(6) روانگي جو مال
[b](الف) خوشبودار شيون
[/b] سنڌ سڳند ۽ سرهاڻ جي سرزمين آهي. هت اهڙيون ته اعلى قسم جون خوشبوءَ واريون شيون پئدا ٿينديون هيون، جيڪي جڏهن عربستان پهتيون تڏهن عربن انکي هٿئون هٿ خريد ڪري ذوق شوق سان استعمال ڪيو. انهن شين مشڪ، عود، ڪافور، زعفران، الاچي، عطر ۽ سنڍ قابل ذڪر آهن. بشر بن حازم لکي ٿو ته ” عربن جي ٻيڙيون تمام گهڻي انداز ۾، عود ۽مشڪ کڻي اچن ٿيون.“ سنڌ جي مشڪ، موراڪو ۾ وڏي قيمت تي وڪامندي هئي. هي ٿٻيٽ کان درياءَ رستي، ديبل پهچندي هئي. خوشبوءَ جي لحاظ کان هي دنيا ۾ چوٿون نمبر هئي. ملتاني مشڪ خوشبوءَ لاءِ ٻاريندا هئا. هي تمام قيمتي شئي هئي. عرب عود کي مندل سڏيندا هئا. في مڻ جي قيمت ٻه سئو دينار هئي. ڪام دوپ آسام کان سنڌ ۾ ايندو هو. عرب واپاري اها برهمڻ کان خريد ڪندا هئا. ڪافور دارين جي منڊي مان عرب جي ٻين علائقن ڏانهن موڪليو ويندو هو. دارين جي منڊي مان عرب جي ٻين علائقن ڏانهن موڪليو ويندو هو. دارين جي هر عطر فروش کي داري ڪوٺيو هو. سنڍ به هتان جي سرهاڻ واري شئي هئي. لسان العرب وارو لکي ٿو ته ” عرب سنڍ جي سرهاڻ جي ساراهه ڪندا آهن ۽ هي انهن لاءِ نهايت دلپسند چيز آهي.( سنڌ جي طبي تاريخ – ج اول – نياز همايوني – ص نمبر 306) هي سنڌ جون شيون اهڙيون ته پاڪيزه، متبرڪ ۽ اعلى پائي جون آهن جو سندن قرآن شريف ۾ به ذڪر ڪيو ويو آهي. سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته ” انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته قرآن شريف ۾ جنت جي تعريف دوارن، هن جنت نشان ملڪ جي خوشبودار شين، مشڪ، سنڍ ۽ ڪافور جو ذڪر ڪيو آهي. ( عرب وهند ڪي تعلقات – ص نمبر 17) مولانا گرامي صاحب لکي ٿو ته ” قرآن شريف ۾، کان مزاجه زنجبيلا- کان
مزاجه کافورا“ . زنجيل ۾ ڪافور ۽ سنڍ سنڌ جو شيون آهن. ( سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ – سه ماهي مهراڻ – گرامي نمبر ) حديث شريف ۾ انهن خوشبودار شين جو ذڪر ملي ٿو، جن کي پاڻ ڪريم ﷺ استعمال ڪيو. حضرت ابو سعيد خدري روايت ڪن ٿا ” هڪ ڀيري حضور ﷺ جن جي سامهون ڳالهه نڪتي پاڻ فرمايائون ته ” ڇا اها ( مشڪ ) سمورين خوشبوءَ وارين شين ۾ زياده پاڪيزه خوشبوءَ نه آهي.“ ڪنزالعمال واري هڪ حديث سڳوري بيان ڪئي آهي، جنهن ۾ فرمايل آهي ته پاڻ سڳورا سردي جي ڏهاڙن ۾ ڪل ٻاريندا هئا، جنهن ۾ خوشبوءَ پيدا ڪرڻ لاءِ عود ۽ ڪافور به وجهرائيندا هئا. “ ( عرب وهند عهد رسالت ۾ - قاضي اطهر مبارڪپوري ُ) عربي شاعري ۾ به سنڌ جي هن سڳند ڀرين شين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. اعشي شاعر پنهنجي محبوب جي وات جي آلاڻ کي مشڪ سان تشبيهه ڏيندي چوي ٿو ته ” ماکي جي ميٺاج وانگر لوئنگن ۽ سنڍ هن جي وات ۾ مشڪ ڀري ڇڏيو آهي.“ نابغ ذيباني جي هڪ شعر جو ترجمو آهي ته ” ڪافور کي لونگ ۽ مٺي پاڻي ۾ ملايو ويو آهي. اهڙو پاڻي جيڪو ڍڪڻ مان نڪري وهي پيو.“ ڪثير جو شعر آهي ته ” هن جي بدن تي مشڪ ائين مليو ويو هو، ڄڻ هو مشڪ سان ڀريل ڏاچي هئي، جنهن جي نافي مان خوشبوءَ ٻاهر ٿي آئي.( ماهنامه پيغام – نومبر، ڊسمبر 1983ع – حافظ ارشد انڍڙ جو مضمون )
[b](ب) سپارڪو وکر
[/b] سنڌ پراڻي زماني کان طب جو مرڪز رهي آهي. سڄي دنيا کي حياتي جو مزو ماڻڻ ۽ زندگي جو لطف حاصل ڪرڻ جو راز سنڌ ئي ٻڌايو. صحت ۽ تندرستي جا گر سنڌين ئي سليا. هت اهڙيون ڪيتريون ئي جڙي ٻوٽيون ۽ سپارڪو وکر ملي ٿو. جنهن ۾ شفا ۽ شباب جا خزانه لڪل آهن. عرب تاجر هتان پسار ۾ ماکي، قسط هندي، سنبل، دالچيني، بڪم، ابرق، آفيم، املتاس، اڪ، ڀنگ ۽ ٻئي سامان سان گڏ خريد ڪندا هئا. هنن سڀني شين جو عربي لغت ۾ عام ذڪر ملي ٿو. سيد سليمان ندوي اهڙين پسارڪين شين جي طويل فهرست ڏني آهي. جيڪي سنڌ مان وڪرو ٿي عرب وينديون هيون، اهي هي آهن. چندن، پان، لونگ سوپاري، نيلوفر، جافر، توتيو، هريڙ، ڪمالپٽ، ڪٺ، پواڙي، لوبان، نير، واردن، گدامڙي، ڪرمچي، ريون چيني، ڪارا مرچ، سنڍ، اطريفل، ٻهيڙا، پيلاوان، اگرڪاٺي، سرنهن وغيره.( عرب و هند ڪي تعقات – ص نمبر 201)
خاص پسارڪي شئي جيڪا سنڌ مان عربستان ويندي هئي سا آهي قسط جيڪا ڪشمير مان چمڙي جي دٻن ۾ بند ٿي مهراڻ رستي چاليهن ڏينهن اندر منصوره پهچندي هئي. حسن بن عمرو لکي ٿو ته ” منصوره ۾ ڪشمير جا ماڻهو قسط جون ڳٺڙيون کڻي اچن ٿا. هر ڳٺڙني ۾ 7 يا 8 سئو مڻ قسط هوندي آهي. ڳٺڙي تي چمڙو ۽ چمڙي تي تارڪول لڳائيدا آهن. جنهن ڪري ان ۾ پاڻي جو قطروبه نه وڃي سگهندو آهي ( عجائب الهند- ص نمبر 123) ابن خرداز لکي ٿو ت ” سنڌ مان هڪ پسارڪي شيءَ ڪٺ به عرب ويندي هئي. سنڍ به عربن عمان پهچائي.“ ڪٿو يا ڪٿ دوا طور به ڪم آيندي هئي. مسعودي ريوند چيني، عود، ڪافور، لوبان ۽ تيزپات دوائن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي هتان عربستان وينديون هيون. احاديث نبوي ۾ سنڌ جي ڪيترين ئي پسارڪي شين جو ذڪر ملي ٿو . هڪ سنڌي راجا پاڻ سڳورن کي سنڍ سوکڙي طور موڪلي هئي. پاڻ ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري اصحاب ۾ تقسيم فرمايو. جنهن مان هڪ ٽڪر ابو سعد کي به عنايت ٿيو. پاڻ اها سنجيل شوق سان تناول فرمائيندا هئا. قسط يعني مٺي ڪاٺي جي ذريعي عهد رسالت ۾ نه صرف علاج ڪيو ويندو هو پر حضور ﷺ جن هن کي دوا طور به ڪم آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي . ان لاءِ صحيح بخاري ۾ هڪ مستقل باب آهي. حضور جن ام، قيس کي ٻارن جي بيمارين ۾ قسط استعمال ڪرڻ جو تاڪيد هن طرح ڪيو آهي . ” توهان ان هندي ڪاٺي کي خاص طرح استعمال ڪريو، ڇو ته ان ۾ ستن بيمارين جي شفا موجود آهي . ڪاڪڙي جي تڪليف ۾ قسط جي ناس ڏني وڃي ٿي. ٻاراڻي بيماري ۾ اها متعمل ۽ مفيد آهي. ( عرب و هند – عهد رسالت مين – قاضي اطهر مبارڪپوري) لونگ جن کي عربي ۾ قرنفول چوندا هئا، سو به عرب ويو ۽ ان اتي ايتري ته مقبوليت حاصل ڪئي جو عربي شاعري جو جزوله ينفق بنجي ويو. تابغ شيساني چوي ٿو ته ” حيادار دوشيزائن جو وات جو لعاب اهڙو لذيذ آهي، ڄڻ مشڪ ملايل لونگن جو شراب.“ ڪارا مرچ، ايريو، سڱي ۽ ڄرودن به خاص سنڌي شيون هيون، جيڪي عرب ۾ علاج لاءِ دوا طور هتان وينديون هيون. ( سامي تهذيب جي ارتقا ۾ سنڌ جو حصو – ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ نئين زندگي مارچ 1965ع) هڪ خاص سنڌي پسارڪو وکر ماکي هئي، جيڪا سنڌ جي پئداوار هئي ۽ گهڻي ڀاڱي هتان عرب ويندي هئي. خاص ڪري عهد نبوي ۾ ماکي جو گهڻو مقدار عرب گهرائيندا هئا. پاڻ سڳورن ﷺ ماکي کي سڀني دوائن مان افضل قرار ڏنو. فرمايائون ته ” جيڪو ماڻهو هر مهيني ۾ هڪ دفعو ماک ڪم آڻيندو اهو ستر بيمارين کان محفوظ رهندو.“ سنڌ ۾ ماکي ايتري ته جهجهي ٿيندي هئي جو عرب واپاري انجا ٽي مڻ هڪ درم ۾ خريد ڪندا هئا. بشاري المقدسي لکي ٿو ته ” هت ماکي تمام جهجهي ٿيندي هئي ۽ ٻن سيرن جو ملهه يعني صرف چار آنا هو.“ هت عربن ماکي جي مکين کي پالڻ شروع ڪيو. سنڌ جي ڪن صوبن مان عباسين جي خلافت کي سالياني ڍل طور مقرر انداز ۾ ماکي رواني ڪندا هئا. ماکي ۽ کجور جو حلوو عربي دنيا ۾ وڏي قيمت تي وڪامندو هو ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 313) عربي شاعري ۾ نابغ شيباني ماکي جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي. ” سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ ائين پيو ڀائنجي ته منهنجي محبوبه جي ڏندن تي برف جي پاکي جا قطرا آهن. جنهن ۾ ماکي جو سواد آهي . ( سنڌي جي طبي تاريخ – ج اول- نياز همايوني – ص نمبر 312)
[b](ث) ڪپڙو
[/b] قديم زماني کان وٺي، سنڌ ڪپڙي جي صنعت جو خاص مرڪز رهي آهي. انهن ڏينهن ۾ يمن سنڌ جي ڪپڙي جي منڊي هو جتان سنڌي ڪپڙو عربن جي اندرين حصن جهڙوڪ حجاز، عراق ۽ شام پهچندو هو ۽ اتان اهو ڪپڙو يورپ ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ڪپڙي کي يمني يماني چيو ويندو هو. انهن يمني ڪپڙن مان مشهور اجرڪ آهي، جنهن کي برد يمني چيو ويندو هو. جيڪو حضور ﷺ جن جي لباس ۾ شامل هو. مولانا غلام مصطفى قاسمي صاحب جو چوڻ آهي ته ” حضورﷺ جن سنڌ جي اجرڪ کي پنهنجن ڪلهن تي رکڻ جو شرف بخشيو آهي.“ ( روزانه عبرت – بحواله سنڌ جي تاريخ – ج اول) مولانا گرامي صاحب جو چوڻ آهي ته ” قرآن شريف ۾ بهشت جي پوشاڪن ۾، جنهن ” استبرق“ ڪپڙي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهو اجرڪ آهي ( سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ – سه ماهي مهراڻ – گرامي نمبر ) سنڌ جو ٻيو خاص ڪپڙو جيڪو عرب ۾ عام هو. اهو مسنديه آهي. جنهن کي سنڌي ۾ ڇيٽ چيو وڃي ٿو. مولانا گرامي صاحب جو چوڻ آهي ته ” حضرت بيبي عائشه رضه جي حجري جي دروازي تي پردا ٽنگيل هئاجن تي ڇر جو ڪم ٿيل هو. هڪ دفعي حضور ﷺ انهن لاءِ ناپسنديدگي جو اظهار فرمائي پردن لاءِ، (ڇو ته درن تي پردا اسراف ۽ ڏيکاءُ لاءِ هوندا آهن. )حڪم ڪيو ته اهي لاهي ڦاڙي وهاڻن جو ڇَون ڪيو وڃن .سندن حڪم موجب ائين ڪيو ويو. اهي ڪپڙا سنڌ جا ڪاريگر ٺاهيندا هئا، جن کي ڇيٽ چئبو هو. ( سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ – سه ماهي مهراڻ – گرامي نمبر ص نمبر 15 )لسان العربي ۾ آهي ته ” حضرت بي بي عائشه رضه جي جسم تي چار ڪپڙا سنڌ جا اوڍيل هئا. ( سنڌي جي طبي تاريخ – ص نمبر 315) سنڌ جو ٽيون خاص ڪپڙو ململ هو، جنهن کي عربي تاجر قرفس چوندا هئا. چون ٿا ته فرده بن عمرالجذامي جيڪو شام ملڪ جي علائقي بلقاءُ جو عامل هو، تنهن پاڻ سڳورن ﷺ جن کي، ٻين تحفن سان گڏ ململ جي قبا به موڪلي هئي، جنهن تي سونهري ڪم ٿيل هو. هن ململ کي عربي لغت ۾ سندس چيو ويندو آهي. جنهن جو قرآن شريف ۾ ذڪر ڪيل آهي. ( ذڪر حبيب – ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي – پيغام نومبر ڊسمبر 1983ع) لسان العرب ۾ آهي ته ” گوڏ ۽ لونگي جا ڪپڙا به سنڌ مان عربستان ايندا هئا. ابو منصوره جو چوڻ آهي ته ” مون ڪوفي ۾ اٺن وارا ۽ ٻيا ماڻهو ڏٺا، جيڪي ڌاريدار چادرون خريد ڪري، گوڏ ٻڌڻ لاءِ ڪم آڻيندا هئا.“ سنڌ جي هڪ خاص پوشاڪ ڪڙتو، آڳاٽي زماني کان عرب، توڙي ايران ۾ رائج هو. جنهن کي عرب ” قرطق“ چوندا هئا. لسان العرب ۾ آهي ته ” قرطق قبا آهي، ان کي ڪڙتي جو معرب سمجهيو وڃي ٿو. جيئن ٻيا سنڌي لفظ عربي ٿيا.“ ( عرب و هند عهد رسالت ۾ - قاضي اطهر مبارڪپوري ) سنڌ جي انهن ڪڙتن بابت سليمان تاجر لکي ٿو ته ” انهن جي ( سنڌين ) ڪاريگري جو هي ڪمال آهي جو هو اهڙو ڪڙتو تيار ڪن ٿا، جنهن ۾ ٻيئي آستينن، ڪليون ۽ کيسا اڻيل آهن. انهن ۾ سلائي جي ڪابه ضرورت نه آهي. ( بحواله سنڌ جي طبعي تاريخ – ج اول – ص نمبر 328) عرب واپارين سنڌ جي ڪپڙي جي خاص تجارت ڪئي . سنڌ جي ڪپڙي کي هنن تيونس، موراڪو، اسپين ۽ صفليه منڊين تائين پهچايو. ململ، ٿاڻه بون جون ڇيٽون، شالون، ريشمي ڪپڙا ۽ اوني فراس، غاليچا ۽ قبا عرب جي سرزمين تي پهتا. ان دور ۾ شالون ۽ سنڌ جي ململ تمام مشهور هئي. سليمان تاجر لکي ٿو ته ” هت اهڙو ته سنهو ڪپڙو ٺهندو آهي جو سڄو ٿان هڪ منڊي مان ٽپي وڃي ٿو. اسان اهڙا ڪپڙا پاڻ ڏٺا آهن. هت اهڙا ڪپڙا تيار ٿين ٿا، جهڙا ٻيا ڪٿي نه نٿا ٿين.“ ( بحواله سنڌ جي طبعي تاريخ ۽ سه ماهي مهراڻ 1975/1) ابن خردازبهه لکي ٿو ت ” هتان ريشمي، سوٽي ۽ بخملي ڪپڙو عربستان وڃي ٿو.“ ( بحواله سنڌ جي طبعي تاريخ ۽ سه ماهي مهراڻ 1975/1) مسعودي لکي ٿو ته ” هتان پٿرڻيون غاليچا ۽ هر قسم جو ڪپڙو عربستان ويندو هو. ( بحواله سنڌ جي طبعي تاريخ ۽ سه ماهي مهراڻ 1975/1) عرب تاجرن نه صرف سنڌ جو ڪپڙو ٻاهر موڪليو، پر ٻاهرين ڪپڙي کان به سنڌ کي متعارف ڪرايو. اهڙن سبيل ڪپڙن مان ڪرمان جا نقاب ( طيالس ) سنڌ ۾ وڪامڻ لڳا. في نقاب جي قيمت ويهه دينار هئي. بمپور جون لونگيون به هت آيون، جيڪي صرف امير خريد ڪندا هئا. اهي ويهن سالن تائين جٽاءُ ڪنديون هيون. حبا ۽ سلوارون عربن سنڌ ۾ آنديون. سوسين جو رواج به سنڌ ۾ عربن وڌو، جيڪي تيونس مان هت آيون. عربن ڪوفه يمن ۽ اسڪندريه جون رنگين چادرون هت وڪرو ڪيون. سنڌ جا رهاڪو رنگين چادريون، حبا ۽ ٽوپيون پائڻ لڳا، ان ڪري هي صنعت سنڌ ۾ زور وٺڻ لڳي. عرب مصري ۽ سنڌ ۾ سنڌي پوشاڪون پائي هتان جي واپار کي هٿي ڏني. ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 352).
[b] (ج ) چوپايو مال
[/b] پراڻي دور کان وٺي سنڌ جو چوپائي مال جو گهر رهي آهي. هتان جيڪو مال عرب جي سرزمين تي پهتو تن ۾ سنڌي مينهون سر فهرست آهن، جن کي آل مهلب وارن عراق ۽ شام تائين پهچايو. پراڻي زماني ۾، هتان جا جت ڪرمان ۽ ايران کان ٿيندا، بصري پهتا ۽ اتي انهن سنڌي مينهن کي پهچايو. اهو حضرت ابوبڪر صديق رضه جو دور هو. عربن سنڌي مينهن کي شوق سان پاليو. احسن التقاسيم ۾ آيل آهي ته ” منصوره جون مينهون، ڏاڍيون متاريون هونديو آهن.“ ساڳي طرح بشاري المقدسي لکي ٿو ته ” هتان جون مينهون سهڻيون آهن ۽ کير به گهڻو ڏينديون هيون آهن. “ هتان جو ٻيو خاص جانور اُٺ آهي جيڪو عرب واپارين پنهنجي ديس ۾ پهچايو ۽ اتي هن جو ڏاڍو قدر ڪيو ويو. بشاري المقدسي لکي ٿو ته ” اوڀر ۽ ايران ۾ جيڪي عمدا بلخي اٺ ٿيندا آهن، اهي سنڌي اُٺن جي نسل مان ئي تيار ڪيا ويندا آهن . جيڪي ٻين ملڪن ۾ صرف بادشاهي سواري جي ڪم ايندا آهن.“ اسحاق لکي ٿو ته ” ٻن ٿوهن وارو اُٺ، سنڌي نسل مان هو جيڪو فقط امير ۽ بادشاهه ئي ڪم آڻيندا هئا.“ عرب امير انهن اُٺن کي فالج ۽ سنڌي پالهه سڏيندا هئا. امير ماڻهو انهن اُٺن تي شوق سان سواري ڪندا هئا. عرب واپارين انهن اُٺن کي بلخ ۽ فارس تائين پهچايو. عرب تاجر سنڌ ۾ گهوڙن جي واپار کي به همٿايو. خاص ڪري حجاج بن يوسف گهوڙن جي واپار کي زور وٺائڻ لاءِ، سنڌ جي صوبي سيتان جي گادي زرنج ۾، گهوڙن جي پرورش جو انتظام رکيو. هن خراسان ۽ ايراني نار کان گهوڙا گهرائي، مقامي نسل ۾ ٻاهريون تخم پئدا ڪيو. سنڌ ۾ عراقي گهوڙو پنج سئو دينارن ۾ وڪامندو هو. سنڌ ۾ عراقي گهوڙو پنج سئو دينارن ۾ وڪامندو هو. سنڌ جا گهوڙا مڪران جي بندر کان ٻاهرين دنيا ۾ موڪليا ويندا هئا. سنڌ کان سواءِ عرب واپاري ڪاري منڊل تائين گهوڙن جو واپار ڪندا هئا. ان دور ۾ عبدالله اشتر، گهوڙن جو مشهور واپاري هو. ( جنت السنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 193) سنڌ جا ڪتا به عرب ۾ مقبول هئا ۽ ان وقت عرب ۾ في سنڌي ڪتو 25 درهمن ۾ وڪامندو هو. تازي ڪتن جي نسل کي عرب ۾ آندو ويو ۽ ان جي افزائش تي خاص ڌيان ڏنو ويو. عرب حڪمران سنڌ جي باغي قومن کان خراج طور ڪتا وٺندا هئا. عرب حڪمران، عمران برمڪي جا ٽن کي حڪم ڏنو هو ته جڏهن به وٽن اچن، تڏهن پاڻ سان عمدي قسم جو ڪتو به آڻين.“ ان حڪم ڪري سنڌ جي ڪتن جي قيمت پنج سئو درهم ٿي ويئي. هي حاڪم خليفي واثق باالله کي ڪتا، شير ببر ۽ ٻيا سنڌ جا وحشي جانور موڪليندو هو. سليمان تاجر لکي ٿو ته ” هتان هڪ اهڙو جانور جنهن جي پگهر مان خوشبوءِ نڪرندي هئي، عرب واپاري مراڪش تائين موڪليندا هئا.
[b](د) پکي
[/b] سنڌ پکين جو ڏيهه آهي. هت کائڻ ۽ ڌارڻ لائق لکين پکي آهن، جن جي سونهن سوڀيا ۽ ذائقو ڪيترن کي گرويده بنائي ڇڏيو. عربن به سنڌ جي ڪيترن ئي پکين کي پنهنجي ابائي سرزمين ۾ پهچايو. انهن پکين مان ڪڪڙين کي خاص اهميت آهي. آل معلب وارن ڪڪڙين کي عراق ۽ شام پهچايو، جن کي ” رجاج سنڌي“ سڏيو ويندو هو .عربي مورخن مان به خط سنڌي ڪڪڙين کي انهن جانورن مان شمار ڪيو آهي، جن کي خداوند ڪريم هتان جي خاص خصوصيتن سان خلقيو آهي. عهد رسالت ۾ سنڌي ڪڪڙين جو عرب ۾ وڏو واهپو هو ۽ اهي اتي ڌاريون به وينديون هيون. پاڻ سڳورن ﷺ جن سنڌي ڪڪڙ تناول فرمائي ۽ ان لاءِ پسنديدگي جا الفاظ به ظاهر ڪيائون.“ ( مولانا غلام مصطفى قاسمي – هفتيوار آزاد ڪراچي) علامه دميري لکي ٿو ته ” علامه محي الدين طبري روايت ڪئي آهي ته حضور ﷺ جن وٽ هڪ اڇو ڪڪڙ هوندو هو ۽ اصحاب سڳورا نماز جي وقتن معلوم ڪرڻ لاءِ سفر ۾ ڪڪڙ ساڻ کڻندا هئا.“ مسند احمد ابي دائود ۽ابن ماجه ۾ هي حديث آيل آهي ت ” لاتسبو الديڪ، فانهه يوقت الصواته يعني ڪڪڙ کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو، جو هو نماز لاءِ اٿاريندو آهي.“ ( مولانا غلامه مصطفى – ماهنامه شريعت فتاوي نمبر )
ٻيو سنڌي پکي مور آهي، جيڪو عربن ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو، سندس سهڻا کنڀ قرآن شريف جي زينت بنيا ۽ سوادي گوشت عرب خوشي سان کائڻ لڳا. مسعودي لکي ٿو ته ” هتان مور، عراق آندا ويا ۽ اتي سندس نسل تيار ڪيو ويسو. پر انهن جي رنگ روپ ۾ فرق ضرور هو.“ همداني به سنڌ جي مور جو ذڪر ڪيو آهي. ان کان سواءِ ڳالهائيندڙ طوطا ۽ قاصد ڪبوتر به سنڌ مان عرب جي سرزمين تي پهتا.
[b](ذ ) چمڙو ۽ چمڙي مان ٺهيل سامان
[/b] سنڌ ۾ جيئن ته چوپايو مال گهڻو هو. ان ڪري هت چمڙو اڪثريت سان ٿيندو هو. سنڌ ۾ چمڙو کجور سان رکيو ويندو هو، جيڪو نرم، نازڪ ۽ جٽاءَ دار هوندو هو. ان ڪري هي چمڙو عربي دنيا ۾ ” السنديه“ سڏبو هو. ان وقت ديبل، منصوره، نيرن ڪوٽ ۽ ٺٽو چمڙي جا مرڪز هئا، جتي چمڙي رڱڻ جا ڪارخانا هئا. عرب ۽ ايراني سوداگر اتان چمڙو گهرائيندا هئا. ڪن شهرن ۾ چمڙو ٻٻر جي ڇوڏن سان رڱيو ويندو هو.
سنڌ ۾ چمڙي جي صنعت وڏي ترقي ڪئي. هن مان بهترين سامان ٺهڻ لڳو، جيڪو ٻاهرين دنيا ۾ هٿئون هٿ وڪامندو هو. خاص ڪري سنڌ ۾ چمڙي مان ٺهيل جتيون ڏاڍيون مشهور هيون، جيڪي بغداد ۽ مغرب الاقصى جا شهزاده ۽ امير طبقو خريد ڪندا هئا. ڊاڪٽر ابوالنصر فاسري لکي ٿو ته ” اولهه ايشيا وارن کي زيبدار وڏي کڙي ۽ مضبوط ترين جتين جو استعمال سنڌين ئي سيکاريو. ( رسالو برهان سيپٽمبر 1961ع – ص نمبر 5) امام احمد بن حنبل انهن سنڌي جتين بابت لکي ٿو ته ” اهي سنڌي جتيون اهڙيون ته خوشنما ۽ ڀيڪدار هونديون هيون جو، درويش ۽ سنجيده ماڻهو انکي پائڻ ئي پسند ڪندا هئا ۽ اهي صرف شهزادن لاءِ مخصوص مخصوص سمجهنديون وينديون هيون.“ ساڳي طرح امام بخاري لکي ٿو ته ” اهي جتيون ايڏيون ته خوبصورت آهن جو سواءِ شهزادن جي ٻيو ڪوبه خريد ڪري پهري نه ٿو سگهي.“ ( ڪتاب الورح ص 101، بحواله عرب و هند ڪي تعقات ) انهن جتين تي تمام سهڻي نموني ڀرت سان عربي شعر به لکبا ويندا هئا. جن مان هڪ بيت هي آهي.
خعلت وخدي لهه ارضا – فغلت طامن فوقها و ارضها
فقال، لا، قلت بلى سيدي – صبراً علي الحب وان مفى
( بحواله سنڌي ٻولي جي تاريخ – ڊاڪٽر بلوچ صاحب )
جتين کان سواءِ سنڌ ۾چمڙي مان صندوقون ۽ پيٽيون به ٺاهيون وينديون هيون. پاڻي جو پخالون به تيار ڪيون وينديون هيون، جيڪي عرب ۾ وڏي قيمت ۾ وڪامنديون هيون.
[b](ر) هٿيار
[/b] سنڌ ۾ رهندڙ قوم هڪ جنگجو ۽ بهادر قوم آهي، جنهن تاريخ جي هر دور ۾ دنيا جي عظيم ڌاڙيلن سان مقابلا ڪيا، جن لاءِ هن قوم هٿيار ٺاهيا. جيئن ته سنڌ معدنيات جي لحاظ کان امير خطو آهي ۽ هت لوهه، ٽامي ۽ سون جون کاڻيون هيون. شريف ادريسي لکي ٿو ته ” جنوبي هند لوهه جون کاڻيون هيون. ڪرمان جي دمندان کاڻين مان لوهه، ٽامون ۽ سون کوٽي فولاد ٺاهي، ان مان اوزار تيار ڪيا ويندا هئا.“ مسعودي لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ ماڻهو کاڻين مان لوهه ڪڍي تلوارون، خنجر ۽ لڙائي جا ٻيا قسمين قسمين سامان ايجاد ڪيا.“ سنڌين جي انهن سڀني هٿيارن ۾ پهريون نمبر هتان جون تلوارون هيون، جيڪي عرب ۾ ڏاڍيون مقبول ٿيون، جن کي اتي بلمانيه چئبو هو. جاخظ لکي ٿو ته ” سنڌين جون تلوارون نهايت عمديون هونديون آهن. “ شريف ادريسي لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ ترارين ٺاهڻ جا ڪارخانا آهن. هتان جا ڪاريگر، هر ملڪ جي ماڻهن لاءِ، سندس مرضي موجب ڀليون تلوارون تيار ڪندا رهن ٿا. “ سنڌي تلوار پنهنجي ساخت ۽ بناوٽ جي لحاظ کان اعلى پائي جي هئي ۽ ان ڪري عربي شاعري جو اهم موضوع بنجي ويئي. حضرت ڪعب ابن زبير رضه جي مشهور قصيدي بانت سعديه ۾ سنڌي تلوار جو ذڪر هن طرح ملي ٿو.
ان الرسول سيف يستعذه بهه – مهند من سيوف الله مسلول ( جنت السنڌ – مولائي شيدائي ص نمبر 312) يعنى ” رسول ﷺ جي خدا جي هٿ مان نڪتل تلوار آهي، جنهن مان روشني نڪري ٿي.“ زهير جو شعر آهي ته ” ٻين ترارين جي وچ ۾ هندي ترار توکي، جنگ جي ميدان ۾ ڪڏهن ناڪام ڪري نه ٿي سگهي، جڏهن هٿيار بند لشڪر جي جنگ لڳي.“ طرف بن عبدالله چيو آهي ته ” آدمي لاءِ، پنهنجي جو ستم، هندي ( سنڌي ) ترار کان زياده تڪليف ڏيندڙ آهي.“ ( عرب وهند – عهد رسالت مير قاضي اطهر مبارڪپوري ) سنڌ ۾ قيمتي زرهون به ٺهنديون هيون، جن جي سوناڪاري جو ڪم سهڻو ٿيل هوندو هو.
