شاعري

آسن جو آسمان

نئون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب قادر سيال جهڏائي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. قادر سيال جهڏائي ڀلوڙ شاعر هجڻ سان گڏ بهترين نثرنويس پڻ آهي. قادر سيال جهڏائي گھڻي عرصي کان شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ شاندار قلمي پورهيو آهي. قادر سيال جي شاعريءَ ۾ جتي عشق اڌما ڏئي ٿو اتي ڌرتيءَ جي درد جو جوالامکي بنجي ٻري پيو.
Title Cover of book آسن جو آسمان

پنهنجي هلي ڪهاڻِي دنيا ڀلي سڙي

پنهنجي هلي ڪهاڻِي دنيا ڀلي سڙي
سنگت هجي پراڻي دنيا ڀلي سڙي

تو منهنجي چاهتن جو رکيو ڀرم آ جانان
تو ڏي منڊي اماڻي، دنيا ڀلي سڙي

دل تي اثر ڇا پوندو، الزام لوڪ ڀل ڏي
طبعيت آ عاشقاڻي، دنيا ڀلي سڙي

دل جو ئي واسطو نه، پر توسان روح جو آ
مون ڏي تون آ سياڻي، دنيا ڀلي سڙي

تنهنجو ساٿ مون لئه اعزاز ڪو وڏو آ
ٿئي درد لوڻ پاڻي، دنيا ڀلي سڙي

قادر کي بس کپي ٿي، بيدرد هن نگر ۾
تنهنجي وفا نماڻي، دنيا ڀلي سڙي

****