انوکو عشق جوڀن ۾ وسي برسات اينداسين
علي الاعلان آ توسان، ملڻ ڪنهن رات اينداسين
اسان جو عشق آ خوشبو نه لڪندو آ لڪائڻ سان
محبت جي مخالف کي ڏيڻ ڪا مات اينداسين
گهڙي پل جي حياتي آ، گذاريان تنهنجي ٻانهن ۾
کڻي بس حسرتون دل جون سندءِ محلات اينداسين
وڄائي دهل شرنايون، ستارا سڀ ڪري ڄاڃي
بڻائي چنڊ کي لاڏو، وٺي بارات اينداسين
جگر ۾ درد جا شعلا، وڇوڙي ۾ ٿي تڙپي دل
سڄو ٿيو ڳوٺ آ ويري ٺهي ڪا بات اينداسين
جڏهن دل سان گهرائين! تون “قادر سيال” پنهنجي کي
تڏهن سڪ حب سندءِ سهڻا کڻي سوغات اينداسين
****