شاعري

آسن جو آسمان

نئون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب قادر سيال جهڏائي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. قادر سيال جهڏائي ڀلوڙ شاعر هجڻ سان گڏ بهترين نثرنويس پڻ آهي. قادر سيال جهڏائي گھڻي عرصي کان شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ شاندار قلمي پورهيو آهي. قادر سيال جي شاعريءَ ۾ جتي عشق اڌما ڏئي ٿو اتي ڌرتيءَ جي درد جو جوالامکي بنجي ٻري پيو.
Title Cover of book آسن جو آسمان

سهڻي ڇوڪري مُرڪي پئي

سهڻي ڇوڪري مُرڪي پئي
بِنديان هن جي چمڪي پئي

ڪنهن انوکي محفل ۾
ڇير پرين جي ڇمڪي پئي

گھر کان ٻاهر نڪري هو
ماڪ ڦڙن ۾ وهنجي پئي

چانڊوڪي ۾ آئي آهي
چنڊ جيان ڏس جرڪي پئي

شايد هُن اڄ ساريو آهي
اک سڄو ڏينهن ڦڙڪي پئي

ڪمرو روشن ٿيندو وڃي پيو
پوتي سر تان سرڪي پئي

قادر روز گلائون ڪري ٿي
لوڻ ڦٽن تي ٻرڪي پئي

****