گل پن پنکڙيون ڇاڻيو ڇڏي ٿي، جڏهن اچي ٿي
سونهن جواني ماڻيو ڇڏي ٿي، جڏهن اچي ٿي
ڪيئن جهليان مدهوش اکيون، پُرجوش اکيون
دوست دليون سڀ تاڻيو ڇڏي ٿي، جڏهن اچي ٿي
هن جو هي انداز ڏسڻ جو خوب لڳو
درد اندر جو سڃاڻيو ڇڏي ٿي، جڏهن اچي ٿي
دل جي هن آڪاش تي ڄڻ هو بيٺل آ
راز اکين جا ڄاڻيو ڇڏي ٿي، جڏهن اچي ٿي
پنهنجي ٻکن ۾ ميڙي خوشبو ۽ هر گل جي
پاڻ سان گڏ هو آڻيو ڇڏي ٿي، جڏهن اچي ٿي
ٿي ويندي آهي منهنجي نماڻي زخمي دل
اهڙي نظر سان واڻيو ڇڏي ٿي، جڏهن اچي ٿي.
گم سم، گم سم رهندو آهي “قادر سيال”
ڪيڏانهن سوچ اماڻيو ڇڏي ٿي، جڏهن اچي ٿي
****