدائين نثر ۾ وڌيڪ متاثر ڪندو رهيو آهي، سندس لکڻين ۾ سدائين ڪي اهڙا موضوع رهيا آهن، جيڪي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کي ڦلهوريندا آهن. جن تي لکي هن نه فقط بهترين ڪم ڪيو آهي پر انهن موضوعن تي لکڻ سان هن انهن کي هڪ اهڙي دستاويزي شڪل ڏني آهي، جيڪا اڳيان هلي ڪنهن به نئين لکندڙ لا مددگار ثابت ٿيندي ۽ اهڙن موضوعن تي هن کي اڃا به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته هن کي خبر آهي ته هڪ نثر نويس وٽ ڪهڙي قسم جا موضوع هجڻ گهرجن ۽ اهو ڪهڙي ريت پنهنجي لا هڪ پڙهندڙ حلقو پيدا ڪري سگهي ٿو. تنهنڪري هن جو نثر ۾ ڪيل ڪم مون کي گهڻو متاثر ڪندڙ لڳي ٿو پر سندس شاعري به ڇڪ رکي ٿي.
زلفن جي ٿڌڙي ڇانءَ جو، احساس پنهنجو آ
دردن ۾ گھيريل هانءَ جو، احساس پنهنجو آ
ساري جڳ جون ريتون رسمون، اورانگھي تو ڇڏيون
هٿڙن تي لکيل نانءَ جو، احساس پنهنجو آ


آسن جو آسمان آ، ڪڪرن کان اڄ ڀي وانجھيل
خالي چونري ۽ ٿانءَ جو، احساس پنهنجو آ

صدقو ڏجي ته ڪهڙو گهر آهي منهنجو خالي
وڻ تي بکايل ڪانءَ جو، احساس پنهنجو آ

چانڊوڪي شب ۾ تولئه، سندر غزل لکيو مون
“قادر” جي ڏات ۽ ڏانءَ جو، احساس پنهنجو آ

دوست قادر سيال کي نثر کان وڌيڪ شاعري جو شوق آهي. شوق جو ته ڪو ملهه ڪونهي. تنهنڪري سندس قلم نثر سان گڏ نظم به سرجي ٿو. پر وري به مسئلو اهو آهي ته ڇا ڪو سٺو نثر نگار شاعر به اوترو ئي ڀلو ٿي سگهي ٿو يا ڪو شاعر نثر به اوترو ئي سهڻو لکي سگهي ٿو، جيتري سٺي هو شاعري ڪري سگهي ٿو. اهي ٻه الڳ الڳ معاملا آهن. تنهنڪري اهو ضروري ناهي ته ڪوبه ماڻهو جيڪو مختلف صنفن ۾ لکندو هجي، اهو سمورين صنفن سان هڪ جيترو ئي نڀا ڪري سگهي. اهو مسئلو قادر سيال سان به آهي. سندس شاعري اڃان پختگي جي پنڌ تي هوندي به نرالپ جا حسين رنگ رکي ٿي.
پلڪن جي آ جھروڪن، سپنن جي آجيان ڪئي
تنهنجي خوشي جي لاءِ، دردن جي آجيان ڪئي

