(الف) پس منظر
انهي زماني ۾ هندوستان مان ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو، ڪشمير جو شالون، غاليچا، کنڊ ۽ مکڻ مان ٺهيل شيون ايران ترڪي شام عربستان وغيره ملڪن ڏانهن وينديون هيون. هيرا، موتي، مصالحا، آفيم، شورو، جانورن جو کلون، چمڙو، نير ۽ رڱڻ جو ٻيو سامان به روانگي جي مال ۾ هوندو هو. اڪثر سامونڊي واپار سورت، گواڪئليڪٽ، مسليپٽم، چٽاگانگ ۽ سونار گائون جي بندرگاهن رستي هلندو هو. هت ڪپڙي جي صنعت چوٽ تي هئي. ريشمي رومال، زري ڀريل ٽوپيون، سهڻا ڪوپ ۽ بسيون، فولادي بندوق، خنجر ۽ ڪئنچيون هندستان جي گهڻن علائقن ۾ ٺهنديون هيون. چيني سياح فاهين چڏهن هت پهتو، تڏهن پنهنجي سفرنامي ۾ هن لکڻ تي مجبور ٿي پيو ته ” هتان جي رعيت نهايت خوشحال ۽ فارغ البلاغ آهي. ڪنهن به قسم جو ڍل ۽ محصول ادا ڪرڻو نه ٿو پوي، ۽ نه ئي آفيسرن جو رڪاوٽون ماڻهن جي ڪاروبار ۾ حائل ٿين ٿيون. ماڻهو جيڪا سرڪاري زمين کيڙين ٿا، ان جي پئداوار جو تمام ٿورو حصو بطور ڍل ڏين ٿا. راجا ڪنهن کي به بدلي سزا نٿا ڏين.
هي ئي دور هو جڏهن يورپي سياح هت آيا. هنن جيڪي به ڏٺو تنهن کين اچرج ۾ وجهي ڇڏيو. سباسيتن مانريڪو ڪپهه جو سامان، تماڪ، آفيم ۽ ٻيون شيون گهڻي انداز ۾ ڏسي وائڙو ٿي ويو. برنيئر کي هتان جي روانگي معلوم ڪري، ڏندين آڱريون اچي ويون. هو لکي ٿو ته ” بنگال براعظم سلون، بحرالهند جي ٻيٽن ڏانهن چانور ۽ کنڊ موڪلي ٿو. هت ڪپهه ۽ ريشم تمام گهڻو ٿئي ٿو ان ڪري هن کي هندستان يا مغل حڪومت جي ڀروارين حڪومتن لاءِ ٻين جنسن جو گدام سڏي سگهجي ٿو.“ مسٽر ڊائو لکي ٿو ته ” هي سلطنت دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ دولتمند، آباد ۽ زراعت جي خيا ل کان بهترين آهي. هتان جا وڏا ماڻهو تاجر دولتمند آهن ۽ عام ماڻهو هاري خواهه پورهيت خوشحالي ۽ آسائش جي برڪتن سان مالا مال آهن.“ برنيئر لکي ٿو ته ” هتان هر سال وڏا وڏا جهاز سامان سان ڀرجي برما، ملايا ۽ اوڀر آفريڪا ڏانهن ويندا هئا جتان وڏي تعداد ۾ قيمتي جواهرات کڻي موٽندا هئا.“ هئملتن جيڪو اورنگزيب جي زماني ۾ هت آيو، اهو لکي ٿو ته ” ملڪ ۾ امن امان آهي. سستائي عام آهي. ڳائو گوشت ٽن فارنگن ( ٻن پئسن ) ۾ اڌ سير ملي ٿو. هڪ ٽن لوڻ ( هڪ ڪرائون) چند آنن ۾ ملي ٿو. ٻن آنن ۾ هڪ سئو مڇيون ملن ٿيون، جيڪي ايڏيون ته وڏيون ٿين ٿيون، جو ٻن مڇين کائڻ سان ماڻهو جو پيٽ ڀرجي وڃي ٿو . ڊاڪا ۾ اناج ۽ ٻيون ضروري جنسون، ايتريون ته سستيون ملن ٿيون، جو انهن جي جيڪڏهن قيمت ٻڌائي وڃي ته منهنجي ڳالهه تي ڪوبه اعتبار نه ڪندو. ملڪ بيحد آباد آهي. مون کي هڪ ماڻهو ٻڌايو ته 5 سئو پائونڊ چانور هڪ رپئي ۾ ملن ٿا. احمد آباد تمام وڏو شهر آهي. دولت جي فراواني ۾ يورپ جي ڪنهن به شهر کان گهٽ نه آهي. ان جي سالياني آمدني 16 لک 25 هزار پائونڊ ( اٽڪل اڍائي ڪروڙ) روپيا آهي، جيڪا سورت جي آمدني کان ڏهوڻي آهي. هندوستان ۾ بهترين ڪپڙو تيار ۽ گهڻائي ۾ ملي ٿو. اهڙو سٺو ڪپڙو مصر ۾ ملڻ مشڪل آهي. هت سٽ مان اهڙو ڪپڙو تيار ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ڏاڍو نرم ۽ نفيس آهي ۽ مضبوط به اهڙو جو مان ان جهڙو نه ڏٺو نه پاتو.“ ( تاريخ انقلابات عالم ج اول – ص 4)
