سنڌ شناسي

اڳوڻن سنڌين جو ڏيساور سان واپار

”سنڌ سوداگرن جي زمين آهي. سنڌ جا وڻجارا پراڻي زماني کان ڏورانهان ڏيهه ڏوري، وڻج واپار ڪري، پنهنجي ملڪ کي مالا مال ڪندا هئا. هو وڏا تاجر ۽ قابل جهازران هئا. ساري دنيا سندن اڳيان ” ٻيلو ٻه ٻلانگهون “ هئي. تاريخ شاهد آهي ته اسان سنڌين جو ساري جڳ ۾ ڌاڪو هو. واپاري ڏس ۾ اسانجو وقار بلند هو. ڀٽ ڌڻي جو سر سامونڊي ۽ سر سريراڳ انجو گواهه آهي ته اسان تجارتي دنيا۾ ڪيڏي نه عظمت جا مالڪ هئاسين . سنڌي واپاري پرڏيهي واپار مان ايڏو ته ناڻو ڪمائي ايندا هئا جو سندن ست پيڙهيون رڄ ڪنديون هيون. مون پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪري، هن موضوع تي تاريخي حقيقتون پيش ڪيون آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 2438
  • 561
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڳوڻن سنڌين جو ڏيساور سان واپار

(8) سنڌ جا پاڙيسري تجارتي مرڪز

هن هيٺ انهن شهرن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو، جن سان عربن جي معرفت سنڌ جو واپار ٿيندو هو. اهي شهر سنڌ جي ويجهو هئا ۽ اتي سنڌ جي هر مصنوعات گهڻائي سان ملندي هئي. گويا اهي شهر سنڌ جي مال جي تجارتي منڊي هئا.

[b]( الف ) ابلهه
[/b] هي خليج فارس جو مشهور بندرگاهه هو، جيڪو عرب ۽ سنڌ جي تجارت جو مرڪز ۽ لنگهه هو. سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته ” ابلهه، عربن جي عراق تي قبضي ڪرڻ کان اڳ، ايرانين جي زماني ۾ هند يا سنڌ لاءِ ايراني نار جو سڀ کان وڏو ۽ مشهور بندرگاهه هو، جيڪو بصري جي ويجهو هو. ابلهه مان هندستان جي تجارتي آمدرفت ايڏي ته گهڻي ٿيندي هئي جو عرب ان کي سنڌ جو ئي حصو سڏيندا هئا ۽ سنڌ کان اچڻ وارا جهاز هتي ئي رسندا هئا ۽ هتان ئي روانا ٿيندا هئا. ( عرب وهند ڪي تعلقات ص نمبر 223) اهو ئي سبب آهي جو حضرت عمر رضه سنه 14 هجري ۾ هن بندر کي فتح ڪري، مسلمان جي تجات جو خاص شهر بنايو. اهڙي طرح هي شهر هند ۽ سنڌ ۽ چين کان جهاز ڀرجي ايندا هئا.

[b]( ب ) بصره
[/b] هي شهر عربي دنيا ۾ هند، سنڌ جي تجارت جو خاص مرڪز هو، جتي ٻيڙين ۽ سامونڊي جهازن جي ايڏي ته آمد هئي جو ان جو محصول، بغداد جي حڪومت جي مکيه آمدني جو ذريعو هو. مسعودي لکي ٿو ته ” بصره دنيا جو وڏو شهر ۽ دنيا جي واپار ۽ شين جو مخزن هو. “ (عرب وهند ڪي تعلقات ص نمبر 223)

[b]( ث ) سيراف
[/b] هي به خليج فارس جو مکيه بندر هو، جتي ٽين صديءَ ۾ وڏا واپاري جهاز، بحري تاجر ۽ سوداگر انيدا هئا. هندستان ۽ چين ڏانهن جهاز به هتان روانه ٿيندا هئا. ابو زيد جو لکڻ آهي ته ” هي فارس جو خاص بندرگاهه آهي.“

[b]( ج ) قيس
[/b] هي به خليج فارس تي عمان وٽ هڪ بندرگاهه هو. هي هتان جي واپار جي مکيه منڊي هو. قزويني لکي ٿو ته ” قيس هندستان جي واپار جي منڊي ۽ ان جي جهازن جو بندر آهي! هر عمدي شيءَ جيڪا هندستان ۾ ٿئي ٿي سا هت اچي ٿي.“

[b](د ) بغداد
[/b] هي عربي سمنڊ هندي وڏي سمنڊ ۽ ايراني نار کي ويجهو هو. دجله، فرات ۽ ايراني نار رستي جهاز هت ايندا هئا.
عربستان جي هنن پاڙيسري شهر کان سواءِ يمن به هتان جو هڪ تجارتي مرڪز هو، جنهن ۾ ضعاءَ، قطر، عمدان، سارب ۽ عدن جهڙا مشهور شهر شامل هئا، جتي مشڪ، عنبر ۽ عود وڪامندو هو. هت سنڌ، هند، رنج، حبش، فارس، بصره، جده ۽ بحر قلزم جو سامان پڻ موجود هوندو هو. ( فجر الاسلام – بحواله عربن جي دور ۾ سنڌ جي تجارت، گگارام سمراٽ نئين زندگي جون 1964ع) ظفار ۽ محار به سنڌ جي بحري تجارت جا مرڪز هئا. ظفار گرم مصالحن، خوشبودار شين ۽ عبادتگاهن جي ڌوپ وارين شين جي منڊي هو، جتي هند، سنڌ مان تجارتي سامان ايندو هو. ( اخبار الطول – بحواله – نئين زندگي جون 1964ع) ان کان سواءِ عدن ۾ حبش شام ۽ چين جا جهاز ايندا هئا. عمان جو بندر صحار، بحرين، جده، جار ۽ هرمز مکيه بندر ۽ تجارتي مرڪز هئا.
هندستان اندر سنڌ جا پاڙيسري مالديپ ۽ ملبار به مکيه تجارتي مرڪز هئا، جتي عربن جون واپاري ڪوٺيون هيون. ڪولم مصالحن جي ڪري مشهور هو، هتان جهاز عدن ويندا هئا. هت مسلمانن جو هڪ محلو به هو. ڪارو منڊل به تجارتي مرڪز هو. هت سنڌ، چين ۽ ٻين ملڪن مان قيمتي سامان، ڪپڙا ۽ عطريات ايندا هئا. هتان عراق، خراسان، شام، روم ۽ يورپ تائين مال ويندو هو. گجرات به خاص منڊي هئي. کنڀات گجرات جو وڏو بندر هو. اتان جو ڪاروبار ۽ واپار عربن جي هٿ ۾ هو. ڪاليڪٽ به مشهور بندر هو. جتان چين، جاوا، سيلون، مالديپ، يمن ۽ فارس پر ساري دنيا جا واپاري ايندا هئا. هي بندر دنيا جي وڏن بندرگاهه مان هڪ هو. ( عرب و هند ڪي تعلقات – ص نمبر 228)
مطلب ته سنڌ، پنهنجي پاڙيسري شهرن ۽ بندرگاهن جي رستي ساري دنيا ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو.