سنڌ شناسي

اڳوڻن سنڌين جو ڏيساور سان واپار

”سنڌ سوداگرن جي زمين آهي. سنڌ جا وڻجارا پراڻي زماني کان ڏورانهان ڏيهه ڏوري، وڻج واپار ڪري، پنهنجي ملڪ کي مالا مال ڪندا هئا. هو وڏا تاجر ۽ قابل جهازران هئا. ساري دنيا سندن اڳيان ” ٻيلو ٻه ٻلانگهون “ هئي. تاريخ شاهد آهي ته اسان سنڌين جو ساري جڳ ۾ ڌاڪو هو. واپاري ڏس ۾ اسانجو وقار بلند هو. ڀٽ ڌڻي جو سر سامونڊي ۽ سر سريراڳ انجو گواهه آهي ته اسان تجارتي دنيا۾ ڪيڏي نه عظمت جا مالڪ هئاسين . سنڌي واپاري پرڏيهي واپار مان ايڏو ته ناڻو ڪمائي ايندا هئا جو سندن ست پيڙهيون رڄ ڪنديون هيون. مون پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪري، هن موضوع تي تاريخي حقيقتون پيش ڪيون آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 2438
  • 561
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڳوڻن سنڌين جو ڏيساور سان واپار

(ض) تجارتي مرڪز

[img]https://i.imgur.com/9UCPp8E.jpg[/img]

پراڻي زماني کان سنڌ جا ڪيترائي اهڙا شهر هئا جيڪي صنعت، حرفت ۽ تجارت جا مرڪز هئا. ضروري آهي ته انهن شهرن جو هت ذڪر ڪيو وڃي.

[b]( الف) ميلوها
[/b] هي سنڌ جو تمام پراڻو شهر هو، جنهن جو سميريا جي قديم تحريرن ۾ ذڪر ملي ٿو. 24 ق – م، سارگن بادشاهه وڏي فخر سان اعلان ڪري ٿو ته ” ميلوها مڪن ۽ دلمن کان آيل يا اوڏانهن وڃڻ وارا سامونڊي جهاز، سندس گادي واري شهر اگيد جي ٻاهرين واقع بندرگاهه ۾ لنگر انداز آهن.“
( تاريخ سنڌ – مسلمانن جي فتح کان اڳ – لئمبرڪ – ص نمبر 47) ڊبليو – ايف ليمانس لکي ٿو ته ” ميلوها کان جو تجارتي سامان ٻاهرين ملڪن طرف روانو ڪيو ويندو هو، ان جي بهترين مشاهبت هڙپا ۽ ٻين هندوستاني شهر جي مال سان ڪري سگهجي ٿي. ( اسڪوپارپولا – سنڌ صدين کان – ص نمبر 127)اسڪوپارپولي جو چوڻ آهي ته ” ميلوها ئي سنڌو تهذيب آهي.“ (اسڪوپارپولا – سنڌ صدين کان – ص نمبر 127) لئمبرڪ لکي ٿو ته ” ميلوها هيٺئين سنڌو ملڪ يعنى سنڌ سان تعلق رکي ٿو. هتان جا ماڻهو ڊگهي قد وارا ۽ رنگ جا ڪارا هئا.“ ( سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ – لئمبرڪ – ص نمبر 93)
ميلوها جي 21 صدي ق – م ڌاري هڪ ڪالوني آباد هئي. هتان جا ماڻهو سمير ۾ ايتري قدر آباد ٿيا جو سندن رهڻي ڪهڻي ۽ تهذيب پڻ سمير جي رهاڪن جهڙي ٿي ويل هئي. ( اسڪوپارپولا – سنڌ صدين کان – ص نمبر 162)

[b](ب) صور
[/b] صور هڪ سامونڊي ٻيٽ هو، جنهن کي خدا جو باغ عدن چئبوهو. اهو ٻيٽ موجوده گاسڪر وارن قديم ٻيٽن سان تعلق رکندڙ هو، جو پوءِ سمنڊ ۾ غرق ٿيل آهي. ڪن صاحبن جو چوڻ آهي ته باغ عدن جي نالي سان، ڏکڻ آفريڪا ۾ شهر آهي، جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته پوءِ صور نالي وارو سامونڊي ٻيٽ، سنڌ نالي واري ٻيٽن ۾ شمار ٿيل موجوده بحر هند جو مشهور واپاري مرڪزي ٻيٽ هو. “ ( آئينه قديم سنڌ – شمس الدين قريشي – ص نمبر 42)

