(ذ) ڪمپني جي دور ۾ سنڌ جا تجارتي رستا
سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ڪمپني، حڪومت ڪرڻ سان گڏ واپاري وندر کي به جاري رکيو. ان دور ۾ سنڌ ۾ چيني جا برتن، جپان جا شمعدان، شيشي جو سامان، واچون، گھڙيال ۽ آئينا آڻڻ لڳي. ڪمپني سچن موتين جي واپار کي به وڌايو. 1849ع ۾ کيس موتين مان 6265 روپيا آمدني ٿي. تن ڏينهن ۾سنڌ هٿ جي هنر ۽ ان جي نزاڪت ۽ سونهن ۾ مشهور هئي. مينا ڪاري، چاندي تي سون جو پاڻي چاڙهڻ، لاک، چمڙي، عاج ڪاشي ۽ جنڊي جي شين بابت هئملٽن لکي ٿو ته ” سنڌي عاليشان قسم جا ڪٻٽ ۽ ڪاٺ جو ٿالهيون ۽ جنڊي جون ميزون تيار ڪن ٿا. “ ڪاشي جي ڪم ۾ هت پاٽيون، پيالا، گهڙا، گلدان، گنبذن جون ڪنگليون به سٺيون ٺهنديون هيون. ايڇ ٽي سورلي لکي ٿو ته ” ڪاشي جي ڪم ۾ سنڌ مشهور هئي. هتي جا روغني ٿانو، پنهنجي سادگي، رنگن جي بيهڪ ۽ نفاست جي ڪري ڏاڍا دلڪش لڳندا هئا.“ منوڪي لکي ٿو ته ” هتي جا ڪاريگر، ڳاڙهي رنگ جا روغني ٿانو گهڻي تعداد ۾ ٺاهيندا هئا، جن مان ڪن تي مختلف نموني جا چٽ، جانورن، پکين ۽ گلن ٻوٽن جون شڪليون چٽيندا هئا.“ ساڳي طرح پوسٽنس لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ ڪنڀارڪو ڪم اعلى نموني جو ٿئي ٿو. پاڻي جا سهڻا ٿانو ۽ مقبرن ۽ مسجدن کي سينگارڻ لاءِ، عاليشان رڱيل ڪاشيءَ جون سرون ٿيار ٿين ٿيون. انهن سنهين چٽيل سرن کي، سندن بهترين پالش ۽ بناوٽ جي ڪري، هر ڪنهن ساراهيو ۽ واکاڻيو آهي.“ اهڙي طرح ڊاڪٽر ڪنيڍي لکي ٿو ته ” مون پنهنجي حياتي ۾ اهڙي چيز ڪانه ڏٺي آهي، جا هتي سرن ٺاهڻ جي هنر ۽ ان جي عمدگي جي برابري ڪري سگهي. آءُ انگلينڊ ۾ اهڙين سرن جي تيار ٿي سگهجڻ جي امڪان کان انڪار ته ڪونه ٿو ڪريان پر آءُ نٿو سمجهان ته ڪو هتي ههڙو مڪمل ڪم پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.“ ( سربارٽل فريئر – لطف الله بدوي – سه ماهي مهراڻ 1- 2 – 1966ع)
سنڌ ۾ واپار کي زور وٺرائڻ لاءِ برطانيه سرڪار هت بندر، بازاريون ريلون ۽ ٽرامون هلايون ۽ ٽپال جو به سهڻو بندوبست ڪيو، ته جيئين ڪچو مال ۽ ٻئي پئداوار آساني سان ڍوئي سگهجي. ان ڪري هت ” انڊس فلوٽلا ڪمپني“ قائم ڪري ريل رستي واپار کي همٿايو ويو. 19 اپريل 1858ع ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين ريلوي لائين جو افتتاح ٿيو ۽ 1861ع ۾ 110 ميل ڊگهي ريلوي لائين وڇائي، هن مفاصلي ۾ 16 اسٽيشنون هيون ۽ ڪوٽڙي ۾ هيڊ ڪواٽر هوندو هو. ڪوٽڙي ۽ سکر وارين پلين نه هجڻ ڪري ريلوي واري رستي ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي، ان ڪري 27 مارچ 1889ع ۾ سکر ۾ لئنسڊائون پل ۽ 1900ع ۾ ڪوٽڙي پل تيار ٿي، ان ڪري ڪراچي کان وٺي پنجاب تائين ريل رستي واپار ٿيڻ لڳو. ريلوي لائين کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ پڪن رستن جو ڄار وڇايو ويو. ان دور جي انگريز ڪمشنر سر بارٽل فريئر هن ڏس ۾ پاڻ موکيو. 1851ع ۾ هڪ سئو ڇويهه ميل 18 هزار 5 سئو 25 روپين ۾ ۽ 1852ع ۾ ٻه سئو ست ميل رستو 28 هزار ۽ 2 سئو 98 روپين ۾ تيار ڪرايا ويا. هنن رستن مان هڪ لڪي وارو رستو هو، جيڪو پري پري تائين ويو. هي رستو شڪارپور کان دري بولان تائين هو. رستن جي مٿان پليون ۽ سيمينٽ جون ٺهيل هيون. رستا اٽڪل 40 فوٽ ويڪرا هئا، جيڪي ٻن سالن ۾ ٺهي راس ٿيا، جن هڪ ڳوٺ کي ٻئي ڳوٺ سان ڳنڍيو. ( سر بارٽل فريئر – لطف الله بدوي – سه ماهي مهراڻ 1،2- 1966ع) اهڙي طرح خشڪي رستي واپار کي فروغ مليو.
