درد ئي درد آهي تنهنجي سار ۾
ڪيڏي پيڙا پرين آ تنهنجي پيار ۾
مان ٿو پڄران پيو بيوسي ۾ هتي
جيت تنهنجي سدا، مان سدا هار ۾
ايئن ٿو سهڻن ۾ سهڻو لڳين ٿو مون کي
باغ منجهه گل گلابي ڪو جيئن ٽار ۾
تنهنجي نيڻن جي سڪ ٿي ويس سحر ۾
ڄڻ ته ڦاسي پئي مڇي ڄار ۾
توکي ٿر جي پرين پياس جيان ٿو سڏيان
من وري پئين تون سانوڻ جي وسڪار ۾
توکي دل مان ڪڍي دلبر ڪيئن ڇڏيان
ناهي توکي وسارڻ ڀي اختيار ۾
پيار ايئن پنهنجو “قادر” ٿي مشهور ويو
ڳالهه ويندي هلي جيئن آ بازار ۾
****