ڪتاب جو نالو: خانه بدوش لفظن جا قافلا
مصنف: ادل سولنگي
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 07 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 920 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 312 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”خانه بدوش لفظن جا قافلا“ خوبصورت شاعر ۽ صحافي ادل سولنگي جي تخليقن جو مجموعو آهي. عبد الغفار تبسم لکي ٿو:
”شاعريءَ ۽ ٻوليءَ جي سواد سان گڏ ادل جي شاعراڻي اسلوب سان سنڌ جي ماڳن، مڪانن اُڌمن، اُمنگن، ڪمند جي واڍين کان وٺي تماشامن ۽ روپلن، سيارن سانوڻن، وارن جي چڳن کان وٺي جي هوائن جا حسين احساس ۽ زندگيءَ جون بي پناهه تنوارون ڄڻ لونءَ لونءَ مان تنوارينديون هجن، سندس هائيڪن ۽ بيتن ۾ سنڌ جي سونهن جو ڀرپور منظرنامو موجود آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • خانه بدوش لفظن جا قافلا
  • حق واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • ادل سولنگي: مختصر تعارف
  • ادل سولنگيءَ جي خانه بدوش لفظن جا قافلا (مهاڳ) : رکيل مورائي
  • امهاڳ : ادل جي شاعري سنڌ جو گزيٽيئر آهي (عبدالغفار تبسم)
  • زندگيءَ جهڙو شخص : ڪلثوم سولنگي
  • ادل سولنگي کي ڀيٽا : نويد سنديلو
  • شاعر جي قلم مان : خانه بدوشيءَ جون ساروڻيون
  • نظم

  • انڌ نگر جا رهواسي
  • وڃايل ڳوٺ جي ڳولا
  • ڳوٺ جون ڳليون
  • ڪـــاش ڪــوئي ڄاڻي سگهي
  • زندگي آهي ٽڙيل رابيل جان
  • زندگي ماءُ ڄڻ ڪا ماٽيلي
  • زندگي
  • ديوداس
  • اُجاڙ
  • نٽهڻن جو مسافر
  • پرين تو پڄاڻان
  • تون تون آهين، مان مان آهيان
  • ڄام شوري نه وڃ
  • سياري جو وسڪارو
  • سو ديس مسافر منهنجوڙي
  • فاصلا
  • ساڀيائن جي اڱڻ تي
  • سوال.....؟
  • بندوقن جي ٺاٺا
  • والار
  • شهيد دودو سومرو
  • شهيد دولهه درياهه خان
  • شهيد مخدوم بلاول
  • شهيد شاهه عنايت
  • جنرل هوش محمد شهيد
  • شهيد روپلو ڪولهي
  • شهيد هيمون ڪالاڻي
  • ديس جو ڌراوڙ
  • اُڃَ جو پَنڌُ
  • سنڌ ساڳي آهي؟
  • خوف
  • سرنهن جو ڦولار
  • ڊپ
  • فيصلو
  • تو بنا او پرين!
  • جلا وطن
  • تند، ڪٽارو، ڪنڌ
  • احساس
  • سِنڌُو
  • هاريءَ جيوت
  • يــــاد
  • ڪاري رات
  • سڪل وڻ جون ٽاريون
  • جنم جنم تائين
  • غربت
  • ساٿ جي نانءِ
  • آوازن جا چهڪ
  • اسان جي جنگ جاري آ
  • خانه بدوش
  • جانور
  • انقلاب
  • فطرت
  • آمريت
  • آپگهاتي بمبار
  • قومي سوال
  • پــريــــن
  • انقلابي رومانس جو شاعر فيض احمد فيض
  • او ڀٽائي ڀٽ ڌڻي، توکي سلام
  • غزل

  • سپنو سپنو، گلاب وانگي آ
  • سنڌ تنهنجون عاشقيون جاڳي پيون
  • هر گہڙيءَ جو گهاءُ، ٿو ماري وجہي
  • شهر راڪاس ٿي ويو آهي
  • جيون جي چؤواٽي تي، آءٌ تنهنجي ڪارڻ آيو هان!
  • جيون جهڙو زهر جا ڍُڪ
  • اَوٽ ۾ جيڏيون خطائون
  • آءٌ وڃايل صدين کان ٿو پاڻ کي ڳوليان صحرا ۾
  • رات جي سانت کي يار ٽوڙي ڇڏيو
  • ڳاڙهي رت جو پِيلو رنگ
  • اوچتو اوچتو، مِليس هُن سان
  • ٽياس ٽنگيون سُندر سوچون
  • اڙي وقت توتي هزارين ميارون
  • نه ڪو چيٽُ پنهنجو، نه ڪائي ڪَتي آ
  • وايون

  • ڪنهن جي ڪاڻ الائي!؟
  • تون نه آئين اڃا
  • ڄڻ ڪا رُت بسنت جي
  • ڪهڙي آهي زندگي
  • سج پهاڙن اوٽ ۾
  • سمنڊ ڪناري ماڻہن ميلو
  • ٿرٿلي ۾ ٿر
  • ٽياس ٽنگيل چؤواٽن تي
  • هو جو پوڙهو جہور
  • جيون جڳ منجہان
  • بيت ۽ هائيڪا

  • بيت
  • هائيڪا
  • گيت

  • تون ڇو مون کان ڏور
  • سنڌ منهنجي امان
  • او جيون ساٿي- موٽي اچ تون
  • ڀــاڳـلـيءَ جـي نـالـي

  • خانه بدوش لفظن جا قافلا

    خانه بدوش لفظن جا قافلا
    (شاعري)

    ادل سولنگي


    سرسوتي ساهت گهر- ڏوڪري


    ڊجيٽل ايڊيشن :

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    حق واسطا

    حق واسطا ليکڪ وٽ محفوظ آهن

    ڪتاب نمبر؛ پندرهون
    ڪتاب جو نالو: خانه بدوش لفظن جا قافلا
    موضوع: شاعري
    شاعر؛ ادل سولنگي
    ڇاپو؛ پهريون - 17 جنوري 2015ع
    ٽائيٽل؛ ڪپتان ابڙو
    ڪمپوزنگ غلام مرتضيٰ، عبدالمنان ميربحر
    ڪاتب پريس اسٽيشن روڊ لاڙڪاڻو.
    ڇپائيندڙ؛ سرسوتي ساهت گهر – ڏوڪري.

    مُلهه 150/= رپيا


    رابطي لاءِ؛ عيسيٰ ميمڻ
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور
    بندر روڊ لاڙڪاڻو

    Email: essa.memon1985@gmail.com
    Cell#: 0333-75553879

    هي ڪتاب عيسيٰ ميمڻ، سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري
    پاران حيدرآباد مان ڇپرائي ڏوڪريءَ مان پڌرو ڪيو.


    ارپنا

    رهبرِ اعظم
    سائين جي ايم سيد
    مها ڪوي: شيخ اياز
    ديش ڀڳت: ڪيرت ٻاٻاڻي
    ۽ محترم عبدالواحد آريسر جي
    فڪري قافلي جي نانءِ.

    ادل سولنگي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (321) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. شاعريءَ جو هي ڪتاب ”خانه بدوش لفظن جا قافلا“ خوبصورت شاعر ۽ صحافي ادل سولنگي جي تخليقن جو مجموعو آهي. عبد الغفار تبسم لکي ٿو:
    ”شاعريءَ ۽ ٻوليءَ جي سواد سان گڏ ادل جي شاعراڻي اسلوب سان سنڌ جي ماڳن، مڪانن اُڌمن، اُمنگن، ڪمند جي واڍين کان وٺي تماشامن ۽ روپلن، سيارن سانوڻن، وارن جي چڳن کان وٺي جي هوائن جا حسين احساس ۽ زندگيءَ جون بي پناهه تنوارون ڄڻ لونءَ لونءَ مان تنوارينديون هجن، سندس هائيڪن ۽ بيتن ۾ سنڌ جي سونهن جو ڀرپور منظرنامو موجود آهي.“
    هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪريءَ پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون عيسى ميمڻ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ جو هيءُ پندرنهون ڪتاب جيڪو سنڌ جي خانه بدوش شاعر ادل سولنگي جي ڪوتا ”خانه بدوش لفظن جا قافلا“ جي عنوان سان اوهان جي هٿن تائين پهچايو اٿئون. ادل سولنگي نه رڳو سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت ۽ برجستو شاعر آهي پر هن جي سموري زندگي قومي تحريڪ سان آزاد سنڌ لاءِ جدوجهد ڪندي گذري آهي. ادل پنهنجي زندگي سماج سان ويڙهه ڪندي گذاري آهي. هن کي زندگيءَ سان هزارين شڪايتن هوندي به هن زندگي کي ٻيڙيءَ جو اڌڙ سمجهي، ڏسڻ ۽ وائسڻ کان اڳ ٿوڪارڻ کي ڪفر پئي سمجهيو آهي. اڄ به هن جي زندگي سينواريل سماج ۾ نيل ڪنول ڀاسندي آهي. اڏول ۽ اٽل هالار جيان اوچو ڪنڌ کڻي جيئندڙ ادل سماج جو ideal ڪردار آهي.
    ادل جي زندگي، پيٽ گذر خاطر خانه بدوش رهي آهي. هن جي لفظن ۽ خيالن جا سلسلا به خانه بدوش ئي رهيا آهن. جڏهن هن جي شاعري شايع ڪرائڻ لاءِ اداري جي صلاحڪاري بورڊ فيصلو ڪيو تڏهن به هن جي شاعري خانه بدوشن وانگر وکريل ۽ بي ترتيب نظر آئي. هن جي ان خانه بدوشيءَ کي سهيڙي اوهان تائين پهچائڻ نه صرف پنهنجو فرض سمجهيو سين پر قرض به سمجهيوسين. اها ميار مناسب نه سمجهي سين ته سنڌي قوم جيئري قدر ڪرڻ سکي ناهي. ادل جي هن شعوري پورهئي کي اوهان تائين پهچائڻ ۾ اداري جي رهنمائي ڪندڙ سائين ناصر زهراڻي کي وسارڻ پنهنجو وڙ ناهي. ان ڪري ادارو هميشه وانگر سائين ناصر زهراڻيءَ جي خلوص، محبت ۽ سهڪار کي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿو.
    اميد ته اسان جون هي محبتون اوهان کي ساب پونديون. اوهان جون محبتون اسان جي ڪُل ڪائنات آهن.

    ادارو: سرسوتي ساهت گهر – ڏوڪري
    تاريخ 25 ڊسمبر 2014


    ادل سولنگي: مختصر تعارف

    نالو: لعل بخش
    ولد: محمد حسين سولنگي
    ادبي نانءُ: ادل سولنگي
    جنم: 08 مارچ 1966ع (محرابپور تعلقو باڪراڻي)

    تعليم
    پرائمري: گورنمينٽ پرائمري اسڪول محرابپور
    مئٽرڪ: گورنمينٽ هاءِ اسڪول مخدوم بلاول ضلعو دادو
    لکڻ جي ابتدا: 1982ع کان.

    ادبي خدمتون

    • اسسٽنٽ ايڊيٽر: ماهوار ”پارس“ ڪراچي 1990ع کان 1995ع تائين
    • اسسٽنٽ ايڊيٽر: هفتيوار سرتاج بدين 1995ع
    • سب ايڊيٽر: روزانه ”پڪار“ ڪراچي 1996ع
    • سب ايڊيٽر: عوامي آواز 2008،2007 - 2011ع
    • سب ايڊيٽر: سنڌ ٽي وي نيوز ٻه سال.
    • ايڊورٽائيزنگ شعبو: ماهوار ”لهرون“ ڪراچي 1996ع
    • سرڪيوليشن مئنيجر: ماهوار ”رچنا“ ڪراچي 1999ع
    • چيف ايڊيٽر: سلسليوار سمبارا، 2006ع کان.
    • ايڊيٽر: ماهوار ”سارنگ“ ڪراچي 2010ع کان 2012ع تائين.


    ادبي وابستگي

    • جوائنٽ سيڪريٽري: س اس شاخ شاهه آباد دادو 1983ع
    • خزانچي: س ا س شاخ دادو 1984ع
    • سيڪريٽري: خزانچي ۽ ڪائونسلر س ا س شاخ محرابپور
    1990ع کان 1992ع.
    • جوائنٽ سيڪريٽري: س ا س شاخ ڏوڪري 2005- 2004.
    • سيڪريٽري ۽ آڊيٽر: س ا س ڪراچي 1995ع کان.
    • ميمبر صلاحڪاري بورڊ: سرسوتي ساهت گہر - ڏوڪري 2012ع کان.

    سياسي وابستگي:

    • ميمبر: جيئي سنڌ محاذ سان 1985ع کان 1995ع تائين.
    • ميمبر: جيئي سنڌ قومي محاذ 1995ع کان اڄ تائين.
    • ميمبر ليڪچر ڪاميٽي: جسقم تعلقو ڏوڪري 2005ع ۽ 2006ع.
    • سيڪريٽري: جسقم ضلعو لاڙڪاڻو 28 ڊسمبر 2014ع کان.

    سماجي وابستگي:

    • صدر ۽ سيڪريٽري؛ وليج ويلفيئر سوسائٽي محرابپور 1986ع کان
    1990ع.
    • پريس ترجمان؛ سماجي تنظيمن جي ايڪشن ڪاميٽي تعلقو ڏوڪري.
    • ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ؛ ڳوٺ سڌار سنگت 1994ع
    • سيڪريٽري ۽ انچارج؛ شاهه عنايت شهيد لائبريري محرابپور.
    • چيئرمين - سيڪريٽري؛ مُهين جو دڙو اڪيدمي آف سنڌ (مختلف وقتن تي).
    • گلوبل فائونڊيش هيومن رائيٽس نيٽورڪ اسلام آباد جو ميمبر.

    سياسي سفر جا يادگار لمحا؛

    • سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران دادوءَ ۾ ساٿين سان گڏ ٽريلرس کي ساڙڻ، ڪورٽ، ريلوي اسٽشين ۽ جيل ساڙڻ جا ڪيس داخل ٿيا ۽ ڪيترو ئي وقت روپوشيءَ ۾ گذريو.
    • 2001ع ۾ مورو باءِ پاس تي سنڌو درياءَ تي اڏجندڙ ڊيمن خلاف هنيل جسقم جي ڌرڻي مان گرفتار ڪيو ويو ۽ هڪ هفتي کان وڌيڪ مورو، گچيرو ۽ گولاڙچي ٿاڻن تي قيد ڪيو ويو.
    • 2014ع ۾ 23 فيبروي کان 20 مارچ تائين جسقم جي آزادي مارچ ۾ سکر ساڌ ٻيلي کان ڪراچي تائين پيرين پنڌ مارچ ڪيو، وک وک تي سنڌ کي نئين رخ کان ڏسڻ جو موقعو مليو.

    شادي؛ 11 جون 1983 ماساتِ سان.

    اولاد؛ 1 سورٺ راڻي 2 سونهن راڻي 3 رابيل راڻي 4 مخدوم بلاول 5 ڄام سارنگ 6 سرمد 7 دارا شڪوه 8 فرحان

    مليل ايوارڊ

    1. ادبي خدمتن عيوض س ا س شاخ ڏوڪري 2001ع
    2. بهترين شاعر ايوارڊ؛ س ا س شاخ ڏوڪري پاران 2002ع
    3. ادبي خدمتن عيوض سنگت شاخ ڏوڪري پاران 2002ع ۾ رهاڻ رچائي وئي.
    4. 2007ع ۾ نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ سنڌ پاران سماجي خدمتن عيوض سَنَدَ ڏني وئي.
    5. 2007ع ۾ اسوا ڏوڪري پاران ادبي ۽ سماجي خدمتن عيوض مڃتا سَنَدَ ڏني وئي.

    ڇپيل ڪتاب؛

    1. خانه بدوش لفظن جا قافلا (شاعري) 2015ع

    اڻ ڇپيل مجموعا.

    • چيٽ جي چانڊاڻ (شاعري)
    • پريالو جي گلابن جھڙا پرين (خاڪا)
    • سرت سنگہرين نه قيد ٿيندي آ - (ڪتابن تي تبصرا)
    • آزادي مارچ جون يادگيريون.

