شاعري

آسن جو آسمان

نئون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب قادر سيال جهڏائي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. قادر سيال جهڏائي ڀلوڙ شاعر هجڻ سان گڏ بهترين نثرنويس پڻ آهي. قادر سيال جهڏائي گھڻي عرصي کان شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ شاندار قلمي پورهيو آهي. قادر سيال جي شاعريءَ ۾ جتي عشق اڌما ڏئي ٿو اتي ڌرتيءَ جي درد جو جوالامکي بنجي ٻري پيو.
Title Cover of book آسن جو آسمان

کوهن تي پاڻياريون

کوهن تي پاڻياريون
ڏس منهنجيون سنڌياڻيون
چنڊ جهڙيون ٿيون لڳن
ڳوٺاڻي ڪنهن ڪاڄ ۾
ڌرتي جون ڌياڻيون
چنڊ جهڙيون ٿيون لڳن
پنهنجي ورن سان کيتن ۾
ٻج ڇٽيندي ڳوٺاڻيون
چنڊ جهڙيون ٿيون لڳن
ديس خاطر سر ڏنو
تاريخ ۾ حُرياڻيون
چنڊ جهڙيون ٿيون لڳن
جنگ جڳن کان وڙهيون
ٻاگھي جون ساٿياڻيون
چنڊ جهڙيون ٿيون لڳن

****