چاندني رات ۾ اچ سکي باغ ۾
آجيان سڀ ڪندا هت پکي باغ ۾
ٿا اندر ۾ ٻرن وڍ وڇوڙي ڪئين
مون ته ٽانڊن مٿان دل رکي باغ ۾
ڌڪ پچائي سگھيا ڪونه آهيون اڃان
رات ڪنهن دل اسان جي ڪَکي باغ ۾
ماس ڪوري رکيوسين اوهان جي اڳيان
ملندو نه اهڙو ٻيو ڪو سخي باغ ۾
چنڊ چهرو نه وسري سگھيو آ ڪٿي
جنهن مٿان شاعري مون لکي باغ ۾
جيئن چُني مک تان تو آ هٽائي پرين
ڄڻ ٻري چوطرف آ بتي باغ ۾
ڳوٺ آ سوڳ جي ننڊ ۾ پڄ سِگھي
دل وري درد “قادر” ٻکي باغ ۾
******