(د) موريه گهراڻي جو دور
هن دور ۾ سنڌ جو واپار اڳي کان اڳرو رهيو. رستن تي امن امان هئڻ ڪري، خشڪي جي واپار جا قافلا مشرق قريب جي شهرن تدمو ۽ پترا تائين وڃڻ لڳا، جتان سڪندرونه ۽ اسڪندريه جي بندرن تان يورپ ڏانهن مال وڃڻ لڳو. سنڌ مغربي دنيا لاءِ خشڪي توڙي سامونڊي رستي ويجهي مارڪيٽ هئي، جتي چين، وچ ايشيا، ڪشمير، هندستان، دکن، ملبار ۽ سيلون جون شيون، غير ملڪن جا واپاري خريد ڪري برآمد ڪندا هئا. مهراڻ جي بندرن تان ريشم ۽ چوپايو مال، اڀرندي ۾ ڀڙوچ، سورت سالسيت ويندو هو. الهندي ۾ مصر جي ڳاڙهي سمنڊ وارن بندرن مائوس، هر موس ۽ برنيس تائين ويندو هو. مٿيان نوان بندر، مصر جي بطليموس بادشاهن ٺهرايا هئا. ان دور ۾ ساليانو هڪ سئو ويهه جهاز، سنڌ جي ڊيلٽا وارن بندرن کان مصر ويندا هئا.
هن دور ۾ سنڌ جا واپاري سمنڊ رستي واپار ڪرڻ ۾ مهارت رکندا هئا. مهراڻ تي جهاز راني زور ورتو. سنڌ جا بهادر ميد، مصر جي بندرن سان جهازراني ڪندا هئا. مشهور ڊچ محقق علام ڊي گوئجي لکيو آهي ته” سنڌي ميد، ايشيا جا بهترين ملاح آهن. جڏهن سياري ۾ اتر جون هوائون لڳنديون هيون ۽ سمنڊ ماڻيٺو ٿي پوندو هو، تڏهن سنڌي سڙهه سانباهي سفر ڪندا هئا. ( مولائي شيدائي – روزانه مهراڻ – سالگرهه نمبر 1960ع).
هن دور ۾ سنڌ ۾ ڪپڙي ٺاهڻ جا ڪارخانا هئا، جتي بي واهه عورتون ۽ غريب ماڻهو اچي، مزدوري ڪندا هئا. سنڌ جي ڪپهه پشم کان به وڌيڪ نرم هئي، جنهن مان ڪپڙو ٺاهيو ويندو هو. هتان مور، ايران ۽ يونان موڪليا ويا. ان دور ۾ پليني جي لکڻ موجب سنڌ ۾ هيرا ۽ لعل به هوندا هئا. مئگسٿنيز هت سون جي کاڻين هجڻ جو به ذڪر ڪيو آهي. سنڌجي مصري تمام مشهور هئي، جيڪا بلور وانگر شفاف ۽ چٻاڙڻ سان انجيرن ۽ ماکي کان به وڌيڪ هئي. هت ماکي به جام ٿيندي هئي، جيڪا مصري سان گڏ ٻاهر موڪلي ويندي هئي.