سنڌ جو ٻيو خاص هٿيار نيزو هو. هت بيد، بڪم ۽ نيزي جي ڪاٺي ٿيندي هئي، ان ڪري هتان سنهي بانس جا تير جن کي لوهه جا نوڪدار مٿا لڳل هوندا هئا عرب ويندا هئا. سنڌي نيزا عمان کان بحرين تائين عام هئا. انهن لاءِ سنڌ ۽ گجرات مان بيد ۽ بانس گهرايو ويندو هو. هنن هٿيارن جو ذڪر به عربي شاعري ۾ ڪيو ويو آهي.خدمله بن منذر جو شعر آهي ته ” چارو ڳوليندڙ جي دير سبب، ڏاچيون ائين جڪڙيل هيون، جيئن هند،سنڌ جا بانس ٻڌي رکيا ويندا آهن.“ ابو عطا سنڌي جو مشهور عربي شعر آهي ته ” مون توکي اهڙي نازڪ وقت ۾ ياد ڪيو، جڏهن جنگ جي ميدان ۾، تيز نيزا، اسان جي رت مان سيراب ٿيندا پئي رهيا.“ ساڳي طرح ابوضلع سنڌي به هٿيارن جو فخر سان ذڪر ڪندي چئي ٿو ته” ۽ هٿيارن، تلوارون آهن جن کي ڪڏهن به ڪٽ نه لڳندي آهي ۽ اهڙا نيزا آهن، جو جڏهن لرزش ۾ اچن ته سڄي فوج جي فوج لڏي وڃي.“ حاتم طائي چئي ٿو ته ” مان پنهنجي مال ۾ عمديون زرهون، پڪي رنگ جا نيزا ۽ سنڌي اوزارون محفوظ رکندس.“ ( بحواله سنڌ جي طبي تاريخ – ج اول ص نمبر 312) مطلب ته هي سڀ هٿيار سنڌ مان عرب ۽ عجم جا واپاري خريد ڪري عرب دنيا ۾ موڪليندا هئا.
[b](ز) زرعي جنسون
[/b] سنڌ قدرتي طرح زرعي ملڪ آهي. مهراڻ جو سدا حيات پاڪ پاڻي ۽ زرخيز زمين جي ڪري، هي ديس پراڻي زماني کان سون پئدا ڪندو رهيو آهي. هتان جي زرعي پئداوار ساري دنيا پهچي انسان جي خوراڪ جون بنيادي ضرورتون پئدا ڪندي رهي آهي. عرب واپارين به خاص طرح هتان جي پئداوار کي پنهنجي ملڪ ۾ پهچايو. سنڌ جي زرعي جنسن ۾، چانور، ڪپهه، ناريل، نارنگيون، انب، ليما ۽ کجور عربي دنيا ۾ مشهور رهيون. اشوري شهنشاهه منخريب جي زماني ۾ ڪڪڙا سنڌ مان گهرايا ويا ۽ عراق ۾ پهريون دفعو وونئڻ جي پوک جو رواج پيو. هارون الرشيد جي ڏينهن ۾ سنڌ جي ڪپهه کي عراق ۾ وڏي پئماني تي پوکيو ويو. عربن سنڌ جي ناريل کي نارجيل، انب کي انبج، نير کي نيلج، ڪرمچي کي ڪرمج ۽ ڪپهه کي ڪرپاس سڏيو. نير، ڪمند، چانور، لاک ۽ کوئنر سنڌ مان عرب ۾ پهتيون. سنڌي چانور عربن عراق پهچايا. بابل ۽ مشرقي عربستان ۾،سندس معرفت چانورن جي پوک ٿيڻ لڳي. سنڌ جي ڪمند کي عربن ايراني نار، شام، مصر ۽ اردن پهچايو. جتي سندس پوک ٿيڻ لڳي. نير هتان جي خاص پئداوار هئي، جنهن جو اگهه عربن جي تجارت ڪري وڌي ويو. عرب هتان نير شام کڻي ويندا هئا، جتان وينس جا جهازران يورپ جي ملڪن ۾، سنڌي نير جو نيڪال ڪيو. ( ابن حوقل نمبر 150 بحواله جنت السنڌ) عرب واپارين ئي سنڌ جي سڻي کي عربستان پهچايو، جنهن کي ” ڪتان الهند“ چيو ويندو هو. گدامڙي جو وڻ به سنڌ مان بصري پهتو. عرب واپاري هن کي سنڌي کجور سڏيندا هئا، جيڪا مصر ۾ تمام گهڻو وڪامندي هئي، جتي اها ممين ٺاهڻ ۾ڪم ايندي هئي. پان جي پوک به سنڌ مان عربستان ۾ ويئي. ڀنگ به هتان ويئي ۽ مصر ۾ ان جي پوک ٿيڻ لڳي. بڙ جي وڻ کي يمن ۾ پهچايو ويو. سبزين ۾ هتان جي خاص پئداوار ٿوم ۽ بصر آهي، جيڪا عربستان ۾ عام وڃڻ لڳي، جنهن ڪري مولانا گرامي صاحب جي چوڻ موجب ان جو قرآن شريف ۾ ” فومها وبصلها“ جي صورت ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي ٻئي ٺيٺ سنڌي لفظ آهن “ ( سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ – سه ماهي مهراڻ گرامي نمبر )
سنڌ جا ميوا عربستان ۾ ڏاڍا مقبول ٿيا ۽ اتي سندن طلب وڌڻ ڪري، عرب واپارين هتان جي ميون جي تجارت کي وسيع پئماني تي فروغ ڏنو. هتان جا خاص ميوا انب ليما، ناريل، سنگتڙا، ڪيلا ۽ توت هئا. بشاري لکي ٿو ته ” سنڌ جي خاص پئداوار ٻه ميوا آهن. هڪ جو نالو انب ۽ ٻئي جو ليمون آهي. انب آڙو وانگر آهي جيڪو ڏاڍو سوادي آهي ۽ ليمون زردالو وانگر ميوو آهي جو ڏاڍو کٽو ٿيندو آهي.“ ( چوٿين صدي هجري جي سنڌ – ماهنامه جولاءِ آگسٽ 1973ع) ابن حوقل لکي ٿو ته ” هت صوف جيترو هڪ ميوو ٿئي ٿو، جنهن کي ليمون چئجي ٿو، جيڪو ڏاڍو کٽو ٿئي ٿو، جنهن جو مزو شفتالو وانگر آهي.“ مسعودي لکي ٿو ته ” نارنگي ۽ ليمون، هتان جي خاص پئداوار آهي، جيڪي اول عمان، شام ۽ پوءِ عراق پهتا ۽ اتان گهر گهر ۾ ڦهلجي ويا.“ سنڌي ليمان عراق ۽ مصر ۾ پوکجڻ لڳا. ابوزيد لکي ٿو ته ” عرب تاجر هتان، ناريلن جا جهاز ڀري، عمان ويندا هئا ۽ وڏي دولت ڪمائيندا هئا.“ سنڌ جو تازيون نارنگيون عرب واپاري يورپ ۾ وڪڻڻ لڳا. هتان جا رهاڪو، سنڌ جي ميون کي، کنڊ ۾ ملائي مربا ٺاهي وڪرو ڪندا هئا. ان کان سواءِ، سنڌ جي ميون مان شراب ٺاهيو ويندو هو. سنڌ جي کجور به عربي دنيا ۾ پنهنجي تازگي ۽ سواد سببان مشهور هئي عرب واپاري ان مان کنڊ ۽ حلوو تيار ڪري، وڏي اگهه تي وڪرو ڪندا هئا. عرب واپاري ان حلوي کي ” فانيذ“ چوندا هئا، جيڪو عباسي دور ۾ مڪران جا بلوچ، بغداد جي درٻار کي سالياني ڍل طور ڏيندا هئا.“ هت هڪ سئو قسم کان به وڌيڪ کجور وڪامندي هئي. گويا سنڌ کجور جي بين الاقوامي منڊي هئي. ڊاک، انگور، بادام ۽ عربستان ۾ سنڌ کان پهتا. سوپاريون حجاز ۽ يمن ۾ پهتي.
عرب واپارين نه صرف سنڌ جي زرعي جنسن کي ٻاهرئين دنيا ۾ پهچايو، پر ڪيترن ئي نين زرعي جنسن کان سنڌ کي روشناس ڪرايو. انهن مان مکيه ماڻهن جي دال آهي، جيڪا عرب واپارين ئي، يمن مان سنڌ ۾ آندي ۽ هت پوکجڻ لڳي. ميندي به عربستان مان هت آئي. سبزين ۾ واڱڻ، عربن جي وسيلي ايران کان سنڌ ۾ آيو. اهڙي طرح ڀينڊين جو ٻج، عرب واپارين مصر کان سنڌ ۾ آندو. ترنج ايران کان سنڌ ۾ آيو. خشخس جو رواج به، عرب واپارين ئي سنڌ ۾ وڌو، جنهن ڪري هت آفيم جي پوک ٿيڻ لڳي. نيلوفر جا گل، عرب واپارين خراسان مان سنڌ ۾ آندا ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي ص نمبر 315) يمن جي هڪڙي ٻوڙي ” ورسد“ جي عربن سنڌ ۾ پوک ڪرائي جنهن ملڪ ۾ ڪرڪم سڏبو هو. منجهانئس پيلو رنگ ٺهندو هو.
[b](س) کنڊ
[/b] ان دور ۾، سنڌ جي کنڊ تمام مشهور هئي، جيڪا کجور مان ٺاهي ويندي هئي. ابن حوقل لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ چئن شهرن ۾ کنڊ ٺهندي هئي . مسڪان، قزوا، مڪران ۽ طوران انهن شهرن مان ماسڪان جي کنڊ وڌيڪ صاف ۽ داڻي دار هئي، ان ڪري اها مشهور هئي. بعد ۾ طوران ۾ به کنڊ سٺي ٺهڻ لڳي. عباسين جي دور ۾، اسلامي دنيا کي ڪچي ڳاڙهي کنڊ ۽ ڳڙ سنڌ فراهم ڪندي هئي.
[b](ش ) ڪاٺ
[/b] ساڳ، بيد ۽ بانس سنڌ جا مشهور ڪاٺ هئا، جن جي عرب دنيا ۾ وڏي طلب هئي. سنڌ ۾ هن قسم جو ڪاٺ تمام گهڻو ٿيندو هو. همداني لکي ٿو ته ” عمارتي ڪاٺ ۽ سنبل، بيد، بانس ۽ ساڳ جو ڪاٺ سنڌ ۾ عام هو.“ مسعودي لکي ٿو ته ” هت ساڳ جي ڪاٺي ايتري ته ڊگهي ٿئي ٿي جو ڪڏهن ته سئو هٿ به ٿي وڃي ٿي. بيد ۽ بانس ٻيئي وڻ، مشرقي ايشيا ۾ ٿين ٿا پر سنڌ جي آبهوا، تن ڏينهن ۾، انهن وڻن لاءِ موافق هئي. ٻيئي وڻ ڊيگهه ۾ سٺ فوٽ ڊگها هئا. سندن گهاٽن ٻيلن ۾ هاٿي ۽ گينڊا رهندا هئا. ابن خرداز به لکي ٿو ته ” سنڌ مان بانس ۽ بيد عربستان مان ويندا هئا.“ ساڳ جي ڪاٺي، عربستان ۾ ڏاڍي مشهور هئي ۽ ان مان تمام گهڻو فرنيچر ٺاهيو ويندو هو. انساب الاشراف ۾، حضرت عائشه رضه کان روايت آهي ته ” مڪي ۾ قريشن وٽ، کٽ جو رواج ڪين هو. جڏهن پاڻ سڳورا ﷺ جن مدينه ۾ آيا اسعد بن زراهه خاص طور ساڳ مان تيار ٿيو ته پاڻ اهو صندل کڻائي آيا. جڏهن وفات ڪيائون ته ساڳئي صندل تي سندن جنازي جي نماز پڙهائي ويئي. ( عرب وهند – عهد رسالت مين – قاضي اطهر مبارڪپوري ) عربي شاعري ۾ به سنڌ جي ساڳ جي ڪاٺِي جو ذڪر ملي ٿو. نابغ شيباني جو هڪ شعر آهي ته ” انهي قبي جي اوچائي تائين ڪو پکي به پهچي نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ ان جي اتاهين محراب تي ساڳ جي ڪاٺ جي ڇت آهي. (عرب وهند – عهد رسالت مين – قاضي اطهر مبارڪپوري )
سنڌ جو خضاب تمام مقبول هو. بنو اميه جو خليفوهشام بن عبدالمالڪ اهو سنڌي خضاب هڻندو هو. اليعقوبي لکي ٿو ته ” سندس ڏينهن ۾ ڪافور جو پاڻي ۽ نير عربستان ويندا هئا.“ سون ۽ چاندي جو به واپار ڪيو ويندو هو. الور ۽ دمدان مان سون ۽ چاندي نڪرندو هو. عباسيه دور ۾، سنڌ جا دينار ۽ درهم خالص سون ۽ چاندي مان ٺاهيا ويندا هئا، ان ڪري ٻاهرين دنيا ۾ انهن کي وڪرو ڪيو ويندو هو. سنڌ جي هڪ طلائي دينار جي قيمت هندستان جي شهرن ۾ اتي جي ٽن اشرافين جيتري هئي. سليمان تاجر جي لکڻ موجب ” سنڌي دينار بنگال جي اپ سمنڊ وارن شهرن تائين وڪامندا هئا. ديبل وٽ سچا موتي به نڪرندا هئا، جيڪي عرب تاجر ٻاهرين ملڪن ۾ وڪرو ڪندا هئا.“
عرب وارن ٻاهرين دنيا جون عجيب و غريب شيون سنڌ جي مارڪيٽ ۾ آنديون. شيشي جا برتن جن تي، ميناڪاري جو ڪم ٿيل هو. جنهن کي عرب واپاري ” اناءَ الزجاج“ چوندا هئا. سي سنڌ ۾ آيا.
[b]( ص ) ٻيون شيون
[/b] سنڌ ان دور ۾ هٿ جي هنر ۽ ڪاريگري ۾ ديسان ديس مشهور هئي. هت اعلى پائي جو ڀرت ۽ نقاشي جو ڪم ٿيندو هو. مسعودي لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ مٽي جا ٿانءُ اهڙا سهڻا ٺهن ٿا، جيڪي اسان جي ملڪ ۾، چيني تي وڪرو ٿين ٿا.“ سليمان تاجر لکي ٿو ته ” سنڌ جا عرب سوداگر گينڊن جا سڱ چين ۾ وڪرو ڪندا هئا. جن تي چينائي تصويرون ڪڍندا هئا ۽ انهن مان تصويرون جوڙيندا هئا. في صندوق جي قيمت ٽي هزار اشرفيون هئي. سنڌ ۾ ٺهيل ڪاٺ چمڙي جون پيتون، ٻاهر وينديون هيون. انهن مٿان، روغن جو ڪم تمام سٺو ٿيل هوندو هو، ان ڪري اهي دنيا ۾ مشهور هيون. سنڌ ۾ ٽامون اجمير کان ايندو هو. ملتان ۽سنڌ ۾ ان مان سهڻا ڀانءُ جڙندا هئا، جيڪي عرب ويندا هئا. سنڌي لوهه به بناوٽ، ڍلائي ۽ صفائي ۾ نهايت عمدو هوندو هو. جنهن مان ڪيتريون ئي سهڻيون شيون ٺاهيون وينديون هيون. سنڌ مان ڪارو لوڻ عربستان ويندو هو. مسعودي لکي ٿو ته ” ان وقت ڪالاباغ جي ٽڪرين ۽ سنڌ جي ڍنڍن مان لوڻ نڪرندو هو.“ انهن ۾ جام بلوري ۽ قنديليون عام هيون. اهي برتن شام ۾ جڙندا هئا. عربن سنڌ ۾ لوهه ۽ ٽامي جا برتن آندا، جنهن ڪري رڪابين، طشت، چلمچين، گلدانن، شمعدانن، تڏن ۽ غاليچن جو رواج پيو. عرب واپارين تعويذن، حمائل ۽ بازو بندن جهڙن زيورن جو رواج وڌو. عرب مصر جي زمري منڊين، مرجان ۽ ججو، جنهن کي هو ” دهنج“ سڏيندا هئا، سنڌ ۾ آندو. مصر جو شراب، شيراز ۽ اصفهان جو گلاب جو عطر ۽ بيد مشڪ جو عرق سنڌ جي شهرن ۾ وڪامندو هو. بغداد جو بلوري صراحيون باتيه ۽ مختلف قسمن جي ڪوزن ۽ ڊگهين ڳچين واريون شرپت جون بوتلون ” ففاغ “ سنڌ ۾ وڪامجڻ لڳيون. عرب واپارين سنڌ ۾ خوشبودار تيل ۽ عطر آندا. سنڌ جا ماڻهو جيئن ته وڏن وارن رکائڻ جا شوقين هئا، تنهنڪري خوشبودار تيلن جي تجارت ۾ انتهائي ترقي ڪئي. انهن ۾ ايراني گلاب جو عرق، بصري جي کجور جي گلن جو عرق ( ماءَ الطلح )، بيد مشڪ جو تيل ( دهن الخلاف ) مشهور هئا. بيد مشڪ جو تيل اندلس کان ايندو هو، ٻن رطلن جي قيمت ڏهه دينار هئي. ڪوفي جي گل شبو ۽ گل بنفشه جو خوشبودار تيل ”دهن الورد“، روغن گل، وارن وڏن ڪرڻ لاءِ، آمله جو تيل ” دهن الترج“، ليمي جو تيل، ڪافوري تيل، مصري نرگسي تيل، جيڪي خاص بوتلن ۾، سينگار لاءِ استعمال ٿيندا هئا. اهڙين بوتلن ۾ قسمين قسمين خوشبودار تيل وڪامندا هئا. جهڙوڪ دهن الازخير، دهن الزعفران، دهن الحنه، دهن الناردين، دهن النسرين، دهن البابونح، دهن السفرجل وغيره. ( ابن حوقل – المسالڪ والممالڪ – بحواله جنت السنڌ ص نمبر 281) ان کان سواءِ طلاڪاري ٿيل برتنن، دمشق ۽ قاهره جي گلوبندن ( جن کي اسين هسيون چئون ٿا) پيرن جي وزندار ڪڙين ( حجل ) غاليچن ( نک يا نخ ) جو رواج به سنڌ ۾ عربن وڌو. تعويذ تائٿ مان نڪتو آهي جيڪو عربن سنڌ ۾ آندو. سنڌي مرد لاءِ عمامه،پٽڪن، قميصن، سلوارن ۽ جبن کي به عرب واپارين هت آندو. ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 208)