اي پرين چئو موڪلاڻي ڪيئن لڳي
روئيندي رهي دل نماڻي ڪيئن لڳي
عشق ٿيو پهرين نظر توکي ڏسي
ڏس طبيعت عاشقاڻي ڪيئن لڳي
هٿ چمي اکڙين رکي توکان اٿيس
ائين ڪچهري جي پڄاڻي ڪيئن لڳي
شهر هن جي ڏانهن وڃي نياپو ڏجان
جيڪا مون منڊي اماڻي ڪيئن لڳي
مونکي ڏسندي، مرڪندي شرمائي وئين
ڳالهه ورهين جي پراڻي ڪيئن لڳي
روز سپنن ۾ ٻڌي ڪوتائون چئو
سوچ منهنجي شاعراڻي ڪيئن لڳي
مهل ويندي تو چيو هڪ رات راه
سيال “قادر” هٿ ڇڏاڻي ڪيئن لڳي
****