شاعري

آسن جو آسمان

نئون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب قادر سيال جهڏائي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. قادر سيال جهڏائي ڀلوڙ شاعر هجڻ سان گڏ بهترين نثرنويس پڻ آهي. قادر سيال جهڏائي گھڻي عرصي کان شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ شاندار قلمي پورهيو آهي. قادر سيال جي شاعريءَ ۾ جتي عشق اڌما ڏئي ٿو اتي ڌرتيءَ جي درد جو جوالامکي بنجي ٻري پيو.
Title Cover of book آسن جو آسمان

گيت گيتن تي لٿا ڏات هئي ڪيڏي ڀلي

گيت گيتن تي لٿا ڏات هئي ڪيڏي ڀلي
چنڊ ٻئي ٻرندا رهيا رات هئي ڪيڏي ڀلي

مرڪ هن جي کي ڏسي، رقص پوپٽ آ ڪيو
هاڻ اندازو لڳايو سا ته هئي ڪيڏي ڀلي

ڄاڻي واڻي پاڻ کي مون هارائي هو ڇڏيو
پيار جي ميدان ۾ مات هئي ڪيڏي ڀلي

ململي هو ويس ۾ ڀٽ مٿي ڀڄندي رهي
اڀ راضي هو گھڻو، برسات هئي ڪيڏي ڀلي

هر صبح جي انگ ۾، رنگ هو من موهيندڙ
پنڇين جي هرطرف لات هئي ڪيڏي ڀلي

****