شاعري

آسن جو آسمان

نئون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب قادر سيال جهڏائي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. قادر سيال جهڏائي ڀلوڙ شاعر هجڻ سان گڏ بهترين نثرنويس پڻ آهي. قادر سيال جهڏائي گھڻي عرصي کان شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ شاندار قلمي پورهيو آهي. قادر سيال جي شاعريءَ ۾ جتي عشق اڌما ڏئي ٿو اتي ڌرتيءَ جي درد جو جوالامکي بنجي ٻري پيو.
Title Cover of book آسن جو آسمان

وسيل برسات جا قطرا، پرين جي ڳوٺ جا منظر

وسيل برسات جا قطرا، پرين جي ڳوٺ جا منظر
پکين جا ان پهر ٽولا، پرين جي ڳوٺ جو منظر

گلابي شام کان پوءِ سهاني رات چانڊوڪي
ندي تي عڪس چهري جا، پرين جي ڳوٺ جو منظر

نڀاڳي ننڊ يادن جي، ذهن تي سوچ جا پاڇا
اکين ۾ جاڳ ۽ ڳوڙها، پرين جي ڳوٺ جو منظر

اداسي جا ولر سرتي محبت ٿي وڃڻ کان پوءِ
اندر ۾ عشق جا شعلا، پرين جي ڳوٺ جو منظر

اڏي ڪو محل خوابن جو، جيئون پيا جوءَ تنهنجي ۾
ڇڏي “قادر” ڀلا سگهبا، پرين جي ڳوٺ جو منظر

****