    ڏس پتو؛

    ٽپال گهر محرابپور تعلقو باقراڻي، ضلعو لاڙڪاڻو.
    فون نمبر؛ 0344-8389326


    مجيب نواب ميراڻي


    ادل سولنگيءَ جي خانه بدوش لفظن جا قافلا (مهاڳ) : رکيل مورائي

    سنڌي ٻوليءَ جي مها ڪوي شيخ اياز لکيو آهي:
    سنڌ کي مون آڇيو ايڏو سُڪار،
    ڏات جو ڪوئي ڏُڪار،
    ڪو نه پوندو.
    شايد اياز جي اها نيڪ خواهش ئي آهي، جنهن سبب سنڌ شاعريءَ جي حوالي ۾ ايتري خوشحال آهي، سُڪاريل آهي جو اها ڪنهن شاعراڻي ڏڪار جي ويجهو وڃي ئي نٿي سگهي. اياز جي ان نيڪ خواهش جي تناظر ۾ ڏسبو ته ادل جي شاعري پڻ ان سڪاريل سنڌ جي سڪار ۾ حصيدار آهي. جنهن کي الڳ نٿو ڪري سگهجي. واڌو اهو ته سنڌ جي شاعراڻي ادب ۾ هڪ نظم اهڙو به آهي، جيڪو ادل سولنگيءَ جي نالي ۽ حوالي سان سڃاتو ويندو، اهو نظم اهڙو آهي جنهن نظم ۾ اڪثر پنهنجي ان ماضيءَ جي تلاش آهي، جيڪو بظاهر اهم نه آهي تڏهن به ماضي آهي، ان ڪري اهو عزيز آهي.
    جڏهن حال سٺو نه هوندو هي ته سٺو نه هوندي به ماضي عزيز لڳندو آهي، اهو انسان ذات جو گڏيل الميو آهي، جيڪي قومون، گروهه ۽ طبقا، پنهنجي آڪاس تي اڏامندڙ حال ۾ جيئن ٿا، انهن لاءِ شايد ماضي ايترو اهم نه آهي، جيترو انهن لاءِ اهم آهي، جن وٽ حال ڌنڌلو آهي ۽ مستقبل اونداهو آهي.
    شخص ان سڄي سفر ۾ جيئن ته موجود آهي، ان ڪري هو الڳ شڪلين ۾ ماضي، حال توڻي مستقبل تي ويچارڻ کان پوءِ جيڪو ڪجهه ماڻي يا ڀوڳي ٿو، اهو هو پنهنجي حافظي ۾ محفوظ ڪري ٿو ۽ پوءِ وقت اچڻ تي ان سڀ کي پنهنجي تخليق ۾ اظهاري ٿو. تخليق جيڪا هن جي اندر جي آتم ڪٿا به آهي ته ٻاهر جو وهي کاتو به!
    ائين هر شخص پنهنجو وهي کاتو ٺاهي ٿو، قلم سان، برش سان، ڇيڻيءَ سان يا ڪنهن ٻئي وسيلي/واهڻ جي معرفت.
    ادل سولنگيءَ پنهنجي حافظي کي قلم وسيلي اظهاريو آهي، ڇاڪاڻ ته فائن آرٽ جو اهو شعبو کيس راس آيو آهي ۽ مستقل کيس راس آيو آهي، جيتوڻيڪ هو ننڍپڻ ۾ ڪن پنن تي ڪي وڻندڙن/اڻ وڻندڙ تصويرون به ٺاهيندو هئو، پر اهو شايد سندس ننڍپڻ هئو، جيڪو وقت کانئس پنن سميت کسي ورتو آهي، هاڻ هو اڌ صديءَ جو سفر ڪري جنهن هنڌ تي پڳو آهي، اهو اهڙو هنڌ آهي، جيڪو کيس، جيڪا به سڃاڻپ ڏيندو، اُها ئي سندس اولين ۽ آخرين سڃاڻپ هوندي.
    اڄ تائين جيڪا هن جي سڃاڻپ سامهون ايندي رهي آهي اها هڪ نظم جي شاعر واري آهي ۽ اهو شاعراهڙو آهي، جيڪو موجوده سڀ ڪجهه کان باغي آهي، بيزار آهي، نااميد آهي. ايندڙجيڪي به ڪجهه آهي ان ۾ سندس اميد آهي، جيڪي ڪجهه هُن ماضيءَ ۾ وڃايو آهي، ان جي حاصل ڪرڻ جي تمنا آهي، غير اهم ماضيءَ کي اهم مستقبل ۾ تبديل ڪرڻ جو خواب آهي، جيڪو هن جي اکين جي ماڻڪين مان نڪرڻ وارو نه آهي، ان جي ساڀيان ڪهڙي ٿيڻي آهي، ان جو پتو نه آهي پر هو هڪ اهڙو شاعر آهي، جيڪو ان ساڀيان جي اوسيئڙي ۾ پنهنجا سڀ جنم ارپڻ ڪرڻ جو خواهشمند آهي، شايد هن ڀٽائيءَ سائين جي پوئلڳي ۾ سندس ان سٽ جو مقصد پنهنجو ڪيو آهي ته:
    جي قيام مڙن، ته اوڏا ڀانئج سپرين.
    ادل سولنگيءَ پنهنجي اڌ صديءَ جي عمر کي رسڻ واري وقت ۾ تازو هڪ نظم لکيو آهي ”وڃايل ڳوٺ جي ڳولا“ جنهن نظم کي کڻي مان سندس شخص توڻي شاعر جون ڪجهه وضاحتون ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس. اهڙي ڪوشش جنهن جو مقصد هن جي انهن نظمن، غزلن، گيتن ۽ واين جو پيرو کڻڻ هوندو، جن ۾ هن جو ماضي لڪل آهي ۽ جنهن جو سبب هن جو شاعر بڻجڻ آهي. ڇاڪڻ ته سندس ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ ڪيترائي نقاد سندس شاعريءَ تي لکندا، پر مان انهن کِڻن/پلن تي لکڻ چاهيان ٿو، جن کِڻن/پلن ۾ هن اهي نظم لکيا، جيڪي کِڻ/پَلَ منهنجي آڏو گذريا آهن ۽ جن جو مان اکين ڏٺو شاهد آهيان، شايد اهڙو شاهد هُو (ليکڪ) پاڻ به نه هجي. ۽ جيڪڏهن ڪو ٻيو ان سڀ کي سمجهڻ يا ڳولڻ چاهي ته اهو سندس نظم ”وڃايل ڳوٺ جي ڳولا“ ۾ مرڪز بڻيل هي سٽ پڙهي سگهي ٿو:
    جڏهن ناري ڪناري سان اسان جو ڳوٺ هوندو هو.
    مون کي گمان نه پر پڪ آهي ته ادل سولنگيءَ جو هيءُ نظم اهڙي ڪوشش آهي، جنهن ڪوشش پويان ڪنهن به شخص جي منشا فقط وقت جا پيرا جاچڻ نه هوندي آهي، پر انهيءَ پنڌ ۾ هو پنهنجي ڳوڙهن کي به تلاش ڪندو آهي، جيڪي هن جي ڪيترن ئي نسلن وهايا هوندا آهن.
    ادل جي هن نظم ۾ ان ماضيءَ جي تلاش آهي، جيڪو ماضيءَ هن هڪ جو ئي نه بلڪه هن جي سموري خاندان جو ماضي آهي. اهڙو ماضي جيڪو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ انهن ٻن حصن جي وچ ۾ سنڌو درياهه وهي ٿو. اهو سنڌو درياهه، جنهن جي ڪنارن تي دنيا جا پهريان گرنٿ/ويد لکيا ويا هئا، ۽ انهيءَ ئي سنڌو درياهه جي ڪناري تي ادل جي وڏن، پنج هزار سال اڳ هڪ شاندار تهذيب جوڙي هئي، جن جي پيروي ڪندي اڄ هو انهيءَ تهذيب کي محفوظ رکڻ لاءِ شاندار گيت جوڙي رهيو آهي. حيرت جي حد تائين اڄ به ادل پنهنجي ان ماضيءَ کان ٽٽو ناهي. اڄ به هو پنهنجي ماضيءَ کي اکين ۽ دل ۾ سانڍي ويٺو آهي. شايد سندس دل جڏهن پنهنجي هلچل پوري ڪندي ته هو پنهنجو اهو ماضي پنهنجي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪندو، جيڪر هڪ ڪتاب جي روپ ۾ هوندو، جنهن ڪتاب جو نالو هوندو ” خانه بدوش لفظن جا قافلا“ هيءُ اهي قافلا آهن جيڪي مسلسل سفر ۾ آهن.
    پراڻي ناري ڪناري تي اڏيل ڳوٺ، جنهن جي اڄ ادل سولنگيءَ کي تلاش آهي ۽ هو ان کي ماضيءَ جي جهروڪن مان جانچي رهيو آهي، دراصل اهو ڳوٺ ان ”حوا“ جو ڳوٺ آهي، جنهن کي ڪيئي صديون اڳ پنهنجو ”آدم “ اڪيلو ڇڏي ڪيڏانهن گم ٿي ويو هئو ۽ ”حوا“ اڄ ڏينهن تائين، پنهنجي ان آدم جي تلاش ۾ آهي.
    ۽ اهو آدم صدين کان پوءِ جڏهن واپس آيو ته اهو ادل جي روپ ۾ هئو. پر اڄ نه اها ”حوا“ هئي ۽ نه ئي اهو تصور وارو ڳوٺ هئو. جيڪو ناري جي ڪناري تي موجود هئو، هاڻ ته فقط اهو هن جي تصور ۾ موجود آهي، جنهن تصور ان ڳوٺ کي تلاشڻ لاءِ شاعريءَ جو روپ ورتو آهي.
    اڄوڪو آدم، ادل سولنگي ان ”حوا“ جو ڀاڻج به آهي ته پُٽ به!
    اڄ هُن جو نئون جنم آهي ۽ هن کي ڪنهن نئين ”حوا“ جي تلاش آهي. جيڪا فقط هڪڙي هئي، باقي ته سڀ ان جا پرتوا آهن، پاڇا آهن، جن لاءِ اياز چيو هوته:
    حسين هن دنيا ۾ به ڇا ڇا هيا،
    چــتـــائي ڏٺـــوسـيــن ته پاڇا هيا.
    پوءِ به هو ان پاڇي جو پيڇو ڇڏي نه سگهيو آهي. ۽ اڄ به ان جي سار پسار کي پنهنجي زندگي سمجهي ٿو.
    پراڻو نارو ۽ ان جي ڪناري تي وسيل ڳوٺ محرابپور. ادل جو جنم هنڌ آهي، شايد مرڻ هنڌ به! هن کي اتي ئي دفن ٿيڻو آهي، ڇو ته اتي ئي سندس تهذيب دفن آهي جنهن کي ”موهن جو دڙو“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
    ٻيو سبب اهو آهي ته هيءُ ڳوٺ هن جي ماءُ جو ڳوٺ به آهي ته محبوبه جو ڳوٺ به.
    انساني سڀاءُ اهو آهي ته ڪو به شخص ٻه ڳوٺ ۽ ٻه ٻوليون ئي پنهنجون ڪندو آهي، يا ته اهي ماءُ جون هجن يا محبوبه جون ۽ ادل سان ته مٿيان ٻئي رشتا هن ڳوٺ جا جڙيل آهن.
    هن ڳوٺ ادل جي دل ۾ ماءُ جي مامتا کان پوءِ محبت جي اها چڻنگ دکائي هئي، جيڪا سندس دل مان اڄ تائين وساڻي نه آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان آڳ ٻرندي ٻرندي پنهنجا ڪيئي روپ ظاهر ڪيا آهن، جيڪي شايد سنسار نه ڏٺا هوندا پر ڪڏهن ڪڏهن اُهي سڀ روپ سهيڙي ادل پنهنجي شاعريءَ جي روپ ۾ ظاهر ڪيا هوندا ۽ سندس زندگيءَ جي ٽيهن سالن جي ڊگهي شاعراڻي سفر ۾ اهي سڀ سانڍيل شعر جڏهن اڄ ظاهر ٿي رهيا آهن ته، سچ پچ سندس اهو سمورو سفر ڄڻ ظاهر ٿي پيو آهي، جيڪو هن ناري ڪناري تي اڏيل هڪ ڳوٺ (جيڪو هاڻ ننڍي شهر جو ڏيک ڏيندڙ آهي) کان شروع ڪيو هئو.
    اڄ هو زندگيءَ جي اڌ صدي اورانگهي وري پنهنجي امڙ جي ان ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو آهي. جيڪو ڳوٺ به موجود آهي. ادل به موجود آهي. پر نه اهو نارو آهي ۽ نه اهو ماضي آهي، جنهن کي ادل پاڻ سان ڳنڍي هڪ بيحد خوبصورت نظم لکيو آهي :
    جڏهن ناري ڪناري سان اسان جو ڳوٺ هوندو هو.
    گذريل اڌ صديءَ جي اڌ جيترو حصو، ادل پنهنجي هن ڳوٺ کان پري رهيو آهي. پري رهڻ جا سبب ڪيترائي آهن، ڪڏهن روزگار سانگي، هُو ڳوٺ کان پري رهيو آهي ته ڪڏهن ڳوٺ هن کي پاڻ کان پري رکيو آهي. ائين ننڍي توڻي وڏي جلاوطني ڪڏهن انسان پاڻ قبولي ٿو ۽ ڪڏهن اڻ قبوليل جلاوطني کيس ڀوڳڻي پوي ٿي.
    ادل سولنگيءَ جو ناناڻو ڳوٺ ۽ ڏاڏاڻو ڳوٺ سنڌوءَ جي الڳ الڳ ڪنارن تي آهن، وچ ۾ آيل فاصلي ۾ سنڌو درياهه جي تيز وهڪري سان گڏ مزاجن جو فاصلو به شامل آهي. جيڪو گڏجي ادل جي مزاج جو اپائيندڙ رهيو آهي. ادل جي مزاج ڏاڏاڻو ڳوٺ قبول ڪو نه ڪيو ۽ سندس ڏاڏاڻي ڳوٺ جي مزاج، سندس ناناڻي ڳوٺ جي مزاج کي قبول ڪو نه ڪيو، وچ ۾ ادل ۽ سندس روح پيڙبا رهيا آهن.
    مون کي لڳندو آهي ته اهو ئي سبب آهي جو هو ذهني، روحاني، توڻي جسماني طور سموري ڄمار بيچين رهيو آهي ۽ مسلسل ڏاڏاڻي ڳوٺ ۽ ناناڻي ڳوٺ جي وچ ۾ سفر ڪندو رهيو آهي. سندس شاعري ان سفر جي روحاني، ذهني توڻي جسماني ڪٿا آهي. سندس شاعريءَ جا ٻيا پهلو الڳ آهن، جن تي ٻيا ڪيترائي ليکڪ/ نقاد لکندا.
    ادل زندگيءَ ڳڻائڻ جيترا سال دادوءَ ۾ گذاريا آهن. ڪجهه وقت هالا ۾ گذاريو آهي. باقي وقت ڪراچيءَ ۽ پنهنجي ناناڻي ڳوٺ ۾ گذاريو آهي، ننڍڙو وقت هن ڏاڏاڻي ڳوٺ ۾ پڻ گذاريو آهي. جتي سندس ذهني، جسماني ۽ سماجي واڌ ويجهه ٿي آهي. چڱي وقت لاءِ هو دادوءَ ۾ رهيو. پنهنجي خاندان جي آجيوڪا لاءِ. جتي سندس سياسي ۽ ادبي اوسر شروع ٿي. هو شاعر بڻيو، سياسي ڪارڪن بڻيو. هن دنيا مان هليو ويندڙ پنهنجي شاعر ۽ عاشق ناني لعل بخش جي نالي پٺيان رکيل ماءُ پيءُ جي نالي بدران، پاڻ بابت رکيل شاعراڻي تخلص ادل سولنگيءَ جي نالي سان هن لکڻ جي شروعات ڪئي. ڇو ته سندس روح ۾ سندس شاعر نانو ويٺل آهي. جيڪو پنهنجي دور جو ناميارو عالم پڻ هئو.
    مان ڀايان ٿو ته سندس پهرين ادبي دوستن مان اهم دوست اسان جو دلبر دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ماڊرن ڪهاڻيڪار نور گهلو، اهم نقاد ۽ اسان جو مرحوم دوست ڊاڪٽر شمس سومرو ۽ نهايت خوبصورت شاعر ڀاءُ اظهر منگي آهن، جن جي گڏيل محبت ۽ صحبت ادل کي نصيب ٿي، اهو گذريل صديءَ جو اسيءَ وارو ڏهاڪو هئو.
    سندس همعمر ۽ همعصر دادوءَ جي دوستن ۾ سقراط سيتائي، وزير منگي، مقبول گهلو ۽ ٻيا شامل آهن. جيڪي هاڻ ادب کان پري، پنهنجي پنهنجي دنيا وسائي ويٺا آهن ۽ ادل پنهنجي صحافتي دنيا ڇڏي، ادبي ۽ سياسي دنيا وسائي ويٺو آهي، ان ڳوٺ ۾ جيڪو ناري ڪناري تي اڏيل آهي. جنهن دنيا ۾ هو ڪيترو خوش ۽ ڪيترو ناخوش آهي، اهو سڀ سندس شاعري ٻڌائي ٿي جيڪا ”خانه بدوش لفظن جا قافلا“ جي نالي سان اڄ اسان سڀني جي هٿن ۾ آهي.
    ۽ هاڻ ادل سولنگيءَ شاعر بابت ڪجهه اهم ۽ ڪجهه غير اهم ڳالهيون.
    *
    اڪثر شاعرن جيان بي تربيت زندگي جيئندڙ ادل سولنگيءَ جي شاعريءَ جا سڀ بي ترتيب پنا.
    جن کي پنو نالو ڏيڻ به پني سان زيادتي ٿيندي.
    ردي ڪاڳر، گهرو وکر جي بلن تي ۽ سگريٽن جي پاڪيٽن جي اڇي پاسي لکيل شعر جڏهن هن ترتيب ڏنا آهن ته، مون کي معجزو لڳي رهيو آهي ۽ پڪ سان جڏهن هي ڪتاب ڇپبو ته منهنجو معجزن ۾ ويساهه وڌي ويندو. ٻيءَ طرح ڪو به اعليٰ شعر هڪ معجزو ئي ته آهي. ائين ادل سولنگيءَ جا ڪيترا نظم، گيت، غزل ۽ وايون پنهنجو پاڻ ۾ تخليقي معجزو سانڍيندڙ آهن. سندس شاعري سنڌي شاعري جي حصي ۾ اهڙو واڌارو آهي، جيڪو سندس نالي سان اظهاريو/ياد ڪيو ويندو. هن جي شاعريءَ جا سڀ پاسا سندس شخصيت ۽ ذهن جي آس پاس جا آهن، اهي جيڪو پيغام ڏين ٿا. اهو ادل پنهنجي شعور تي رسندڙ عمر کان وٺي اڄ تائين عملي طور به پهچائيندو رهيو آهي.
    ادب ۾ چيو ويو آهي ته ڪا به باغي لکڻي، ان ليکڪ جي عمل طور سڃاتي ويندي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن ليکڪ جو لڳاتار لکڻ ئي سندس لڳاتار عمل آهي. پر ادل سولنگي اهڙو ليکڪ آهي، جنهن قلمي ويڙهه ۾ به پنهنجو حصو ڳنڍيو آهي ته عملي ويڙهه ۾ به سندس اڄ جي تاريخ تائين موجودگي سندس هڪ واڌو ويڙهه آهي.
    ادل جي سياسي ۽ ادبي شعور واري عمر اسيءَ واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن کان ٿئي ٿي، جڏهن هن ملڪ سميت سموري سنڌ فوجي لانگ بوٽن جي هيٺان لتاڙجي رهي هئي. هيءُ اهڙو دور هو جنهن لکندڙن جو هڪ نئو نسل پيدا ڪيو، جنهن کي ”باغي نسل“ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي، ادل ان نسل جو هڪ ليکڪ آهي ۽ ساڳئي وقت هڪ قومي سياسي ڪارڪن پڻ!.
    هن نه فقط اهي نظم لکيا آهن، جيڪي هن ڪتاب ۾ محفوظ ٿي ويا آهن پر هن اهي نعرا به لکيا هئا، جيڪي اڄ سنڌ جي شهرن جي ديوارن تان ميسارجي ويا آهن، جن جي جڳهه اڄ انهن نعرن والاري آهي، جيڪي ٽڪي اگهه تي وڪامجي وڃڻ وارا آهن پر ادل اهي نعرا لکيا، جيڪي، جيتوڻيڪ اڄ ديوارن تان ته ميسارجي ويا آهن، پر سنڌي ماڻهن جي روح ۽ زبان تان، تيستائين شايد نه ميسارجي سگهن، جيستائين سنڌ پنهنجو پنج هزار سال اڳ وارو مان ۽ مرتبو حاصل نه ڪيو آهي.
    ادل جا اهي آواز جيڪي وقت جي پيهه ۽ گوڙ شور ۾ گم ٿي ويا آهن، اهي ئي آواز هن پني تي اتاري رکيا هئا ته انهن جيڪو روپ اختيار ڪيو آهي اهو هن طرح آهي:
    مون کي معاف ڪلجان او سانئڻ!
    مان تنهنجو پوڄاري هوندي،
    توکان ئي انڪاري ٿيندي،
    تنهنجو ئي ڏوهاري ٿيندي،
    توکي هٿ ٻڌان ٿو سانئڻ!
    مون کي هاڻ وساري ڇڏجان.