سنڌو ندي جي رستي واپار وڌائڻ لاءِ سنڌ ۾ ” آگبوٽ سروس“ شروع ڪئي ويئي. 1847ع ۾ سنڌ جي گورنر ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين سنڌو ندي ۾آگبوٽ سروس جو افتتاح ڪيو. نمورڊ پهريون آگبوٽ هو، جنهن ان سال ۾ سڀ کان پهرين ڪراچي ۽ ڪوٽڙي جي وچ ۾ سفر شروع ڪيو. ( ماهوار پيغام – ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ – جنوري 1983ع ) هن واپار جو هيڊ ڪواٽر به ڪوٽڙي هو. پنجاب جو مال، جهازن وسيلي ڪوٽڙي کان ڪراچي موڪليو ويندو هو. ان کي فلاٽن ۾ ڀري، جهازن رستي ڇڪيو ويندو هو. مهراڻ جي ٻنهي ڪپن تي آگبوٽ کي ٻارڻ جي ڪاٺِين پهچائڻ لاءِ اسٽيشنون هيون. 1851ع کان پوءِ ملتان ۽ ڪراچي جي وچ ۾ آگبوٽ سروس شروع ٿي. جڏهن ريلوي لائين ٺهي تڏهن واپار ۾ سهولت ته ڪراچي کان جيڪا جهاز ڪوٽڙي ايندا هئا، تنجو مال ريل گاڏن ۾ ڀريو ويندو هو. هزارين مزدور سامان لاهيندا ۽ چاڙهيندا. ڪوٽڙي ۾ تن ڏينهن ۾ عجيب چهچٽو هوندو هو. ( مهراڻ تي جهاز راني – مولائي شيداني – روزاني مهراڻ سالگره نمبر 1961ع) ساڳئي وقت ٽپال جي نظام کي بهتر بنايو ويو. اڳ جو پيادن رستي ٽپال پهچائي ويندي هئي، ان کي گهوڙن ۽ اٺن رستي پهچائڻ جو طريقو شروع ڪيو ويو. اهڙي طرح حيدرآباد ۽ سکر جي درمياني فاصلي ۾ يارهين ڪلاڪن جي بچت ٿيڻ لڳي ۽ ساڍا ٽي سير وڌيڪ بار رکڻ ۾ آيو ۽ ڪٿي ڪٿي پپال ريل گاڏين ۽ آگبوٽن ۾ اچڻ لڳي. ان ڪري واپارين کي اگهن ۽ مال جي طلب ۽ رستن جي خبر جلد پوڻ ڪري تجارتي ترقي ٿي.
واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪمپني جي حڪومت سنڌ ۾ ” تجارتي ميلن “ جو رواج وڌو، ان سلسلي ۾ ڊسمبر 1852ع ۾ پهريون دفعو ڪراچي ۾ ميلي جو افتتاح ڪيو ويو. هي ميلو ڏاڍو ڪامياب ويو. مارٽينو لکي ٿو ته ” سنڌي، بلوچي ۽ افغان پنهنجي مخصوص پوشاڪن ۽ اچي حاضر ٿيا. ڪٿي ميوي جي خريد وفروخت هئي . ڪٿي بهترين گهوڙا هئا ته ڪٿي تيز رفتار اٺ. ڪي دڪان پنجابين جا هئا، جتي عمدو ڪپڙو ميسر ڪيو ويو هو. بمبئي کان جي ايراني ميلي ۾ شامل هئا، انهن جي قالين ۽ شالن عجيب بهار پئدا ڪري ڇڏي هئي. سنڌ به پوئتي نه هئي. اجرڪون، لونگيون، ڪاشي ۽ جنڊي جو سامان، سنڌين جي دڪانن جي زينت هئي. هن ميلي ۾ چين ۽ ٿٻيٽ کان به واپاري آيا هئا جن وٽ سلڪ کان سيمور جا قيمتي ڪوٽ به هئا. “ ( سربارٽل فريئر – سه ماهي مهراڻ ) ان کان سواءِ شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ به گهوڙن ۽ ڏاندن جا ثقافتي ميلا قائم ڪري، ڪمپني واپار کي همٿايو.