[b]صور ۽ سندس ۽ سندس بيهڪ
[/b]

[img]https://i.imgur.com/BB1j39P.jpg[/img]
تورات جي ڪتاب 2، تاريخ جي باب 9 فقره 21 ۾ ذڪر ٿيل آهي ته” سليمان بادشاهه وٽ جهاز هئا، جي صور جي بادشاهه حورام جي نوڪرن سان ترسيس ويندا هئا. ترسيس جا جهاز ٽن سالن ۾ هڪڙو ڀيرو سون، چاندي، هاٿي جا ڏند، باندر ۽ مور کڻي ايندا هئا.“ ڪتاب خزقي ايل جي باب 27 ۾ لکيل آهي ته ” اي صور جو سمنڊ ۾ آهي، گهڻن بحري ملڪن لاءِ تجارتگاهه آهي. سمنڊن جا سڀ جهاز ۽ انهن جا ملاح تو ۾ حاضر رهيا ٿي، انهيءَ لاءِ تجارت جو ڪم ڏين. فارس، لود ۽ فوط جا ماڻهو تنهنجي لشڪر جا جنگي بهادر هئا، جن تو ۾ سپر وانگر پاڻ لٽڪائي توکي رونق بخشي. ياوان توبل مسڪ وارا تنهنجا واپاري هئا. جي تنهنجي بازارن ۾ غلام ۽ پتل جي ٿانون جي سوداگري ڪنداهئا. اهل تجرما تنهنجي بازارن ۾، گهوڙن، جنگي گهوڙن ۽ خچرن جي تجارت ٿي ڪئي. ڪيترائي بحري ملڪن وارا تجارت لاءِ تنهنجي اختيار ۾ هئا. جي عاج ۽ آبنوس تبادله لاءِ تو وٽ آڻيندا هئا. آرامي تنهنجي دست ڪاري جي ڪثرت سبب توسان واپار ٿي ڪيو. گوهر شب چراغ ارغوني رنگ چمڪدوزي ڪتان، مرنگا ۽ لعل آڻي توسان خريد وفروخت ڪندا هئا. يهودا ۽ اسرائيل جا ملڪ تنهنجا تاجر هئا، جي ڪڻڪ، گيهه ۽ ماکي آڻي توسان واپار ڪندا هئا. اهل دمشق، تنهنجي دست ڪاري جي ڪثرت
سبب ۽ قسم قسم جي مال، جي واپار کان، صبلون جو شراب ۽ سفيد ان آڻي تنهنجي هٿ وس هئا. هو ڇيلا دنبا، اوزال مان رڪ ۽ آبدار فولاد آڻي، تنهنجي بازارن ۾ وڪيو ٿي. عرب ۽ قيدار جا سڀ امير تجارت جي راهه ۾، تنهنجي هٿ وس هئا. هو ڇيلا، دنبا ۽ ٻڪريون آڻي تو سان تجارت ڪندا هئا.سبا ۽ رعما جا سوداگر توسان، سوداگري ڪندا هئا. هو هر قسم جو نفيس مصالح ۽ هر قسم جا قيمتي پٿر ۽ سون تنهنجي بازارن ۾ آڻيندا ۽ خريد فروخت ڪندا هئا. حران، ڪنته، عدن ۽ سبا جا سوداگر اسور ۽ ڪلمد جا باشندا، لاج وردي ڪپڙا، ڪيمخواب ۽ ٻيون نفيس پوشاڪون، ديودار مان ٺهيل پيتين ۾ بند ڪري وڪڻڻ لاءِ آڻين ٿا. جڏهن تنهنجو واپاري سامان سمنڊ مان ويندو هو، تڏهن توکان گهڻيون قومون مالا مال ٿينديون هيون.تون پنهنجي دولت ۽ ڪثرت واپار جي ڪري روءِ زمين جي بادشاهن کي دولتمند ڪندڙ هئي.“ ( بحواله تاريخ آئينه قديم سنڌ – ص نمبر 33)

[b](ث) آرين جا شهر
[/b] آرين سنڌ ۾ اچڻ سان ڪيترائي نوان شهر سنڌو درياءَ جي ڪپ تي ٺهرايا. انهن شهرن کي سمگراهنا ۽ بندرن کي پتنا چئبو هو. انهن ۾ ننڍا ننڍا شهر، ڪامپيلا، سروستي، ڪبلو، متو، ڪوسي ننگرا، مثيلا، راجگريه، ڪاسبي ۽ ڪسامبي اهڙا شهر هئا جيڪي آرين اچڻ سان تعمير ڪرايا.( تاريخ تمدن سنڌ – ص نمبر 105)ان کان سواءِ ڪي وڏا وڏا تجارتي مرڪز به هئا، جن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

[b] ڪسد ڪياپورا
[/b] هي خاص تجارتي مرڪز هو. هن کي هاڻي ملتان چئجي ٿو.

