پرين جي اچڻ سان اجالا ٿا چمڪن
اکين ۾ ستارا نرالا ٿا چمڪن
وٺو مينهن، سارو ننگر رقص ۾ آ
عجب دل ۾ لهندڙ جمالا ٿا چمڪن
چپن تي رڳو نانءُ تنهنجو رهي ٿو
اڃان تائين تنهنجا حوالا ٿا چمڪن
ڏسو ڪيترو آهي پرنور منظر
ڇا تنهنجي ڪنن جا هي والا ٿا چمڪن
جڏهن به وڃون ٿا اسان مئڪدي ۾
اسان جي هٿن ۾ پيالا ٿا چمڪن
ڪري پنڌ تو وٽ پرين آيو آهيان
اڃان تائين پيرن جا ڇالا ٿا چمڪن
وطن لاءِ قربان ٿيا جيڪي “قادر”
انهن جا ئي دنيا ۾ نالا ٿا چمڪن
****