هڪڙي دل جا ڪيڏا ٿيا هن ٽُڪرا ڏس
پوءِ به جيئڻ جي جڳ ۾ آهي آشا ڏس
شام جو موٽي ايندو آهيان پنهنجي گھر
ڪيڏي سوڙهي ٿي وئي آهي دنيا ڏس
اميدن جا گل سڪي ويا هر گس ۾
دل جو گلشن ٿي ويو آهي صحرا ڏس
ڪيئن سنڀاليان پنهنجي وهندڙ ڳوڙهن کي
ريزا ريزا ٿي ويا آهن سپنا ڏس
ايڏو سولو ناهي وسارڻ ساجن کي
دل تي آهن گهاؤ اڃان ڀي گھرا ڏس
خوشين کان محروم وڇوڙي ڇا ته ڪيو
دردن جا چئوپاسي آهن گھيرا ڏس
“قادر” پنهنجي نيڻن کي سمجهايو پر
روز تڪيندو آهيان تنهنجا رستا ڏس
****