(2) عرب ۽ سنڌ
جيتري قدر عربن جو سنڌ ملڪ سان تجارت جو لاڳاپو آهي اهو تمام پراڻو آهي. مولانا ابو الجلال ندوي لکي ٿو ته ” قديم زماني ۾ سنڌ ۾ عربي قومون اچي آباد ٿيون هيون ۽ سنڌ جا عربي دنيا سان گهاٽا تعلقات هئا.( موئن جو دڙو ڪي باتين – ماهنامه روح ادب ) مولانا سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته عرب واپاري هزارين ورهيه اڳ هندستان جي ڪناري تائين ايندا هئا ۽ هتان جي واپار ۽ پئداوار کي مصر ۽ شام ذريعي يورپ تائين پهچائيندا هئا۽ اتان جي سامان کي هندستان ۽ هندستان جي ڀر وارن ٻيٽن چين ۽ جاپان تائين رسائيندا هئا. ( عرب و هند ڪي تعلقات – ص نمبر 55) ڊاڪٽر موسيو ليبان جو چوڻ آهي ته عربن جا هندستان سان تعلقات تاريخي زماني جي شروعات کان به اڳ جا هئا. پر سڀني واقعن مان ثابت ٿئي ٿو ت اسلام کان اڳ واري زماني ۾ اهي هندستان جا ئي ماڻهو هئا جيڪي پنهنجي ملڪ جي پئداوار کي عرب جا سامونڊي ڪناري تائين آڻيندا هئا ۽ نه اهو ته عرب انهن جي ڳولا ۾ هندستان ايندا ويندا هئا. جنهن وقت يمن جي بندرن کان هندستان ڏانهن جهاز وڃڻ لڳا ته اهو زمانو نعثت نبوي جي تمام ويجهو هو ( تمدن عرب – ص نمبر 2 ۽ 7) سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته هجري سن جي شروعات کان ئي عربن هندستان ۾ اچڻ شروع ڪيو. جهازن جون قطارون عمان ۽ بحرين کان نڪري سنڌوندي تائين پهچنديون هيون. ( عرب وهند ڪي تعلقات – ص نمبر 66) اصل ۾ سنڌ جا عرب دنيا سان تعلقات تاريخ کان به اڳ جا آهن. قديم دور ۾ بابل ۽ عراق سان موهن جي دڙي جا تجارتي ناتا هئا. عربستان جي هنن شهرن مان هتان جا سڪا ۽ مهرون لڌيون ويون آهن. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته ان زماني ۾ هنن ٻنهي عربن جا سنڌ سان تجارتي ناتا هئا ۽ سندس قافلا هڪ طرف يمن ۽ شام ۽ ٻئي طرف عراق ۽ مصر تائين ويندا هئا. عرب واپارين کي مهاڀارت جي جنگ کان پوءِ واپار ڪرڻ لاءِ دوارڪا جي راجا ڪوشن جيڪو فرمان ڏنو هو، تنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته عربن جو هن سرزمين ۾ واپاري وهنوار اعلى پائي جو هو. فرمان آهي ته سري ڪرشن ڌارين ملڪن جي هنن سوداگرن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ڄاڻائين ت سندن واپار ڪرڻ مان فائدو رسندو. ڇو ته انهن وٽ مختلف ملڪن جون شيون هيون. سندن مال خريد ڪري، هندوستان جي مال مان جهاز ڀرايائين. (تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 84) هت واپار جي سلسلي ۾ عربي ٻولي به عام ٿيڻ لڳي. سيتارٿ پرڪاش ۾ آهي ته جڏهن ڪورون راک جو گهر جوڙي، پانڊون کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن يڊشٽر کين عربي زبان ۾ خبردار ڪيو ( تاريخ سنڌ – مولانا ابوظفر ندوي- ص نمبر 20) ساڳئي زماني ۾ عرب تاجر سنڌ ۾ آيا. سندن جهاز پٽالا، مينانگر ۽ ڀنڀور تي اچي لنگر انداز ٿيندي هئا. قريش واپاري، سنڌ جي مال جا قافلا مڪي جي گهٽين مان گهمائيندا حجاز، يمن، مصر، پيٽر، بيت المقدس ۽ تدمير تائين پهچائيندا هئا. هر هڪ ڪافلي ۾ ٽي هزار اُٺ هوندا هئا ۽ هي اهو زمانو هو، جڏهن عرب جي جاهليت عروج تي هئي.( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 86)
چوٿين صدي عيسوي ۾ ايران جي ساساني بادشاهن عربن جي واپار کي روڪي ڇڏيو پر ساسانين جي زور ٽٽڻ کان پوءِ عربن وري سنڌ سان واپاري ناتا قائم ڪيا. توڙي جو ايرانين، هندوستاني راجائن کي عربن جي سلون سان هلندڙ واپار ۾ سامونڊي ڦورن ذريعي رنڊڪون وجهرايون هيون. خاص ڪري سنڌ جي ديبل، گجرات جي ڀڙوچ ۽ بمبئي جي ٿانه ۾ عربن لاءِ خطرو پئدا ٿي ويو. پر هو انهن خطرن کي تڪليفن سان منهن ڏيئي بنا ڪنهن خوف جي واپار ڪندا رهيا. حضرت عمر رضه جي دور ۾، عمان جي گورنر عثمان بن ابي العاص هٿان هڪ فوج موڪلي، مٿين بندرن تان هي خطرو هٽائي ڇڏيو. ان کان پوءِ هندستاني راجائن انهن راجائن ٻاهرين ٻيڙي تي 10 سيڪڙو ڍل وجهي ڇڏي. حضرت عمر رضه ان تي اعتراض ڪرڻ بدران بصره ڏانهن ايندڙ هندستاني ٻيڙين تي 10 سيڪڙو محصول وڌو. حضرت عمر رضه جي شهادت کان پوءِ عربن جي طاقت کي ڌڪ لڳو. جنهن ڪري هندستاني ڌاڙيلن عربن جا ٻيڙا ڦرڻ شروع ڪيا. 705 ع ۾ جڏهن وليد بن عبدالمالڪ خليفو ٿيو، تڏهن حجاج بن يوسف کي عراق، ايران، مڪران ۽ بلوچستان سان لاڳو، اسلامي حڪومت جي مشرقي حصن تي نائب مقرر ڪيو ويو. اهڙي طرح مڪران، بلوچستان ۽ خراسان سان لاڳو سمورا علائقا، سنڌ جي سرحد سميت سندس ماتحت ٿي پيا. هن دور ۾ بحري توڙي بري لحاظ کان اسلامي سلطنت جي قوت مضبوط هئي. حجاج جيئن ته ظالم ۽ جابر حاڪم هو، ان ڪري سندس ظلمن کان گهڻائي عرب تنگ ٿي عراق کان نڪري، هندستان جي الهندي ۽ اڀرندي ڪنارن وارن شهرن ۽ ٻيٽن ۾ بيٺڪون جوڙي واپار ڪرڻ لڳا. جن عربن، ڪوڪن کي وسايو، تن کي توائط جن رام ڪماري جي اڀرندي ٻيٽن ۾ بيٺڪون وڌيون تن کي لبي ۽ جيڪي ملبار ۾ رهيا تن عربن کي موپلا سڏيو ويو. موپلا سوداگري ڪندا هئا. ڪي علائقي ملبار ۾ ڪي سنڌ ۾ رهيا. جن مان محمد بن عارث علاقي مشهور عرب تاجر هو. مڪران ۾ ان وقت پنجاهه هزار عرب رهندا هئا، جن واپار کي وسعت ڏني. ( جنت السنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 87)
سنه 711ع ۾ جڏهن عربن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن سنڌ سان سندن تجارتي، علمي ۽ ثقافتي ناتا وڌي ويا. ان وقت عربي سمنڊ ڳاڙهي سمنڊ، ڀونوچ سمنڊ ۽ ايراني نار تي سندن مڪمل قبضو هو. گويا يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا کنڊ جو واپار، سندن معرفت هلندو هو. افغانستان، ايران، خراسان، زابلستان، هند ۽ سنڌ جي ڀر وارا ملڪ سندن تسلط هيٺ هئا، جتي سنڌ جو مال قافلن ذريعي نيڪال ٿيندو هو. ان وقت خوزستان،فارس ۽ ڪرمان جا قافلا، سنڌ ۾ اچڻ لڳا، جنهن ڪري سنڌ جي واپار اڳ کان اڳري ترقي ڪئي. خاص ڪري عباسين جي دور ۾ آفريڪا، ارمينا
، مصر، چين ۽ جاپان جون شيون سنڌ جي شهرن ۾ وڪامڻ لڳيون اهڙي طرح سمورا رستا به سندن قبضي ۾ اچي ويا ۽ سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ عربن جي هندي سمنڊ ۾ واپار جي هڪ هٽي قائم ٿي پيئي.