نفيس جذبن جو شاعر قادر سيال
شهر ۾ جيڪو اهل ذر آهي،
سوئي انسان معتبر آهي.
ادب انسان جي لاتعداد اوڻاڻين کي ڇانگي تيار ڪري ٿو. ادب ئي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ وطن جي پورهيتن سان پيار ڪرڻ سيکاري ٿو. ادب جو گھرائي سان مطالعو ئي ماڻهو ۾ ماڻهپو پيدا ڪري ٿو. ماڻهو منجهه موجود غيرانساني رويا، رجعت پرستي، جنونيت، انتهاپسندي ۽ غيرجھموري سوچ کي ترڪ ڪرڻ جو آخري ذريعو ادب آهي ۽ ادب ئي انسانيت، ماڻهپو ۽ حقيقت پسندي جا گس ڏيکاري ٿو. سنڌ ۾ رجعت پرستي جي باهه کي اسان جو ادب ٻنجو ڏيئي سگھي ٿو. ان جو مقابلو فقط ڪتاب ئي ڪري سگھن ٿا. شاعر لفظ شعور مان نڪتو آهي. تنهڪري جيڪا شاعري هن سماج کي شعور جي لاٽ سان روشن ڪري ٿي اها ئي شاعر ۽ شاعري جي جيت آهي.
ٻولي سلامت هوندي ته ادب حياتي ماڻيندو. قومن کي ادب ئي زنده رکي سگھي ٿو. فرانس، روس، چين، ويٽنام سميت دنيا جي ٻين انقلابن ۾ ادب جو شاندار ڪردار رهيو آهي. انقلابي تحريڪن جا جوش ۽ جذبا فقط مزاحمتي شاعري اڀارڻ جي طاقت رکي ٿي. تيونس جي تحرير اسڪوائر جو ڊگھو عوامي احتجاج اُتي جي مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر ابوالقاسم الشهابي جي نظم جو نتيجو هو جنهن نظم کي اُتي جي نوجوانن پنهنجي شرٽن تي پينٽ ڪرائي ڇڏيو هو. ان مان ثابت ٿيو ته شاعري ۾ وڏي طاقت آهي. فقط ان جي اهميت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. انتهاپسندي ۽ جنونيت جي انسان دشمن سوچ کي هن وقت صرف ادبي هٿيار قلم ۽ ڪتاب سان بچائي سگهجي ٿو. هن ڪتاب “” ۾قادر سيال جهڏائي جا احساس، جذبا، ڪيفيتون، خيال، فن ۽ فڪر سڀ جس لهن. سندس ڪتاب “آسن جو آسمان” پنهنجي اهميت ۽ افاديت سان پنهنجي تاريخ پاڻ ٺاهيندو.
محب ڀيل
جهڏو