[b]اچ [/b]
هي شهر يا ڌيوان آرين جو تختگاهه هو. هن جي زمين مٿانهين هئي، ان ڪري ان کي اچ سڏبو هو. مهاڀارت ۾ هن شهر کي سڪلندهه چيو ويو آهي، هندو راڻن جي زماني ۾ هي 7 وڏن قلعن مان هڪ هو. هن ڀاڱي ۾ ڪنهن زماني ۾ وڏي حڪومت هئي، جنهن جو حدون موجوده سنڌ جي اٻاوڙي، گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلي تائين پکڙيل هيون ( آئينه قديم سنڌ – نمبر 202)

[b]چتر [/b]
هي به آرين ٺهرايو هو. هت ڪپهه جي پوک تمام گهڻي ٿيندي هئي.

[b]سيوستان [/b]
هي شهر آرين ٺهرايو هو. رگ ويد ۾ آهي ته آرين مان ڪي، پنهنجي ڏاڏي شوي جي نالي سان سڏبا هئا. انهن شوي آرين سيوهڻ شهر جو پايو وڌو، جيڪو اصل ۾ شوستان هو. ( سنڌ جا قديم تختگاهه – محبوب علي چنا – نئين زندگي سنڌ نمبر 1970ع) هي شهر ان وقت ۾ آريه حڪومت جو تختگاهه هو. هن سيوهڻ، ٻڌيه، جنگان رونجهان،ڪوپاهه ۽ مڪران تائين علائقو اچي ٿي ويو. هي پراڻي زماني ۾ سنڌ جو خاص تجارتي مرڪز هو. سڪندر جي دور ۾، هي وڏو شهر هو، جنهن کي يونانين سنڊومان لکيو آهي ۽ هتان جو راجا سوبنوس هو. 1515ق – م ڌاري، دارا گشتاسپ، سنڌ ڏانهن جيڪا مهم موڪلي هئي، سا به سيوهڻ به آئي. هتان سڪندر ۽ باختر يوناني بادشاهن جا سڪا به لڌا ويا آهن. ( مولائي شيدائي – روزانه مهراڻ سالگرهه نمبر 1960ع)

[b]پٽالا[/b]
هي سنڌ جو پراڻو مرڪزي مندر هو. جيڪو سوريا ومسا آرين ٺهرايو هو. ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي ) ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ لکي ٿو ته” هي اصل ۾ پوٽا لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي ٻيڙي يا غوراب. پٽالا جيئن ته بحري ٻيڙين جو هڪ مشهور بندر هو، ان ڪري مٿس اهو نالو پيو. هن شهر تائين سامونڊي ٻيڙا بي ڌڙڪ هليا ايندا هئا. ( ماهوار نئين زندگي جون 1964ع)
هن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي شهر سنڌ جو هڪ مشغول ترين بندرگاهه هو. چيني سياح هيمون تانگ لکي ٿو ته ” هن شهر جي ايراضي ويهه چورس لي يا ساڍا ٽي ميل هم چورس هئي. “ سڪندر جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هو هت به آيو هو. ان وقت پٽالا سمنڊ کان 113 ميل هو ۽ هتان جو راجا موڪسيس هو. سڪندر هن بندر تي قبضو ڪري کيس بحري مرڪز بڻائي، پنهنجي هڪ سردار نيرڪوس کي جهازن جو رستو ڏيئي عربي سمنڊ رستي ايراني نار ڏانهن موڪليو. اسڪندر کان پوءِ مصر تي بطليوس گهراڻي حڪومت ڪئي تنجا جهاز هن بندرگاهه وسيلي هندستان سان واپار ڪندا هئا. اهي شراب، شيشي جو سامان ۽ ڌاتو ڏيئي سوٽي ڪپڙو ۽ مصالحا خريد ڪندا هئا.“ ( سنڌ جا بندرگاهه – مولائي شيدائي – الوحيد سنڌ آزاد نمبر ) بطليموس هن بندر لاءِ لکي ٿو ته ” پٽالا جو شهر سنڌوندي جي ڊيلٽا جي منڍ وٽ، درياءَ جي اڀرندي ڇوڙ ۽ اوسڪانا شهر کان هڪ جيتري پنڌ تي ٺهيل هو.“ مورخن جو چوڻ آهي ته پٽالا هاڻوڪو حيدرآباد آهي. “ ( ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ – نئين زندگي جون 1964ع)

[b]اروڙ [/b]
هي تمام آڳاٽو شهر آهي. ايوڌيا جي،چندربنسي ۽ کتري راجائن مان ( رامچندر جي پوٽي سموترا جي اولادمان ) يارهن سئو ق م ڌاري راجا بليڪا هن شهر جو بنياد وڌو ۽ سندس پٽن اتي حڪومت شروع ڪئي. ( ڀيرومل مهر چند آڏواڻي – سنڌ جي هندن جي تاريخ – ج اول) مهاڀارت جي زماني ۾ اروڙ تي راجا جئدرٿ وير جو خاندان حڪومت ڪندو هو. اروڙ ان پراڻي دور کان شاهوڪار ۽ تجارت جو مرڪز هو. سندس ڀرسان سون ۽ چاندي جون کاڻيون هيون. هوئن ننانگ هن شهر کي ” پيشان پوچولو“ سڏيو آهي ۽ ٻين مورخن هن جي آسودگي ۽جي شاهوڪاري جي ساراهه ڪندي رورا يوريا رانگر سڏيو آهي. سڪندر جي آمد وقت هي شهر واپار جو مرڪز هو. يوناني مورخن هتان جي ڌن، ماڻهن، فن ۽ هنر جي تعريف ڪئي آهي. لکن ٿاته ” شهر محلاتن ۽ باغن سان ڀريو هو.“ امن ۽ امان هو. ماڻهو ڏاڍا هوشيار، بهادر، بي ڊپا ۽ ڪاريگر هئا. ان دور ۾ هڪ يوناني واپاري سنڌ ۾ آيو. هن سنڌ کي هند لاءِ واپار جو دروازو ڪوٺيو ۽ اروڙ کي محلن ۽ بازارن جو شهر سڏيو. ( اروڙ جو عروج ۽ زوال – رشيد ڀٽي سه ماهي مهراڻ 1974/ 2)

[b]پاتال [/b]
قديم زماني ۾ ڪراچي ضلع جي لاڙ ۾ هي هڪ مشهور بندر هو، جتان سنڌوندي ٻه شاخون ٿي وهندي هئي. سڪندر جي ڪاهه وقت هي مشهور بندر هو، ان ڪري يوناني مورخن هن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. سڪندر هت بندر ۽ گودي ٺهرائي هئي. ( قديم سنڌ – ڀيرومل مهر چند آڏواڻي)جنرل هيگ دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري ۾ ڄاڻايو آهي ته حضرت سليمان عليه السلام جي وقت ۾ دنگيون ۽ جهاز سنڌوندي جي ڇوڙ وٽ (پاتال) وٽ اچي بيهندا هئا، ڊيوڊمئڪفرسن اينالسوز ڪوميرس ۾ ڄاڻايو آهي ته ” مصر جا جهاز، پاتال تائين ويندا هئا.“ ( ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ – نئين زندگي سيپٽمبر 1970ع)

[b]مينانگر
[/b] هي قديم بندرگاهه هو، جيڪو ميناقوم ٺهرايو هو. مين قديم سنڌي لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي مڇي. ان مان ظاهر آهي ته، مين اهڙِ هنڌ هو جتي ڍنڍون ڍوڍا هئا ۽ هت مڇي جام مرندي هئي . هي لاڙ جو تجارتي مرڪز هو، هن کي هاڻي ٺٽي يا جهرڪ سان ڀيٽيو وڃي ٿو. ( تاريخ سنڌ – مسلمان جي فتح کان اڳ ۾ - لئمبرڪ 203) هن تي ڀارٿيائي حڪمرانن جي حڪومت هئي ۽ هت پارٿين شهزادو يا گورنر رهندو هو.“ (ڊاڪٽر احمد حسين – سنڌ صدين کان – مرتب ممتاز مرزا) هت ڪلڊاني، فنيقي ۽ مصري واپارين جا جهاز لنگر انداز ٿيندا هئا. جن ڏينهن ۾ سڪندر مقدوني سنڌ ۾ آيو، تن ڏينهن ۾ هي هڪ مشغول ترين دريائي بندر هو، جتان مال پيڙين رستي، سامونڊي بندر ڏانهن ويندو هو.“ پيريپلس جي لکڻ موجب هي ڀنڀور جي پٺيان هو. جڏهن جهاز، ڀنڀور ۾ سامان لاهيندا هئا، تڏهن اهو درياءَ رستي مينانگر جي بادشاهه جي درٻار ۾ پهچندو هو. هتان وڏي مقدار ۾ اناج، چانور، ترن جو تيل، مکڻ، ملميون، سوٽي ڪپڙو بيري گازا ڏانهن برآمد ٿئي ٿو. هت سڪندر جي ڪاهه جا يادگار قديم مندر ڇانوڻين جا بنياد ۽ وڏا وڏا کوهه اڄ به محفوظ آهي. مولائي شيدائي مرحوم لکي ٿو ته ” هتان ڪپهه به وڏي انداز ۾ ٻاهر ويندي هئي.“ ( تمدن سنڌ – ص نمبر 208)

