(ز) ڪمپني جي دور ۾ سنڌ جا واپاري مرڪز
[/b] سنڌ جو تاريخي شهر ٺٽو واپار جي ڪري ايشيا جي دولتمند شهرن ۾ شمار ٿيندو هو. هي 14 صدي جي وچ کان وٺي 18 صدي جي وچ واري عرصي تائين سنڌ جو اهم ترين شهر هو. سڄي اتر هندستان ۾ ڪوبه شهر اهڙو نه هو، جنهن ۾ ٺٽي کان وڌيڪ واپار هلندو هجي. فريدي لکي ٿو ته ٺٽي کي ڌرتي جي جنت سڏي سگهجي ٿو. هتي جي رهواسين ڪڏهن به ڏکن جي گهٽي ۾ پير نه پاتو آهي. هنن جي دلين تي خوشي ۽ راحت آهي. ٿورن لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ٺٽو عراق ثاني آهي.“ ( مڪلي نامو – مرتب حسام الدين راشدي) . ليفٽيننٽ هينري پاٽنچر لکي ٿو ته ” جڏهن سنڌ جي مقامي شهزادن، عربن جي طوق مان پنهنجي گردن آزاد ڪرائي، آزادي حاصل ڪئي، تڏهن انهن پنهنجي گادي ٺٽي ۾ قائم ڪئي ۽ اهو شهر جلد ئي ايشيا جي انتهائي دولتمند ۽ خوشحال شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو ۽ انهي سڄي وڻج ۽ واپار جو مرڪز بنجي پيو، جيڪو هندستان واري اپٻيٽ ۽ ايشيا کنڊ جي انهيءَ حصي جي درميان هلندو هو، جيڪو ان جي اترائين ۽ الهندي طرفن ۾ جاري هو. انهن شهزادن شهر کي خوبصورت عمارتن جي تعمير، دلپسند ۽ سهڻن باغيچن قائم ڪرڻ ذريعي، شاندار بنائڻ ۾ پئسي ۽ محنت جي خرچ ڪرڻ ۾ ڪو به بخل نه ڪيو ۽ ساڳئي وقت تي هنن سنڌوندي مان جيڪا انهيءَ شهر جي اڀرندي ۾ چئن ميلن جي مفاصلي تي وهي رهي آهي، واهن کوٽائڻ جي ذريعي، دور دراز علائقن کان مال آندو ۽ واپارين جي دروازن وٽ مهيا ڪيو ويندو هو. اهي تجارتي طبقي کي، سهولت ۽ آساني پهچائڻ جي وڌيڪ اهم مقصدن کي پوري ڪرڻ ۾ ڪوشان رهندا هئا.“ ( سنڌ ۽ بلوچستان جو سفر )
ان زماني ۾ ٺٽو واپار جي لحاظ کان لاهور ۽ ملتان کان وڌيڪ دولتمند هو. سنڌو درياءَ جون شاخون شهر تائين پهچنديون هيون، جن جي ڪپن تي واپارين جا گدام جڙيل هئا. انهن گدامن ۾ واپارين جو مال ٻيڙين رستي پهچندو هو. هتي ننڍيون توڙي وڏيون اٽڪل چاليهه هزار ٻيڙيون هونديون هيون. ٺٽي جو واپار عربستان، افغانستان، ايران، ترڪي، ميسو پوٽيما، آگري، احمد آباد، گوا، ڪئمبي ڊيو ايشيا مائينر، الهندي يورپ ۽ چين سان هلندو هو. سمنڊ رستي هرات ۽ سمر قند جو واپار ٺٽي ۽ لاهوري بندر سان چالو هو. پورچوگيز سياح لکي ٿوته ” ٺٽو هڪ وڏو صنعتي مرڪز ۽ مکيه بندر آهي، جنهن ۾ هميشه جهازن جون قطارون بيٺل هونديون آهن. اهي جهاز هر قسم جو سامان ايشيا ۽ پورچوگال جي مختلف حصن ڏانهن کڻي ويندا آهن.“
جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ ۾ واپار شروع ڪيو، تڏهن هن جي ايجنٽن ٺٽي کي واپار جو مرڪز ڏنو ۽ دل کولي ٺٽي جي تعريف ڪيائون، نڪولس وٿنگٽن 1613ع ۾ لکي ٿو ته ” ڏکڻ سنڌ ۾ ٺٽو بيشڪ هندوستان جو عظيم واپاري شهر آهي ۽ هندوستان جي مشهور ترين منڊين مان هڪ آهي رڳو پورچوگال سان واپار ڪرڻ ۽ گرزيٽش ۽ بنيانس ڏانهن پنهنجا جهاز موڪلڻ تان کين ڪل ساليانو هڪ لک روپيا محصول ملي ٿو، جيڪو انگريزي سڪي ۾ ڏهن هزارن پائونڊن جي برابر آهي. “ تيوناٽ لکي ٿوته ” سنڌ جي شهر ٺٽي ۾ تمام گهڻو واپار هلي ٿو. هتان هندستان جا واپاري مقامي ماڻهن جو ٺهيل عجيب ۽ غريب شيون خريد ڪن ٿا. هتي جا ماڻهو سڀني قسمن جي هنرن جا بي انتها ماهر آهن.“
مٿين حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽو هندستان جو مکيه واپاري بندر هو ۽ سنڌ جي واپار ۽ تجارت ۾ سڀ کان اڳرو هو. ٺٽو پنهنجي زماني ۾ صنعت، حرفت، هنر ۽ ڪاريگري ۾ بلند مقام تي پهتل هو. ٺٽو سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ شين جهڙوڪ ڪپڙي، چمڙي جي سامان، نير، سوري، چانور، کنڊ، مکڻ ۽ لوڻ جي مکيه مارڪيٽ هو. هن شهر ۾ ڪپڙي جي صنعت ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جا ٽيهه هزر ڪٽنب هئا. انگريز واپاري ايجنٽ لکن ٿاته ” ٺٽي شهر ۾ ٽيهه هزار ڪٽنب آباد آهن، جيڪي عاليشان قسم جا چونڪڙي تي کيس ۽ بافتا تيار ڪن ٿا، جن جو ايران ۽ ترڪي ۾ گهڻو کاپو آهي. ( سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ص نمبر 76) ان کان سواءِ چمڙي جي رڱائي به بهتر ٿيندي هئي ۽ ان امان عمدو سامان تيار ڪيو ويندو هو. ميوو، اناج، گيهه ۽ مڇي جو واپار به ٿيندو هو. هت ڪمپني جي خاص ڪوٺي هئي، جنهن کي ڪاٺ جو وڏو دروازو هو، جنهن کي ”لکي دروازو“ سڏبو هو. ٺٽي جي عظمت 19 صدي جي اڌ ۾ ختم ٿي ويئي ۽ ان جي جاءِ تي ٻين شهرن مقبوليت حاصل ڪئي.
[b] (2) بکر
[/b]بکر سنڌ جو هڪ سهڻو ۽ سکيو ستابو شهر هو، جيڪو ڪيتري وقت تائين، اتر سنڌ جو تختگاهه ۽ وڏي مارڪيٽ هو. بکر پنهنجي اوج واري زماني ۾ واپار جو مکيه مرڪز هو، جتي سنڌي صنعت ۽ حرفت وڏي ترقي ڪئي. اروڙ جي ڦٽن کان پوءِ بکر جي شهر جي سونهن ۽ واپار ۾ واڌارو آيو. خاص ڪري مغلن جي دور ۾ هن شهر ڪافي ترقي ڪئي.
بکر واپار جي لحاظ کان هندستان جي وڏي مارڪيٽ ليکيو ويندو هو. هن جو واپار ڏورانهن ملڪن سان هلندو هو. هتان ڪيترائي رستا ڦٽي نڪرندا هئا، جيڪي سنڌ کي هند ۽ ٻين ٻاهرين ملڪن سان ڳنڍيندا هئا. اتر هندستان ۽ وچ ايشيا سان، جن رستن ذريعي واپار هلندو هو، انهن کي هي ملائيندڙ شهر هو. افغانستان ۽ ٻين اترين ملڪن سان واپار هڪ شاهي رستي هلندو هو، جيڪو بکر کان شروع ٿي سليمان، هالار، جبلن جي قطار جي آسان لڪن وچان ” بولان دري“ مان لنگهي قنڌار، هري روڊ، مود کان ٿيندو، ترڪستان وڃي ختم ٿيندو هو.“ مغلن جي دور ۾ هت هڪ ضرب خانو به هو، جتي فقط ٽامي جا دام ۽ ڪي چاندي جا چوڪنڊا سڪا به تيار ٿيندا هئا. چاندي جي روپين جو وزن ساڍا ٻارهن ماسا هئا. اڪبر جي دور ۾ انهن سڪن تي اڪبري سال دين الاهي جو سال ۽ مهينو ڏنل هئا. شاهجهان جي ڏينهن ۾ هت تيار ڪيا ويندا هئا. اورنگزيب جي ڏيهن ۾ فقط ٽامي جا سڪا تيار ٿيندا هئا.“ ( بکر جو قلعو – الوحيد سنڌ آزاد نمبر – ٻي ايڊيشن )
بکر جي واپار بابت ڪيترن ئي مغربي مورخن تفصيل سان لکيو آهي. پورچوگيز سيلاني، مسٽر سباسٽن لکي ٿو ته ” اتر سنڌ جو مکيه شهر بکر، هڪ سهڻو شهر هو، جنهن جي چوڌاري چمن ۽ باغ باغيچاهئا. سندس بازار هر ڪنهن قسم جي مال سان ڀرپور هئي. هن جي آبهوا وڻندڙ ۽ پاڻي مٺو هو.“ مانريق لکي ٿو ته ” بکر ۾ باغن جي ڪري ميوو تمام گهڻو آهي ۽ ملڪ ڏاڍو سرسبز ۽ شاداب آهي. هتان هر سال ايران ۽ خراسان ڏانهن اٺن جا قافلا مال کڻي ويندا هئا. ” ڊاڪٽر بالڪرشنا “ چوي ٿو ته ” آگري کان مال، اٺن تي بکر آندو ويندو هو، جتان پوءِ ٺٽي ۽ لهري بندر موڪليو ويندو هو.“ هت ڪپڙو جو اعلى سامان کان سواءِ تلوارون به تمام سٺيون هيون“ بکر جي کير ۽ مکڻ جي باري ۾ انگريز ايجنٽ لکن ٿا ته ” بکر ۾ ڏڌ ۽ لسيون، بهترين قسم جو تيار ٿين ٿيون. هتي تمام گهڻو مکڻ ۽ گيهه جو واپار هلندو هو. ( الطاف سومرو – بکر – سنڌ جو هڪ تاريخي شهر) انهن ڏينهن ۾ خراسان جا واپاري هت خشڪ ۽ تر ميوا، ڪيمخواب، ڪلاباتون ۽ غاليچن جو نيڪال ڪندا هئا. بکر مان نير جوڙيون، تسر جو ڪپڙو ۽ هندوستان جو مال ملتان جا رنگين ڪپڙا خريد ڪندا هئا، جيڪي مهراڻ جي ذريعي پهچندا هئا. بکر مهراڻ جو وڏو پتڻ هو، جتان مساڻ ۽ مال لهندو ۽ چڙهندو هو.
[b](3) روهڙي ۽ سکر
[/b] روهڙي ۽ سکر سنڌ جا ٻه قديم ۽ تاريخي شهر آهن. مسٽر ٽريموا رائل ۽ مسٽر جان ٽيٽ جو رايو آهي ته ” پٿر جي دور ۾ روهڙي ۾ هڪ قديم قوم رهندي هئي، جيئن ميڪسيقو جي جبلن ۾ پٿر جي زماني جي قديم رهاڪن نيولنهڪ رهندا هئا.“ ريورٽي لکي ٿو ته ” روهڙي هڪ جهونو شهر آهي، جنهن جو هندي نالو روراپور يا روانگر آهي، جنهن جي معنى آهي جبل تي شهر.
سکر به سنڌ جو هڪ پراڻو شهر آهي، جيڪو اصل ۾ ساگر مان نڪتل آهي. ( سنڌ جا پراڻا شهر – مولائي شيدائي )
هي ٻيئي شهر سترهين صدي جي شروعات ۾ سري وارن شهرن ۾ درياءَ جي ڪناري تي هجڻ ڪري، سياسي، تجارتي ۽ صنعتي اهميت جا حامل هئا. سکر ۾ خراسان جا قافلا مال آڻيندا هئا ته روهڙي ۾ آگري جا قافلا، سورهن ڏينهن ۾ پهچندا هئا. ٻنهي شهرن ۾ واپاري مال جي مٽا سٽا ٿيندي هئي . روهڙي جو ڪپڙو دريائي ( تسر) ديسان ديس مشهور هو. جوزف سئلبئنڪ ( 1609ع) ۾ لکي ٿو ته ” هتي جا شهري محنتي ڪڙمي ۽ هوشيار ڪاريگر آهن، جڪي سوٽي ڪپڙي، نير ۽ ٻين شين جو واپار ڪن ٿا. هلت چلت ۽ وهنوار ۾ ڏاڍا سڌا سوا ۽ امن پسند ماڻهو آهن.“ پوسٽنس لکي ٿو ته ” روهڙي اهميت رکندڙ وڏو شهر آهي، جتي بهترين قسم جا عاليشان باغ آهن ۽ اونهاري جي موسم ۾ شروع ٿيڻ سان سڄو ملڪ گلن، خاص ڪري گلاب جي گلن سان ڍڪيو پيو هوندو آهي. ماڻهو اونهاري جو باغن ۾ گذاريندا آهن.“ اهو ئي سبب آهي جو مانريق کيس ” سنڌ جو چمن “ سڏي ٿو. ( سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ص نمبر 135)
سکر به سنڌ جو اعلى پائي جو شهر هو، جيڪو اٽڪل ست سئو قبل مسيح سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي آباد ٿيو ۽ قديم روايتن موجب پنهنجي مهذب ۽ متمدن باشندن ۽ باغات سبب مشهور ٿيو. قديم سکر، اڄ ڪلهه پراڻي سکر جي نالي سان سڏجي ٿو. ( سليم هالائي جو مضمون – سکر – نئين زندگي اپريل 1972ع)ماضي ۾هت کجين جا وڻ ۽ سرسبز کيت هئا. هي شهر باغات، گلن ۽ ميون جي ڪري مشهور هو. هت ڪمند جي پوک گهڻي ٿيندي هئي، ان ڪري شڪر ( ڳاڙهي کنڊ) جي ڪري مشهور ٿيو. آسودگي، خوشحالي ۽ سرسبزي ڪري به هن جو نالو سکر ٿيو، جنهنجي معنى آهي سٺو وڏي ساک وارو ۽ ڀاڳن ڀريو. مير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته ” لاڙ ۾ ٺٽو ۽ سري ۾ سکر ٻئي شهر، تمدني مراڪز ۽ نزهتگاهون آهن ۽ ماڻهن ۾ انسانيت جا گڻ ۽ قابليت آهي.“
مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾سکر تجارت ۽ صنعت جو مرڪز هو جوزڪ سئلبئنڪ لکي ٿو ته ” سکر ۾ گهڻو ڪري ڪورين ۽ رنگريزن جا ڪٽنب رهن ٿا، جي اتي جي آسپاس جي ماڻهن جو ڪم ڪن ٿا. انهن هنڌن تي بهترين قسم جو نير وڪامي ٿو.“ پورچوگيز سيلاني مارنق سکر جي ٽڪرن کي به سنڌ جو چمن سڏي ٿو.
1838ع ۾ افغان ويڙهه جي زماني ۾ هت ڇپري بندر جوڙيو ويو جتي انگريزن جي فوج کي راشن ملندو هو. ڇيري بندر هوريان هوريان ترقي ڪندو ويو. فوج کي مال پهچائڻ لاءِ پارسين، ميمڻن ۽ هندو ٺڪيدارن جايون جوڙايون، اهڙي طرح نئون سکر تجارت سان گڏ فوجي ڪارواين جو به مرڪز بنجي پيو. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي. هنن سکر کي تجارتي مرڪز بنائڻ لاءِ، سربارٽل فريئر جي زماني ۾ ڪراچي ۽ ڪوٽڙي جي وچ ۾ ريلوي لائين شروع ڪئي. انهيءَ زماني ۾ ” انڊس فلوٽيلا ڪمپني“ جا بار کڻندڙ جهاز ڪراچي، ڪوٽڙي، ملتان ۽ شير شاهه جي رستي سکر ايندا هئا. سکر ۾ به ڪمپني جو دفتر قائم ڪيو ويو. سکر جو موجوده ميونسپل هال، دريائي جهازن جي رهنمائي لاءِ اشاريگاهه ( سگنل هائوس ) طور ڪم ايندو هو. جهازن جي اچ وڃ سبب سکر واپار جو مرڪز بنجي پيو. ويتر ڪوٽڙي کان سکر تائين دادو ۽ لاڙڪاڻي کان ريلوي لائين لڳائي ويئي. 1872ع ۾ بکر ۽ سکر جي وچ ۾ سنڌو درياءَ تي ريلوي پل جي اسڪيم تيار ڪئي وئي. 1889ع ۾ روهڙي کان ملتان تائين ريلوي پل جي اسڪيم تيار ڪئي وئي. 1878ع ۾ لئنسڊائون ٺهي تيار ٿي ۽ ڪوئيٽا پشين ريلوي لائين ٺهي مڪمل ٿي سکر ۽ قنڌار جي وچ ۾ تجارت جو سڌو رستو ٿي پيو. 1932ع ۾ سکر بيراج جڙي راس ٿيو جنهنجو سنڌ جي تجارت ۾ نئون روح ڦوڪيو.
اهڙي طرح سکر شهر بلوچستان، پنجاب ۽ قديم وقت ۾ افغانستان لاءِ اهم تجارتي مرڪز جي حيثيت سان مشهور هو. هي شهر درياءَ جي ڪري پاڻي، ريلوي جي ڪري خشڪي ۽ واپار جي قافلن جي صورت ۾ واپار جو اهم اڏو هو.
[b] ( 4) اورنگا بندر
[/b] اورنگا بندر شاهه بندر جي پراڻن آثارن مان هڪ آهي، جيڪو مغل گورنر شهزادي اورنگزيب 1642ع ۾ ڪڪرالي واري خطي ۾ سمنڊ جي ڪناري تي تعمير ڪرايو. اورنگزيب ان وقت لاڙ جو نواب هو. ( لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ) ص نمبر 100 (ڪاظم رضا صاحب جنگ ويڪلي 6 آڪٽوبر 1987ع ۾ لکيو آهي ته ” سڪندر اعظم بغير ڪنهن جنگ وجدل جي سنڌ کي فتح ڪري اورنگا بندر تي لٿو.“ هي سراسر غلط آهي ۽ سنڌ جي تاريخ سان مذاق آهي ” ڇوته اورنگا بندر جو ان وقت وجود به ڪين هو.“ )
[b](5) شاهه بندر
[/b] لاڙ جو هي بندرگاهه ميان غلام شاهه ڪلهوڙي 1759ع ۾ ٺهرايو ۽ اورنگا بندر مان ماڻهو لڏائي هت اچي رهيائين. ان زماني ۾ شاهبندر ڏيساور سان واپار ڪرڻ جو اهم هڪ ذريعو هو، جتان بصره، بندرعباس، هرمز، مسقط ۽ بحرين وغيره ڏانهن ملڪلي سامان روانو ڪيو ويندو هو. هن بندر تي ميان غلام شاهه جا 15 جهاز هر وقت بيٺل هوندا هئا. واپاري آمدرفت جي مرڪز بنجڻ سبب تاجر هن بندر تي اچڻ لڳا. هتي جا ڪڇي ۽ ڀاٽيا مسقط ۽ ٻين ملڪن سان واپار ڪندا هئا. ايسٽ انڊيا ڪمپني، جڏهن 22 اپريل 1761ع ۾ تجارتي پروانو حاصل ڪيو، تڏهن هنن شاهبندر کي پنهنجو واپاري مرڪز بنايو ۽ پريتم داس روپچند کي قلمي شوري پهچائڻ جو ٺيڪو ڏنو. ڪمپني شاهه بندر تي شوري کي صاف ڪرڻ ۽ ڪاڙهي قلمي صورت ۾ آڻڻ لاءِ وڏي پئماني تي ڪم شروع ڪيو. 11 ڊسمبر 1757ع ۾ ڪمپني هت شوري صاف ڪرڻ جو ڪارخانو کوليو، جنهن ۾ ساليانو ڏهه هزار شورو صاف ٿيڻ لڳو.
هي بندر 1819ع ۾ زمين جي ٻنڌڻ ۽ سنڌونديجي رخ مٽائڻ سبب تباهه ٿي ويو.
[b](6) ڪيٽي بندر
[/b] شاهه بندر جي ڦٽڻ کان پوءِ هن بندر زور ورتو. هن بندر تي بمبئي، مدراس، ايراني نار، سون مياڻي ۽ مڪران کان مال ايندو هو. انگريزن جي حڪومت جي شروعاتي دور ۾ هن وڏي ترقي ڪئي. چارٽ ۾ هن بندر جي آمدني ۽ روانگي ڏيکاريل آهي.
چارٽ نمبر 6
ڪمپني جو ڪيٽي بندر تي لٿل مال ( امپورٽ )
16- 1915 15- 1914 14-1913 13- 1912 12- 1911
13000 122602 128247 121050 174856 واپاري شيون
29520 21121 22741 3450 8117 خزانو
159560 143727 50988 124500 182973 ڪل
چارٽ نمبر 7
ڪمپني جو ڪيٽي بندر تان ويل مال ( ايڪسپورٽ)
16- 1915 15- 1914 14-1913 13- 1912 12- 1911
641200 444308 553932 817892 691123 واپاري شيون
641200 444308 553932 817892 691123 ڪل
بحواله : لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ – ص نمبر 417
[b](7) سنڊي بندر
[/b] جاتي شهر کان ڏکڻ اولهه طرف چئن ميلن جي مفاصلي تي ندي هو. 1997ع ۾ هي مشهور بندر هو. هن بندر تي هروقت ٻيڙيون موجود هونديون هيون. هن بندر تان اناج جو واپار تمام گهڻو ٿيندو هو. لکپت ڏانهن سمنڊ رستي، سنڊي بندر تان چانورن جي روانگي ٿيندي هئي. ( لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ – ڊاڪٽر جي الانا)
چارٽ نمبر 8
سنڊي بندر جي آمدني ۽ روانگي جو مال 1911ع کان 1912ع تائين
ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ
آمدني جو مال
16- 1915 14- 1915 14-1913 13- 1912 12- 1911
155388 138872 132934 180743 178721 واپاري شيون
179783 137420 162464 213862 199504 خزانو
235171 276292 295398 124605 378225 ڪل
روانگي جو مال
16- 1915 14- 1915 14-1913 13- 1912 12- 1911
840440 498257 512420 899121 670688 واپاري شيون
حوالو ؛ لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ – ص نمبر 416
[b](8) وڪر بندر
[/b]سنڌو درياءَ جي ڊيلٽا وٽ، سمنڊ کان ويهه ميل پري، وڪر بندر هو. 1837ع ۾ ڪمانڊر ڪالس، درياءَ جي ڊيلٽا جي ماپ ڪرڻ وقت هن بندر کي اهم بندر ڏٺو . وڪر جي قلعي وٽ، جهاز اچي بيهندا هئا. هڪڙو جهاز 70 باءِ 68 فوٽ هوندو هو،جنهن تي چوڏهن بندوقون رکيل هونديون هيون. هي ٻه سئو ٽن بار کڻي سگهندو هو. هي جهاز لڙائي ۾ ڪم ايندو هو. هن جهاز کي سنڌي ماڻهو ارمات چوندا هئا.
ٽالپورن جي دور ۾ هن بندر کي وڏي اهميت حاصل هئي. 1832ع ۾ ٽالپرن حاڪمن کي هن بندر تان هڪ لک روپين کان به وڌيڪ محصول ٿيو. هن بندر تان مانڊوي انجار، جهوناڳڙهه، بمبئي، پورپندر ۽ ملبار کان سواءِ سون مياڻي، گوادر ۽ مسقط سان واپار هلندو هو، جنهن ۾ چانور گيهه ۽ ٻيو مال هوندو هو. هي بندر انگريزن جي حڪومت واري دور۾، حجامڙي شاخ جي سڪي وڃڻ ڪري بند ٿي ويو. ( لاڙ جا بحري بندر – ٿهيم رسول بخش – نئين زندگي اپريل 1982ع)
[b](9) حيدرآباد
[/b] هي سنڌ جو تمام قديم ۽ تاريخي شهر آهي. جيڪو پراڻي زماني ۾ ” نيرون ڪوٽ“ جي نالي سان سڏبو هو.نئين شهر جو بنياد 1767ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي وڌو ۽ هڪ مضبوط ٽڪر تي قلعو اڏايو ۽ وچ ۾ هڪ منارو پڻ ٺهرايو. ( تاريخ سنڌ – عهد ڪلهوڙا – ص نمبر610) پوءِ حيدرآباد کي سنڌ جو تخت گاهه بنايو ويو. 1889ع ۾ جڏهن مير فتح علي خان ٽالپر سنڌ جو حاڪم مقرر ٿيو، تڏهن هن شهر جي ترقي ڏانهن خاص ڌيان ڏنو. هن شهر کي شاهوڪار بنائڻ لاءِ هنر جي ترقي ۽ ڪارخانن کي قائم ڪرڻ تي زور ڏنو. ان ڪري ڪوري، کٽي، کهنباٽي رنگريز، زري دوز، پاٽولي، سونارا، وينجهر، چوڙيگر ڦڻي گر، سراز، ڪمانگر، لوهار، ٺاٺارا ۽ ڪاسائي شهر ۾ اچي آباد ڪيا. اهڙي طرح حيدرآباد ڪاريگرن ۽ ڪارخانن جو مرڪز بنجي پيو. (حيدرآباد – ڊاڪٽر بلوچ صاحب سه ماهي مهراڻ – 1- 1962ع )
حيدرآباد صنعت ۽ حرفت، هنر ۽ ڪاريگري جو گهر هو. هي شهر گنجي ٽڪر تي بيٽل هو. آسپاس رزخيز زمينون هيس. هڪ پاسي ٽن ميلنجي پنڌ تي درياءَ هئس ۽ ٻئي پاسي مدامي وهندڙ ڦليلي. هتان مکيه صوبائي رستا ڦٽي ٿي نڪتا ۽ ان ڪري صوبي جي مکيه واپاري مرڪز سان خشڪي رستن جي ذريعي ڳنڍيل هو. جڏهن انگريز واپاري هت آيا، تڏهن هنن شهر کي آباد ۽ خوشحال ڏٺو. والٽر هئملٽن لکي ٿو ته ” هي قلعو هڪ ٽڪر تي آهي، جو هڪ هزار قدم ڊگهو آهي. هت هڪ وڏي بازار آهي. بازارن جي دڪانن تي هر قسم جون جنسون ڪثرت سان موجود آهن ۽ گهڻو ڪري، هندو دوڪانداري جو ڌنڌو ڪندا آهن.“ ساڳي طرح پوسٽر لکي ٿو ته ” حيدرآباد جو شهر هڪ ٽڪري تي اڏيل آهي، جنهن جي اوڀر طرف سان لڳو لڳ پري تائين درياءَ وهندڙ آهي. هن جا بچاءُ تمام وسيع آهن. هڪ بازار آهي يا هڪ ميل تائين ڊگهي آهي. سامونڊي هوائون حيدرآباد تائين پهچن ٿيون. هي شهر سنڌ جي پوري وچ تي آهي. انهي ڪري غالباً حڪومت جي مرڪز لاءِ هن شهر کي چونڊيو ويو.“
پاٽنجر لکيو ته ” حيدرآباد هڪ ٻيٽ تي پڌل آهي ۽ ڦليلي جو وهڪرو قلعي کان هڪ هزار، قدمن تي ٿيندو پر انهيءَ مان هڪ شاخ، قلعي جي بالڪل نزديڪ وهندي آهي، جنهن ۾ ٻيڙيون وغيره اچي لنگر هڻنديون آهن.“
ان زماني ۾ هت شاندار ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو تيار ٿيندو هو، پر خاص ڪري منجهس هٿيار پنوهار به سٺا هئا. ٽوٽي واريون بندوقون، تلوارون ۽ خنجر به عمدا ٺهندا هئا جي ڪنهن به طرح يورپ جي ٺهيل هٿيارن کان گهٽ ڪين هئا.
ڪمپني حيدرآباد ۾ جيڪو مال، ٻاهران آڻي وڪرو ڪندي هئي، ان جو تفصيل چارٽ نمبر 9 ۾ ڏنو ويو آهي
چارٽ نمبر 9
ڪمپني جو حيدرآباد ۾ آندل مال ( امپورٽ )
ٽوٽل رقم قيمت جنس ڪٿان آندل
250020
100000
40000
40000
45000
25020 ( خاص ڪري انگريزي مال )
1. ٻڻيون يا هرک
2. ڇيٽون
3. بخمل، اوني ۽ ٻيو ڪپڙو
4. ڌاتو خاص ڪري ٽامو
5. کنڊ ۽ مصالحا ( الف ) بمبئي کان
20000 20000 (1) کجور ۽ سڪل ميوا ( ب ) عربستان کان
30000 20000
10000 1. ڪپهه
2. اڇو ۽ ڳاڙهو ٿلهو سوٽي ڪپڙو ( ث ) ماروڙا کان
10000
20000 ڪپهه ۽ ٻيو مقامي تيار ٿيندڙ مال خاص ڪري ٿلهو ڪپڙو
عاج وغيره ( ج ) ڪڇ کان
عاج وغيره
320020 ڪل رقم
سنڌ جي اقتصادي تاريخ ص نمبر 280
[b] (10) شڪارپور
[/b] گهڻو گهڻو اڳي جڏهن سنڌ ۽ فرات دجله جا پاڻ ۾ تجارتي ناتا هئا، تڏهن فرات دجله جا قافلا قنڌار ڪوئيٽا قلات کان سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا ۽ بولان لڪ اڪري سوري جهڏير جي دڙي کان لنگهي شڪارپور کان ٿيندا موهن جي دڙي تائين پهچندا هئا. جتان پوءِ لحم جي دڙي، ماڻڪ ٺاري، موندر، مرکپور کان ٿيندا، سيوهڻ ڏانهن ويندا هئا. سيوهڻ کان انهن قافلن کي لڪي ۽ نيرون پهاڙن واري قطار جو اولهه وارو پاسو ڏيئي لنگهڻو پوندو هو. سيوهڻ کان 12 ميل پري جهانگارن وٽ اهو رستو ٻن شاخن ۾ڦٽندو هو. ٻي شاخ وري دنب بني ٻندڙي، چورلي، ڪرچات ۽ تاڻي عارب کان، ڪلاچي جي ڪن مٿان لنگهي لاهوت، لس ٻيلي وٽان ٿيندي، مڪران جي حدن ۾، سمنڊ جي ڪناري مٿان، جبلن جي قطار جي پريان هلندي، آر تائين ٿي ويئي. سنڌ ۾ ان شاهراهه تي جيڪي مکيه چئو واٽا شهر هئا، انهن ۾ هڪ شڪارپور وٽ ڪودڙو سيوهڻ ۽ ڪرچاٽ هئا. ( جناب تاج صحرائي – شڪارپور – هڪ تهذيب – شڪارپور ) اسين هت جنهن شڪارپور جو ذڪر ڪريون ٿا سو 1617ع ۾ دائودپوٽن اڏايو. اهڙي طرح عظيم شاهراهه ۽ سياسي سهولتن سبب هي شهر سنڌ جو مکيه واپاري شهر بنجي ويو. ابتدائي دور کان وٺي انگريزسن جي زماني تائين، شڪارپور جو واپار ڪابل ۽ قنڌار، سمرقند ۽ بخارا، قلات ۽ خراسان، ملتان ۽ لاهور، ڪيچ مڪران ۽ سون مياڻي سان هلندو هو. شڪارپور جا تجارتي ناتا اڃا به وسيع هئا، جيڪي هڪ طرف احمدآباد، بمبئي، ڌڙاواڙ، حيدرآباد دکن، مدراس، مينگلور، ڪلڪتي بلڪ برما جي گادي جو هنڌ رنگون تائين وڌيل هئا. ڪي شڪارپوري واپاري ته اوڀر ۾ هانگ ڪانگ، سنگاپور تائين وڃي پهتا هئا ۽ ڪجهه ڏکڻ اولهه، نائيجريا ۽ يوگنڊا تائين وڃي رسيا هئا.
1696ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ پليگ جي بيماري آئي، تڏهن ٺٽي جي اهميت گهٽجي ويئي ۽ هي شهر واپار جو اهم مرڪز بنجي پيو. سر اليگزينڊربرنس لکي ٿو ته ” شڪارپور ۾ ڪامياب ترين بئنڪر يا صراف پئدا ٿيا ۽ هن شهر ۾ ان وقت جون وڏيون بئنڪون يا ڏيتي ليتي جا ادار هئا، جن مان گماشتا سڀني مشهور شهرن جهڙوڪ اولهه ۾ استر خان يعني ڪئپسين سمنڊ جو ڪنارو، اوڀر ۾ ڪلڪتي ۽ ڏکڻ ۾ حيدرآباد دکن ۾ هوندا هئا. وڏي واپار لاءِ اهي موڙيون مهيا ڪندا هئا ۽ سندن هنڊيون هر هنڌ هلنديون هيون.“ هندو سيٺ هتان جي واپار کي چوٽ چاڙهيو. ميسن لکي ٿو ته ” شڪارپور جا سيٺيون سڀ هندو آهن ۽ انهن جو واپار ڪيترن ئي ملڪن سان هلي ٿو. هو ڏاڍا چالاڪ آهن ۽ سنڌي کان سواءِ پشتو، بلوچي، پارسي ۽ هندوستاني ٻوليون رواني سان ڳالهائي سگهن ٿا. هو خوش پوش ۽ مهذب آهن.“ شڪارپور جا سيٺيون گهڻو ڪري ڪپڙي جي واپار سان گڏ بلوچستان، افغانستان ۽ روسي ترڪستان مان تازو ۽ خشڪ ميوو سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن ڏانهن موڪليندا هئا. ڪئپٽن گولڊ سمڊ، ڪيترن شين جي وچور ڏني آهي جيڪي ايران ۽ افغانستان مان شڪارپور اينديون هيون ۽ هتان سنڌ جي ٻين شهرن توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن وينديون هيون. انهن شين ۾ نيشاپور جي خاص مٽي، ريشم، سڪو ميوو، ڀرت جو ريشم، عاج، ٽامي ۽ پتل جا ٿانو، رنگ خام مال وغيره اچي ٿي ويو. ڀرت لاءِ پٽ شڪارپور ۾ هڪ ٽولو، هڪ آني ۾ ملندو هو.“ ( شڪارپور – ماضي ۽ حال- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي – ص نمبر 15) انگريزن جي اوائلي دور ۾ هت اناج، ڪپهه، ڪپڙي ريشم، ڌاتن، صرافن، عاج، ميوي ڀاڄين، عطر ۽ خوشبودار شين جا نو سئو دڪان هئا، جيڪي سڀ هندن جا هئا. ان کان سواءِ هت غاليچن ٺاهڻ جا ڪارخانا هئا ۽ انهن هٿ جي اڻيل غاليچن جا رنگ ۽ ڊزائينون وچ ايشيا جي غاليچن جي مقابلي ۾ پسند ڪيون وينديون هيون. ڀرت ۽ چمڙي جو ڪم به ريشم ۽ سٽ مان سوين قسمن جو سامان، ڪاٺ تي رنبي سان نفيس ۽ نازڪ ٽڪ، ڌاتن مان برتن ٺاهڻ، سون ۽ چاندي جا خوبصورت زيور، پتل ۽ لوهه جا ڪلف، کجي جي ڦرهن مان روزمره ڪتب ايندڙ مختلف وٿون، مٽي جا اڪيچار شيون جهڙوڪ : برتن، مورتون وغيره. ان زماني ۾ هٿ ٽامي ۽ پتل جي ديڳين ٺاهڻ جو ڪارخانو هوندو هو، جنهن ۾ ٽيهه چاليهه ماڻهو، ڏهاڙي ڪم ڪندا هئا. اهي ديڳون قنڌار، قلات ۽ ايران کان قافلا خريد ڪرڻ لاءِ ايندا هئا.
ڪمپني شڪارپور ۾ جيڪو مال وڪرو ڪيو، ان جي هڪ جهلڪ چارٽ ۾ ڏني ويئي آهي. ان زماني ۾ شڪارپور پنهنجي سونهن ۽ شاهوڪاري ڪري شهزادي ۽ سنڌ جو پئرس سڏبو. ميسن لکي ٿو ته ” شڪارپور خوشحال ۽ شاهوڪار شهر آهي. دڪان مال سان ڀريل آهي ۽ سڀئي ماڻهو ڌنڌن ۾ مشغول آهن. هتان جي بازار عاليشان آهي، جتي هر قسم جي شئي ملي سگهي ٿي. شهر جي چوطرف مختلف قسم جا باغ آهن، جتان کجور، سنگڙا، انب، مالبري، ڪيلا، گدرا ۽ ٻيا ڪيترائي ميوا گهڻي انداز ۾ ملن ٿا. زمين ۽ پاڻي سٺو آهي، ان ڪري چوطرف فصل ڀلا ٿين ٿا. زرعي پئداوار ۾ ڪڻڪ، جوئر، ڪپهه ۽ تيلي ٻج مشهور آهن. گاهه گهڻي ٿيڻ ڪري چوپايو مال، تندرست ۽ سگهارو آهي. کير ۽ گيهه گهڻو ۽ سٺو ملي ٿو، جنهن ڪري هتان جو مٺايون مشهور آهن.“ ( ماهوار پيغام فيبروري مارچ 1982) والٽر بيليو لکي ٿو ته ” شهر صاف ۽ سهڻو آهي، چوڌاري باغ ۽ وڻراهه اٿس. نم، سرنهن ٽاري ۽ کجي جا وڏا ۽ گهاٽا وڻ آهن. شهر جي چوڌاري جيڪي رستا آهن، اهي سرنهن سان ڍڪيل آهي. انهي ڪري سخت گرم مند ۾ به ٿڌي آهي.“ ڪئيٽن ايٽوڪ هتان جي مشهور صراف ڄنٺسنگهه وٽ گروي رکيل شين ۾ سچن زمردن سان ايرنگن جو هڪ جوڙو ڏٺو، جيڪي زمرد ڪبوتر جي آنن جيڏا هئا ۽ انهن جي قيمت ويهه هزار هئي، جيڪي وٽس 11 هزارن ۾ گروي ٿيل هئا.“
شڪارپور جو هي اوج ۽ واپاري شان 1843ع کان پوءِ ڍرو ٿي ويو ۽ ان وقت پوسٽن هن کي گندي ۽ ڦٽل حالت ۾ ڏٺو.
چارٽ نمبر 10
ڪمپني جو شڪارپور ۾ آند ل مال
( امپورٽ )
ٽوٽل رقم قيمت جنس ڪٿان کان آندل
30،000
30،000 ريشم، گربيو ۽ گلبدن ڪپڙو ( الف ) ملتان ۽ بهاولپور کان
210000 30،000
80،000
100000 (1) انگريزي مال
(2) کنڊ
(3)مصالحا،پسارڪو سامان ۽ ڌاتو (ب) ڪراچي کان
مجموعي رقم 240000
سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ڊاڪٽر ڇٻلاڻي – ص نمبر 279
چارٽ نمبر 11
ڪمپني جو شڪارپور مان ٻاهر ويندڙ مال
( ايڪسپورٽ )
ڪل رقم رقم جنس
50،000 50،000 (1) ڪابل جو پٽ
30،000 30،000 (2) قلات جو موڱي رنگ
5،000 5،000 (3) سڪل ميوو
5،000 5،000 (4) آفيم ( مقامي )
مجموعي رقم 90،000
سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ڊاڪٽر ڇٻلاڻي 278
[b](11) نصرپور
[/b] نصرپور سنڌ جو هڪ پراڻو تاريخي ۽ علمي شهر آهي. جيڪو تهذيب ۽ تمدن، علم ۽ عرفان جو مرڪز رهيو آهي. هي شهر فيروز شاهه تغلق 754هه ۾، ساڱري ڍنڍ جي ڪناري تي اڏايو. اتي هن هڪ قلعو ٺهرايو، جتي امير نصر کي هڪ هزار سوارن سان مقرر ڪيائين ۽ ملڪ بهرام کي، انهي علائقي جو فوجدار مقرر ڪيائين. سمن جي دور ۾ نصرپور جي نئين ٻڌايل شهر ترقي ڪئي. چوڌاري ملڪ آباد هو جو درياءَ جي نزديڪي سببان آباد هو ۽ سندس آبادي به وڌندي رهي. اهڙي طرح ارغونن ۽ ترخانن خواهه ڪلهوڙن، جي دور ۾ نصرپور انتظامي توڙي فوجي لحاظ کان هڪ علائقي شهر جي حيثيت اختيار ڪري ويو.“ ( نصرپور – ڊاڪٽر بلوچ صاحب – روزانه مهراڻ سالگرهه 1959ع)
ڪلهوڙن ۽ مغلن جي دور ۾ هن شهر تجارت ۾ وڏي ترقي ڪئي. جيئن ته هي شهر سنڌو ندي جي ڪناري تي آباد هو، ان ڪري منجهس عمدي قسم جا باغ رکيل هئا. ميان محمد مراد ياب ڪلهوڙي، پنهنجي تاجپوشي جي خوشي وارو جشن هن شهر ۾ سنڌو درياءَ جي ڪپ تي باغن ۾ ملهايو. 17 صدي ۾ نصرپور هڪ وڏو ۽ آباد شهر هو. انگريز ايجينٽ لکن ٿا ته ” هي شهر ٺٽي کان جي وڏو نه آهي ته سندس برابر جيڏو بيشڪ آهي.“ هن شهر جي ڀرسان سنڌو درياءَ وهندو هو. شهر جي پکيڙ درياءَ جي ايراضي تائين هئي. دياءَ جو پتڻ هو ۽ سامان جي لاهڻ ۽ کڻڻ، ٻيڙين جي لنگر انداز ٿيڻ ۽ مسافرن لاءِ وڏو درياهي شهر هو. هتان جو مال ٻيڙين رستي ٺٽي پهچندو هو، جتان اهو دنيا جي وڏين مارڪيٽن ڏانهن کڄي ويندو هو.
نصرپور پراڻي زماني کان هنر ۽ ڪاريگري ۾مشهور هو. خاص ڪري ڪپڙي جي صنعت جو هڪ وڏو مرڪز هو. هت هرک، بافتا ۽ سوسين جا ڪپڙا سٺا تيار ٿيندا هئا. موسڙا به تمام سٺا تيار ٿيندا هئا، جيڪي ارغونن ۽ ترخانن جو زالون خاص ڪري ڪم آڻينديون هيون. هتان جا کيس ڏاڍا مشهور هئا جيڪي جاگيردار، نواب ۽ زميندار شوق سان استعمال ڪندا هئا. مغل دور ۾ دهلي ۽ آگره جو امير طبقو پڻ نصرپور جو ڪپڙو ڪتب آڻيندا هئا. ( نصرپور – قريشي حامد علي خانائي – سه ماهي مهراڻ سنڌي ادب 1979-1) انگريز ايجنٽن هتان جو ڪپڙو وڏي انداز ۾ خريد ڪيو ۽ اتي آفيس کولي ريذينٽ مقرر ڪيائون. هو لکن ٿا ته نصرپور، ڪپڙي تيار جو اهم ترين مرڪز آهي. رپورٽن موجب منجهس ٽي هزار ڪورين جا خاندان آباد آهن.“ ان زماني ۾ هتان جو بافتو گهڻو مشهور هو. ڏيساور ۾ ان جي تمام گهڻي گهر هئي. انهيءَ ڪري ڪمپني جي نمائندن هڪ ڀيري نصرپور مان بافتي جا ڇهه هزار وال خريد ڪري، وڏي نفعي سان وڪرو ڪيا. نصرپور جون ٻه بازارون وڏي بازار ۽ ننڊي بازار مشهور هيون، جتي وڏا وڏا سکر واپاري تجارت ڪندا هئا.
[b]( 12) ڪنڊيارو
[/b] ڪنڊيارو سنڌ جو مکيه واپاري ۽ ڪپڙي جي صنعت جو اهم شهر، مغلن جي دور حڪومت ۾ 1628ع ۾ قائم ٿيو. هن شهر جي ويجهو، سنڌو درياهه وهندو هو، ان ڪري سندس گهڻو واپار درياهي ٻيڙين رستي ڏيساورن سان هلندو هو. هن شهر جو ٺهيل بهترين ڪپڙو ۽ ڪچو مال، سندس ويجهو درٻيلي جي درياهي پتڻ تان، سيوهڻ ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن مرڪزي شهرن ڏانهن ويندو هو. مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ڪنڊياري جي ڪپڙي جي صنعت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” اڳئين زماني ۾، هن علائقي جو نفيس ڪپڙو تمام گهڻو مشهور هو . ڍاڪا جو ململون ڪنڊياري جي ٺهيل ململن جو مقابلو ڪنديون هيون.“ ڏيهي خواهه پرڏيهي امير طبقي جا ماڻهو ۽ عورتون ڪنڊياري جون ململون وڏي شوق سان پهريندا هئا، جيڪي نفاست ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيون.
17 صديءَ ۾ ڪمپني جڏهن سنڌ ۾ ڪپڙي جو واپار شروع ڪيو، تڏهن هن ڪنڊياري جو سوٽي ڪپڙو به خريد ڪيو. ان وقت هن ڪپڙي جا وڏا ڪارخانا هئا ۽ انهن ڪارخانن ۾، جوڙيون، بافتو، ململ، انگوڇا ۽ ٽسر جو ڪپڙو گهڻو ٺهندو هو. ڪمپني پنهنجن گماشتن جي معرفت هتان ڪپڙو گهرائي، يورپي منڊين ڏانهن موڪليندي هئي. هتان جو سفيد جوڙيون ۽ بافتو پنجاب جي طرف لاهور به موڪليو ويندو هو، جتان ان جي عيوض مصري ۽ کنڊ گهرائي ويندي هئي. سن 1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر، سنڌ جون صنعتي شيون گڏ ڪري، لنڊن جي هائيڊ پارڪ واري صنعتي ميل ۾ رکيو هيون. انهن صنعتي شين ۾ ڪنڊياري جو ڪپڙو به رکيو ويو. “ ( ڪنڊيارو – قريشي حامد علي خانائي – ماهوار پيغام)
[b](13) ڪراچي
[/b] ڪراچي سنڌ جو هڪ مشغول ترين بندر ۽ تاريخي شهر آهي، جتي منڍ ۾ ته مهاڻن جون ننڍيون ننڍيون جهوپڙيون هيون، جيڪي مڇي ماري گذارو ڪندا هئا. انهن جي وڏي مائي ڪلاچي هئي، جنهن تان هن تي نالو ڪراچي پيو. ان جي ڀرسان کڙڪ بندر نالي هڪ شهر هو، جو واپار لاءِ مشهور هو. هڪ هندو سيٺ، ڀوڄومل اتي وڃي رهيو. هتان پنهنجا گماتشا گوادر ٻيلي ۽ مسقط موڪليا. هوريان هوريان کڙڪ بندر ترقي ڪندو ويو ۽ اتان مال سنڌ جي اندرين بندرن شاهبندر ۽ لاهري بندر ۾ اچڻ لڳو. ( يادگيريون – سيٺ نا ئون مل – ص نمبر 47) ميان نور محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾، ايراني نار ۽ عربي سمنڊ غوراب ۽ دنگيون هتان اچي لنگهنديون هيو ن ۽ منهوڙي وٽ اچي بيهنديون هيون، جتان سودو سامان خريد ڪيو ويندو هو. هتان حاجي به روانا ٿيڻ لڳا. اهڙي طرح هي شهر وڌڻ لڳو. ميرن جي دور ۾ سامونڊي ڪاهن کان بچڻ لاءِ منهوڙي ۾ پٿر جو ڪوٽ اڏائي اتي توبون رکي ڇڏيون ۽ بلوچن جي فوج جو هڪ دستو به اتي مقرر ڪيو ويو.
ڪمپني جڏهن ناٿن ڪرو کي سنڌ ۾ پنهنجو ايجنٽ ڪري موڪليو، تڏهن ڪراچي هڪ آباد شهر هو. هو ڪرو ڪراچي جي عاشق بنجي پيو ۽ هن هتي هڪ عمارت به تعمير ڪرائي. هن پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ لکيو ته ” ڪراچي سستو شهر آهي ۽ هتي پالتو جانور، گيهه ۽ گاهه جام ملي ٿو.“ ان کان پوءِ جڏهن پاٽنچر سنڌ ۾ آيو، تڏهن هن ڪراچي کي هڪ واپاري شهر ڏٺو. هو لکي ٿو ته ” ڪراچي سنڌ جو مکيه سامونڊي بندرگاهه آهي جنهن جي سالياني آمدني 99 هزار روپيا آهي. هي شهر مستقل طور سڌي رهيو آهي ۽ ان جو خاص سبب هن بندر مان جاگرافيائي بيهڪ مان حاصل ٿيندڙ اهي فائدا آهن، جيڪي ان کي هندستان ۽ ڪابل جي بادشاهه جي سڀني علائقن سان گڏوگڏ ايران، خراسان، بلخ، بخارا جي عين وچ ۾ هئڻ ڪري حاصل ٿي رهيا آهن. سنڌ جو ٻاهرين ملڪن سان اڪثر واپار، ڪراچي جي ذريعي طور پئدا ٿيندڙ آهن. تن ۾ قلمي شورو، لوڻ، چانور، ڪپهه، گيهه، تيل، تيلي ٻج، شارڪ مڇي جو تيل، چمڙي رڱڻ لاءِ ڇوڏا، کار، ڪپڙو ۽ کلون شامل آهن، ۽ جيڪي شيون اتر وارن ملڪن ۽ بادشاهن کان ٻاهرين ملڪن ڏانهن، روانيون ڪرڻ لاءِ، خاص طور واپاري هت آڻين ٿا تن ۾ زعفران، گهوڙا، صاف ڪيل چمڙو، کلون، مشڪ، ڦٽڪي، مختلف قسمن جون نشيدار دوائون، ڪشميري شالون، سڪل ميوو، هيرا، لعل، فيروزا ۽ ٻين قسمن جا قيمتي پٿر ۽ کوئنر شامل آهن. هندستان کان درآمد ٿيندڙ شيون لوهه، قلعي رڪ، شيهو، ٽامو، عاج، چانهه جي پتي، کنڊ، هر قسم جا مصالحا ڪاشي جون سرون، بافتي جو ڪپڙو، دالون وغيره آهن. جن مان وڏي تعداد ۾ مٿي شمار ڪيل شين جي عيوضي ۾ موڪليون وينديون آهن. خراسان، مڪران، ايران ۽ عربستان کان سنڌي ماڻهو، پنهنجي گهرو استعمال لاءِ تراريون، ريشم، غاليچا، کارڪون، گلاب جو پاڻي، تماڪ، قهوه ۽حقا گهرائيندا آهن، جيڪي هن بندر تان ايندا هئا.“ ( سنڌ ۽ بلوچستان جو سفر – ص نمبر 403)
رچرڊ برٽرن لکي ٿو ته ” ڪراچي هڪ سنڌائتي هنڌ تي آهي. هتان جي آبهوا، ٻين شهرن جي مقابلي ۾ صحت بخش ۽ وڻندڙ آهي. سندس بندر جو ايران، عربستان ۽ اولهه هندستان سان چڱو چوکو واپار هلي ٿو.“
ڪراچي بندر جي اهميت 18 صدي ۾ جيئن پوءِ تيئن وڌندي ويئي. 1838ع ۾ انڊين نيوي جي ڪمانڊر ڪارلس، ڪراچي جي واپار بابت رپورٽ ۾ لکيو ته ” ڪراچي جي سڄي واپار جو تخمينو 2146625 روپيا آهي. “ اهڙي تجارتي ۽ شاندار شهر کي هٿ ڪرڻ لاءِ انگريزن، سرويلنٽ جي اڳواڻي ۾ڪراچي ۾ لهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ منهوڙي تي برٽش، جو جهنڊو چاڙهي ڪراچي تي قبضو ڪيو. منهوڙي جي فتح کان ٻه ڏينهن پوءِ انگريزن ۽ ميرن جي وچ ۾ هڪ عهدنامو ٿيو، جنهن ۾ طئي ٿيو ته ” گورنر قلعي ۾ ڪراچي شهر جو مڪمل قبضو برٽش فوجين جي حوالي ڪندو.“ ( سنڌ ۽ بلوچستان جو سفر – ص نمبر 403 )
انگريزن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي وڏي ترقي ڪئي. بسپثر رچرڊ برٽن کي ڪراچي جي جائزي وٺڻ لاءِ موڪليو. 1853ع ۾ فريئر جي ڪوشش سان ڪراچي بندر جي اصلاح ڪئي ويئي ۽ منهوڙي تي لائيٽ هائوس ٺهرايو ويو. انگريزن ڪراچي بندر تي ڪيترائي گهاٽ ۽ گوديون ٺهرايون. آمدني ۽ روانگي جي سامان جا ڌار ڌار گدام ٺهرايا. ان دور ۾ هن بندر تي اٺاويهه ٻيڙا اهڙا ڪم ڪندا هئا، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه وڌ ۾ وڌ 150 ٽن کڻڻ جي گنجائش هئي. 1853ع ۾ ڊبوڪ آف آرگيلي، اٺ سئو ٽن وزني جهاز پهريون دفعو ڪراچي بندر تي لنگر انداز ٿيو. 1944ع ۾ هن بندر تي هر روز 78000 ٽن مال لاٿو ۽ چاڙهيو ويندو هو، جنهن مان 107 ڪروڙ رپين جي آمدني ٿيندي هئي. ( ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ – پيغام جنوري 1983ع) ڪراچي کي ملڪ جي اندرين حصن سان ڳنڍڻ لاءِ 108 ميل ريلوي لائين ڪوٽڙي تائين ٺهرائي ويئي، جنهن کي پوءِ ملتان تائين وڌايو. اهڙي طرح ڪراچي بندر اڀرندي حصي ۾ ڪڻڪ موڪلڻ جو اهم وسيلو ڪافي فائدو حاصل ڪيو. پهرين مهاڀاري جنگ ۾ ڪراچي وڏو ڪردار ادا ڪيو. هتان کان بصري تائين ٻين رستي ذريعي خوراڪ جو سامان ويندو هو. برطانوي سرڪار جا فوجي اهو سامان ڪم آڻيندا هئا. جنگ دوران مال جي اچ وڃ مان هتان جي واپارين کي گهڻو فائدو پهتو. ( ڪراچي – حنيف رضا – ص نمبر 15)
هن دور ۾ ڪراچي بندر جي رستي جيڪا واپار ترقي ڪئي، ان جو اندازو ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، جي انگن اکرن سان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪي هن ريت آهن. 13- 1912 ع ۾ جهازن 21183090 ٽن سامان ڍويو، جيڪو ڪراچي بندر جي هڪ مثال آهي. مڇون ۽ بيڪار جهازن کان سواءِ ڪراچي جي بندر ۾ 3742 جهاز داخل ٿيا، جن سوا 1295904 ٽن سامان کنيو.
12-1911ع ۾ 3706 جهاز بندر ۾ داخل ٿيا هئا ۽ انهن 197305 ٽن سامان کنيو هو. بندر ۾ 990 آڳبوٽ داخل ٿيا هئا. انهيءَ جي مقابلي ۾ اڳئين سال 914 جهاز داخل ٿيل هئا. آگبوٽ ڪل 2049219 ٽن سامان آندو هو. بندر پنج هزار ٽنن جا 161 جهاز بندر تي آيا. ان کان اڳئين سال ( 12- 1911ع) ۾ 135 اهڙا جهاز آيا هئا. شاهي بحري آرماڙ جا ٽي جهاز ۽ هندستاني ٻيڙي جا سپاهين کڻڻ جا ٻه جهاز بندر تي آيا ۽ 15316 ماڻهو لاٿا ۽ چاڙهيا ويا. مڪي مان ٽيهتر حاجي لٿا ۽ 201 حاجي روانا ٿيا.“ ( يادگيريون – سيٺ نائومل – ص نمبر 280)
بهرحال ڪراچي سنڌ جو هڪ عظيم بندرگاهه هو، جنهن ٿوري عرصي ۾ وڏي ترقي ڪئي ۽هاڻي اهو دنيا جي بهترين بندرگاهن ۾ شمار ٿئي ٿو. سر چارلس نيپئير صحيح چيو هو ته ” اي ڪراچي ڪڏهن مشرق توتي ناز ڪندو ۽ جڏهن تون پنهنجي عروج جي بلندين کي رسي چڪو هوندين، آءُ شل توکي ڏسي سگهان.“
چارٽ نمبر 12
ڪمپني جو ڪراچي ۾ آندل مال
ڪل رقم في مڻ مڻ جنس ڪٿان کان آندل
50000 روپيا 2/ 121روپيا 4000 (1) کنڊ (1) بمبئي کان
4500روپيا 0-0- 18روپيا 250 (2) مصري
45750روپيا 0-0- 15روپيا 3250 (3) مرچ
3350روپيا --- 200000 (4) ناريل
2000روپيا 0-0- 10روپيا 200 (5) ڪيسر
500روپيا 0-0- 5روپيا 100 (6) سوپاريون
---- ---- ---- (7) سندورو (اڇو ۽ ڳاڙهو)
2500روپيا 0-0- 10روپيا 250 (8) شيهو
5500روپيا 0-0- 11روپيا 500 (9) رڪ (اڇو)
475روپيا 0-8- 9روپيا 50 (10)رڪ ( سادو)
9000روپيا 0-0- 6روپيا 1500 (11) لوهه
900روپيا 20 في پائونڊ 450 پائونڊ (12)پارو
54000روپيا 54روپيا 1000 مڻ (13) ٽامو
10500روپيا 0-0-0- 140روپيا 75 مڻ (14) ڦوٽا مصالحو
120000روپيا 0-0- 600روپيا 200 (15) ڪچو ريشم نمبر 1
128000روپيا 0-0- 120روپيا 800 (16) ڪچو ريشم نمبر 2
10000روپيا 20 روپيا في وال 500 وال (17) عمارتي ڪاٺ
64000روپيا 120روپيا في مڻ 450 مڻ (18) عاج
3000روپيا 0-0-6 روپيا 500 مڻ (19) سناهه
35000روپيا 0-0-7 روپيا 5000 (20) ٿلهي کنڊ
2500روپيا 50 روپيا في پيتي 50 پيتيون (21) چيني ڪاغذ
20000روپيا 0-0-40روپيا 500 مڻ (22) انگريزي سٽُ
1500 روپيا 0-0-30 روپيا 50 مڻ (23) صندل جو ڪاٺ
3000 روپيا 0-0-12 روپيا 250 (24) لوهي ٿانو ۽ ڪئنچيون
2700 روپيا 0-0- 25روپيا 150 (25)ڪسون
25000 روپيا 0-0- 5روپيا 5000 (26) ڏونگهيون
17500روپيا 0-0- 35روپيا 500 (27) ٽين
650 روپيا 0-0- 40روپيا 150 (28) ايريو
650 روپيا 0-6-1- 21روپيا 300 (29) گدامڙي
600000 روپيا ---- ---- (30) ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو
37500 روپيا 0-0- 15روپيا 2500 ڪپهه (2) گجرات کان
30000 روپيا 0-8-13 روپيا 20000 (1) کجور (3) ايراني نار کان
70000 روپيا 0-8-13 روپيا 20000 (2) کجور سڪل
75000 ---- ---- (3) موتي
800 روپيا 0-4 روپيا 0-200 (4) سڪل ليما
2500 روپيا 0-10 روپيا 250 (5) سڪل گلاب
120000 روپيا 80 في ٻانهو 1500 (6) ٻانها
1250 روپيا ---- ---- (7) سوٽي ٽاٽ
300 روپيا 0-4 روپيا 75 (8) سڪل ميوو
800 روپيا 0- 8روپيا 100 (9) بادام
3000 روپيا 0- 3روپيا 1000 (10) ڏاڙهون جون کلون
1200روپيا 0- 8روپيا 200 (1) تماڪ (4) اتر سنڌ مان
3000 روپيا ---- ---- (2) ٿلهو سوٽي
19500روپيا 10- 10روپيا 12000 (1) کڙ (5) لس ٻيلي کان
آندل مال جي جملي رقم 625 1599 روپيا
سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ڊاڪٽر ڇٻلاڻي ص نمبر 275
چارٽ نمبر 13
ڪمپني جو ڪراچي مان ٻاهر ويندڙ مال
( ايڪسپورٽ)
ڪل رقم في مڻ رپيا مڻ جنس
000، 170 0-0- 17 10000 (1) گيهه
35000 0-0-10 3500 (2) اُن
12500 0-8-2 5000 (3) ڳڳر
6000 ____ ____ (4) پرويزو ڳاڙهي رنگ جو هڪ قسم
45000 0-0-15 3000 (5) موڱي
32000 0-0-8 4000 (6) ڪش مش
10000 0-0-10 1000 (7) جيرو
120000 0-0- 75 160 (8) نير
70000 0-0-0- 70في خرار 10000خرار (9) تيلي ٻج
67500 0-0-45 1500 (10) ڪڻڪ
30000 ____ ____ (11) لوڻيل مڇي، ڪاڊ مڇي جي چرٻي ۽ شارڪ مڇي جون کنڀڙاٽيون وغيره.
5000 ----- ----- (12) لونگيون
1600000 0-0-0-400 لٿل هر هڪُ اٺ ۾ 8 مڻ (13) آفيم بندر تي 500 اُٺ بار
مڙئي مال جو ڪل ملهه 3746625
سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ص نمبر 672