شاعري

آسن جو آسمان

نئون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب قادر سيال جهڏائي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. قادر سيال جهڏائي ڀلوڙ شاعر هجڻ سان گڏ بهترين نثرنويس پڻ آهي. قادر سيال جهڏائي گھڻي عرصي کان شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ شاندار قلمي پورهيو آهي. قادر سيال جي شاعريءَ ۾ جتي عشق اڌما ڏئي ٿو اتي ڌرتيءَ جي درد جو جوالامکي بنجي ٻري پيو.
Title Cover of book آسن جو آسمان

رني دل اسان جي سڄي رات آهي

رني دل اسان جي سڄي رات آهي
ٻري من ۾ تنهنجي وري تات آهي

ڀلي زور پنهنجو لڳائي زمانو
ڪٿي عاشقي کي ملي مات آهي

حياتي سڄي تنهنجو احسان رهندو
فقط تنهنجي خاطر ملي ڏات آهي

ڏکي هر گھڙي ۾ ڏنو حوصلو آ
اسان کي اوهان جي مٺي ذات آهي

رهيو هر گھڙي نان تنهنجو چپن تي
اسان ڪٿ ٻين جي ڪئي بات آهي

وئي دلڪشي ۾ ٻڏي دل آ “قادر”
اکين ياد تنهنجي رکي جهات آهي

****