سنڌ شناسي

اڳوڻن سنڌين جو ڏيساور سان واپار

”سنڌ سوداگرن جي زمين آهي. سنڌ جا وڻجارا پراڻي زماني کان ڏورانهان ڏيهه ڏوري، وڻج واپار ڪري، پنهنجي ملڪ کي مالا مال ڪندا هئا. هو وڏا تاجر ۽ قابل جهازران هئا. ساري دنيا سندن اڳيان ” ٻيلو ٻه ٻلانگهون “ هئي. تاريخ شاهد آهي ته اسان سنڌين جو ساري جڳ ۾ ڌاڪو هو. واپاري ڏس ۾ اسانجو وقار بلند هو. ڀٽ ڌڻي جو سر سامونڊي ۽ سر سريراڳ انجو گواهه آهي ته اسان تجارتي دنيا۾ ڪيڏي نه عظمت جا مالڪ هئاسين . سنڌي واپاري پرڏيهي واپار مان ايڏو ته ناڻو ڪمائي ايندا هئا جو سندن ست پيڙهيون رڄ ڪنديون هيون. مون پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪري، هن موضوع تي تاريخي حقيقتون پيش ڪيون آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 2438
  • 561
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڳوڻن سنڌين جو ڏيساور سان واپار

(8) مشهور شخصيتون

لهري بندر پنهنجي دور ۾ وسندڙ شهر هو. هت هر شيءَ جي فراواني هئي. ابن بطوطه جي لفظن ۾ ” سمنڊ جي ڪناري تي لهري نهايت خوبصورت شهر هو.“ هت ڪيترائي عالم، فاضل ۽ شاعر رهندا هئا. مير قانع جي لفظن ۾ ” هي شهر سيدن سڳورن ۽ وقت جي فاضلن جي رهڻ جو هنڌ هو.“ ( تحفته الڪرام – مير قانع ص نمبر 530) هت انهن مان ڪن شخصيتن جو ذڪر ڪجي ٿو.

[b]( الف ) الفتح
[/b] هي عبدالجميل جو وڏو پٽ هو. شاهجهان جي دور ۾ لهري بندر اورنگزيب جي ماءُ جي حوالي هو. جڏهن شهزادو اورنگزيب ملتان ۾ آيو تڏهن لهري جي شاهه بندر کي حساب ڪتاب لاءِ گهرايو. تڏهن شاهه بندر جي منشين ۾ شهزادي جي حضور ۾ ابو الفتح به حاضر ٿيو. دفتر جي چڪاس کان پوءِ هن اورنگزيب اڳيان معاشي مدد لاءِ درخواست پيش ڪئي، جنهن ڪري اورنگزيب کيس پڪن منشين ۾ شامل ڪيو. سندس علمي جوهر ۽ انثاءَ جي قابليت ڏسي، اورنگزيب بادشاهي جي دور ۾ مير منشي ۽ مدرالمهام بنائي ” قابل خان“ جو لقب ڏنو. سندس انشاءَ دنيا ۾ مشهور آهي.

[b]( ب ) محمد شريف
[/b] هي عبدالجميل جو پٽ ۽ ابوالفتح جو ڀاءُ هو. اورنگزيب سندس آڌرڀاءُ ڪيو. ابوالفتح جي فتح کان پوءِ هي قائم ٿيو ۽ قابل خان جو خطاب ورتو. سندس انشاءَ پنهنجو مٽ پاڻ هو.

[b]( ث ) محمد شفيع
[/b] هي عبدالجميل جو ٽيون پٽ ۽ ابوالفتح جو ننڍو ڀاءُ هو، جيڪو به علم، فن ۽ فضيلت جو جامع هو. اورنگزيب کائنس امتحان وٺي، وڏي عهدي تي پهچايو.

[b] ( ج ) عبدالهادي
[/b] هي مخدوم عثمان جي اولاد مان هو. هو لهري بندر تي، مغلن طرفان منشيگيري جو فرائض انجام ڏيندو هو.

[b]( د ) ملا عبدالرشيد
[/b] مرزا غازي بيگ جي محفل ادب جو مشهور شاعر ۽ فقيهه، ملا عبدالرشيد به هتان جو رهاڪو هو، جنهن کي غازي بيگ، وڏي دولت ڏيئي، پاڻ وٽ گهرائي ” خاني “ جو لقب ڏنو. ( تحفته الڪرام – مير قانع ص نمبر 553)
مطلب ته لهري بندر يارهين صديءَ تائين سنڌ جو هڪ مشغول بندر ۽ عظيم تاريخي شهر ۽ مرد خيز خطو هو. جنهن سان اسان جي سنڌ جو شاندار ماضي ۽ تجارتي ماضي ۽ تجارتي عروج جي تاريخ وابسته آهي.