اڄ ڀي بهار رت کي، نيڻن سان مون چميو آ
گل گل جي آجيان ڪئي، پن پن جي آجيان ڪئي

هن جي غزلن جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته اهي اسان کي سنڌ ۾ مروج خيالن جي حد تائين به بهتر لڳن ٿا پر اڳتي محدود ٿي وڃن ٿا. خيالن جي مخصوص دائري ۾ لکڻ وارو مسئلو گھڻن شاعرن سان آهي. جيتوڻيڪ هن پنهنجي ڪتاب “آسن جو آسمان” ۾ وائي ۽ نظمن وسيلي سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌ جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر وري به مسئلو اهو ئي آهي ته ڇا ڪنهن به مسئلي تي لکڻ سان شعريت نظم يا وائي ۾ شامل ٿي ويندي آهي؟ شاعري جيترو پنهنجي ماڻهن سان پنهنجي وطن سان جڙيل هوندي اها اوترو ئي توازن ۾ رهندي آهي پر جيڪڏهن ڪو شاعر انهي جي پيشڪش بهتر انداز سان ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي ٿو ته پو اها پنهنجو اثر نٿي ڇڏي سگهي. تنهنڪري شعر کي اهڙي انداز سان لکڻ جي ضرورت آهي، جيڪو هر حوالي سان پڙهندڙ کي پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏي.
پئي وڌي خودڪشي ديس ۾
ڪيڏو مجبور آ آدمي ديس ۾
قادر سيال جي شاعري پڙهڻ کان پو اهو اندازو ٿئي ٿو ته هو شين جي پرک ته رکي ٿو پر ڪٿي ڪٿي هن سان اهو مسئلو به پيش اچي ٿو ته انهن کي شاعري جي سانچي ۾ ڪيئن رکي. نظم جي رواني ڪنهن پاڻي جي وهندڙ وهڪري جيان هجڻ گهرجي. وائي لکڻ وقت انهي جي نج سنڌي اسلوب کي ذهن ۾ رکجي، تڏهن اهي صنفون اسان کي پڙهڻ ۾ ايترو ته مزو ڏينديون جو اسين واه واه ڪرڻ کان سوا رهي نه سگهنداسين.

شاعر قادر سيال جهڏائي جي شاعري جا ڪجهه بند هيٺ پيش ڪجن ٿا،
دربدر آهيون اسين
ڄڻ قمر آهيون اسين


مرڪ پرين جي پيار گھري ٿي
سارو ڄڻ سنسار گھري ٿي


اسان جي ڦٽن کي اکيڙي وئي آ
جفا جو رڳو تير کوڙي وئي آ


ٿي ويون رات گم هڪڙي منظر ۾ اکيون
تڏهن هن جون هن ٽڪيل در ۾ اکيون


درد جي هيراڪ دل
آ منهنجي رولاڪ دل

هوءِ رکي ٿي پاڻ وٽ
ڪيتري چالاڪ دل

اڄ جڏهن سنڌ ۾ انتهاپسندي، دهشتگردي، بک بدحالي ۽ ملائيت جو راڄ هلي رهيو آهي ته اسان جي سنڌ جي شاعرن کي اهڙا شعر لکڻ جي ضرورت آهي، جيڪي اهڙي قسم جي مسئلن کي حقيقي طريقي سان پيش ڪري سگهن. محبوب جون ڳالهيون ته هر ڪنهن کي وڻنديون آهن ۽ اهي وڻڻ به گهرجن، ڪرڻ به گهرجن پر وطن جون ڳالهيون يا وطن جي ماڻهن جي دردن کي به وسارڻ نه گهرجي. قادر سيال پنهنجي شاعري ۾ اها ڪوشش ڪئي آهي ۽ هو سنڌ جي معاملن کان لاتعلق يا بي خبر ناهي. اهڙي ريت سنڌ جي هر شاعر کي باخبر هئڻ گهرجي. سندس هي ڪتاب سنڌ جي ادبي حلقن ۾ ڪيتري پذيرائي ماڻي ٿو اهو فيصلو ته پڙهندڙ پاڻ ئي ڪندا پر قادر سيال کي شاعري جهڙي اهم صنف تي وڌيڪ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاعري هڪ اڙانگي پنڌ جي چونڊ آهي، ڇاڪاڻ ته رسول حمزاتوف بقول شاعر باهه جا رکوالا هوندا آهن. ڏسون ته هاڻ قادر سيال پنهنجي ئي شاعري جو ڪيترو رکوال ٿو ٿئي.

اختر حفيظ- حيدرآباد
24 آڪٽوبر 2017ع