    ڌرتيءَ ماتا جي ٿڃ عيوض،
    پنهنجي سگهه سهيڙڻ ڪارڻ،
    گهاٽن ٻيلن جي هُن پاسي،
    پنهنجو ساٿ سموهڻ ڪارڻ،
    تنهنجو ساٿ ڇڏڻ ٿو چاهيان.
    (نظم فيصلو)
    ۽ سچ پچ هن پنهنجو ساٿ سموهڻ ڪارڻ، ڪيترن ئي زماني جي ساٿن کي ڇڏي ڏنو ۽ اڄ تائين هو ان سفر تي هلي رهيو آهي. جيڪو سفر ڪٿي کٽڻو آهي، اها سُڌ اسان مان ڪنهن کي به نه آهي، پر هو پنهنجي ڌُن جو پڪو آهي. هن جو ماڳ شايد سندس اکيون ڏسي رهيون آهن، تڏهن ته پڪي ويساهه مان چوي ٿو:
    سوچيان ٿو او منهنجي سانئڻ!
    پنهنجي پريت نه مرڻي آهي،
    ويس مٽائي ورڻو آهي،
    ها! پر،
    هن جنم ۾ شايد،
    پنهنجو پاڻ ملڻ به شايد،
    ناممڪن جيئن اڻٽر ناهي،
    ها! هيءُ صرف جدائيءَ ويلو،
    ڄاڻي سگهجانءِ،
    ٻئي يُگ ويلي پوءِ به ملبو،
    هن ڌرتيءَ تي،
    جيڪا تنهنجي منهنجي هوندي،
    وڏڙن جيان آسيس به ڏيندي،
    تيستائين جي تون چاهين،
    مون کي هاڻ وساري ڇڏجانءِ.
    (نظم ساڳيو)
    مٿئين نظم ۾ ادل جو اظهار انقلابي رومانويت وارو آهي. جيڪا انقلابي رومانويت فيض احمد فيض وٽ هن طرح هئي:
    مقام فيض ڪوئي راهه ۾ جچا هي نهين،
    جو ڪوءِ يار سي نڪلي تو سوءِ دار چلي.
    ۽ ساڳي انقلابي رومانويت اياز وٽ هن ريت آئي آهي:
    ڪو ڪئين نه ڊوڙي مقتل ڏي، آ رت ۾ خوشبو مينديءَ جي،
    ڪـو ڪئـين نه موتي زنـدان ڏي، ٿـا ذلـف ڇـڪـن زنجـيـرن جا.
    ادل ان انقلابي رومانويت کي پنهنجو ڪندي جيڪي نظم لکيا آهن، اهي سڀ هن ڪتاب ۾ موجود آهن. ائين ادل جو نظم ”نتد، ڪٽارو، ڪنڌ“ هڪ ويڙهاڪ دور کي اظهاري ڪري ٿو. هن نظم ۾ ادل اهي اديب، شاعر، باغي، سياستدان ۽ انقلابي گڏ ڪيا آهن، جن پنهنجي پنهنجي ديسن ۽ ديس واسين جي آزاديءَ لاءِ ويڙهه کاڌي.
    ادل به ان ويڙهه ۾ جٽيل آهي. اُن لاءِ هو مسلسل لکي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته لکڻ سندس زندگي آهي، پابلو نرودا لکيو هو ته ”لکڻ مون لاءِ ائين آهي جيئن ساهه کڻڻ، جيئن مان ساهه کڻڻ کان سواءِ زندهه رهي نه ٿو سگهان، تيئن لکڻ کان سواءِ به جيئرو نه رهي سگهندس“.
    پابلو جهڙا ڪردار ادل جي آدرشي ڪردارن ۾ شامل آهن، جن کان هو سڌي يا اڻ سڌي طرح متاثر رهيو آهي. دنيا جا هيءُ سڀ ويڙهاڪ/شخص/ليکڪ هڪ نظم ۾ آڻي، ادل ان نظم جي اهيمت کي ته وڌايو آهي پر پاڻ ۽ پنهنجي جدوجهد کي به چٽو ڪيو آهي ته هو زندگيءَ ۾ جيڪا عملي جدوجهد ڪر رهيو آهي، ان جو ماضي ڪهڙو آهي، جنهن مان انهن ملڪن ۽ ماڻهن جو سونهري مستقبل ڦٽي نڪتو هئو. هو اڄ سنڌ ۾ پڻ اهڙن شخصن/ليکڪن جي تلاش ۾ آهي. پر ان سڀ کان پوءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ۽ پنهنجي تصور واري محبوبه لاءِ هو ڪهڙو سماج اڏڻ چاهي ٿو. اهو به هو ٻڌائي ٿو. ۽ ان سماج ۾ زندگي ڪيئن هوندي اهو به ٻڌائي ٿو. ڇو ته هو سمجهي ٿو ته:
    محنتن ۽ محبتن جو ماڳ آهي زندگي،
    ڪنوار جيان ڪوري نڪوري،
    ماڪ ورني زندگي،
    مُرڪ مينديءَ رنگ،
    مٿي جا موڙ آهي زندگي،
    ڪارونجهر جي ڪور،
    نچندڙ مور آهي زندگي،
    زندگي ڄڻ شاهه جي آ شاعري.
    (نظم زندگي آهي ٽڙيل رابيل جيان)
    ۽ ان زندگيءَ جي سنوارڻ لاءِ ممڪن جتن ڪرڻا آهن، ڇاڪاڻ ته وري به زندگي اهم آهي، جيڪو شخص/ ليکڪ/ شاعر زندگيءَ جي اهميت جيتري وڌيڪ سمجهي ٿو، اهو ايترو ئي زندگيءَ جي ويجهو به آهي ته زندگيءَ سان پيار به ڪري ٿو. ائين ادل به زندگيءَ لاءِ اهوموهه وارو رويو رکي ٿو. سندس ويچار ۾:
    زندگي ايڏي ڪساري ۽ ڪڙي ناهي پرين!
    جو ڏسڻ ۽ وائسڻ کان،
    اڳ کڻي ٿوڪارجي.
    (نظم ساڳيو)
    ۽ پڪ جنهن شخص/ ليکڪ زندگيءَ جي اهيمت کي ڄاڻي ورتو. اهو هن ڪائنات کي فتح ڪرڻ جي سگهه حاصل ڪري وٺي ٿو.
    ادل زندگيءَ ۾ جيڪو ڀوڳيو آهي. اهو پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهاريو آهي. هن ان ڀوڳڻ کي جيڪو اظهار ڏنو آهي اهو نج سندس پنهنجو آهي، سندس ٻولي ان جو لهجو، ان جون تشبيهون، تمثيلون، هن پاڻ تراشيون آهن، جيڪي سندس روز مرهه جي زندگيءَ مان کڄي اچن ٿيون، جن جي پويان سندس مشاهدو آهي/ تجربو آهي، هو ان زندگيءَ مان گذريو آهي. هن ڪتابن ۾ پڙهيل جو ورجاءُ نه ڪيو آهي.
    ها هن پڙهيل جو اثر ضرور قبوليو آهي، جيڪو اثر هر سنجيده پڙهندڙ قبوليندو آهي.
    هُن پنهنجي پلئهِ پيل عذابن کي شاعراڻو اظهار ڏنو آهي، هن جو اظهار ان ڪري پنهنجو آهي ڇاڪاڻ جو هن جي محسوس ڪرڻ جو انداز پنهنجو آهي.
    هر گهڙيءَ جو گهاءُ ٿو ماري وجهي،
    پــيـار جـو پڇـتـاءُ ٿــو مـاري وجـهـي.
    *
    سپنو سپنو گلاب وانگـي آ،
    ساڀيا ساڀيا، عذاب وانگي آ.
    *
    ڪير ڪنهن جي نٿو ٻڌي هاڻي،
    لـوڪ بـي قــيـاس ٿــي ويو آهي.
    *
    جيون جهڙو زهر جا ڍُڪ،
    پوءِ به پيان پيـو ڀريو ٻُڪ.
    *
    اوچـتـو اوچـتـو مليس هُـن سـان،
    دل تي پٿر رکي کليس هُن سان.

    هُن چيو رنجشون گهٽائي ڇڏيون،
    مـان به ڄـڻ سـمـهتي ٿيس هُن سان.
    مٿين غزلن جا شعر ادل سولنگيءَ جي شاعراڻي ساک ڀرين ٿا، جيتوڻيڪ شاعر جي سڃاڻپ شعر آهي، شعري صنف نه آهي، شعر ڪهڙي به صنف ۾ آهي اهو پوءِ آهي. اهو اول شعر هجڻ گهرجي. پوءِ به صنفن جي حوالي ۾ جيڪڏهن ڪنهن شاعر جو ڪاٿو ڪيو وڃي ته پڪ سان ادل نظم جو شاعر آهي ۽ اهو به طويل نظم جو، ڇاڪاڻ ته سندس طبعيت وانگر نظم اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪجهه انگهائي چئي سگهجي ٿو، جيڪا گنجائش غزل ۾ نه آهي ۽ وائي ۾ ته بنهه به!
    ادل وايون، بيت، غزل ۽ نظم هن ڪتاب ۾ ڏنا آهن ۽ ڪجهه هائيڪا/ٽيڙو پڻ! پوءِ به هو مڪمل نظم ۾ ٿئي ٿو.
    شاعري زندگيءَ ڪن عڪسن کي ئي اظهاري سگهي ٿي، شايد ڪو به آرٽ زندگيءَ جي ڪن عڪسن کي ئي اظهار ڏيئي سگهي ٿو. خود زندگيءَ کي اظهار ڏيڻ ڪنهن به آرٽ ۾ ممڪن نه آهي، زندگيءَ جون باريڪيون، ڪائنات جي وسعتن جيتريون گهريون آهن، خود تخليقڪار پنهنجي ڀوڳنائن جي ڪن لمحن کي مڪمل اظهار ڏئي ۽ اهو محسوس ڪرائڻ جي سگهه رکي ته، اها سندس وڏي حاصلات آهي.
    ائين ادل جا گهاريل ڪي لمحا ۽ انهن جا عڪس سندس الڳ الڳ شعرن ۾ آهن پوءِ به ٻڌي ليکي هن کي عشق ۽ انقلاب جو شاعر ڪوٺي سگهجي ٿو ۽ ٻنهي حوالن ۾ هو سموري ڄمار اعتماد سان بيٺو رهيو آهي. مٿس اهي ٻئي ڪيفيتون پنهنجي سموري شدت سان حاوي رهيون آهن، جنهن شدت سبب هن ڪٿي ڪٿي شاعريءَ جي باريڪين کي به نظرانداز ڪيو آهي يا انهن کي اورانگهي ويو آهي. سبب اهو آهي ته هن پنهنجي شاعريءَ ۾ بيهڻ جي گنجائش گهٽ رکي آهي، ڇاڪاڻ ته هو نظم جو شاعر آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جي ذهين ليکڪ لعل پشپ چيو آهي ۽ لکيو به آهي ته ”شاعريءَ جي صنفن ۾ نظم ۾ بيهڻ جي گنجائش گهٽ آهي ۽ غزل ۾ ڊوڙڻ جي گنجائش گهٽ آهي.“
    ٻيءَ طرح ادل جا نظم پڙهي، انهن جي رواني/ترنم ڏسي، اندازو ٿي ويندو ته هن جي طبعيت ۾ ڪيتري رواني/ترنم آهي، ان لاءِ ٻاهر نهارڻ جي ضرورت گهٽ پوندي، ذڪر طور علم عروض توڻي ڇند وديا جو ذڪر واڌو ذڪر ٿيندو! جنهن جي هروڀرو شعر کي ڪاڻ ڪڍڻ جي گهرج گهٽ آهي، ۽ اهڙي رد عمل ۾ ئي نثري نظم جهڙي سگهاري صنف وجود ۾ اچي چڪي آهي. ۽ وري ادل ته سدائين جديد شاعريءَ جي امام شيخ اياز جي هنن سٽن جي پوئلڳي ڪئي آهي ته:
    ٿو ڪري پيـو ڏيـنـهـن رات، فـــائــلاتن فائــلات،
    ڇو نه ٿو سوچي ته آهي، ديس جي ڇا ۾ نجات.
    شايد ادل لاءِ هي حوالو به سندس آڏو آهي ته:
    وڏا بحرزون وڏو شاعر پيدا نه ڪندا آهن، پر وڏو شاعر وڏا بحرزون پيدا ڪري سگهندو آهي.
    ڇا به هجي ادل جي شاعري، خاص طور نظم، هن جي پنهنجي سڃاڻپ جو هڪ مضبوط حوالو بڻبو. جنهن تي سندس لهجي جي مهر آهي، سنڌي شاعريءَ ۾ ادل جو نظم هڪ هڪ ننڍڙو ئي سهي حوالو آڻيندو ته اها سندس وڏي حاصلات هوندي اهڙي پڪ آهي.
    نظم جنهن ۾ هُن جو ڏک آهي، حالتن جو مشاهدو، مشاهدي مان جوڙيل تشبيهون، تمثيلون، استعارا آهن، جيڪي سڀ هن جا پنهنجا آهن، جيڪي شايد سندس همعصرن وٽ گهٽ نظر ايندا. انهن نظمن ۾ سندس غصو به پنهنجو آهي، جيڪو هن سماج، نظام ۽ رياستي دائري ۾ شامل ڏاڍاين ۽ بڇڙاين تي آهي. جيڪو ڪنهن به سوچيندڙ جي من ۾ رهي ٿو. خاص ڪري سنڌ تي سوچيندڙجي من ۾!
    هڪ وقت هئو جيڪو اڄ کان ٽيهه ورهيه اڳ هئو، جنهن وقت ادل وائيءَ ڏانهن گهڻو ڌيان ڏنو هئو ته هن جو خيال هئو ته اها اسان جي پنهنجي صنف آهي، تنهن ڪري اسان ان ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه ڏيئي سگهون ٿا. هن نهايت سٺيون وايون لکيون هيون، جن مان ڪجهه وايون هن ڪتاب ۾ به شامل آهن، هڪ وائي ته مان هتي ڏيڻ کان سواءِ پاڻ کي روڪي نٿو سگهان، ڇاڪاڻ ته اها وائي جيتوڻيڪ لکي گذريل صديءَ جي نائين ڏهاڪي ۾ وئي هئي، پر ان ۾ اظهاريل اذيت اسان سڀني لاءِ اڄ به ساڳي آهي، محسوس ٿئي ٿو ته ٽيهن سالن جو وقت ته گذريو آهي پر سنڌ ۾ ڄڻ اڄ به اهو ساڳيو وقت آهي، سنڌي ماڻهونءَ لاءِ حالتون به اهي ئي آهن، جنهن ڪري ان وائي کي شايد وقت ڊگهي حياتي بخشي ڇڏي آهي، اسان جي ان کان وڌيڪ ڪهڙي بدنصيبي چئجي! جو اسان ۽ اسان جو سماج ۽ ان جو حالتون ٽيهن ورهين ۾ هڪ وک به اڳتي نه وڌي سگهيون آهن، البت ٻه وکون پوئتي ضرور ويون آهن.
    وک وک آهن ورديون،
    چـئـه واٽـا چـونـڪيـون،
    ڪهڙي آهي زندگي،
    ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي مٿان،
    تـاڻـيـل جِـــــــي - ٿــريــون،
    ڪهڙي آهي زندگي.
    ڳڀرن جي ڳولا پٺيان،
    ڇـتـيـون ايـجـنـسيـون،
    ڪهڙي آهي زندگي.
    ايندي ويندي واٽ تي،
    جُٺِ بـڻـيـل جهڙتـيـون،
    ڪهڙي آهي زندگي.
    ها! بس جيئون ٿا پيا،
    نــرڄـــا نــڪ کـنــيــون،
    ڪهڙي آهي زندگي.
    ڪهڙي/ڪين جهڙي زندگي، سنڌ ۽ سنڌين مني صدي گذاري آهي، گذاري ڇا آهي، ڀوڳي آهي ۽ ساڳين حالتن ۾ ئي سنڌ سفر ڪري رهي آهي. ڪجهه به نه بدليو آهي. ادل جڏهن مٿين وائي لکي هئي، تڏهوڪي سنڌ ۽ اڄوڪي سنڌ ٻنهي جي تصوير ساڳي آهي ۽ لڳاتار سنڌ وڃائيندي رهي آهي. جنهن جو اونو به فقط سنڌي شاعر/اديب کي آهي. اهو ئي پيڙا ڀوڳي رهيو آهي ۽ اڄ جو سياستدان ڪنهن به سودي بازيءَ لاءِ سمورو وقت تيار ويٺو آهي.
    جنهن سودي بازيءَ جو عذاب وري به سنڌي ماڻهو ۽ سنڌي اديب/شاعر ئي ڀوڳي ٿو. اهڙين حالتن ۾ تخليقڪار جي اڪيلائي ويڳاڻپ/ڪاوڙ کانئس ڇا ٿي لکرائي؟ اهو جيڪو، محمود درويش، لکيو، اهو جيڪو، پابلو نرودا لکيو، اهو جيڪو لورڪا لکيو اهو جيڪو قاضي نظرلاسلام لکيو ۽ اهو جيڪو اياز لکيو ۽ انهن جي پوئلڳي ۾ ادل سولنگي لکي رهيو آهي. اها لکڻ جي جنگ آهي، جيڪا وڙهي ويئي هئي، وڙهي وڃي پئي ۽ جيستائين ظلم آهي تيستائين وڙهي ويندي. ماڻهوءَ جي سمورن حقن لاءِ جيڪي حق هُن جي جيئڻ لاءِ آهن ۽ عالمي طور قبول ڪيا ويا آهن.
    حيرت جي حد تائين وقت جي ساڳيائپ جو مثال ادل جي هڪ ٻي وائي به آهي، جيڪا پڻ ٽيهارو سال پهرئين لکيل آهي ۽ اڄ به ٿر جي حالتن جي نمائندگي ڪري رهي آهي:
    بک وگهي آپگهات،
    ڪري ونيءَ وَرُ،
    ٿرٿلي ۾ ٿر.
    مان انهن گهڙين ۾ ان احساس جي دٻاءَ هيٺ آهيان، جن گهڙين ۾ ورجايان ٿو ته، ادل جون حوالي طور آندل وايون کڻي، انهن جي تخليق ڪيل وقت بابت ٽيهه سال لکي رهي آهيان.
    مجبوري اها آهي ته ادل جو هيءُ پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن جي سڄي اڌ صديءَ جي ميڙي چونڊي شامل آهي. ان ڪري سندس پڙهندڙ، هن جي شعور جي تيزيءَ جو ۽ ساڳئي وقت ڪنهن تخليق جي دائميت جو اندازو ڪري سگهندو. ٻيءَ طرح ڪنهن به تخليق لاءِ زمان ۽ مڪان جو ڪو به قيد نه آهي. ڀٽائي سميت دنيا جا سڀ عظينم تخليقڪار، هر دور ۾ نوان هوندا آهن. ائين شايد دنيا جا الميا به نوان هوندا آهن ۽ مستقل ڌرتيءَ ۽ انسان کي نئين نموني اذيت ڏيندا رهندا آهن. جن لاءِ زمان ۽ مڪان ڪا به اهميت نه ٿو رکي. خوشي، ڏک، پيار، نفرت ۽ غصو پڻ ساڳئي دائري ۾ اچن ٿا. جيڪي ازل کان ابد تائين رهڻا آهن. ها! انهن جون صورتون الڳ ٿي سگهن ٿيون، ائين انهن جو تخليق ۾ اظهار به الڳ ٿي سگهي ٿو. باقي سڀ ڪجهه ساڳيو رهڻو آهي، ازل ۽ ابد جي وچ تي. انسان ذات جي سفر جيان ۽ ان سفر ۾ انسان جي حالت ادل چواڻي ڪجهه هيئن آهي:
    پنڌ واريءَ جو،
    اگهاڙا پير هن جا،
    اندر ۾ اڃ جون،
    هزارين انتهائون،
    ڪنهن هيٺلي هرڻ جهڙو،
    هن جو جيون.
    (نظم اڃ جو پنڌ)
    جيون جو سفر ڊگهو آهي، ڪائنات جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين، جنهن ۾ ڇانو آهي، اُس آهي، پاڻي آهي، زمين آهي، جيون کي سفر ڪرڻو آهي. پر هڪ ڳالهه الڳ آهي اها هيءَ ته، ادل جي نسل جي لکندڙ لاءِ پهرئين ڏينهن کان مٿان ٻرندڙسج آهي پيرن هيٺان تتل واري آهي ۽ سفر اڻ کُٽ آهي، پوءِ به هن جو اتساهه هن کي ٿڪجي ويهڻ نٿو ڏئي. هو مسلسل هلندو رهي ٿو، لکندو رهي ٿو.
    اڄ لکندو رهڻ واري سفر ۾ هو اڪيلو نه آهي، سندس آس پاڻ لکندڙن جي هڪ ڊگهي قطار آهي، هو انهيءَ قطار مان تيزيءَ مان اڳتي وڌي، ڪيئن پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ٿو، اهو هن ڪتاب اچڻ کان پوءِ سڀني پڙهندڙن جي آڏو ظاهر ٿيندو. پاڻ پنهنجي سموري سفر جي ٿڪ ۽ سفر جي حاصلات سان گڏ. سندس حاصلات جيڪا هڪ ڪوتائي ڪتاب جي صورت ۾ هوندي. جنهن جو نالو هوندو ” خانه بدوش لفظن جا قافلا“ ان کان پوءِ هوندو سندس اطمينان ۽ وري نئين سفر جي شروعات جي تياري.
    ائين کيس سفر ۾ ئي رهڻو آهي، جيڪو شاعراڻو سفر آهي ۽ جيڪو ڪڏهن به کٽڻو نه آهي، وچ ۾ ڪنهن به ماڳ تي حياتي کٽي وڃي ٿي، پويان رهجي وڃن ٿا پيرن جا نشان، جن کي ڏسي وري ڪي نوان مسافر ان پنڌ تي راهي ٿيڻا آهن ۽ بس!

    رکيل مورائي
    06.12.2014
    ڪراچي


    امهاڳ : ادل جي شاعري سنڌ جو گزيٽيئر آهي (عبدالغفار تبسم)

    سهڻيءَ سنڌ جي ڳوٺن تي ڇائنجندڙ شامون، واهڻن، وستين تي واهيرا ڪندڙ سنڌ جون سومهڻيون، پپلن، نِمن جي لامن تي چانڊوڪين ۾ جهوليندڙ راتيون محراب پور جي آڌين ۾ سڏڪندڙ انيڪ خاموشيون ۽ انهن خاموشين جي وجود ۾ اڻ ڳڻيا ڀڻڪا، انتڪارن جون سڏڪندڙ صدائون، وک وک تي ڀوڳنائون ڀوڳي ”لعل بخش“ عرف ادل سولنگي جڏهن پنهنجي شعوري بلوغت جون حدون ڇهي ٿو ته سندس وجود جي ذري ذري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ لقائن کي پروڙڻ جي هڪ عجيب شڪتي ملڻ لڳي ٿي. هن کي پنهنجي حال ته ٺهيو پر ماضيءَ جي مصري احرامن منجهان فرعوني گجڪارون، يوناني، اسپيني ۽ رومي سرزمينن تي ڊوڙندڙ جنگي گهوڙن جون هڻڪارون جنگي ميدانن ۾ وڄ جيان ورندڙ تلوارن جون جهنڪارون پڻ ٻجهڻ ۾ اچن ٿيون. هن کي پنهنجي روح جي پاتال مان پنهنجي روحاني رهبرن جون صدائون پڻ بنهه چٽيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. هو شاهه عنايت، سچل، سامي ۽ شاهه ڀٽائيءَ جا الهامي پيام پنهنجي اندر ۾ اوتي ساڳيا سنديسا ڌرتيءَ جي بي حساب انيائن سان جنگ جوٽيندڙ جوڌن کي پڻ سڻائڻ جي پاڻ ۾ سگهه محسوس ڪري هينئن ورنائي ٿو؛
    جيون جي چؤواٽي تي، آءٌ تنهنجي ڪارڻ آيو آهـيان،
    ڌرتي تنهنجيءَ ڌوڙ پٺيان، آءٌ ڪنڌ ڪپائڻ آيو آهيان.
    شـاهه عـنـايت، سـچل، سامي، شاهه ڀٽائيءَ جو پيغام،
    ڌرتــي تـنـهـنـجـي جــوڌن کــي، آءٌ ٻــڌائڻ آيـو آهـيـــان.
    پهاڙن جي پنڌن جيان جيون جي وک وک جهاڳيندڙ ادل سولنگي پنهنجي حصي جي ڏيهن جون ڀٽون ڀوريندي، وياڪل من جي بي تحاشا آنڌ مانڌ کي شانت ڪرڻ لاءِ هو پنهنجيءَ وت آهر پوريون ڪارون ڪندو رهي ٿو پر ادل جو اندر ڪو عام جو اندر ته ڪونهي هڪ پوري حساس شاعر جو اشانت روح منجهس واسو ڪري ويو آهي تنهن کي ماٺار ڏيڻ شايد دنيا جي هر سچي شاعر جيان ادل جي به وس ۾ نه هجي پر به هو پنهنجن ڪشٽن ۽ ڪشالن کي مخاطب ٿي ورِ ورِ ورجهائيندو ٿو رهي؛
    پنڌ واريءَ جو
    اُگهاڙا پير هن جا
    اندر ۾ اُڃ جون هزارين انتهائون،
    سانجهه هن جي پنڌ کي
    ڪيئي بند ڏئي ٿي
    پاڻ ٿانيڪو ڪري هو ساهه ساهن ۾ سمائي
    پير پيرن ۾ ڏئي
    ڏور ڏهرن جي مٿان
    هو چنڊ جا چارا ڏسي ٿو
    هو هوريان هوريان
    پنهنجي وک کڻي
    سوجهري جي ماڳ ڏي
    وڌندو رهي ٿو.
    (ادل سولنگي)
    سوجهرن جي ماڳن ڏانهن روان دوان رهڻ، ڏکن ڏوجهرن، درد جي رڻن کي ڇيڄن، شادمانن سان اُڪارڻ جي هنر کي شاعري ۽ اهڙين ڪرشماتي ڪارنامن کي ادا ڪندڙ کي شاعر ڪوٺجي ٿو. وقت جو ”ڪوي“ جڏهن پنهنجو سفر بخوبي جاري رکڻ جي صلاحيت ماڻي ٿو ته پوءِ کيس مڃتائن جون اٿاهه وسعتون وڌي هن جي وک وک کان اول گهول ٿين ٿيون، آجيائن ۽ آشيروادن جا پاند وڌي هن کي پنهنجن پناهن ۾ وٺن ٿا، هن کي نت نئينءَ رات جا سڀ اجرا تارا سندس ڪلا جي سندرتا کي سلامي ڏيندا رهن ٿا، پر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن شاعر پيڙائن جا پولار اورانگهيندي پنهنجين سوچن جي وشال اڏارن سميت ڪن اڏرندڙ کٽولين جيان دردن جي هڙني اوڙاهن، آڙاهن کي مات ڏئي امرتائن جي اپار کي تاڻي پنهنجون ننڊون قربان ڪري ٻنهي نيڻن جا نور نچوڙي پنهنجي ”هئڻ“ کي سڦلتائن ڏانهن وٺي هلي ٿو.
    هيءَ دردن هڻي، مڪرن ۽ منافقن واري دنيا جڏهن، سچائين جي گسن تي هلندڙ سقراط ۽ يسوع جي ارواحن جا بوتا ٺاهي سندس وجود جي مٽيءَ هڻي جوتي، سوين سُيون ٽڀوئي ڪنهن ويران ليسوڙيءَ هيٺان دفن ڪري ٿي ته شاعر جو پَلُ پَلُ پنهنجي ذاتي عذاب کان وٺي قومي ۽ ساڻيهه جي سورن کي محسوس ڪندي ڪُري پئي ٿو اهڙيون وارتائون ۽ ڪَربَ جون بلائون اُڪري پار پوڻ جو هنر ڪنهن ڪمال جي ڏات رکندڙ ڏاهي يا شاعر جي حصي ۾ مس اچي ٿو.
    ادل سولنگي به ان ڪوتا نگر جي وشالتائن کي جهاڳيندڙ بي رحمين، بي وسين جي عميق جَرَ ۾ ٻُڏي هيڪاندو ٻڏڻ بجاءِ پنهنجي عطا ڪيل آرٽ سان وَرِ وَرِ سطح تي اڀري پنهنجن سرتن جيڏن ۽ پنهنجن لفظن جي خانه بدوش قافلن سان نت نوان ولولا ۽ اڌما ساري وري هلڻ لڳي ٿو ۽ پوءِ هو پنهنجيءَ ڏات ۽ پنهنجيءَ ڏاهپ جو پروميٿس به خود بڻجي پئي، هن کي پنهنجي وهه جي وٽين کي ماکيءَ جون ڌارائون بڻائڻ جو هنر به اچي ٿو ۽ ساڳي وقت هو وقت جي آمرن واري اندر ۾ پنهنجن ٽهڪن کي ٽانڊا بڻائي منهن آڳ ۽ اُلا به ڌڳي سگهي ٿو.
    آئون سندس ڪاڻ ائين چئي سگهان ٿو ته هو دراوڙن جي ديس جو وڍيل وجود کنيون پنهنجي ساڻيهه جي سورن تي لڇڻ سان گڏ ميگهه رت ۾ ملهارون بڻجي پنهنجن جيڏن، پاڻ ڏانهن متوجه سنڌ واسين، جي من واري ڪور تي ڪو مور بڻجي پنهنجن اجهل خانه بدوش لفظن سان هو بخوبي ٽهوڪڻ به ڄاڻي ٿو سندس نظمن، غزلن جون بي حساب حُسناڪيون سندس شاعريءَ جون مڌرتائون هجومن کي موهي سگهن ٿيون ۽ في الوقت پڻ ڀرپور موهه ڏئي رهيون آهن پر ان لاءِ سامعين جي سماعتن کي هن ڏانهن همه تن گوش ٿيڻو پوندو. سندس اندر جون لازوال صدائون انهن سندرتائن جي سطحن وٽان ئي ٻڌڻيون پونديون جتان هو پنهنجيءَ شاعريءَ جون پڪارون تاڻي رهيو آهي اسانجي ٿوري ڪن لاٽار هن کي ڌڪڻ بجاءِ اسان کي ئي سندس استعمال هيٺ ٻوليءَ جي امل ميراث کان محروم ڪري سگهي ٿي. هن وٽ ٻهراڙيءَ جي ٻوليءَ واري وکر سان گڏ شهري (civil society) سِوِل سوسائٽيءَ جا ٻهروپي ۽ نج ڏيک پڻ موجود آهن. هوداس ڪيپيٽال کان وٺي ساميءَ جي سلوڪن ۽ اياز جي رچنائن جي ڪينواس تان پنهنجيءَ شاعريءَ جي آبياري ڪرڻ جو ڏانءُ رکي ٿو هن جي شاعريءَ ۾ نظرين، عقيدن، ريتن، ڪُريتن، پاپ پُنَ نياءَ انياءَ جون باڪمال نندائون ۽ آجيائون ملن ٿيون سندس خيالن جي ورونهن مان ڀانت ڀانت جون ياترائون، تاريخ جي نون ورقن جون مهورتون پڻ ملن ٿيون. سندس خانه بدوش لفظن جي قافلن ۾ ديسي پرديسي واهڻن، ڳوٺن ۽ شهرن جي بي حساب نُدرتن سان گڏ سنڌ ۾ موجود ريتن رسمن جي ناڪاري قدرن جون نوحه خوانيون پڻ سٽ سٽ ۾ سمايل آهن، مان ائين چوان ته هي شاعريءَ ۾ سنڌ جو گزيٽيئر آهي ته وڌاءُ نه ٿيندو.
    شاعريءَ ۽ ٻوليءَ جي سواد سان گڏ ادل جي شاعراڻي اسلوب سان سنڌ جي ماڳن، مڪانن اُڌمن، اُمنگن، ڪمند جي واڍين کان وٺي تماشامن ۽ روپلن، سيارن سانوڻن، وارن جي چڳن کان وٺي جي هوائن جا حسين احساس ۽ زندگيءَ جون بي پناهه تنوارون ڄڻ لونءَ لونءَ مان تنوارينديون هجن، سندس هائيڪن ۽ بيتن ۾ سنڌ جي سونهن جو ڀرپور منظرنامو موجود آهي.
    اميد ته ادل سولنگيءَ جي پيار جي پورهئي کي سڀئي سنڌ واسي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ضرور ڏيندا ۽ سنڌ جا ساڃاهه وند ”تون ڇو آهين مان ڇو آهيان؟ تون ڇا معنيٰ مان ڇا معنيٰ؟“ جا امر آلاپ سڻي سندس ورلاپ ضرور وراڻيندا.

    عبدالغفار تبسم
    ڪراچي
    تاريخ 22 ڊسمبر 2014ع


    زندگيءَ جهڙو شخص : ڪلثوم سولنگي

    منهنجو مامو ادل سولنگي، هڪ بيحد احترام ۽ پيار ڏيندڙ شخص، زندگي ۽ رشتن جي روين جو زهر مرڪندي پيئندڙ ۽ زندگيءَ سان انتهائي پيار ڪندڙ. تکو کاڌو کائيندڙ ۽ تکو مزاج رکندڙ، هن شخص کي پنهنجي سگريٽ سان به ايڏو ئي پيار آهي جيڏو زندگيءَ سان. هو گلن پوکڻ جو شوقين آهي، جيتوڻيڪ کيس سُڌ آهي ته گلن سان گڏ ڪنڊا به هوندا آهن. پوءِ به هُن جو زندگيءَ سان مُوهه آهي. جنهن جو اندازو سندس هن نظم مان لڳائي سگهجي ٿو.
    زنــدگي ٻــيــڙيءَ اڌڙ نــاهي پرين!
    جو وسامڻ کان ئي اڳ اڇلائجي.
    سندس مٿيون نظم اڄ کان ويهه ورهيه اڳ، جڏهن مون ٻڌو هئو ته اهو پهريون ڀيرو هُئو جو ڪنهن شعر ٻڌڻ تي منهنجون اکيون ڀرجي آيون هيون. اڄ به اُن نظم جو اثر منهنجي ذهن توڻي روح تي اهڙو ئي تازو آهي، جهڙو ويهه ورهيه اڳ هُئو.

    ڪلثوم سولنگي
    ڪراچي
    26.11.2014


    ادل سولنگي کي ڀيٽا : نويد سنديلو

    هي هالار جيان
    اوچو ارڏو اڏول شاعر
    محراب نالي ڳوٺ ۾
    زندگيءَ جون حسين گهڙيون
    گهاري پيو
    لاٽ، اُوندهه ۾ ٻاري پيو
    دور سفر کان موٽندي
    سدائين اسان لئه جو ڇپر ڇانوَ آ
    سندس سٽ سٽ ۾
    محمود درويش ۽ حمزا توف جيان
    سمايل آهي کيتن جي خوشبوءِ
    سدائين ظلم سان جهڙيندي
    مُرڪون جڳ مان ميڙيندي
    ديس پنهنجي لئه جو گيت جوڙي پيو
    سياري جي سرد راتين ۾
    توڻي سانوڻيءَ جي لِڱ ساڙيندڙ لُڪن ۾
    سگريٽ جو هڻي ڊگهو ڪش
    سونهن ڌرتيءَ جي پسي پيو
    گس امن ۽ پيار جا
    ديس واسين کي ڏسي پيو.
    هن جي ساٿ ۾ رهي
    ٻڌو آهي هن کان اسان
    پکين ۽ گُلن سان ڳالهائڻ
    لفظن ۾ نيون تشبيهون
    پنهنجن گيتن ۾ سمجهائڻ
    هو جيڪو جيون ۾ انوکا نانوَ آ
    سدائين اسان لئه جو
    ڇپر ڇانوَ آ.

    (نويد سنديلو)


    شاعر جي قلم مان : خانه بدوشيءَ جون ساروڻيون

    منهنجو جسماني جنم ڳوٺ محراب پور/ ڏوڪريءَ ۾ ٿيو، جڏهن ته منهنجو ادبي جنم جادوءَ جهڙي شهر دادوءَ ۾ ٿيو آهي، دادوءَ جي سامهون سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري آباد مورو آهي.
    مورو- جنهن لاءِ منهنجي محبوب شاعر دوست سليمان سولنگيءَ چيو آهي ته؛
    اچ ته ڪـــريـــون ســـودو،
    ٻه چـمـيـون، هڪ ڀاڪــر،
    پوءِ سارو مورو تنهنجو،
    واڌو ٿــــــورو تــنـهـنـجــو.
    مورو- جنهن ۾ سائين راشد مورائي عظيم سنڌي، محمد صديق پرهياڙ، سائين محمد لائق زرداري، فتح علي شاهه، عبدالحق ميمڻ، ادريس جتوئي، نماڻي سنڌي، احمد سولنگي، خادم ٻگهيي، سڪندر ڪورائي، بادل ٻگهيي، هاشم کوسو، آفتاب ٻگهيي، عرفان عباسي، امداد سولنگي، ارباب ڇڄڙي، محبتي ملاح، رکيل مورائي، رزاق مستوئي، رمضان نول، عبدالله جيسر، اسد سولنگي، اسلم عباسي، عزيز سولنگي سميت کوڙ سارن ادب دوست ساٿين وچ ۾ اٿندي ويهندي، انهن جي ادبي ڪچهرين مان جيڪو ڪجهه پرايو/ حاصل ڪيو آهي. ان جي ڪا موٽ ته نه ٿو ڏئي سگهان پر اهو قبول ٿو ڪيان ته منهنجي ادبي / شاعراڻي ميڙي چونڊيءَ ۾ هنن دوستن جو ساٿ ۽ سهڪار اهم محرڪ رهيو آهي.
    موري جي ادب دوستن جيڪو مانُ ڪيو آهي، اهو ڪڏهن به وساري نٿو سگهان پر جيڪو موري جي مائٽن اَپمان ڪيو آهي اهو به ڪڏهن وسري نه سگهندو.
    دادو- جنهن لاءِ استاد بخاريءَ جون پڇاڙڪيون سٽون آهن ته؛
    ٽٽي پوندي استــاد، دادوءَ جي دلـــڙي،
    بخاريءَ کان مورو، متان موڪلائي.
    يا منهنجي پياري دوست منظور سخيراڻيءَ جو ڳايل هي ڪلام؛
    دادوءَ ۾ ساهه منهنجو،
    دادوءَ ۾ چاهه منهنجو،
    هلي آ دادو.
    دادو منهنجو ادبي جنم ڀومي - جنهن دادوءَ سان - مخدوم بلاول، حيدر شاهه سنائي، علامه آءِ آءِ قاضي، سائين جي ايم سيد، سائين محمد ابرهيم جويي، ايم ايڇ پنهور، استاد بخاري ۽ تاج جويي، جهڙن عظيم انسانن جو تعلق رهيو آهي. دادو شهر جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت شاهه آباد شاخ به هوندي هئي. جنهن جي پهرينءَ گڏجاڻيءَ جي صدارت ناليواري ڪهاڻيڪار ڪيهر شوڪت ڪئي هئي، جنهن ۾ سائين نور گہلو، ڊاڪٽر شمس سومري، اطهر منگي، وزير منگي، شير زمان سومري، گل شير سولنگي، اميد سنڌي، علي گوهر سومري، شان راشدي سميت کوڙ سارن دوستن شرڪت ڪئي هئي. تنهن زماني ۾ سنگت جون گڏجاڻيون جڳت آباد پاڙي ۾ اطهر منگيءَ جي اوطاق تي ٿينديون هيون. جنهن ۾ احمد خان ملڪاڻي، فاروق سولنگي، سنڌو ميراڻي، سقراط سيتائي، قمر ڀان، مجيد پنهور، الطاف انصاري، وفا شبير جمالي، شير محمد ڀرڳڙي، عبدالله خان مگسي، عزيز ڪنگراڻي، منظور ٿهيم، خاڪي جويو، تاج جويو ۽ سائين راشد مورائي شريڪ ٿيندا هئا.
    دادو، جنهن ۾ منهنجي جوانيءَ جا ويڙهاڪ ڏينهن ايم آر ڊي تحريڪ جي ورِ چڙهي ويا هئا ۽ مون کي موٽ ۾ مليون هيون رولاڪيون، روپوشيون ۽ معاشي بدحالي. ايم آر ڊيءَ جي حاصلات، جمهوريت جي بحالي جنهن جو پير مظهر جهڙن ماڻهن کٽيو کاڌو، ايم آر ڊي شهيدن کي ايئن وساريو ويو جيئن اڄ سڄيءَ سنڌ کي وساريو ويو آهي. سنڌ جي ڀينگ ايتري ڌارين ناهي ڪئي جيتري ڀينگ سنڌ جي اقتدار ڌڻي پارٽي ڪري رهي آهي انهيءَ کان پوءِ منهنجو ڳوٺ محراب پور ۾ رهڻ ٿيو، جتي سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي ۽ ڏوڪري جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي.
    لاڙڪاڻي ۾ - سائين سرڪش سنڌي، افضل قادري، محمد علي پٺاڻ، ملڪ آگاڻي، منٺار سولنگي، منظور ڪوهيار، رزاق مهر ۽ واجد منگي سميت کوڙ سارن ادب دوستن کان سکڻ جو موقعو مليو، ڏوڪري سنڌي ادبي سنگت ۾ ناصر زهراڻي، گلاب سومري، خير چني، عيسيٰ ميمڻ، عزيز منگي، شهمير سومري، حمزه علي سوهو. حاڪم مڱريي، صلاح قاضي، هدنُ جيسر، منير سومري، ڪامريڊ حيدر جويي، حافظ رجب سولنگي، بچل سولنگي، عرفان موريي، ارشد ميراڻي، غفور زهراڻي، انور ابڙي، نثار کوکر، ظهير بسمل، امام ٻٽ، عارف مڱريي، سڄڻ سنڌي، فلڪ ٻٽ، علي گوهر ٻٽ، سميت کوڙ سارن دوستن کان پرائڻ جو موقعو مليو. تڏهن بگي، باڊهه ۽ ڳيريلي شاخن ۾ به وڃڻ جو موقعو ملندو هو. جنهن ۾ عزيز منگي، مجيد زهراڻي، وفا صالع راڄپر، حبدار سولنگي، اصغر سنڌي، بحربوٿرائي، غلام نبي ڪولاچي، مير ڪولاچي ۽ ٻين سنگتين کان سکڻ جو موقعو مليو.
    اڻويهه سئو اڻانوي جو زمانو آهي. سِگا پاران ڪراچي ۾ انٽرنيشنل سچل سيمينار ڪوٺايو ويو آهي. آءٌ پرل ڪانٽيننٽل هوٽل ڪراچي ۾ ٿيندڙ چئن ڏينهن وارين تقريبن ۾ شريڪ ٿيان ٿو.
    آخري تقريب مشاعري جي آهي، جنهن جي صدارت مها ڪوي شيخ اياز ڪري رهيو آهي ۽ ان مشاعري جي ميزباني سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل سائين شمشير الحيدري ڪري رهيو آهي. مشاعري ۾ استاد بخاري، تاجل بيوس، تاج بلوچ، تنوير عباسي، غلام حسين رنگريز، وينا شرنگي، قمر شهباز، هدايت بلوچ، ادل سومري ۽ اياز گل سميت سنڌ جي ناليوارن شاعرن پنهنجو شعر پڙهي مون کي هالار جيڏا حوصلا ڏياري ڇڏيا هئا.
    ٻئي ڏينهن آءٌ پارس جي آفيس ۾ مجيد پنهور سان ملڻ لاءِ پهچان ٿو. منهنجي ملاقات سنڌي ڪهاڻيءَ جي ناليواري ليکڪ علي بابا سان ٿئي ٿي، علي بابا ايڊيٽر جي حيثيت ۾ مون کي پارس ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪري ٿو ۽ آءٌ بنا ڪنهن هٻڪ جي اهڙي آڇ قبولي پارس ۾ ڪم ڪيان ٿو. ڀرسان سنڌيڪا اڪيڊمي هئي جتي پارس ڪمپوز ٿيندو هو. اتي ئي سائين نور احمد ميمڻ، علي حسن چانڊيي، انب گوپانگ سان سڃاڻپ ٿي. جڏهن ته سهڻيءَ جي ايڊيٽر طارق اشرف ۽ ساڃاهه جي ايڊيٽر خاڪي جويي سان پڻ ملاقاتون ٿينديون هيون. جڏهن ته رمپا پلازا تي سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون. تڏهن سنگت ڪراچيءَ جو سيڪريٽري جان خاصخيلي هوندو هئو.
    سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جا تنقيدي ڪلاس مثالي ڪلاس اهڙي نموني هلندا هئا جو تهه سياري ۾ پگهر ۽ آرهڙ جي ڏينهن ۾ ٿڌ وٺي ويندي هئي، ڪيترائي ورهيه ڪراچي ادبي سنگت جي انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ رهندي، ڪجهه لکندي ۽ ڪجهه پڙهندي اڳتي وڌيو آهيان تڏهن مون ڪراچيءَ کي پنهنجو گہر بڻائي ڇڏيو هو. اها ڪراچي جنهن لاءِ مها ڪوي شيخ اياز لکيو هيو ته؛
    اي ڪراچي-
    جهلملائيندڙ
    ڪراچي.
    ۽ منهنجي پياري دوست حسن درس لکيو هيو ته؛
    او – ڪراچي
    تون اسان جو سج آهين
    ۽ اسان سورج مُکي!
    ۽ آءُ ڪراچيءَ ۾ رهي پيو هوس.
    ادب جو ڪينواس ڌرتي ۽ آڪاش جيڏو وسيع ۽ ويڪرو آهي جنهن جي گهرائپ سمنڊ جيڏي ۽ رنگت ڪائنات ۾ موجود رنگن کان به وڌيڪ ويڪري آهي. ۽ وري شاعري - ادب جو اهڙو حسين مُک آهي جنهن جي سونهن تي لطيف، سچل، سامي، کيئلداس فاني، ڪشنچند بيوس، تنوير عباسي، شيخ اياز، استاد بخاري، شمشيرالحيدري، امداد حسيني، تاج بلوچ، تاجل بيوس، راشد مورائي، غلام حسين رنگريز، حڪيم ارشد، انور پيرزادي، حسن مجتبيٰ، ڊاڪٽر شمس سومري، مير محمد پيرزادي، اياز امر شيخ، اياز گل، ادل سومري، تاج جويي، ذوالفقار سيال، مختيار ملڪ، پارس حميد، مشتاق ڦل، اطھر منگي، نور گهلو، واجد منگي، نصير مرزا، حليم باغي، آڪاش انصاري، شاه محمد پيرزادي، روبينه ابڙو، عطيه دائود، امر سنڌو، پشپا ولڀ، زيب نظاماڻي، اياز جاني، احمد سولنگي، بدر شاهه، رکيل مورائي، وسيم سومري، حسن درس، نويد سنديلي، بخشڻ مهراڻوي، رمضان نول، نماڻي سنڌي، امر اقبال، ابرار ابڙي، بخشل باغي، ستار سندر، ماڻڪ ملاح، امتياز ابڙي، امداد سولنگي، انور ابڙي، عادل عباسي، حبدار سولنگي، محمد علي پٺاڻ، ممتاز عباسي، اظهرٻانڀڻ، علي حسن چانڊيي، رحمت پيرزادي، امر پيرزادي، سميت هزارين سنڌ جي شاعرن، سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجندڙ شاعريءَ سان نينهن لاتو ۽ خوب نڀايو آهي.
    آءٌ شاعريءَ جي قافلي جو سڀ کان پويون پانڌيئڙو آهيان. ادب جي هن قافلي ۾ روز نوان تخليقڪار شامل ٿيندا رهن ٿا. زندگي انفرادي طور ڀلي ختم ٿيندي هجي پر اجتماعي زندگيءَ جو تسلسل برقرار رهي ٿو ۽ هر حال ۾ رهڻو آهي.
    آءٌ مهين جي دڙي جي ڌراوڙن جو پويون نسل آهيان، منهنجي وڏڙن هزارين سالن جون ارتقائي منزلون طئي ڪندي نه رڳو سنڌوءَ ڪناري ويد لکيا هئا، پر جڏهن سنڌو سلطنت جي گاديءَ واري شهر جي اڏاوت ڪئي هئي ته ان شهر سنڌو سلطنت جي اعليٰ تهذيب جو ڄڻ ته اوچو مينار تعمير ڪري ڇڏيو هيو. مهين جو دڙو جيڪو نه رڳو سنڌو سلطنت جو عظيم ثقافتي ورثو آهي پر اڄ جي دنيا جو گڏيل تاريخي ثقافتي ورثو به آهي. مهين جو دڙو جنهن دنيا جي اڄوڪي ترقيءَ جا مضبوط بنياد ڏهه هزار سال اڳ رکيا هئا. ڪڏهن هن شهر ۾ به يورپ ۽ آمريڪا جهڙي ترقي هئي ۽ تمام گهڻي خوشحال زندگي هئي - ٽهڪ هئا - مرڪون هيون - گيت هيا - ناچ هيا - هڪڙي جيئري جاڳندي تهذيب هئي، وقت جي اوٿر هن تهذيب کي پوري ڇڏيو - ۽ مهين جي دڙي جي ڌراوڙن جي هيءَ عظيم تهذيب تاريخ جي تهه خانن ۾ پوريل رهي - جنهن کي سر جان مارشل، مجمعدار ۽ سندن ساٿين ڳولي لڌو آهي. آءٌ سنڌو سلطنت جو اهو وارث ڌراوڙ آهيان، جنهن ڌرتيءَ تي ڪاهه ڪندڙن سان پهريون مهاڏو اٽڪايو هئو.
    آءٌ ان ڌراوڙ جي سڏ جو پڙاڏو آهيان، جنهن ڪاهه ڪندڙن کي هڪلون ڏيندي للڪاريو هئو ۽ وطن جو رکوال بڻجي ويڙهاند ڪئي هئي. اڄ به پنهنجي وڏڙن جو وهيل رت منهنجي نيڻن جي پنبڙين مان وهي رهيو آهي.
    مون پنهنجي سڄي ڄمار ان ”ڇرڪ“ ۾ جاڳندي گذاري آهي ته متان اڄ وري ڪو نئون اوٿر منهنجي سرزمين سنڌ کي ايٽمي سگهه جي پناهه گاهه نه بڻائي ڇڏي ۽ پوءِ تاريخ ۾ اسان کي به ڪنهن هيروشيما ۽ ناگا ساڪيءَ وانگر ياد ڪيو وڃي. منهنجي تر جي جابلو پٽين ۾ ايٽمي سگهه کي محفوظ رکڻ جي نالي ۾ ڌرتي کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. گڏيل قومن جو عالمي ادارو، اهڙي چرپر جو ڪوبه نوٽيس ڪونه ٿو وٺي. اهڙي عمل خلاف آواز اٿاريندڙ نوجوان قومي ڪارڪن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو ۽ کين ٽارچر سيلن ۾ بند رکي چچريل لاشن جي صورت ۾ رستن تي ڦٽو ڪيو وڃي ٿو. عالمي ضمير، انساني حقن جون تنظيمون، ۽ جمهوري ملڪ اهڙي عمل تي مسلسل خاموش آهن - عالمي ضمير جي اهڙي خاموشي ۽ بي حسيءَ سبب مون سميت سنڌ جي سمورن سڄڻن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ۽ اسين مسلسل جاڳي رهيا آهيون.
    شاعري جاڳ جي پنڌ جو اهڙو وسيلو آهي جنهن جو هٿ وٺي پنهنجي منزل ڏانهن نه رڳو وڌي سگهجي ٿو پر پنهنجي منزل تائين رسي به سگهجي ٿو. شاعري قومن جي جسم ۾ روح جيان هوندي آهي. شاعري جوان جسمن ۾ عشق ۽ انقلاب جا اُلا ٻاريندي آهي، شاعري قومن جي تقدير بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. شاعري اهڙو تحفو آهي جنهن جي ذريعي آزاديءَ جي جل پري ماڻي سگهجي ٿي. شاعري قومن جي جياپي جي شاهدي آهي، جنهن قوم وٽ شاعري آهي ان کي ڪا به طاقت مات نٿي ڏئي سگهي.
    پراڻي ناري ڪناري تي آباد منهنجو ڳوٺ محراب پور صدين کان آباد آهي. علمي - ادبي - سياسي جاڳرتا ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندو پيو اچي.
    هن ڳوٺ ۾ بزرگ خليفي صوبدار جتوئي ۽ عاشقِ رسول مولوي غلام رسول جتوئي جهڙيون شخصيتون به مدفون آهن. سياسي حوالي سان عزيز احمد جتوئي ٽيون ڀيرو ايم پي اي ٿيو آهي، جيڪو راڄوڻن فيصلن ۾ نالو ڪمائيندڙ مرحوم حاجي غلام مصطفيٰ خان جتوئي جو ننڍو فرزند آهي. ادبي حوالي سان مولوي غلام رسول جتوئي جي خطبن تي ٻڌل ڪتاب ”خطباتِ رسولي“ ۽ سندس پوٽي منهنجي دوست آزاد جتوئي جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”ڏکيو ڏيهه – سندر سپنا“ ڳوٺ محراب پور جي کاتي ۾ چڙهيل آهي.
    سماجي سجاڳيءَ جي حوالي سان حاجي شير محمد خان جتوئي جو ماضيءَ ۾ مثالي ڪردار رهيو آهي. جڏهن ته سندس خاندان رهبر اعظم سائين جي ايم سيد جي فڪري ڌارا سان واڳيل آهي. قومي تحريڪ جي شروعاتي زماني ۾ محمد خان ۽ قربان جتوئي، جو به ڪردار رهيو آهي. جڏهن ته اڄ سندن ننڍو ڀاءُ احمد انقلابي قومي تحريڪ ۾ مرڪزي اڳواڻ جي حيثيت سان قومي جدوجهد ۾ مصروفِ عمل آهي.
    آءٌ ٿورائتو آهيان سنڌي ٻوليءَ جي نهايت ئي خوبصورت ۽ برجستي شاعر - ڀاءُ عبدالغفار تبسم، جو جنهن مون تي ٻه اکر لکي منهنجي زندگي جا سمورا ٿَڪ لاهي ڇڏيا ۽ احسان آهن مون تي منهنجي ننڊي ڀاءُ، دوست ۽ ادبي استاد رکيل مورائيءَ جا جنهن منهنجي ڪتاب تي مهاڳ لکي منهنجي زندگي جي مختلف پاسن کي سموهي ذري مان آفتاب بڻائي ڇڏيو آهي. رکيل مورائي، منهنجي سموري ادبي، سياسي ۽ ذاتي زندگيءَ کي ڀليءَ ڀَتِ نه صرف ڄاڻي ٿو پر مان سمجهان ٿو هو مونکي مونکان به وڌيڪ سمجهي ٿو. هي مهاڳ منهنجي لاءِ ڪنهن نوبل پرائيز کان گهٽ ناهي. ان کان سواءِ پنهنجي نياڻي ڪلثوم سولنگي جا به ٿورا جنهن مون تي ٻه اکر لکيا. منهنجي دوست نورگہلوءَ ڪنهن جاءِ تي لکيو هيو ته ”وکري وياسين موتين جيان، ڄڻ ڪو هار ٽُٽي پيو آهي“ پر اڄ منهنجي نهايت ئي پياري دوست، ادبي ۽ سياسي همسفر ۽ ننڍڙي ڀاءُ عيسيٰ ميمڻ ان وکريل موتين کي سموهي وري هڪ هار جوڙيو آهي جنهن کي مون نالو ڏنو آهي ”خانه بدوش لفظن جا قافلا“ جنهن جي ذريعي آءٌ سڄيءَ سنڌ ۾ موجود ادبي دوستن سان ڳنڍجي رهيو آهيان. منهنجي هن خانه بدوش زندگيءَ کي سهيڙيندڙ منهنجن ننڍن ڀائرن علي بخش پٺاڻ ۽ مجيب نواب ميراڻي، جن جا به هميشه احسان رهندا جن منهنجين هجتن ۽ ارڏاين کي سدائين محبت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ۽ خاص ٿورا پياري دوست نامياري ڪهاڻيڪار ناصر زهراڻيءَ جا جن هن ڪتاب کي اوهان تائين پهچائڻ ۾ هميشه ياد رکڻ جهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي آءٌ ٿورائتو آهيان پنهنجي احترام لائق محُسن دوست اياز گل جو جنهن هن ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل لاءِ پيار مان لکيو آهي - آءٌ ٿورائتو آهيان محترم سائين ادل سومري ۽ پيار دوست ساجد سومري جو جن منهنجيءَ رهاڻ ۾ اچي شرڪت ڪئي هئي ۽ مون تي ڳالھايو هيو.
    منهنجون هي سڀ محبتون ۽ محنتون اوهان جي سامهون آهن، اوهان جي ملندڙ هر موٽ منهنجي لاءِ نه صرف اتساهه ۽ ويساهه جو سبب بڻبي پر منهنجي باقي زندگيءَ ۾ به ان جو رهنمائيءَ وارو ڪردار رهندو.

