عشق جي بن ۾ گھڙيا آهيون اسين
سڪل ڪاٺين وانگر سڙيا آهيون اسين
توکي چاهڻ جي سزا ڪيڏي ملي
تنهنجي پاڙي مان تڙيا آهيون اسين
ذڪر تنهنجي تي رڳو رويو پوان
شهر وارن مان اڙيا آهيون اسين
پيار جي درياهه ۾ غوطا کائي ٻڏي
لاش ڪاري جيان لڙهيا آهيون اسين
توکان پوءِ اهڙو حشر دل جو ٿيو
ڄڻ ڪڙهائي ۾ ڪڙهيا آهيون اسين
صرف تنهنجي چاهه ۾ منهنجي مٺي
غم جي سولي تي چڙهيا آهيون اسين
نفرتن جي شهر ۾ هي حوصلو
گھر ٽٽل وانگي جڙيا آهيون اسين
هن جي چاهت ۾ رڳو قادر سيال
ساري دنيا سان وڙهيا آهيون اسين
****