(خ ) سنڌ ۾ ڪمپني جو ٻيو دور
ڪمپني 1713ع ۾ وري هڪ انگريزي ٻيڙو سنڌ ۾ موڪليو هن مهم جو سربراهه ڪرسٽو فرنيو پورٽ هو. جنهن جو مقصد سنڌ ۾ واپاري فائدي جو جائزو وٺڻ هو. سر رابرٽ شرلي ۽ سر ٿامس پاويل به هن سان گڏ هئا. هو لهري بندر ۾ آيو، سندس آڌر ڀاءُ مغلن جي نائب ڪيو ۽ کين گهمڻ ڦرڻ ۾ سهوليت پئدا ڪري ڏني. ملڪ گهمي، ڏسي ۽ جانچي، رابرٽ ۾ ڄاڻايو ته ” سنڌ ۾ واپار وڏي فائدي وارو ٿيندو ڇاڪاڻ ته مغل حڪومت ۾ سنڌ شاهوڪار ۾ شاهوڪار صوبو آهي. ( سنڌ مغربي ليکڪن جي نظر ۾ - سه ماهي مهراڻ 3- 4 – 1979ع) جڏهن اها رپورٽ مرڪز کي پهتي تڏهن گهڻي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ اپريل 1929ع ۾ پريذينٽ وائلڊ مٿي لکيو ته ” سنڌ چاهي ٿي ته اسان اتي ڪارخانو قائم ڪريون جنهن جي برپا ڪرڻ جي اسان ڀرپور ڪوشش ڪنداسون.“ ( اسان جي آزادي جا اڳواڻ – جي الانا ) هي اهو دور هو جڏهن سنڌ ۾ مغلن جي تسلط کان ڪلهوڙن جند ڇڏائي خودمختياري حاصل ڪئي هئي۽ هوڏانهن انگريز بهار، بنگال ۽ اوڙيسا تي قابض ٿي چڪا هئا. هاڻي سندن حريص نگاهون سنڌ ۾ کٿل هيون. ڪمپني ڪوشس ڪري ان وقت سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم ميان نورمحمد سان دوستانه تعلقات رکيا. ڪمپني سنڌ سرڪار کي هٿيار ٺاهڻ لاءِ فولاد، شيهو ۽ پتل فراهم ڪيو. ان کان سواءِ ڪجهه اسلح به سنڌ حڪومت خريد ڪيو. مدراس جي انگريزي قلعي سينٽ جارج ڪجهه توبون، سنڌ سرڪار کي وڪرو ڪيون. 26 جنوري 1748ع ۾ ڪمپنيءَ ميان نورمحمد کي 14ط بندوقون 33 هزار سئو 90 رپين ۾ وڪرو ڪيون . 21 مارچ 1749ع ۾ ڏهه توبون 63 هزار، 8 سئو 52 روپين ۽ ٽن آنن ۾ خريد ڪيون. ( تاريخ سنڌ – عهد ڪلهوڙا – مولانا غلام رسول مهر – ص 464)
1757ع ۾ ڪمپني اهڙيون حالتون پئدا ڪيون جو هوڏانهن پلاسي جي جنگ لڳي ۽ انگريز بنگال تي قبضو ڪيو ته هيڏانهن سنڌ ۾ گهرو لڙائي لڳي، جنهن ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي کي فتح نصيب ٿي. ڪمپني غلام شاهه کي پنهنجي اثر ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آخر هن کي پنهنجي وڪڙ ۾ ڦاسائي رابرٽ سمپٽن کي غلام شاهه ڏانهن موڪليو، جنهن 22 سيپٽمبر 1758ع ۾ خاص تجارتي پروانا حاصل ڪيا. پهريون پروانو 22 سيپٽمبر 1758ع تي حاصل ڪيو ويو ۽ ٻيو پروانو 11 آڪٽوبر 1758ع ۾ حاصل ڪيو ويو. هن پرواني ۾ انگريزن لاءِ خاص رعايتون تجويز ٿيون . مثلاً حڪم ڏنو ويو ته 1. انهن کي فقط ڏيڍ سيڪڙو محصول ورتو وڃي ۽ ٻين کان انهن جو اڌ ورتو وڃي. 2. ته جهازن لاءِ سامان سڙو بنا محصول