شاعري

آسن جو آسمان

نئون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب قادر سيال جهڏائي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. قادر سيال جهڏائي ڀلوڙ شاعر هجڻ سان گڏ بهترين نثرنويس پڻ آهي. قادر سيال جهڏائي گھڻي عرصي کان شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ شاندار قلمي پورهيو آهي. قادر سيال جي شاعريءَ ۾ جتي عشق اڌما ڏئي ٿو اتي ڌرتيءَ جي درد جو جوالامکي بنجي ٻري پيو.
Title Cover of book آسن جو آسمان

اسان جي ڦٽن کي اکيڙي وئي آ

اسان جي ڦٽن کي اکيڙي وئي آ
جفا جو رڳو تير کوڙي وئي آ

سگھيو ناهيان ميڙي اڃان دل جا ٽڪرا
ڀڳل شِشي وانگي هو ٽوڙي وئي آ

رهيو هوش ناهي اکين کي جڏهن کان
ٻڏل وار خوشبو ۾ ڇوڙي وئي آ

سڄي رات سڪندي اسان جي آ گذري
بکيا دل جا جيڪي اُڍيڙي وئي آ

گلابي بدن تي نچي چاندني اڄ
سوين رنگ پنهنجا پکيڙي وئي آ

پڙهي خط منهنجو ڏئي پير هيٺيان
ڪنول جهڙا جذبا لتاڙِي وئي آ

کڻي خواب قادر اميدن جي ٻيڙي
رڳو درد جي ڪن ۾ ٻوڙي وئي آ

****