شاعري

آسن جو آسمان

نئون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب قادر سيال جهڏائي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. قادر سيال جهڏائي ڀلوڙ شاعر هجڻ سان گڏ بهترين نثرنويس پڻ آهي. قادر سيال جهڏائي گھڻي عرصي کان شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ شاندار قلمي پورهيو آهي. قادر سيال جي شاعريءَ ۾ جتي عشق اڌما ڏئي ٿو اتي ڌرتيءَ جي درد جو جوالامکي بنجي ٻري پيو.
Title Cover of book آسن جو آسمان

ڌرتيءَ جو شاعر

شاعري جڏهن محدود حدن مان نڪري ديس جي دانهن بڻجي ٿي تڏهن ئي دلين جي ترجمان بڻجي نروار ٿئي ٿي اهو ئي شاعري جي منفردپڻو چئبو جو شاعر پنهنجي ڏات ذريعي پنهنجي وطن جي وڻن، وستين، پيچرن، فطرت جي حسين خوبصورت نظارن ۽ محبوب جي چڳن مان نڪري جڏهن ڌرتيءَ جي انگ اگهاڙن، مسڪين، مظلوم، ڏکين ۽ بُکين ماروئڙن جي سورن ۽ صدمن جي عڪاسي ڪري ٿو تڏهن ئي ڏات ڏهوڻي ٿي پوندي آهي. منهنجي ٻالڪپڻ جي جگري يار قادر سيال جهڏائي جي نظم توڙي نثر ۾ عشق، حُسن، محبوب جي مرڪن سان گڏ هن ديس جا درد ۽ تڪليفون به شامل آهن.
قادر سيال جهڏائي ادب جي دنيا ۾ پنهنجي شاعري جيان ئي بلڪل منفرد ماڻهو آهي. هن ڪڏهن به ادبي ريس ۾ حصو وٺڻ بجاءِ پنهنجي ڪم سان ڪم رکيو آهي. سندس هن قلمي پورهيي بعد نثر جو ڪتاب اچڻو آهي. جيڪو پڻ منفرد موضوعن جي ڪري ضرور مڃتا ماڻيندو. قادر سيال جهڏائي “آسن جي آسمان” تي جس لهي.
راجا ڀيشم ميگهواڙ