جي خريد ڪن 3. جيڪو مال وڪامي نه سگهي اهو جي انگريز کڻي وڃن ته ان تي ڪوبه محصول نه ورتو وڃي. 4. مسٽر سمپٽن جيڪڏهن چاهي ته ٺٽي ۾ يا بندرگاهه تي پنهنجي رهڻ لاءِ مڪان ٺهرائي باقي ٻئي ڪنهن به انگريز کي گهر گهرائڻ جي اجازت نه رهندي. (تاريخ سنڌ – عهد ڪلهوڙا – مولانا غلام رسول مهر – ص 464) سيمپٽن پروانو حاصل ڪري واپس ويو ۽ جارج بوشيئر کي ( جيڪو بمبئي جي خزاني جو آفيسر هو) سنڌ جي ڪوٺي جو منتظم بنايو ويو ۽ ميموئل بيون کي نائب مقرر ڪيو ويو. ٻن انگريزن ٺٽي ۾ اچي واپاري ڪوٺي کولي. ان وقت سندن سامهون قلمي شوري جي تجارت هئي، جيڪو سنڌ ۾ تمام گهڻي انداز ۾ ٿيندو هو ۽ ان جي هر ملڪ کي تمام گهڻي ضرورت هئي. پهريائين انگريز پنهنجي هندو دلال روپچند جي معرت، ميمئن کان قلمي شورو خريد ڪرڻ لڳا، پر جڏهن ان جي طلب ( ڊيمانڊ) وڌي ويئي، تڏهن هنن سنڌ ۾ ان جي ڪارخاني کولڻ جو ارادو ڪيو. آخر سندن ڪوششن سان 11 سيپٽمبر 1757ع ۾ هنن شاهبندر ۾ قلمي شوري صاف ڪرڻ جو ڪارخانو کوليو. بمبئي مان هڪ خاص جهاز ۾ قلمي شوري صاف ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪڙاهه موڪليا ويا. هن ڪارخاني ۾ ساليانو ڏهه هزار مڻ شورو صاف ٿيڻ لڳو. سنڌ ۾ ڪارخاني لڳائڻ مان ڪمپني جو خاص مقصد هو ته اتي قلمي شوري جي ٿيندڙ سڄي پيداوار کي پنهنجي لاءِ محفوظ ڪجي. ( هلال پاڪستان – مئگزين جولاءِ 1982ع) ان ڪري ڪمپني پنهنجي ڊئريڪٽر مسٽر ارسڪن کي غلام شاهه جي درٻار ۾ موڪليو، جنهن ميان صاحب کي هڪڙي اشرفي، هڪڙو مخمل جو ٿان ۽ ڪي آرسيون ڪمپني طرفان سوکڙي طور ڏنيون، ميان سندس ٿورو نه رکيو ۽ جواب ۾ هڪ ڪيمخواب جو چوغو، هڪڙي شال هڪ پٽڪو، هڪ خنجر، هڪ سون سان مڙهيل تلوار، چاندي جي سنجن سان ايراني گهوڙو کيس ڏنا. ان وقت مسٽر ارسڪن غلام شاهه کان ٽيون پروانو به حاصل ڪيو، جنهن موجب انگريزن کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به فرنگي قوم کي سنڌ ۾ قلمي شوري خريدڻ جي اجازت نه هوندي ۽ ان جو ڪوبه جهاز ٻڏي وڃي يا مال کي نقصان پهچي، ته سرڪاري ماڻهو ڪڍڻ ۾ مدد ڏين ۽ رواج مطابق پنهنجو اجورو وٺي مال يا جهاز انگريزن جي حوالي ڪن. ( تاريخ سنڌ – عهد ڪلهوڙا – ص نمبر 622) هن پرواني ملڻ ڪري ڪمپني کي سنڌ ۾ قلمي شوري جي هڪ هٽي حاصل ٿي پيئي، ان ڪري هنن ٻي ڪوٺي شاهبندر ۾ به کولي. هڪ انگريز ايجنٽ مسٽر ڪرو لکي ٿو ته ” انگريزي ڪوٺي وارن شاهبندر تي قلمي شوري کي صاف ڪرڻ ۽ ڪاڙهي قلمي صورت ۾ آڻڻ وڏي پئماني تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.