هن دور ۾ واپاري توازن سدائين برصغير جي فائدي ۾ رهيو، ان ڪري هت سون ۽ چاندي جا ذخيرا هئا. هاوڪنس لکي ٿو ته ” هندوستان سون ۽ چاندي ۾شاهوڪار آهي ڇاڪاڻ ته سڀ ملڪ هت پئسا آڻين ٿا ۽ انهن جي بدلي، سامان خريد ڪن ٿا.“ برنيئر جو چوڻ آهي ته ” هندستان دنيا جي سون ۽ چاندي جو وڏو ذخيرو ڪمائي کڻي وڃي ٿو.“ اليگزنڊر لکي ٿو ته ” بنگال هڪ اهڙو ڪن آهي، جنهن ۾ ڪيترو به سون ۽ چاندي وڌو وڃي، پر ان جي ڀرجڻ جي اميد نه آهي.“ فرانسي سياح برهينر جو چوڻ آهي ته ” هندوستان هڪ اهڙو درياءَ آهي، جنهن ۾ ساري دنيا جي سون ۽ چاندي جو وڏو حصو، هر طرف اچي گڏ ٿئي ٿو ۽ مشڪل سان ٻاهر نڪري ٿو.“ نڪوڊي ڪانتي جو چوڻ آهي ته ” هندوستان ۾ ڄڻ سون جا درياءَ وهن ٿا. موتين ۽ جواهرن جي ڪابه کوٽ نه آهي.“ انهن بيانن کي سامهون رکي، عبدالله اوصاف لکي ٿو ته ” حضرت آدم عليه السلام جي زماني کان وٺي، هن وقت تائين دنيا جو ڪوبه اهڙو ملڪ نه آهي، جنهن هندوستان ۾ سون ۽ چاندي آڻي، ان جي بدلي ۾ هتان قيمتي جنسون، جڙي ٻوٽيون، سنگ مرر ۽ ٻيون شيون پنهنجي ملڪ نه کڻي ويو هجي. “ ( روشن مستقبل ۽ نفش حيات ج اول – مولانا حسين احمد مدني) .
انهي سون، چاندي، زرعي پئداوار ۽ معدني شين يورپي قومن کي هرکايو. انهن قومن مان پهريائين پورچوگيز، واسڪوڊيگاما جي معرفت 22 مئي 1498ع ۾ ڪئلڪٽ پهتا. هنن ڪئلڪٽ، ڪوچين ۽ ڪئنتور ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون. ان کان پوءِ هوريان هوريان هو، بحري طاقت جي مدد سان، ڪوچين، سلون، اورمز، ڊيئو، هگلي، گوا ۽ سرنکاپيٽم جا مالڪ بنجي ويا ۽ نفع بخش هندستاني بحري تجارت تي هڪ هٽي قائم ڪرڻ جي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا. هنن لٽمار، قتل ۽ غارتگري ڪري، ساري هندستاني کي ڏڪائي ڇڏيو. خود هن قوم جو هڪ مصنف السيفوڊي سوزا لکي ٿو ” پورچوگيزن، هندستان جي ڪناري تي، هڪ هٿ ۾ ترار ۽ ٻئي هٿ ۾ صليب کڻي پير رکيو. برصغير ۾ تمام گهڻو سون ڏسي هنن صليب کي هڪ پاسي رکي، پنهنجا کيسا سون سان ڀرڻ لڳا. انسانن کي ڦرڻ، شهرن کي لٽڻ ۽ ساڙڻ بنهه درندا ٿي پيا ليڪن دولت ايتري ته اڪيچار هئي جو ترار کي ڦٽو ڪري سون ۽ چاندي ميڙڻ لڳا. آخر اهڙيون خرص ۽ هوس واريون ٻيون قومون مٿن غالب پئجي ويون. ( ڏيئي ڏنڀ ڏڏن – داداسنڌي – ص نمبر 122) هندوستان کان پوءِ هنن برازيل تي قبضو ڪيو تڏهن پنهنجو ڌيان اوڏانهن ڦيرايائون ان ڪري مٿن ڊچ قابض ٿي ويا. 1606ع ۾ ائمسٽرڊئم جي واپارين هالينڊ ۾ ” ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني “ قائم ڪئي. هنن 1641ع پورچوگيزن کان ملاڪا فتح ڪيو ۽ سلون تي قبضو ڪيو. ان کان پوءِ مشرقي ٻيٽن کي هٿ ڪري هندستان جي شهرن ڪوچين، ڪانانور، ناگاپٽم، ڪاليڪٽ، چنسورا، مدراس ۽ سيلون تائين ڪوٺين وجهڻ ۾ ڪامياب ٿيو ويا. 1781ع ۾ انگلينڊ ۽ آمريڪا سان جنگ لڳڻ وقت، ڊچن آمريڪا جو طرف ورتو هو، جنهن ڪري 1783ع ۾ ورسيلز جي معاهدي هيٺ سيلون ۽ ٽونڪو ملي کان سواءِ ٻيا سمورا شهر ڊچن انگريزن جي حوالي ڪيا.
ڊچن کان پوءِ هت فرينچ آيا، جن 1604ع ۾ ” فرينچ ايسٽ انڊيا ڪمپني“ قائم ڪري، هندستان جي مختلف شهرن ۾ واپاري ڪوٺيون کوليون. 1741ع ۾ ڊيوپلي، فرينچ ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ڊئڪريٽر تي هندوستان ۾ آيو. هنن ٽرنڪوملي، ماهي، سورت، پانديچري، مسلي پٽم ۽ چندنگر ۾ ڪوٺين کولڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. سندن صدر شهر پانڊيچري هو. هن دکن ۾ هڪ فرينچ حڪومت به کڙي ڪئي، جنهن جي سالياني آمدني 5 لک پائونڊ هئي. ( تواريخ پاڪستان – مترجم محمد ابراهيم جويو- ص نمبر 310)