[b]ڀنڀور [/b]
ڀنڀور سنڌوندي جي الهندي شاخ گهارو ۽ سمنڊ جي کاري جي اترئين ڪپ تي، مشغول ترين بندرگاهه ۽ عاليشان شهر هو، جيڪو هندستاني واپار لاءِ پهريون بندر هو، ڇاڪاڻ ته ڳاڙهي سمنڊ جي پار ڪرڻ کان پوءِ، پهرين پهرين هندستاني ڪناري جي انهيءَ بندر تي اچبو هو. هي بندر ق م کان اڳ 11 صدي تائين هنڌ ۽ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو تجارتي بند هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ ۽ هنڌ جي مختلف علائقن ڏانهن ويندڙ قافلن جو لنگهه به هو.“ اندرون سنڌ جو مال ٻيڙين ذريعي هت ايندو هو ۽ هتان اهو مال،سامونڊي غورابن ۾ چڙهندو هو.يونانين جي ڪاهه وقت هن کي بين الاقوامي بندر جي حيثيت حاصل هئي. سنڌ، هند، چين ۽ ڏور اوڀر جو تجارتي مال، هن بندر تان ڏورانهين ڏيهه ويند هو. چين جو ريشم، شاهراهه ريشم جي رستي ڀنڀور بندر تان روم ويندو هو. هي بندر مختلف ملڪن مان سامونڊي، دريائي، ۽ خشڪي رستن ذريعي ڳنڍيل هو، ڏکڻ هندستان، سيلون، انڊونيشيا ۽ ملائشيا ۽ ملائشيا جو مال به پهريائين هتي پهچندو هو ۽ هتان مغربي ملڪن ۽ ايشيائي ملڪن ڏانهن ويندو هو. ڪيچ ۽ مڪران جا قافلا به هت پهچندا هئا. ( ميمڻ عبدالمجيد سنڌي – سه ماهي مهراڻ اونهارو 1983ع) آري ڊبليو فريگر لکي ٿو ته ” هن تجارتي شهر ۾ فنيقيا، يهودي، ايراني، عرب ۽ مصري سوداگرن جون وڏيون وڏيون واپاري ڪوٺيون هيون، جن صحطخر، حيرد، بابل، انطاڪيه، تدمر، پٽيرا، صور، ميدان ۽ مصر ۾ بيٺڪون ۽ واپار لاءِ مرڪز کوليا.“ بطليموس هن بندر کي بربريڪ ۽ ايٽيبل آرئين لکيو آهي. هي بندر ان دور ۾ سنڌ جو مکيه ۽ مشرق جو پهريون بندر هو.جنهنجو مصر جي شهر اسڪندريه جي معرفت رومي سلطنت سان واپار هلندو هو. هتان جي درآمد ۾ تصويرن وارو فئڪس مان ٺهيل ڪپڙو، زرد ياقوت، مرجان، سلاجيت، لوبان، شيشو، شيشي، سون ۽ چاندي جا برتن، سون، چاندي شراب هو ۽ برآمد ۾ لاجورڊ، نير، رنگ، ڪپهه، ريشمي ڪپڙو، ريشمي کلون، ڳڳر، کوئر گيهه ۽ عطر هو. ( ايم – ايڇ – پنهور – سه ماهي مهراڻ 1981 / 1)
هي آهي سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ ۾ پرڏيهي واپار جي تصوير، جنهن مان صاف معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي پياري ۽ پوتر ماتر ڀومي ماضي ۾ ڪيڏي نه خوشحال ۽ سرسبز ڌرتي ماتا هئي، جنهن ساري دنيا ۾ پنهنجي شاهوڪاري ۽ اميري جو ڌاڪو ڄمائيندي، سڄِي جهان کي پنهنجي خوشحالي سان رنڱي ڇڏيو.