ننهن کان چوٽي تائين سنواري آيو آ
پنهنجو پهريون واعدو پاري آيو آ
ٽوڙي بندش مجبورين جي ڪاتين سان
ساري ڳوٺ کي ننڊ ۾ سمهاري آيو آ
سالن کان پوءِ تنهنجي زيارت مون آ ڪئي
منهنجو جڏو جيءَ جياري آيو آ
پرچڻ جي لاءِ عرض گذارش منٿ ڪيم
پنهنجي انا کي نيٺ هو ماري آيو آ
پيار جا سڀ معصوم پکي محفوظ رکيا
نفرت جو هو باز اڏاري آيو آ
هن کي ڪجھ احساس ٿيو آ “قادر” سيال
خوب اکين مان لڙڪ هو هاري آيو آ
****