    سنڌ سلامت – ساٿ سلامت

    ادل سولنگي
    محراب پور
    تاريخ؛ 07.01.2015
    03448389326


    نظم

    انڌ نگر جا رهواسي

    تون سنڌ نگر مان ڇا ڄاڻين!
    تو ڪڏهين سونهن ڏٺي ناهي،
    تو ڪڏهين سونهن سٺي ناهي.
    تو ڪڏهن باک ڏٺي ناهي،
    تو باک جي ساک ڏٺي ناهي.
    تو جڙندي ايٽ ڏٺا ناهن،
    تو ڦٽندي چيٽ ڏٺا ناهن.
    تو پتنگن پار ڏٺا ناهن،
    تو ڌرتيءَ يار ڏٺا ناهن.
    تو ڪڏهين سج ڏٺو ناهي،
    تو نينهن کي نج ڏٺو ناهي.
    تو ڪڏهين چنڊ ڏٺو ناهي،
    تو موهه جو منڊ ڏٺو ناهي.
    تو ڪڏهين سچ ڏٺو ناهي،
    تو سچ جو مچ ڏٺو ناهي.
    تو ڀُرندي ڪوهه ڏٺا ناهن،
    تو رجندي لوهه ڏٺا ناهن.
    تو تپندڙ ڏينهن ڏٺا ناهن،
    تو ساوڻ مينهن ڏٺا ناهن.
    تو چنريءَ چٽ ڏٺا ناهن،
    تو مٽيءَ مٽ ڏٺا ناهن.
    تو سهڻيءَ سڪ ڏٺي ناهي،
    تو چاهه جي چڪ ڏٺي ناهي.
    تو ڇر جي ڇڪ ڏٺي ناهي،
    تو ڀرندڙ ڀڪ ڏٺي ناهي.
    تو ڏونگر ڏک ڏٺي ناهي،
    تو سسئيءَ وک ڏٺي ناهي.
    تو ڪڏهين رڃ ڏٺي ناهي،
    تو ڪڏهين اڃ ڏٺي ناهي.
    تو موهه جا ڇوهه ڏٺا ناهن،
    تو لوڪ انبوهه ڏٺا ناهن.
    تو پريان لوءِ ڏٺي ناهي،
    تو ڳيرن لوءِ ڏٺي ناهي.
    تو کاروڇاڻ ڏٺو ناهي،
    تو ڀاڳين ڀاڻ ڏٺو ناهي.
    تو ڪيهر شينهن ڏٺا ناهن،
    تو ڳڀرن نينهن ڏٺا ناهن.
    تو اوڍا مڙس ڏٺا ناهن،
    تو سوڍا مڙس ڏٺا ناهن.
    تو جوڌا مڙس ڏٺا ناهن،
    تو دودا مڙس ڏٺا ناهن.
    تو ڪڏهين سونهن ڏٺي ناهي،
    تو ڪڏهين سونهن سٺي ناهي.
    انڌ نگر جا رهواسي،
    تون سنڌ نگر مان ڇا ڄاڻين.

    تاريخ شناسي ڇا ڄاڻين،
    تون راءِ سهاسي ڇا ڄاڻين.
    تون راجا چچ مان ڇا ڄاڻين،
    تون راءِ ڏياچ مان ڇا ڄاڻين.
    تون ڪونڌر جو ڪر ڇا ڄاڻين،
    تون راجا ڏاهر ڇا ڄاڻين.
    تون مبارڪ ڄام ڇا ڄاڻين،
    تون ڄام نظام ڇا ڄاڻين.
    تون مخدوم بلاول ڇا ڄاڻين،
    تون سوڍو رڻمل ڇا ڄاڻين.
    تون سارنگ سهتو ڇا ڄاڻين،
    تون آيو پهتو ڇا ڄاڻين.
    تون محمود خان مان ڇا ڄاڻين،
    تون مٺڻ خان مان ڇا ڄاڻين.
    تون لوڪ بغاوت ڇا ڄاڻين،
    تون شاهه عنايت ڇا ڄاڻين.
    تون هوشوءَ هوش مان ڇا ڄاڻين،
    تون هيمونءَ جوش مان ڇا ڄاڻين.
    تو ڀٽ جو شاهه ڏٺو ناهي،
    تو سن جو ساهه ڏٺو ناهي.
    تو ڪو اتساهه ڏٺو ناهي،
    تو ڪو ويساهه ڏٺو ناهي.
    تون سچل سامي ڇا ڄاڻين،
    تون مست مدامي ڇا ڄاڻين.
    تو شيخ اياز ڏٺو ناهي،
    تو راز- نياز ڏٺو ناهي.
    تون پورن ماسي ڇا ڄاڻين،
    تنوير عباسي ڇا ڄاڻين.
    تون ڌرتيءَ ياري ڇا ڄاڻين،
    استاد بخاري ڇا ڄاڻين.
    تون هري، حاسد ڇا ڄاڻين،
    تون ارشد، راشد ڇا ڄاڻين.
    تو حيدر بخش ڏٺو ناهي،
    تو ڪريم بخش ڏٺو ناهي.
    تون دين وفا ئي ڇا ڄاڻين،
    ڪريم گدائي ڇا ڄاڻين،
    تون بيدل بيڪس ڇا ڄاڻين،
    تون تاجل بيوس ڇا ڄاڻين.
    تون ٻڍل، روحل ڇا ڄاڻين،
    تون رکيل، چيزل ڇا ڄاڻين.
    تون ڀڳو ٽوڙو ڇا ڄاڻين،
    سميع ڪلهوڙو ڇا ڄاڻين.
    تون سڏڪو- هڏڪي ڇا ڄاڻين،
    تون ذلفي، پنڪي ڇا ڄاڻين.
    تون ڪارونجهر مان ڇا ڄاڻين،
    تون آريسر مان ڇا ڄاڻين.
    تون لوڪ ڪياسي ڇا ڄاڻين،
    نظير عباسي ڇا ڄاڻين.
    تون موهن- سوڀو ڇا ڄاڻين،
    تون انور ڪاڪو ڇا ڄاڻين.
    تون محسن، آثم ڇا ڄاڻين،
    تون رحيم، حاڪم ڇا ڄاڻين.
    تون موهن ڀڳت ڇا ڄاڻين،
    تون ڪنور ڀڳت ڇا ڄاڻين.
    تون ٿر جو کوسو ڇا ڄاڻين،
    تون ماڻو، موشو ڇا ڄاڻين.
    تون چارڻ، چنگ مان ڇا ڄاڻين،
    تون وارن ونگ مان ڇا ڄاڻين.
    تون گيتن گوليون ڇا ڄاڻين،
    تون ڇڇڪا ڇوليون ڇا ڄاڻين.
    تون جوڙن جوڙون ڇا ڄاڻين،
    تون ماٿي موڙون ڇا ڄاڻين.
    تون رنگ رتولي ڇا ڄاڻين،
    تون ڏياري- هولي ڇا ڄاڻين.

    تو عيد جا رنگ ڏٺا ناهن،
    تو ديد جا دنگ ڏٺا ناهن.
    تون مکڻ ماکيون ڇا ڄاڻين،
    ٿڌڙيون- ويساکيون ڇا ڄاڻين.
    تون اندر اُلڪا ڇا ڄاڻين،
    تون نيڻن ڇُلڪا ڇا ڄاڻين.
    تون ساهه سنڀارون ڇا ڄاڻين،
    تون نيڻ نهارون ڇا ڄاڻين.
    تون چنڊ جا چارا ڇا ڄاڻين،
    تون مور اڃارا ڇا ڄاڻين.
    تون پرينءَ پُور مان ڇا ڄاڻين،
    تون انبن ٻُور مان ڇا ڄاڻين.
    تون کيتن راکا ڇا ڄاڻين،
    تون نيڻ ننڊاکا ڇا ڄاڻين.
    تون ڪڻڪن ناڙيون ڇا ڄاڻين،
    تون ڪونجون آڙيون ڇا ڄاڻين.
    تون ڄانڀا، توريا ڇا ڄاڻين،
    تون ڪرڙ، ڪڪوريا ڇا ڄاڻين.
    تون وونئڻن چونڊا ڇا ڄاڻين،
    تون ڪمندن واڍا ڇا ڄاڻين.
    تون سارين رونبا ڇا ڄاڻين،
    تون گاهن، ڪانبا ڇا ڄاڻين.
    تو ڪڏهين سونهن ڏٺي ناهي،
    تو ڪڏهين سونهن سٺي ناهي.
    انڌ نگر جا رهواسي،
    تون سنڌ نگر مان ڇا ڄاڻين.

    تون ڌوڙ انڌاري ڇا ڄاڻين،
    تون ٿر جي واري ڇا ڄاڻين.
    تون اُتر اوتون ڇا ڄاڻين،
    تون جوڀن جوتون ڇا ڄاڻين.
    تون سِوَ جا پارا ڇا ڄاڻين،
    تون تهه سيارا ڇا ڄاڻين.
    تون سنڌوءَ ڌارا ڇا ڄاڻين،
    تون سمنڊ ڪنارا ڇا ڄاڻين.
    تون ٻيٽ، چهوڪا ڇا ڄاڻين،
    تون مور، ٽهوڪا ڇا ڄاڻين،
    تون مينديءَ ٻوٽا ڇا ڄاڻين،
    تون ننڊ جا جهوٽا ڇا ڄاڻين.
    تون ڏاندن جوڙا ڇا ڄاڻين،
    تون پاندن جوڙا ڇا ڄاڻين.
    تون هر جون اوڙون ڇا ڄاڻين،
    تون ڪڪرن گوڙون ڇا ڄاڻين.
    تون ليمن لامون ڇا ڄاڻين،
    تون سانوڻ شامون ڇا ڄاڻين.
    تون وَرهه وڇوڙا ڇا ڄاڻين،
    تون گونگا ڳوڙها ڇا ڄاڻين.
    تون لڙڪن لارون ڇا ڄاڻين،
    تون ڪونج قطارون ڇا ڄاڻين.
    تون سنڌوءَ ڇوليون ڇا ڄاڻين،
    تون پيار پروليون ڇا ڄاڻين.
    تون اَنڇر، منڇر ڇا ڄاڻين،
    تون ڪيٽي، ڪينجهر ڇا ڄاڻين.
    تو وڳهه ڪوٽ ڏٺوناهي،
    تو اَمر ڪوٽ ڏٺو ناهي.
    تو ڏيجي ڪوٽ، ڏٺو ناهي،
    تو رني ڪوٽ، ڏٺو ناهي.
    تون روپا ماڙي ڇا ڄاڻين،
    تون چوڪا ماڙي ڇا ڄاڻين.
    تون هٿ، اُماڙي ڇا ڄاڻين،
    تون ڪنڌ، ڪهاڙي ڇا ڄاڻين.
    تون ڪوٽن ڪنگرا ڇا ڄاڻين،
    تون چيلهه جا سندرا ڇا ڄاڻين.
    تون سون سراپا ڇا ڄاڻين،
    تون وڄ وراڪا ڇا ڄاڻين.
    تون ڀڳوت گيتا ڇا ڄاڻين،
    تون سنڌ سڀيتا ڇا ڄاڻين.
    تو ڪڏهين سونهن ڏٺي ناهي،
    تو ڪڏهين سونهن سٺي ناهي.
    انڌ نگر جا رهواسي،
    تون سنڌ نگر مان ڇا ڄاڻين.