ڪمپني 1600ع ۾ آئي. هن جيڪو به واپار مان ڪمايو ان مان ڪجهه برطانوي حڪومت کي به ڏنو. اها جهلڪ به ڏسو.
يفيت رقم سال
نذرانو 13 هزار پائونڊ 1613ع
نذرانو 40 هزار پائونڊ 1623ع
نذرانو 60 هزار پائونڊ 1623ع
نذرانو 4 لک پائونڊ 1627ع
نذرانو 10 لک پائونڊ 1700ع
نذرانو 80 لک پائونڊ 1757ع
نذرانو 6 لک روپيا 1766ع
1771ع ۾ ڪمپني جي ڊئريڪٽرن کي 29 ڪروڙ 50 لک روپيا مليا.
1760 ع ۾ هڪ ڪروڙ پائونڊ حڪومت کي نذرانو
1763ع ۾ هڪ ڪروڙ 50 لک پائونڊ حڪومت کي نذرانو
1767ع ۾ چار ڪروڙ پائونڊ حڪومت کي نذرانو
ڪمپني جو بنياد 1601ع ۾ پيو. پنجين سال ڪمپني حڪومت انگلينڊ کي 13 هزار پائونڊ محصول ادا ڪيو. 1662ع ۾ اها وڌي چاليهه هزار پائونڊ کي پهتي. پهرين ويهن سالن اندر ڪمپني 5 لکن پائونڊن جو سون ۽ چاندي، هندستان کي شين جي عيوض ڏنو. ليڪن جيڪي شيون خريد ڪيائين، تن جي قيمت ڪروڙها پائونڊن جيتري آهي. ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي – ص 489)
ڪمپني جا ايجينٽ به ” ڇٽيهه لکڻا“ هئا. هو مختلف زبانن جا ڄاڻو، حريف ۽ وڏا دغاباز هئا. رياستن جي اندروني معاملن ۽ نوابن جي حويلين جي رازن ۽ نيازن کي معلوم ڪرڻ کان پوءِ نوابن ۽ راجائن جي هر هڪ اندروني معاملي ۾ دخل ڏيندا هئا. سندن مقصد هو هتان دولت گڏ ڪري انگلينڊ کي سرسبز ۽ گلزار بنائي پنهنجي زندگي عياشي سان گذارڻ . ان حرص ۽ حوس، لالچ ۽ لوڀ کين انڌو ڪري ڇڏيو هو. هنن هتان ايتري ته دولت ڪمائي جو انگلينڊ ۾ سندن عيش کي ڏسي ماڻهو کين نواب سڏيندا هئا ۽ سندن رئيساڻي ٺاٺ جو پارليامينٽ ۾ به هُل هوندو هو. هندستان ۾ هڪ ايجينٽ پنهنجي تجارتي لوڻ تيار ڪرڻ لاءِ تيرهن هزار نوڪر رکيا هئا. اهڙي وقت ۾ جڏهن قيمتي تمام سستيون هيون، تڏهن به ڪيئي نوجوان ڪمپني جا ڪلارڪ وڏين ساليانه پنجتن ڪرڻ کان سواءِ رڳو پنهنجن ڪپڙن تي سال ۾ 15 سئو پائونڊ ۽ کاڌي پيتي تي ٻه هزار پائونڊ خرچ ڪندا هئا. اها حالت ڏسي ڪرناٽڪ جي محمد علي ڪمپني جي ڊئريڪٽر کي هڪ خط ۾ لکيو ته ” اوهان جي نوڪرن جو هن ملڪ ۾ ڪوبه ڪاروبار نه آهي ۽ نه ئي وري انهن کي ڪو معقول پگهار به ڏيو ٿا. پر پوءِ به هو لکين اشرفيون ڪمائي، واپس وڃن ٿا. ايتري ٿوري عرصي ۾ بغير ڪنهن ذريعي معاش جي هي اڻ ڳڻي دولت ڪٿان اچي ٿي اهو اوهان ۽ اسان ٻيئي سمجهون ٿا. ( تاريخ پاڪستان مترجم محمد ابراهيم جويو ) مطلب ته ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت سان گڏ تجارت رستي هندستان ۽ سنڌ کي ڦري تباهه ڪيو. سر وليم ڊگبي جي لفظن ۾ ” اڪيانوي ارب ويهه ڪروڙ“ ۽ ٻئي هڪ اندازي موجب هڪ کرب 18 ارب اسي ڪروڙ روپيا نقد انگستان پهتا. ( نقش حيات – حصو پهريون – مولانا حسن احمد مدني رح ) جنهن رقم سندن ملڪ کي سرسبز ۽ گلزار بنائي ڇڏيو، جيڪواڄ به دنيا جي ستن امير ترين ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو.