(7) تجارتي منڊيون
[b]( الف ) ديبل
[/b] عربن جي تجارت وقت، ديبل سنڌ جو مکيه بندر ۽ واپار جو مرڪز هو. هي شهر سمنڊ جي ڪناري تي هو ۽ مهراڻ جي الهندي واري شاخ تي هو. عربستان جي واپار جي مکيه مرڪزن يمن ۽ عمان سان ديبل جو سڌو سنئون واسطو هو. ديبل کان سڀ جهاز، بصري کان بغداد ۽ يمن ويندا هئا. عرب واپاري جيڪي سنڌ سان واپار ڪندا هئا، سي ديبل کان پوءِ سنڌ جي اندرين شهرن سان وڃي واپار ڪندا هئا. هتي ڏيهي واپارين جي سدائين پيهه رهندي هئي. ديبل ۾ چين، انڊونيشيا، هندستان، سيلون ۽ سنڌ جو مال اچي گڏ ٿيندو هو. اصطخري لکي ٿو ته ” ديبل سنڌ جو وڏو بندر ۽ مکيه مرڪز آهي. سمنڊ جي ڀرسان هن شهر جي زمين پڻ آهي ۽ صرف واپار جي لائق آهي ” بشاري المقدسي لکي ٿو ته ” ديبل ساحلي شهر آهي. هن جي آسپاس اٽڪل روءِ هڪ سئو ڳوٺ آهن. هتي جا رهاڪو سڀ واپاري آهن. ديبل سنڌ جو بندرگاهه آهي ۽ وڏي اپت وارو آهي. هتان جا رهاڪو سلڇڻا ۽ خوش پوشاڪ هئا.“ ابن حوقل لکي ٿو ته ” هي واپار جي تمام وڏي مارڪيٽ آهي ۽ هتي مختلف قسمن جا واپار ٿيندا آهن. هي پرڳڻي جو خاص بندر آهي. هتي پوک گهٽ ٿيندي آهي. اهو هڪ خشڪ شهر آهي. صرف تجارتي اهميت ان کي حاصل آهي. ( گنگارام سمراٽ – عربن جي دور ۾ سنڌ جي تجارتي حالت – نئين زندگي ) بهرحال ديبل ان زماني ۾ مشغول ترين واپاري مرڪز هو. نزهت الميثاق جو مصنف لکي ٿو ته ” ديبل وڏي ۾ وڏي اناج منڊي آهي. هتي جا واپاري مال گدامن ۾ ڀرائي ڇڏيندا هئا ۽ جڏهن ڪنهن به جنس جي کوٽ ٿيندي هئي، اهو چور بازاري رستي نيڪال ڪندا هئا.( گنگارام سمراٽ – عربن جي دور ۾ سنڌ جي تجارتي حالت – نئين زندگي)
[b](ب) الور
[/b] الور يا اروڙ سنڌ جي گادي جو هنڌ هو. هي شهر پراڻي زماني کان واپار جو مرڪز پئي رهيو آهي. صيچنامي ۾ آهي ته ” هي شهر هند ۽ سنڌ جو تخت گاهه آهي. مهراڻ ندي جي ڪپ تي آهي. قسمين قسمين اوچين ماڙين، محلاتن، چراگاهن، باغن، حوضن، نهرن ۽ گلڪارين سان سينگاريل هڪ وڏو شهر آهي. هن شهر ۾ جهجها خزانا ۽ پوريل ناڻا آهن.“ راڻي لاڏي جو چوڻ آهي ته ” هن شهر جا ماڻهو ڪاريگر، واپاري ۽ هاري آهن. انهن جي ڪري هي ديس آسودو ۽ شاهوڪار آهي.“ ( چچنامو – سنڌي ترجمو – ص نمبر 334) تاريخ معصومي وارو لکي ٿو ته ” اروڙ هي وڏي عالم پناهه سان، مهراڻ جي ڪپ تي رسيل شهر هو، جيڪو محلاتن ميويدار وڻن ۽ نهرن سان ڀرپور هو ۽ ان ۾ تمدن ۽ شهرت جو سڀ سامان موجود هو، جنهن جي ڪنهن غنيم مسافر کي خواهش ٿي سگهي ٿي.“ ( تاريخ معصومي – مير معصوم بکري – ص نمبر 42) اروڙ جي آب هوا ڏاڍي وڻندڙ ۽ موافق هئي، ان ڪري سنڌ جا امير ماڻهو گرمي جا چار مهينا هت گذارڻ ايندا هئا. عربن جي دور ۾، هي شهر تجارت جو خاص مرڪز رهيو. ابن حوقل لکي ٿو ته ” سنڌ جي وڏن وڏن شهرن مان هڪڙو شهر اروڙ به آهي. هي بلڪل سستو ۽ خوشحال شهر آهي. هت واپار جي بازار گرم رهندي آهي. “
[b]( ث ) ملتان
[/b] ملتان به واپار جو خاص مرڪز هو. بشاري لکي ٿو ته ” هت ميوو سستو آهي. واپار چڱو ۽ وڌندڙ آهي. واپاري ڏيتي ليتي ايمانداري سان ڪن ٿا. فارغ البالي ڪري ماڻهن جي زندگي عيش ۽ آرام سان گذري ٿي. آبادي گهڻي ڳتيل آهي. واپاري واپار ۾ ڪوڙ نه ڳالهائيندا آهن ۽ نه ڪي ماپ ۾ گهٽ وڌ ڪندا آهن، ضرورت ۽ آرام جون گهڻيون شيون آهن، شهر سهڻو آهي. ابن حوقل لکي ٿو ته ” هن ۾ سڪه، برهمپور، ڪرور، اشتهار ۽ تاڪيه ويندي ڪشمير جي حد تائين علائقو اچي ٿي ويو.
[b](ج ) قنوج
[/b] هي شهر ملتان جي ڀرسان هو. ادريسي لکي ٿو ته ” فنوج خوبصورت شهر ۽ واپار جو مرڪز آهي. سندس وسعت پنجاب ۽ ڪشمير تائين آهي.“ ابن حوقل جو چوڻ آهي ته ” قنوج ملتان سان لاڳاپيل شهر هو. هت باغ گهڻا ۽ گوشت سستو هو. واپار تمام نفع بخش هو. چانور ۽ ڪيلا سستا هئا.“ بشاري المقدوسي لکي ٿو ته ” قنوج وڏو شهر آهي . هت گوشت گهڻو ۽ سستو وڪامي ٿو. ان کي چئن ئي پاسن کان باغن جو گهيرو آهي. ماڻهو سهڻا ۽ خوش رنگ آهن. پائي سٺو ۽ صحت بخش آهي. شهر ويڪرو آهي. نفع بخش واپار جو مرڪز آهي. ڪيلو سستو آهي. دريا شهر جي وچ مان لنگهي ٿو . هوا عمدي ۽ باغ گهڻا آهن. شهر جا امير ماڻهو، گرمين جو زمانو باغن ۾ گهاريندا آهن.“ ( احسن التقاسيم – بحواله ماهنامه پيغام – جولاءِ آگسٽ 1983ع)
[b]( د ) ويهند
[/b] اٽڪ کان ٿورو مٿڀرو مهراڻ جي اڀرندي ڪپ تي، هڪ عظيم الشان شهر هو، جيڪو منصوره کان وڌيڪ هو. ان جي چوڌاري باغ هئا ۽ اتي هر شيءَ سستي هئي.“ ( تاريخ سنڌ – ڀاڱو پهريون – مولانا نور محمد نظاماڻي ) ابن حوقل لکي ٿو ته ” هت ميوا ۽ ماکي سستا آهن. اکروٽ ۽ بادام جا وڻ آهن. ماني ۽ کير تمام سستو آهي.“ بشاري المقدسي لکي ٿو ” هتي باغ گهڻا آهن. دل کي وڻندڙ ۽ سٺي ۽ فضا وارو شهر آهي. پاڻي سان ڀرپور درياءَ وهن ٿا. ميوا جام ملن ٿا. ميوا عمدا، وڻ ڊگها ۽ نعمتن جي فراواني آهي. شين جا اگهه به سستا آهن، هتي جا ماڻهو، موذي جانورن ۽ موذي آفتن کان آزاد آهن. شهر جي چوڌاري اکروٽ ۽ بادام جا وڻ. هڪ ٻئي سان ڳتيل آهن. ڪتل ۽ ڪيلو به گهڻو ٿئي ٿو. ( احسن التقاسيم – بحواله مولانا قاسمي صاحب – ماهنامه پيغام)
[b](ح ) منصوره
[/b] منصورہ اندريون شهر ۽ بند هئڻ ڪري، سنڌ جو خاص تجارتي مرڪز هو. هي شهر مهراڻ جي الهندي ڪناري تي، موجوده برهمڻ آباد کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي هو. جنهن جو عمرو بن محمد بن قاسم 723ع ۽ 728ع جي وچ ڌاري بنياد رکيو، جيڪو پوءِ ترقي ڪندو، سنڌ جي گادي جو هنڌ بڻيو. اصطخري لکي ٿو ته ” هي شهر هڪ چورس ميل ۾ آهي ۽ ان جي چوڌاري سنڌو ندي جي نار وهي ٿي، جنهن ڪري هو ٻيٽ وانگر ٿي پيو آهي. هباري اسود جي نسل مان هڪ قريشي هتي جو امير آهي. علائقو گرم آهي. انب، ڪمند، ليما ۽ کجور گهڻي ٿئي ٿي، جيڪي تمام سستا آهن. سڄي علائقي ۾ شادابي، خوشحالي ۽ عشرت ۾ بي مثال هو. ڳوٺ ۽ باغ پاڻ ۾، گڏو گڏ هئا. “ ياقوت عموي لکي ٿو ته ” منصوره ۾ ڪمند، جنهن مان کنڊ ٺهي ٿي، گهڻو ٿئي ٿو. هتي صوف جي برابر هڪ ميوو ٿئي ٿو. هتي قيمتون تمام گهٽ آهن.“ بشاري المقدسي لکي ٿو ته ” منصوره مان عمديون جتيون، هاٿي، عاج جڙي ٻوٽيون ۽ ٻيو اعلى قسم جو سامان ٻاهر موڪليو وڃي ٿو.“ ( احسن النقاسيم – بحواله پيغام – آگسٽ 1983ع) ساڳي طرح ادريسي منصوره جي تجارتي پئداوار لاءِ لکي ٿو ته ” هتي کجور ۽ ڪمند جي پئداوار، تمام گهڻي آهي. هتي ليمان ۽ نارنگيون ٿين ٿيون. هتي چانورن جي پوک ۽ باغات آهن. هتي تاجر گهڻا آهن. بازار آباد آهي ۽ زندگي لاءِ ضروري شيون جام ملن ٿيون. مڇي تمام گهڻي اچي ٿي ۽ گوشت به سستو آهي. ڪجهه ميوا هتان جا آهن ۽ زياده تر ٻاهران گهرايا وڃن ٿا. ( بحواله جنت السنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 229) مطلب ته منصوره تمام سستو ۽ واپارين جو خاص مرڪز هو. هتان جو واپار اتر اوڀر ۽ ڪشمير وارن سان اتر اولهه ۾ قنڌار وارن سان هندستان جي ساحلي ملڪن سان جاوا، سوماترا ۽ چين سوڌو هلندو هو. اولهه عربستان خاص ڪري عراق سان هلندو هو. اهڙي بين الاقوامي واپار جي لاءِ سڪن جي مٽا سٽا جي هڪ عالمي بئنڪ به منصوره ۾ هئي. اهڙي طرح هي شهر هڪ بين الاقوامي واپاري منڊي هو.
[b]( خ ) سيوهڻ
[/b] عربن جي دور ۾ سيوهڻ واپار رستي بڌيه ۽ سجستان سان ڳنڍيل هو ۽ اوج تي هو. سندس بيهڪ مهراڻ جي الهندي ڪناري تي هئي. ان وقت جيڪو واپاري خشڪي رستو هو، اهو ڀاڳناڙي کان ٿيندو سيوهڻ ايندو هو. هي شهر واپار جو خاص مرڪز هو، ان ڪري هر ڪا شي سستي ۽ گهڻي انداز ۾ ميسر ٿي سگهندي هئي. ماڻهو سکيا ۽ ستابا هئا ۽ شهر پاڻي جي چشمن سان ڀريل هو. ( ادريسي ) ياقوت حموي سيوهڻ جي زرخيزي ۽ شاهوڪاري کي ساراهيو آهي. ( ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ – نئين زندگي جنوري 1965ع)
[b](د ) خراسان
[/b] خراسان واپار جي اهم منڊي هو. سنڌ ۽ مڪران جي وچ ۾ هئڻ ڪري وڏي قافله سراءِ ۽ واپار جو مرڪز هو. هت پٿرائين ۽ غاليچن ٺاهڻ جي صنعت اوج تي هئي.
[b]( ر ) مڪران
[/b] هن کي ميون جو شهر چيو ويندو هو. خاص ڪري هتان جو کارڪون مشهور هيون، جن جا هڪ سئو کان به وڌيڪ قسم هئا. ڪن شيردار کارڪن کي مٽي پڪل ڪنن ۾ بند ڪري ان جو حلوو ٺاهيو ويندو هو، جنهن کي ” هنب “ چوندا هئا، کجي مان شراب به ٺاهيو ويندو هو. اسلام دنيا کي کجور، ڪچي ڳاڙهي کنڊ ۽ ڳڙ مڪران مان روانو ڪيو ويندو هو. ذڪريا قدوسي لکي ٿو ته ” خداوند تعالى مڪران جي ماڻهن کي ٻن قدرتي نعمتن سان نوازيو آهي. کجي جو ميوو ۽ مڇي جو گوشت. آڳاٽي زماني کان عرب ۽ مصر، کجور ۽ ان مان ٿيل شيون مڪران مان گهرائيندا هئا.“ ( بحواله جنت السنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 231)
[b]( س ) طوران ( خزدار )
[/b] هي واپار جو مکيه مرڪز هو. بثاري القدسي لکي ٿو ته ” هت واپارين جي رهڻ جون جايون ۽ گدام آهن. شهر کڻي ننڍو آهي، پر واپار جي لحاظ کان فائديمند آهي. هتي خراسان، فارس، ڪرمان ۽ هندستان جا قافلا ايندا آهن. “ ( بحواله – مسولانا قاسمي صاحب – ماهنامه پيغام جولاءِ آگسٽ 1983ع) مسعودي لکي ٿو ته ” هتان مصري برآمد ٿيندي آهي، جيڪا مڪران جي مصري کان ڀلي آهي.“
[img]https://i.imgur.com/IuIz7Ix.jpg[/img]
عربن جي دور ۾ سنڌ جا واپاري مرڪز