فقيرمنش ڏات ڌڻي خوشنصيب خِطن ۾ شاعرن جا جنم ٿين ٿا. شاعر پنهنجي ڪلا سان قوم، وطن، حُسن ۽ عشق کي پنهنجن شعرن ۾ پيش ڪري پنهنجي دؤر جي ترجماني ڪن ٿا. قادرسيال جهڏائي گھڻي عرصي کان نثر توڙي نظم ۾ پنهنجي حال سارو ميدان ملهايو اچي. سندس شاعري جي ڪتاب “آسن جو آسمان” ۾ شامل شاعري نهايت ئي وزندار ادبي ڪاوش آهي. آئون دوست کي جس پيش ڪندي اميد ڪيان ٿو ته قادر سيال ادب جي هن سفر کي جاري رکي، سندس قلمي پورهيي کي سنڌ ضرور مان ڏيندي. هن لاءِ نيڪ تمنائون. عمر احمداڻي