    تو کارا در ڏنا ناهن،
    تو مٺا در ڏٺا ناهن.
    تو واڳڙو در ڏٺا ناهن،
    تو هاٿي در ڏٺا ناهن.
    تو ماڙيون منگهه ڏٺا ناهن،
    تو آڏا لنگهه ڏٺا ناهن.
    تون ڪچا قلعا ڇا ڄاڻين،
    تون پڪا قلعا ڇا ڄاڻين.
    تون جيوڻ، جاڳڻ ڇا ڄاڻين،
    سونيتي، باگڻ ڇا ڄاڻين.
    تون حشو، ڪيرت ڇا ڄاڻين،
    تون سونهن ۽ سيرت ڇا ڄاڻين.
    تون گوبند مالهي ڇا ڄاڻين،
    تون نم ۽ ٽالهي ڇا ڄاڻين.
    هيءَ ڌرتي آهي دليرن جي،
    ها- شيرن جي، شمشيرن جي.
    جي گهايا گهاڻي گهوٽ هتي،
    سي گهوٽ به سڀ اڻ موٽ هتي.
    جن پنهنجا سيس سهايا ها،
    جن انڌ جا ڪنڌ جهڪايا ها.
    هي ڌرتيءَ جا سڀ پيٽ ڄڻيا،
    جن سر ڏنا هن اڻ ڳڻيا.
    جي پوڄن سنڌوءَ پاڻيءَ کي،
    سي مان ڏين سنڌ راڻيءَ کي.
    سِرَ دان ڏين ٿا ڌرتيءَ کي،
    جيءَ دان ڏين ٿا ڌرتيءَ کي.
    جي مانُ ڏين ٿا مياڻيءَ کي،
    ڄڻ ڌرتيءَ جي هر نياڻيءَ کي.
    تو ڪڏهين سونهن ڏٺي ناهي،
    تو ڪڏهين سونهن سٺي ناهي.
    انڌ نگر جا رهواسي،
    تون سنڌ نگر مان ڇا ڄاڻين.

    تون روح جو راڻو ڇا ڄاڻين،
    تون مومل ماڻو ڇا ڄاڻين.
    تون پير حسام مان ڇا ڄاڻين،
    نارائڻ شيام مان ڇا ڄاڻين.
    تون جهونو جويو، ڇا ڄاڻين،
    تون پوڙهو، ٻوهيو ڇا ڄاڻين.
    ممتاز، جمال مان ڇا ڄاڻين،
    تاج ڪمال مان ڇا ڄاڻين.
    تون تير ۽ ترڪش ڇا ڄاڻين،
    آڪاش ۽ سرڪش ڇا ڄاڻين.
    تون مرندي- مُرڪي ڇا ڄاڻين.
    تون برفت - سرڪي ڇا ڄاڻين،
    تون سسئيءَ ڪيچ مان ڇا ڄاڻين.
    منشي - سرويچ مان ڇا ڄاڻين،
    تون بشير قريشي ڇا ڄاڻين،
    مقصود قريشي ڇا ڄاڻين.
    تون ويس بدل مان ڇا ڄاڻين،
    تون شمس - ادل مان ڇا ڄاڻين.
    تو ڪڏهين سونهن ڏٺي ناهي،
    تو ڪڏهين سونهن سٺي ناهي.
    انڌ نگر جا رهواسي،
    تون سنڌ نگر مان ڇا ڄاڻين.


    وڃايل ڳوٺ جي ڳولا

    هُو ماضي پنهنجو ڦولي ٿو،
    ڌڱاڻو خان ڳولي ٿو،

    ها-”موهن جي دڙي“ ويجهو،
    ڪنهين ”مَحراب“ جي نالي،
    ڪڏهن ”ناري“ ڪناري سان،
    اسان جو ”ڳوٺ“ هوندو هو.

    جنهن جي چئوڌار، هيڪاندا،
    اَنبن جا ”باغ“ هوندا ها،
    نِمن جي ”ٻورَ“ ۾ واسيل،
    سمورو “ڳوٺ“ هوندو هو.

    جڏهن ”آرس“ ڀڃي ”سورج“،
    خُماريل ”نيڻ“ کڻندو هو،
    ڌرتي ”جرڪي“ پوندي هئي،
    صبح نئين ”آس“ اُڻندو هو.

    اکين کي ”جاڳ“ ٿيندي هئي،
    پَکين ۾ ”ساههَ“ پوندا ها،
    تڏهن ڪئي ”ٻاجهه“ ڀريا هٿ،
    ”دُعائن“ لاءِ کڄندا ها.

    گهرن ۾ ”ايٽ“ جُڙندا ها،
    ٻنين ۾ ”کيٽ“ کڙندا ها،
    ”اکيون مَهٽي ڪئي ٻالڪ“،
    اَچي ”آڳنڌ“ تي مِڙندا ها.

    جڏهن ”آڪاس مَنڊل“ تي،
    ”چوڏهينءَ جو چنڊ“ کڙندو هو،
    تڏهن ”ناري ڪناري“ سان،
    سمورو ”ڳوٺ“ مِڙندو هو.

    ”ستارا – چنڊ“ سان گڏجي،
    سُهائيءَ ”ناچ“ نچندا ها،
    ”مُکن تي مرڪَ“ ترندي هئي،
    ”چپن تي ٽهڪ“ ٻُرندا ها.

    ”ڏکڻ جي هير“ گُہلندي هئي،
    تڏهن ”ڪينجهر“ ڪنارن جان،
    ”ها - ڌرتيءَ جي ڏِسائن ۾“،
    ”جواني“ پيئي ڇُلندي هئي.

    ”چڙا – چنگ“ ساز وڄندا ها،
    ”عجب اِسرار“ لڳندا ها،
    جڏهن ”ناري ڪناري“ سان،
    اسان جو ”ڳوٺ“ هوندو هو.

    ”ڏياري – عيد“ ايندي هئي،
    ”دڳن ۾ ديد“ هوندي هئي،
    ”دردن جي ٻيڪڙن“ پويان،
    ”نماڻا نيڻ“ کڄندا ها.

    ڪئي ”اک – ٽيٽ“ ۾ ”نظرون“،
    ”ٻکين“ جو پئجي وينديون هون،
    ”اکين تي کيپ“ چڙهندا ها،
    ”اُٻهرا پير“ ٿڙندا ها.

    تڏهن ڪي ”جہونڙا“ ماڻهو،
    ”سلي سا ڳالهه“ ويندا ها،
    سموري ”ڳوٺ“ کي ميڙي،
    ”اڻائيءَ“ ڳالهه کي ”جهيڙي“.

    جڏهن جو ”پارِ“ پوندا ها،
    ”نرالا ناچ“ نچندا ها،
    جڏهن جو ”ڪاڄَ“ ٿيندا ها،
    ڪٺي ڪئي ”راڄَ“ ٿيندا ها.

    ڪئي ”جهمريون - جمالا – گيت“،
    ڪئي ”سنگيت“ وڄندا ها،
    جڏهن ”ناري ڪناري“ سان،
    اسان جو ”ڳوٺ“ هوندو هو.

    ”وکر“ ”ڀريل جڏهن ٻيڙا“،
    لنگر انداز ٿيندا ها،
    گهٽين ۾ ”شور“ ٿيندو هو،
    وڏا ”آواز“ ايندا ها.

    اسان جي ”ڳوٺ بازر“ ۾،
    وڏا ”واپار“ ٿيندا ها،
    ”چانديءَ جي سڪن“ عيوض،
    وڏا ”وهنوار“ ٿيندا ها.

    جڏهن جو ”سانجهه“ ٿيندي هئي،
    مَندر ۾ ”جانجهه“ وڄندي هئي،
    ڪئي ”هٿ جوڙ“ سان ماڻهو،
    اگهاڙين ”پير“ پُڄندا ها.

    پپر جي ”پاڙ“ ۾ ويهي،
    هِڄايل ”هانوَ“ ها ڪيئي،
    ”الک – آلاپ“ ڏيندا ها،
    ”وڏا ورلاپ“ ٿيندا ها.

    جڏهن جو ”ڳوٺ“ منهنجي ۾،
    ”يارهينءَ جي رات“ ايندي هئي،
    ”سوين سِرَ سجدي“ ويندا ها،
    سوين سِرَ ”ٻاجهه“ گہرندا ها.

    تڏهن ”مسجد منارن“ مان،
    ”ٻُري مولود“ پوندا ها،
    ”فڪر – فڪرات“ ٿيندي هئي،
    ”الاهي – لات“ ٿيندي هئي.

    ”رات جي سانت“ ۾ جڏهين،
    ”ڪا - ڪويل ڪُوڪ“ ٿيندي هئي،
    هِڄي ڪئي ”هانوَ“ پوندا ها،
    ”اندر ۾ ووڪ“ ٿيندي هئي.

    جڏهن ڪي ”آج جون ٻانهيون“،
    ڪا پهري ”نارَ“ ايندي هئي،
    ”سمو سڏڪا“ ڀريندو هو،
    سڄڻ جي ”سارَ“ ايندي هئي.

    جڏهن ڪي ”ويجہڙا ماڻهو“،
    ”اکين کان ڏور“ ٿيندا ها،
    ڪي – ”لارون لڙڪ“ وهندا ها،
    ”قطارون – لڙڪ“ وهندا ها.

    جڏهن ڪا- ”لُڪَ“ لڳندي هئي،
    جڏهن ڪي – ”اَڪَ” تپندا ها،
    ”ٺِڪر جي ٿانو ۾ مليل“،
    ”لڱن تي ميٽ ملبا ها“.

    جڏهن جو ”پوههَ پارن“ ۾،
    جڏهن جو ”تهه سيارن“ ۾،
    گهرن ۾ ”مچ“ مچندا ها،
    لڱن کي ”سيڪ“ ايندا ها.

    ”سياري – مُند“ گہر گہر ۾،
    ”پليون ۽ ساڳ“ پچندا ها،
    ”جوئر – ٻاجهر“ جي کيتن ۾،
    ”کهاڏا – نارَ“ وهندا ها.

    وَلو – يارو – نَبو – هاشم،
    پَوهُو – مُولو، هَرو – ٽيڪم،
    ڪو – ”ڪوٽو مل“ جو ساٿاري،
    ڪو – سيٺيو ”چين“ واپاري.

    ”ڪانڀو خان“ جهڙو ڪو،
    ”مٿيرو مُڙس“ ٻُجهندو هو،
    ”تماچي ڄام“ جهڙو ڪو،
    ”بَهاول خان“ رهندو هو.

    اَسان جي ”ڳوٺ“ ۾ تڏهين،
    ڪئي ”ڀٽ – ڀانَ“ رهندا ها،
    ڪئي ”عالم – اَڪابر – ويڄ“،
    ڪئي ”درويش“ رهندا ها.

    ڪنڀر - لوهار ۽ واڍا،
    ”سوين ڏاڍا“ به رهندا ها،
    مگر هئي ”سَهپ“ ايڏي جو،
    ”مثالي ڳوٺ“ سڏبو هو.

    اَسان جو ”ڳوٺ“ اهڙو هو،
    ”پرينءَ جي پار“ جهڙو هو،
    ”ورهاڱي واري اوٿر ۾“،
    سمورو ”ڳوٺ“ وکري ويو.

    اَڄ نه ”نارو“ آ نه ”ناري“ جو،
    اُهو ”ساڳيو“ ڪنارو آ،
    نه ”ساڳيا ڳوٺ“ جا ماڻهو،
    نه ڪو ڪنهن جو ”سهارو“ آ.

    ڪا – ”ناري ناوَ“ ڪانهي ڪا،
    ”ڪناري ڇانوَ“ ڪانهي ڪا،
    نه ساڳيا مَنگهه ۽ ماڙيون،
    نه ساڳيون ”نيرڳيون – آڙيون“.

    نه ”ساڳيون – رونقون“ آهن،
    نه ”ساڳيون چاهتون“ آهن،
    نه ”نيڻن جون نهارون“ هِن،
    نه ”سڄڻن جون سنڀارون“ هِن.

    رکي ”گوڏن تي هٿ“ پنهنجا،
    ”سنڀاري ويٺو سٿ“ پنهنجا،
    هو ”هاري ساڀيائون سڀ“،
    اڏاري خواب نيڻن مان.

    ”لُڇي – ڦٿڪي“ نهاري ٿو،
    هو ماضي پنهنجو ساري ٿو،
    ها – ”موهن جي دڙي“ ويجهو،
    ڪَنهين ”محراب“ جي نالي.

    ڪڏهن ”ناري“ ڪناري سان،
    اسان جو ”ڳوٺ“ هوندو هو،
    هو – ماضي پنهنجو ڦولي ٿو،
    ڌڱاڻو خان ڳولي ٿو.


    ڳوٺ جون ڳليون

    شهر جي ڏيکاءَ ڏيندڙ،
    سونهن تي هرکجي،
    ڳوٺ سان پنهنجا سڀيئي سڱ ڇني،
    گهر، گهٽيون ۽ ڪچهريون،
    ڀاڪرن واريون چميون،
    اُٻهرائي مان ڇڏي آيو هئو،
    شهر جي ڏيکاءَ ڏيندڙ روشنين تي موهجي،
    کوڙ سارا سال گهاري،
    ڳوٺ جا رستا وساري،
    هو جڏهن ٿڪجي پيو،
    شهر جي ڏيکاءَ ڏيندڙ،
    سونهن واريءَ مند مٽجڻ جا ڪيا سانڀاها جڏهن،
    لوهه، سيمينٽ مان جڙيل،
    شهر جون جايون تتيون،
    روڊ ڏامر جا مٿس پيا ڏمرجي،
    گهر مٿان جڏهن ٿيس گولين گذر،
    ۽ گهٽين مان اوپرائپ جا مٿس شڪ ٿي پيا،
    ياد آيس!
    چنڊ جي چانڊاڻ چوڏس،
    کيت ساوا،
    ماڪ وهنتل رات جا پل،
    ۽ ڏکڻ جي هير، ٿڌڙي، ڏينهن جي،
    ها- وساريل،
    ڪنهن پراڻي نينهن جي،
    ڪنهن جي ڀاڪر،
    ۽ چمين، مرڪن کي ساري،
    ماءُ پوڙهي ڏي ورڻ ڪان،
    ڪنڌ پنهنجي کي نوائي،
    شهر جي ڏيکاءَ ڏيندڙ سونهن کي ڏيئي پُٺي،
    ڳوٺ جي ڳلين کي پوندي ڀاڪرين،
    نٽهڻن جي نگر ڏي ڪاهي پيو،
    ڪالهه جيڪو نينگرو،
    شهر جي ڏيکاءَ ڏيندڙ،
    سونهن تي هرکجي،
    ڳوٺ جون ڳليون ڇڏي آيو هئو!


    ڪـــاش ڪــوئي ڄاڻي سگهي

    سُرت سنگهرين نه قيد ٿيندي آ،
    ڪاش ڪوئي هتي ڄاڻي سگهي.

    قوم جيڪا به سست ٿيندي آ،
    ماڳ پنهنجو نٿي ماڻي سگهي،
    ڪاش ڪوئي هتي ڄاڻي سگهي.

    لوڪ جڏهين به مڇرجي پوندو،
    پاڻ ئي پٽ ڪري پوندا پهرا،
    لانگ ٻوٽن جي لوڌ چيريندي،

    ڌوپجي ويندا مُرڪ سان چهرا،
    ڪير اڳيان ۽ ڪير آ پويان؟
    اهڙو ڪاٿو ڪٿي نه ٿيندو آ،

    ماڳ ڏي ڊوڙندي وڌندڙ،
    قوم جا ئي ڪندو آ مُکَ اُجرا.
    سُرت سنگهرين نه قيد ٿيندي آ،
    ڪاش ڪوئي هتي ڄاڻي سگهي.