سنڌ ۾ قلمي شوري کي انگريز پاڻ ڪڍڻ بجاءِ ڪنهن ٺڪيدار کي ملازم رکندا هئا، جيڪو کين هڪ مقرر قيمت تي ڪچي شڪل ۾ اهو مهيا ڪندو هو. ان کان پوءِ قلمي شوري کي ٻيڙين ذريعي ٺٽي ۽ شاهپور کان شاهه بندر پهچايو ويندو هو، جتي فئڪٽري لڳل هئي. اتي انهي کي صاف ڪرڻ کان پوءِ بمبئي موڪليو ويندو هو. انهيءَ تي محصول فئڪٽري پهچڻ کان پهرين ئي بندرگاهن تي لڳايو ويندو هو. انگريزن کي رڳو ڏيڍ سيڪڙو محصول پيارڻو پوندو هو. جڏهن ته کين هڪ هٽي ملڻ کان پهرين واپارين کي انهي کان تمام گهڻو وڌيڪ محصول پيارڻو پوندو هو. عام طور ٺڪيدار ۽ ڪمپني جي وچ ۾ هڪ سال معاهدو ٿيندو هو انهيءَ معاهدي هيٺ ٺڪيدار کي هڪ خاص مقدار ڪمپني کي مهيا ڪرڻي پوندي هئي ۽ انهيءَ جي ادائيگي کيس سال جي آخر ۾ ڪيل معاهدي تحت ڪئي ويندي هئي. آسي پاسي وارن علائقن ۾ قلمي شوري جي قيمت پنج روپيا في مڻ هئي. جون 1764ع ۾ ڪمپني پنهنجن سنڌ وارن ڪارندن کي لکيو ته هو جيتري به مقدار ۾ قلمي شورو حاصل ڪري سگهن ٿا اوترو ڪن ڇاڪاڻ ته کين ڊپ هو ته بنگال ۾ خراب ٿيندڙ حالتن جي ڪري اتان معمول موجب مقدار نه ملي سگهي. ( هلال پاڪستان مئگزين – جولاءِ 1982ع ص نمبر 21) ڪمپني قلمي شوري جي تجارت کي وڌيڪ ترقي ڏيارڻ لاءِ لاهري بندر ۽ اورنگا بندر تي به شوري کي صاف ڪرڻ جا ڪارخانا کوليا. اهڙي طرح ڪمپني 1764ع ۾ 1235 ڳوڻيون قلمي شوري جون اميرالمحر ڪوڪاڪ جي معرفت موڪليو جنهن جي قيمت 15884 روپيا هئي. ( روزانه هلال پاڪستان – عبدالله سومري جو مضمون) ان کان سواءِ مسقط جي امام کي به پنج سئو مڻ شورو مهيا ڪيو ويو. قلمي شوري کان پوءِ سنڌ جي روانگي مال ۾ چوپايو مال خاص اهميت رکي ٿو جنهن جي انگلينڊ ۾ وڏي طلب هئي. انگريزن سنڌ ۾ ٻيءَ ڪوٺي خاص کولي به ان خيال سان هئي ته سنڌ مان سڱن وارو مال ٻاهر موڪلجي . کين هدايت ڪئي ويئي ته صوبي ۾ جيترو به چوپايو مال هو حاصل ڪري سگهن اوترو مهيا ڪن. ڪمپني جي هر آفيسر ۽ انگريز سياح سنڌ جي چوپائي مال جي تعريف ڪئي آهي. رڍن لاءِ لکي ٿو ته ” اڀرندي طرف ٿر جي رڻ ۽ الهندي طرف کير ٿر جبلن جي لاهين تي رڍون تمام گهڻي انداز ۾ ملن ٿيون.“ سنڌ جي گهوڙن لاءِ هو لکي ٿو ته ” سنڌ جو گهوڙو تمام مضبوط ۽ طاقتور جانور آهي، جنهن کي خاص ڪري بلوچي سردار ڪيترائي ڪم ورتا ويندا هئا. سندس مالڪ پنهنجن گهوڙن کي نهايت سٺو کاڌو کارائيندا هئا ۽ کين نهايت سهڻن ۽ قيمتي سنجن سان سينگاريندا هيا سٺي قسم جا گهوڙا خراسان مان پڻ آندا ويندا هئا.“ باربوسا لکي ٿو ته ” سنڌي گهوڙا جيتوڻيڪ سنها ۽ هڏاوان ٿين ٿا، پر ڏاڍا مضبوط ۽ غير معمولي طاقت وارا ٿين ٿا.“ اٺ به مشهور هئا. ڪرو لکي ٿو ته ” صوبي ۾ اٺ هر هنڌ گهڻي انداز ۾ پاليا وڃن ٿا ۽ اهي مال ڍوئڻ جي ڪم اچن ٿا. “ ( روزانه هلال پاڪستان – عبدالله سومري جو مضمون) ليفٽنيٽ پاٽنجر لکي ٿو ته ” هتان جو اٺ انهيءَ نسل جو آهي جنهن کي به ٿوها ٿين ٿا ۽ هو فقط بار ڍوئڻ جي لاءِ ڪارگر آهي، ڇاڪاڻ ته بناوٽ ۾ ڳرو ڊگهن هڏن ۽ ڊگهن وارن سان ڀريل۽ حيرت انگيز طاقت وارو آهي. هڪ ٿوهي واري اٺ کي اهي ماڻهو لڳاتار ڪيترن ئي ڏينهن تائين عجيب تيز رفتاري سان سفر ڪرڻ جي تربيت ڏيندا آهن. هڪ ٿوهي وارا اٺ ظاهري ڊول ڊيل ۽ شڪل و صورت ۾ انهن علائقن جي آبهوا مطابق جن ۾ اهي پئدا ٿيندا ۽ رهندا آهن، ڪنهن حد تائين مختلف هوندا آهن.“ ( سنڌ ۽ بلوچستان جو سفر – ص نمبر 422) ڳائو ۽ ماهو مال انگريزن گهڻو خريد ڪيو. مينهن کي هو ” سنڌ جو ڪارومال“ سڏيندا هئا. هئملٽن لکي ٿو ته ” مينهون سنڌ ۾ تمام گهڻيون آهن. هر هڪ مان اسي کان هڪ سئو پائونڊ گوشت ملي ٿو، اهي قد بت ۽ وڏيون ٿين ٿيون ۽ کير به گهڻو ڏين ٿيون.“ مارلق لکي ٿو ته ” هن ملڪ ۾ مينهون تمام گهڻي انداز ۾ آهن.“ ڳائو مال ته ڪمپني ديسان ديس وڪرو ڪيو. هن دور ۾ ڄمون، ڪشمير، مدراس ۽ فلپائين ٻيٽن ڏانهن به هي مال ويو. بمبئي سنڌ جي چوپائي مال ڪي وڪري جي منڊي هئي. چوپائي مال سان گڏ سنڌ مان مکڻ ۽ گيهه به ڪمپني وڏي مقدار ۾ خريد ڪيو.
انگريز ايجنٽ لکن ٿا ته ” ٺٽي، نصرپور، سيوهڻ ۽ بکر مان تمام گهڻو مکڻ ۽ گيهه کڄي اچي ٿو.“ منوڪي جي چوڻ موجب سنڌ ۾ مکڻ تمام گهڻو ٿئي ٿو، جيڪو مسقط ڏانهن به موڪليو وڃي ٿو.“ هئملٽن لکي ٿو ته ” هتي جا ماڻهو گهڻي مقدار ۾ مکڻ ٻاهر موڪلين ٿا. انهيءَ مکڻ کي وٽڙائي مرتبانن ۾وجهي موڪليو وڃي ٿو . سنڌ جو گيهه ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌي سڏبو هو. سنڌ مان چمڙو به ڪمپني خريد ڪيو ڇوته اهو اعلى قسم جو هوندو هو.فان آرلچ لکي ٿو ته ” سنڌ جو چمڙو هندستان جي ڪن بهترين چمڙن ۾ شمار ٿئي ٿو، نرمي توڙي جٽاءُ ۾ به يورپ جي چمڙي کان گهٽ نه آهي. ( تاريخ سنڌ – عهد ڪلهوڙا – ص نمبر 869) ڊاڪٽر ڇٻلاڻي لکي ٿو ته ڪلهوڙن جي زماني ۾ چمڙي صاف ڪرڻ ۽ رنڱڻ جي فن تما وڏي ترقي ڪئي ۽ هن فن جي ماهرن وڏي هنر مندي ۽ ڪاريگري جي نمائش ڪئي.“ ان ڪري چمڙي ساري جي صنعت وڏي ترقي ڪئي. نشوٽن لکي ٿو ته ” سنڌ جا ماڻهو چمڙو نهايت عمدي طريقي سان تيار ڪن ٿا، پوءِ ان تي مختلف رنگن جي ريشم سان حد درجي جي ڪاريگري سان گل ڀرين ٿا، جن جي يورپ ۾ وڏن ماڻهن ۽ شهزادن وٽ کپت آهي ۽ هندستان ۾ هن چمڙي کي تمام قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي ۽ ان کي فرش تي نه پر بسترن ۽ ميزن تي وڇائيندا آهن. چمڙي مان ٺهيل اٺن گهوڙن جا سنج به ايشيا ۽ يورپ ويندا هئا. چمڙي جون ڳوٿريون ٺاهيون وينديون هيون جن ۾ چار مڻ مکڻ وجهي سگهبو هو. چمڙي جون ڍالون ۽ ميز پوش به هتان يورپ ويندا هئا، جن تي سونهري گل نڪتا هوندا هئا. نيرن ڪوٽ ۽ ٺٽو چمڙي رڱڻ ڪري مشهور هئا. ٺٽو ايشيا کنڊ ۾ چمڙي جي هنر ڪري مشهور هو. سباسٽن مانرڪ سنڌ جي بندرن تي چمڙي سان ڀريل جهاز ڏٺا. ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 466)
ڪمپني هتان مڇي به وڏي انداز ۾ موڪلي . ان زماني ۾ هت ايتري ته مڇي ٿيندي هئي جو ان کي لوڻي، سڪائي، ٻين ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو هو. ان وقت مڇي مان تيل ڪڍيو ويندو هو، جيڪو ٻيڙين ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو هو. ڪراچي ۽ سون مياڻي به ننڍڙا بندر هئا، جتي مڇي ماريندڙ مهاڻن جا گهر هئا. هت بصره، مسقط، بندر عباس، لکپت، مانڊوي، ڊمن، بمبئي ۽ ڪاليڪٽ جي واپارين جا گماتشا رهندا هئا، جيڪي مڇي جو واپار ڪندا هئا. انگريز ايجنٽ لکن ٿا ته ” هت مڇي ايتري ته گهڻي ٿيندي هئي جو ماڻهو سڪل مڇي گهوڙن کي کارائيندا هئا.“ هئملٽن لکي ٿو ته ” سنڌو ڌريا ۾ مڇي جا ڪيترائي قسم پئدا ٿين ٿا ۽ انهن سڀني ۾ پلي جهڙي بهترين مڇي، سڄي ڄمار ۾ نه چکي اٿم ۽ نه ڏٺي اٿم. ( سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ڊاڪٽر ڇٻلاڻي ) پوسٽن لکي ٿو ته ” ڪراچي کان گجرات ۽ مسقط ڏانهن روانگي واري مال ۾ سڪل مڇي به هڪ مکيه شئي آهي ۽ ڄرڪن جا هڏا، ڪنهڙ، بمبئي ڏانهن موڪليا ويندا آهن.“ مانريڪ به هت بهترين قسم جي مڇي ڏٺي هئي. ڊاڪٽر ڊي، سنڌ ۾ سامونڊي مڇي جا 160 ۽ دريائي مڇي جا 64 قسم ڄاڻايا آهن.“ ( روزانه هلال پاڪستان – عبدالله سومري جو مضمون ) ڪمپني وارا هتان سڪل مڇي جا جهاز ڀري هندستان ۽ يورپ موڪليندا هئا. يورپ وارو پلو ۽ سگداسي چانور شوق سان کائيندا هئا.
پوٽاس به هتان يورپ ويندو هو. ان وقت شاهبندر، اورنگ بندر، ٺٽي ۽ ميرپور ساڪري ۾ پوٽاس جون کاڻيون هيون، جيئن ته انگلينڊ ۾ سول وار چالو هئي، ان ڪري ڪمپني وڏي مقدار ۾ هتان پوٽاس خريد ڪري، بادشاهه کي وڪرو ڪندي هئي.
ڪمپني سنڌ ۾جيڪو مال آڻِيندي هئي، ان ۾ اوني ڪپڙو سر فهرست آهي. وڏي بر واري اوني ڪپڙي جي قنڌار ۽ خراسان جهڙن سرد ملڪن ۾ وڏي ضرورت ۽ کپت هئي. ان ڪپڙي کي خريد ڪرڻ لاءِ افغاني واپاري سنڌ ۾ ايندا هئا. ڪمپني وارا لکن ٿا ته ” پٺاڻ ڪي سولا گراهڪ ڪونه هئا. هڪ ته کين رنگن جي معاملي ۾ مطمئن ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه هئي ۽ ٻيو ته هو بنا دلالي جي وچ ۾ پوڻ جي معاملي طئي ڪرڻ کان نابري واري ڇڏيندا هئا. ان ڪري انگريزن لاءِ ضروري هو ته هو هڪ وڏي رقم دلالي طور ڏين.“ هڪ ڀيري ڪمپني ٽي هزار نو سئو ڏهه وال گرم ڪپڙو 25 هزار 4 سئو سترهين روپين ۽ اٺن آنن ۾ وڪرو ڪيو. سنڌ حڪومت به ڪمپني کان سڌو سنئون گرم ڪپڙو خريد ڪندي هئي. ان وقت غلام شاهه ڪابل سرڪار کي يارهن لک روپيا ڍل ڀريندو هو، جنهن ۾ ڪابل کي اوني ڪپڙو به ڏيندو هو. اهڙي طرح ڪمپني کان سنڌ حڪومت اٽڪل پنجاهه هزار روپين جو ساليانو ڪپڙو خريد ڪندي هئي. ( تاريخ سنڌ – عهد ڪلهوڙا ص نمبر 572) ان کان سواءِ برطانيه جي ٺاهيل ريشمي ڪپڙي جي ڪاپي لاءِ به سنڌ هڪ سٺي منڊي هئي. ريشم کي ارڙهين صدي ۾، انگلستان لاءِ سونهن، طاقت، مال ۽ رت جي برابر سمجهيو ويندو هو. هڪ اندازي موجب 1774ع ۾ انهي صنعت ۾ اٽڪل ڏهه لک ماڻهو روزگار سان لڳل هئا. ان ڪري ڪمپني جي اها ڪوشش هئي ته اوڀر وارن ملڪن ۾ نيون منڊيون ڳوليون وڃن. ان ڪري سنڌ ۾ ايندا هئا. آگسٽ 1762ع ۾ فئڪٽري ڪارندن پنهنجي ڊائري ۾ لکيو ته ” هن مهيني ۾ اسان ڇهه هزار پنج سئو روپين جو ريشمي ڪپڙو پٺاڻ واپارين کي وڪيو آهي. کين رنگن جي معاملي ۾ مطمئن ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. ڪڏهن هو پنجن کان ڇهه ڳٺڙيون کوليندا پر وٺندا رڳو اڌ ڳٺڙي . انهي ڪري ساڻن واپار ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. ٻي ڳالهه ته هو هلندا ئي دلالن جي چوڻ تي آهن، انهي ڪري اسان کي روپئي تي آنو ڪڏهن چار سيڪڙو تائين دلالي ڏيڻي پوندي آهي. “ ( هلال پاڪستان مئگزين – جولاءِ 1982ع ص نمبر 21) 29 مارچ 1762ع ۾ ڪمپني کان سنڌ حڪومت 417، 45 روپين جو ڪپڙو خريد ڪيو جنهن ۾ ٻه سئو وال اوني ڪرمچي ڪپڙو ۽ 450 وال ريشمي ڪپڙو هو. ڪپڙي کان سواءِ ڪمپني سنڌ ۾ چيني جو بسون، شيشي جو سامان، آرسيون، خنجر گهڙيون ۽ پستول وغيره به نيڪال ڪندي هئي. ڪمپني جو مال گهڻو ڪري دلچسپ ديده زيب ۽ چمڪ ڌمڪ وارو هوندو هو. جيتوڻيڪ ان ۾ اصليت جٽاءُ داري واري خصلت گهٽ هئي پر ٻاهريون رعب تاب وڌيڪ هو. ان ڪري اهو هت زياده وڪامندو هو ۽ شايد ولايت جي ڪپڙي سنڌ ۾ مينا واري چوڻي ان دور ۾ وجود ۾ آئي.
ان کان سواءِ ڪمپني سنڌ ۾ غلامن جي واپار کي به شروع ڪيو خاص ڪري اهي ٻاهرين ملڪن مان انسان آڻِي هت وڪرو ڪندو هئا. ميان غلام شاهه به ڪي حسين حبشي ٻانهيون ۽ سرڪشي غلام انگريزن کان خريد ڪيا.
چارٽ نمبر 2
ڪمپني جي ٻئي دور ۾ سنڌ ۾ ايندڙ ڪي انگريزي جهاز
توبون ماڻهو مقدار ( ٽنن ۾) جهاز جو نالو سن
20 160 470 روينج شپ 85- 1760
20 120 363 بامبي گرئب =
14 72 220 ڊريڪ ڪئج =
12 42 145 سيڪيس ڪئج =
12 42 200 ٽارٽر گرئب =
5 20 43 ٽائيگر گاليڪٽ =
14 42 160 سئوالو گئلي =
حوالا : بالڪرشنا ۽ سورلي – بحواله سنڌ جي اقتصادي تاريخ
ڊاڪٽر ڇٻلاڻي – ص نمبر 275
مطلب ته ڪمپني سنڌ مان ايڏو ته ڪمايو جو هن پنهنجي محسن ميان غلام شاهه سان هاڻي منهن ڏيئي به ڳالهائڻ نه ٿي چاهيو. هو آپي کان نڪرڻ لڳا۽ سنڌ ۾ جاسوسي خواهه ڦرلٽ ڪرڻ لڳا. هڪ دفعي ميان جي سورت واري ايجنٽ علي نواز خان ويهه هزار روپيا نقد، ست گهڙيال، ڪي واچون، جارجيا جا ٻانها ۽ حبشي عورتون انگريزن جي سازشن سان ڦاسائي ويو. غلام شاهه ڪمپني جي ڊائريڪٽر کي ان جي واپسي لاءِ لکيو، پر ان ڪو به ڌيان نه ڏنو. ان ڪري سنڌ حڪومت ڪمپني جي جهازن کي اورنگابندر تي روڪي ڇڏيو. ان کان پوءِ غلام شاهه ڪمپني جي ڪڇ جي راجا سان ويڙهه لاءِ جهاز گهريو جيڪو به هنن نه ڏنو.
ان کان سواءِ ڪمپني شاهبندر ڇڏي، ڪراچي وٽ هڪ ننڍڙو لنگر ٺاهي، خفيه طور پٺاڻن کي مڪران ۽ قلات رستي مال افغانستان اماڻڻ لڳي. اهو قدم تجارتي پرواني جي خلاف هو ۽ سنڌ حڪومت سان کلي بغاوت هئي، ان ڪري غلام شاهه جي وفات کان پوءِ سرفراز خان ڪلهوڙي 24 آڪٽوبر 1775ع ۾ ڪمپني جي سڀني واپاري ڪوٺين کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
هن ڪمپني جو ٻيو دور هو. هو دور ۾ ڪمپني سنڌ مان اٺن لکن پائونڊن جو مختلف مال ٻاهرين ملڪن ۾ وڪرو ڪيو. 1764ع ۾ ڪمپني بمبئي کان شاهبندر تي 884،15روپين جو مال آندو ۽ وڪرو ڪيو. هن زماني ۾ ڪمپني سنڌ ۾ خشڪي، دريائي ۽ سامونڊي رستي واپار ڪيو. خشڪي سندن مال گهڻو ڪري ان تي ايندو هو. ان کان سواءِ گڏهن گهوڙن ۽ خچرن کان به ڪم ورتو ويندو. ڍڳي گاڏين جو به ٿورو گهڻو رواج هو. اندروني طور درياءَ ۾ ٻيڙين رستي واپار ٿيندو هو. سامان خاص سيوهڻ کان شاهبندر تائين درياءَ رستي ويندو هو. ٻيڙيون ٻه سئو ٽن بار کڻي سگهنديون هيون. اهي ٻيڙيون سنئين ۽ تراکڙي تري هونديون هيون. منجهن هر هڪ پاسي ڪوٺيون ٺهيل هونديون هيون. هر هڪ ڪوٺي ۾ رڌڻو ۽ آرام ڪرڻ جي جاءِ ٺهيل هوندي هئي. اهي ڪوٺيون مسافرن يا واپارين کي مسواڙ تي ڏبيون هيون ۽ هر هڪ پنهنجي ڪوٺي ۾ ۽ آرام گاهه کي ڪلف سان بند ڪندو هو. جتي جتي به کين مارڪيٽ ملي ويئي اتي نيڪال ڪرڻ لاءِ مال تيار رکيو ويندو هو. سامونڊي رستي ڪمپني جا وڏا وڏا جهاز سنڌ ۾ سامان کڻي ايندا هئا، جن ۾ ڊسڪوري،لنڊن، ايگل وليم، بلينگ هوپ ويل ايڪسپيڊيشن، روينج، بامبئي گرئب ۽ ٿارٽر گرئب جهاز هتان ڀرجي يورپ ويندا هئا، ڪن جهازن جو تفصيل چارٽ ٻئي ۾ ڏنو ويو آهي. هن دور ۾ ٺٽي ۾ ضربخانو هو، جتي جان سپلر پئسا بدلايا هئا. ڪمپني هڪڙي سوناري گنيسٽ کان نگراني هيٺ ڪمپني لاءِ روپيا تيار ڪرايا، جيڪي سنڌ ۾ عام جام چالو هئا.