شاعري

آسن جو آسمان

نئون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب قادر سيال جهڏائي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. قادر سيال جهڏائي ڀلوڙ شاعر هجڻ سان گڏ بهترين نثرنويس پڻ آهي. قادر سيال جهڏائي گھڻي عرصي کان شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ شاندار قلمي پورهيو آهي. قادر سيال جي شاعريءَ ۾ جتي عشق اڌما ڏئي ٿو اتي ڌرتيءَ جي درد جو جوالامکي بنجي ٻري پيو.
Title Cover of book آسن جو آسمان

عجب هيل آندو آ سانوڻ وڇوڙو

عجب هيل آندو آ سانوڻ وڇوڙو
ٽٽي نيٺ ويو آهي پنڇين جو جوڙو

لٿي وصل جي ڪونه موسم اکين تي
ڏئي هجر تنهنجو ويو آ ولوڙو

مٺي هڪ ته تنهنجي ملاقات مشڪل
متان بيو ته رستو ملڻ جو آ سوڙهو

آ تنهنجو بسيرو محل ۾ او راڻي
اسين مارو ماڻهو ڪچو گھر ۽ لوڙهو

نڪري ڇا وئي نيگري پنهنجي گھر لاءِ
مري نيٺ ويو آهي غيرت ۾ پوڙهو

الائي ڪٿي تنهنجي منزل آ “قادر”
اکين آڏو ويران منظر ۽ هوڙو

****