    زندگي آهي ٽڙيل رابيل جان

    زندگي ايڏي ڪساري ۽ ڪڙي،
    ناهي پرين،
    جو ڏسڻ ۽ وائسڻ کان اڳ،
    کڻي ٿوڪارجي،
    زندگي پينار جو ڪستو نه آ،
    زندگي هالار جان ارڏي اڏول،
    سچ ساڀيان، سونهن سپنا،
    جاڳ آهي زندگي،
    محنتن ۽ محبتن جو ماڳ آهي زندگي،
    ڪنوار جان ڪوري نڪوري،
    ماڪ ورني زندگي،
    مرڪ مينديءَ رنگ،
    مٿي جا موڙ آهي زندگي.
    ڪارونجهر جي ڪور،
    نچندڙ مور آهي زندگي.
    زندگي- ڄڻ شاهه جي آ شاعري،
    زندگي- سچل جي ڪافيءَ وانگيان،
    زندگي- ساميءَ جا ڄڻ ڪي سلوڪ،
    زندگي- اياز رچيا لوڪ گيت.
    رات جي راڻي،
    ڪينجهر جا ڪنول،
    رُت بسنتي،
    سرنهن جو ڦولار،
    ڳاڙها ٻير، ماکيءَ لار آهي زندگي.
    زندگي، آهي ٽڙيل رابيل جان،
    لوڪ مُکَ تي مرڪ،
    سج ڪرڻن جيان.
    اڻ مئي مُرڪ.
    من جو موهه آهي زندگي.
    چيٽ جي چانڊاڻ،
    جهوٽا هير جا،
    سون ورنا کيت،
    ها- گهر گهر ولوڙا کير جا،
    ڪينجهر ڪنڌيون،
    منڇر ڪنڌيون، سنڌوءَ ڪنڌيون.
    گاج جي گجگوڙ آهي زندگي.
    زندگي تاريخ جو ورجاءُ آ.
    جهوڪ- مياڻي - باغبان،
    ديبل بندر،
    روپاهه ماڙي- سن- سيوستان،
    ننگر ٺٽو،
    رتو رني ڪوٽ، ها- موهن جو دڙو.
    وقت جي هر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان،
    اڻ ساهيءَ اٽڪاءُ، آهي زندگي.
    زندگي ايڏي ڪساري ۽ ڪڙي،
    ناهي پرين،
    جو ڏسڻ ۽ وائسڻ کان اڳ،
    کڻي ٿوڪارجي.
    زندگي دوکو نه آ
    جيءَ جو جوکو نه آ،
    زندگي ايڏي هچاري ڪانه آ،
    زندگي ايڏي ڏکاري ڪانه آ،
    جا کڻي آڙاهه ۾ اڇلائجي،
    يا- تاس جي پتن مٿان هارائجي.
    زندگي ٻِيڙيءَ اڌڙ ناهي پرين،
    جو وسامڻ کان ئي اڳ اڇلائجي.
    زندگيءَ جو ماڻ ۽ ماپو نه ڪو،
    زندگيءَ جا روپ ۽ ٻهروپ لک،
    ڌرتتو ڏينهن،
    پارا پوهه جا،
    بک، بيماري- هيڪاري،
    پوءِ به پياري زندگي.
    زندگي ملاح جي ٻيڙي جيان،
    کوڙ سارا ڪُن،
    آخر ڪنارا زندگي.
    زندگي پڙ تي چڳندڙ ڳيرڙا،
    زندگي ٻيلن اندر ٻرندڙ چڙا،
    زندگي آ جوٽ هاريءَ هٿ ۾،
    زندگي آ سون ناريءَ نٿ ۾،
    زندگي وسڪار سارنگ جي پرين،
    زندگي ٿڌڪار سارنگ جي پرين،
    زندگي ٿر جي آهي ساوڪ پرين.
    زندگي ئي مهڙ آهي.
    توڙ آهي زندگي.
    زندگي کي زندگي جان گهارجي.
    زندگي کي آجپي تان وارجي.
    زندگي ايڏي ڪساري ۽ ڪڙي،
    ناهي پرين،
    جو ڏسڻ ۽ وائسڻ کان اڳ،
    کڻي ٿوڪارجي.


    زندگي ماءُ ڄڻ ڪا ماٽيلي

    زندگي ماءُ ڄڻ ڪا ماٽيلي،
    جُہڙ جي اُس جهڙي،
    ٿي چماٽ هڻي.
    روئي روئي،
    اندر جي ماڻهوءَ جا،
    لڙڪ نيڻن منجهان.
    کٽي ٿا پون،
    ٻاجهه ڀريون،
    نه ٿيون ڪي ٻانهون وڌن،
    جي ڪنهين موڙ کڻي پنهنجو ڪن.
    آٿتون،
    راتيون ڄڻ سياري جون،
    پارتون،
    سانوڻيءَ جي جهولن جان،
    لوڪ جي روشِ،
    ڀاسجي اهڙي،
    جيئن ڪو سج هجي ٽامڻيل،
    ماڻهپي ساڻ،
    جياپي جي وٿيءَ وارو سَنڌو،
    ماڻهو ڀوڳي عذاب صدين جو.
    لوڻ نظرون لڳن ٿيون گهوريندڙ،
    ڦٽ پراڻو،
    وجود ڄڻ پنهنجو،
    زندگي ماءُ ڄڻ ڪا ماٽيلي،
    جُہڙ جي اُس جهڙي ٿي چماٽ هڻي.


    زندگي

    زندگي بارود جي،
    سُرنگن مٿان،
    ڄڻ باهه ۾،
    ڪو ٽچڪندڙ آهي چڻو.
    ايٿوپيا- بيروت،
    ٿر جي زندگي،
    شام ويلا،
    پاند پالهو،
    ڄڻ هجي پينار جو.
    زندگي نيو ٽران
    ايٽم بم جي
    آهي ٻڌي ٻانهي بڻيل.
    وحشي سگهه جي
    ور چڙهيل آ زندگي.
    وقت جي هر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان
    اٽڪاءَ ۾،
    زندگي ڪو ست نه آ ساري سگهي
    ڇو زندگي ڪو ست نه آ ساري سگهي!!؟؟
    زندگي بارود جي،
    سرنگن مٿان،
    ڄڻ باهه ۾،
    ڪو ٽچڪندڙ آهي چڻو.


    ديوداس

    ڪونه آهي چنڊ پنهنجو،
    چاهه پنهنجو،
    ڪا ڪتي پنهنجي نه آ،
    آڪاس ۾،
    پن ڇڻ جي مُندَ جهڙو،
    پنهنجو جيون،
    ها- اُميدن جو نه ڪوئي،
    چيٽ پنهنجو.
    سانوڻيءَ جو مينهن،
    نيڻن مان وسي،
    سياري مُندَ ۾،
    پاري ورتل احساس،
    ڀاسن لوڪ جا،
    ماڪ جي مهڪار،
    ڄڻ آهي رُٺل،
    ڪابه پنهنجي ڀاڳ ۾،
    ”پارو“ نه آهي.
    روح رولاڪيون اندر ۾،
    اڻ ڳڻيو اُلڪو اکين ۾،
    پيار - پيڙا،
    درد جو صحرا وسي،
    اڻ ميو اوسيئڙو،
    جاڳي اکين ۾،
    ۽ نه پنهنجي آهي ڪا،
    “چندر مُکي”.
    زندگيءَ جي سفر ۾،
    ڪوبه پنهنجو ناهي ڪو،
    “چُني ميان”.
    پير پنهنجا، پنڌ پنهنجو،
    پر نه ڪا ڌرتي آ پنهنجي،
    مرڪَ ڪنهنجي،
    موههُ ڪنهنجو،
    ۽ نه ڪو وشواس آهيان.
    مان اَنائن جي اڏيءَ ور چڙهيل،
    ويساهه ڪنهنجو،
    جنهن نڙيءَ هيٺان،
    هجي ڪو زهر اوتيل،
    پپر وڻ هيٺان ڪوئي،
    ٽمٽائيندڙ حياتيءَ جو ڏيئو،
    دربدر- رولاڪ - ڄڻ خانه بدوش.
    پنهنجو جيون.
    رات ڪاري ڄَڻ اُماس.
    مان به ڪوئي ديوداس.
    مان به ڪوئي ديوداس.


    اُجاڙ

    سنڌ ساري،
    ساڙي ٻاري،
    ۽ اُجاڙي ٿي وڃي.
    اَنڌ ۽ انياءَ سامهون،
    ڪا اُڀي ناهي ڪهاڙي،
    ۽ نه ڪا ٻاري اُماڙي ٿي وڃي،
    چؤ ڏسائون،
    ديس پنهنجي ۾ وڌيل آهي،
    وفائن جو ڏڪار.
    بي حسيءَ جي،
    ور چڙهيل آ،
    لوڪ سارو.
    اُٻهرايون- وحشتون،
    ماڻهن مٿان مڇرجي،
    ويڙهن اندر،
    ويريون وجهن ٿيون،
    اڻ ڀُنيو- اڻ ڄاڻ لوڪ،
    درد پنهنجي ديس جو،
    ڄاڻي نه ٿو،
    زندگي جي راهه ۾،
    ڪير پنهنجي ماڳ ڏي،
    تاڻي نه ٿو،
    هر ڪو پنهنجي لاش کي،
    ڏيئي ڪلهو،
    پنهنجي ليکي،
    روئندو رڙندو،
    ها- رڙهندو وتي ٿو.
    ڪير ڪنهن کي، ڪا رُکي آٿت،
    ٺلهو ڪو آسرو،
    اُميد ڪا ڏياري نه ٿو،
    ڪو جِهٻو تر جيترو،
    ڪنهن کي ڪڏهن،
    ڪنهن تي اچي ئي ڪونه ٿو.
    ڪير ڪنهن کي،
    ڳل ڳراٽي پائي،
    پرچائي نه ٿو.
    سنڌ ساري،
    ساڙي ٻاري،
    ۽ اُجاڙي ٿي وڃي.
    ها- سنڌ ساري،
    ساڙي ٻاري،
    ۽ اُجاڙي ٿي وڃي.


    نٽهڻن جو مسافر

    توکي تنهنجا ٽهڪڙا،
    مُرڪ، مهڪارون،
    اک، ٽيٽ ۾،
    نيڻن نهارون،
    سانوڻيءَ جي شام واريون،
    سڀ سنڀارون.
    ڏينهن جون ٻيپهريون،
    رات آڌي - هير جهوٽا،
    ۽ سڀئي سوماهِڻيون،
    گهر، گهٽيون ڪچهريون،
    ڀاڪرن واريون چميون،
    ويڪرا، اجرا اڱڻ،
    چنڊ جي چانڊاڻ،
    مينديءَ جو هڳاءُ،
    باک ويلا روشنيون،
    سج ڪرڻا سوجہرا،
    کيت ٻنيون ساوڪون،
    ها- وڏن واهن ڪنڌيون،
    نم ٽالهين جا هڙيئي ڇانورا،
    تو طرف ايندڙ سمورا پيچرا.
    او پرين،
    توکي پُنا، توکي پُنا، توکي پُنا.
    سرنهن، ڄانڀي ساڳ،
    مٽرن جون پليون،
    سيڪيل آنڀو- چڻن جون ڏڌڙيون،
    ٻير صوفي ۽ ميها، زيتون سڀ،
    انب، ٽپڪا، ڦاروا،
    ڏنگ، ڏوڪا، کارڪون،
    بهه، مڇي، لوڙهه،
    ڪوڻيون گُرگليون،
    ڳُڙ مکڻ جون بسريون،
    ٻوڙ واريون تسريون،
    کير جا ڀريل گهڙا،
    ها- لسيءَ جون گهاگهرون،
    ڪڻڪ، ڪُٽيون چُوريون،
    چانورن جون تاهريون،
    ها- پرين تنهنجا - پلا،
    تنهنجا پلاءَ
    تو بنا ڪاڏي ڪنداسين.
    او پرين،
    تون ڏس کڻي،
    توکي تنهنجون سڀ شيون،
    ها- خدائي نعمتون، نيبهه هجن،
    پاڻ پنهنجي ڌرتتي،
    ها- نٽهڻ ڏي ٿا وڃون.
    ٻانهن ڪنگڻ، جهومڪيون،
    هَسَ، بينسر نڪ ڦليون،
    ايرينگ ۽ پازيب، تنهنجون دهريون،
    آڱرين ۾ سونهندڙ هيرن منڊيون،
    ڪيٽي، ڪاٽن، سلڪ، ريشم،
    هرک، ململ، بوسڪيون،
    رشتا، نا تا- سڱ سياپا،
    اڻ ڪيل سڀ محبتون،
    ها- لک ساريون عزتون،
    راڄ ۽ رکوال سڀ،
    توکي ڌڻي بخشي ڏئي.
    پاڻ پنهنجي ڌرتتيءَ ۽ نٽهڻن،
    ڏي ٿا وڃون،
    ها- ڪڏهن توساڻ ملبو،
    ڪل ڪا ڪانهي پرين.
    توکي تنهنجا ٽهڪڙا نيبهه هجن.
    توکي تنهنجا ٽهڪڙا نيبهه هجن.


    پرين تو پڄاڻان

    پرين تو پڄاڻان، اسان جي اڱڻ تي،
    نه ڪي سج اُڀريو، نه ڪي چنڊ اُڀريو،

    نه ڀلجي ڪڏهن پير چانڊاڻ پاتو،
    نه ڪائي ڏکڻ جي گُهلي هير ڪڏهين.
    نه ڪائي وقت جي چڙهي وير ڪڏهين.
    نه ڪا ماڪ جي مرڪ مهڪي وڻن تي
    نه ڪوئي ڪڪر ڀرجي برسيو اڱڻ تي.
    پرين تو پڄاڻان- پرين تو پڄاڻان.

    نه ڪي اُڀريو اَوٿر، نه ڪي واءَ جهوٽا،
    نه مهڪيا اسان وٽ، گلابن جا ٻوٽا.
    نه ڪي ٻورَ جو نورُ مينديءَ مان مرڪيو،
    نه ڪي سج اکين جي تلاون مان جرڪيو.
    وکون وکرجي ويون، جڏهن ساهه ساڻيو،
    رڳي رڃ مان اڃ جي تانگهه تاڻيو.
    پرين تو پڄاڻان- پرين تو پڄاڻان.

    نه ڪا سانجهه سُرمئي، نه اجرو سويرو،
    اندر منجهه رهيو آ رڳي درد ديرو.
    نه ڪي نٽهڻن مان ملي واندڪائي،
    رڳي گهر گهٽين مان لڇي ماندڪائي.
    رهي ٻارهو ئي آ اُلڪن جي موسم،
    اُڌمن جي موسم ها- سڏڪن جي موسم.
    پرين تو پڄاڻان- پرين تو پڄاڻان.
    نه رابيل رُت آ، نه ڦولار ڪوئي،
    نه ڌرتي نه آڪاس، پولار ڪوئي.
    رهيو روح رولاڪ، خانه بدوش،
    هي تقدير جو يا نصيبن جو دوش.
    نه ڪا رُت رتائين نه مرڪن جا ميلا،
    اسان رڻن ۾ ڄڻ رهياسين اڪيلا.
    پرين تو پڄاڻان - پرين تو پڄاڻان.


    تون تون آهين، مان مان آهيان

    تون جو آهين، تون سو آهين،
    مان جو آهيان، مان سو آهيان.
    تون ڇو آهين؟ مان ڇو آهيان؟
    تون ڇا معنيٰ؟ مان ڇا معنيٰ؟

    تون ”ڪن فيڪون“ مظهر آهين،
    مان ”ڪن فيڪون“ مظهر آهيان،
    تون ڇو آهين؟ مان ڇو آهيان؟
    تون ڇا معنيٰ؟ مان ڇا معنيٰ؟

    تون پنهنجو آئينو آهين،
    مان پنهنجو آئينو آهيان،
    تون ڇو آهين؟ مان ڇو آهيان؟
    تون ڇا معنيٰ؟ مان ڇا معنيٰ؟

    تون پنهنجي دنيا ۾ آهين،
    مان پنهنجي دنيا ۾ آهيان،
    تون ڇو آهين؟ مان ڇو آهيان؟
    تون ڇا معنيٰ؟ مان ڇا معنيٰ؟

    تون هُن ڪناري تي آهين،
    مان هِن ڪناري تي آهيان،
    تون ڇو آهين؟ مان ڇو آهيان؟
    تون ڇا معنيٰ؟ مان ڇا معنيٰ؟

    تون جو تخليقڪار آهين،
    مان جو تخليقڪار آهيان،
    تون ڇو آهين؟ مان ڇو آهيان؟
    تون ڇا معنيٰ؟ مان ڇا معنيٰ؟

    تون پاڻ اُتاهينءَ تي آهين،
    مان پاڻ اُتاهينءَ تي آهيان،
    تون ڇو آهين؟ مان ڇو آهيان؟
    تون ڇا معنيٰ؟ مان ڇا معنيٰ؟

    تون ان الحق آواز آهين،
    مان ان الحق آواز آهيان،
    تون ڇو آهين؟ مان ڇو آهيان؟
    تون ڇا معنيٰ؟ مان ڇا معنيٰ؟

    تون تون آهين- مان مان آهيان،
    تون با معنيٰ- مان ڇا معنيٰ،
    تون تون آهين، تون تون آهين.
    مان مان آهيان- مان مان آهيان.


    ڄام شوري نه وڃ

    شيشي جهڙا پرين، جيءَ جهوري نه وڃ.
    پٿرن جي شهر، ڄام شوري نه وڃ.
    جي مڃين ٿو ته مڃ ڳالهه هڪڙي پرين،
    جي وڃين ٿو ته وڃ ڪنهن جي ٿوري نه وڃ.

    ها ٻُڌون ٿا اُتي درسگاهون وڏيون.
    پيار واريون دليون ۽ پناهون وڏيون.
    ٻاجهه ڀريل نهارون نگاهون وڏيون.
    روح رولاڪيون، شاهراهون وڏيون.

    ايٿريون ايٿريون جت هوائون وڏيون،
    ريشمي ريشمي جت ادائون وڏيون.
    مُرