تنهنجون يادون مٿان ڇڻيون آهن
ڄڻ ته مينهن جون وٺيون ڪڻيون آهن
جان! تنهنجي ڪئي عبادت مون
پر خوشيون منهنجون تو لڻيون آهن
هاڻي بس ڪري وئي آ باک ڦٽي
تنهنجون ميارون ايڏيون گھڻيون آهن
دل چوي ٿي رڳو هجين سامهون
تنهنجون اکڙيون مونکي وڻيون آهن
هار سينگار ٿي ڪري ايڏو
تنهنجي ٽڪ ۾ رڳو ڦڻيون آهن
گفتگو ڀي ڪجي ته ڪيئن ڪجي
تنهنجي ڀر ساڻ ڪجهه ڄڻيون آهن
جيڪي قادر سيال توکي ڏنيون
سي چميون مون سڀئي ڳڻيون آهن
****