تنهنجي مک تي حجاب ڪيئن پڙهان؟
شاعري جو ڪتاب ڪيئن پڙهان؟
چنڊ چهرو لڪل آ چُنري ۾
تنهنجي چپ تي جواب ڪيئن پڙهان؟
شهر سارو نه ٿي وڃي خوشبو،
زخم جهڙا گلاب ڪيئن پڙهان؟
ڏينهن وارا ستم ٿو ياد رکان
رات وارا عذاب ڪيئن پڙهان؟
شهر يوسف جي تون رهڻ واري
تنهنجو سارو شباب ڪيئن پڙهان؟
خوف لڙڪن جو ٿو رهي هر پل
پنهنجي جيون جو باب ڪيئن پڙهان؟
روشني جو اتو پتو ناهي
زلف جهڙو سحاب ڪيئن پڙهان؟
ڳالهه “قادر” جي سمجهه کان ٻاهر
توکي عالي جناب ڪيئن پڙهان؟
****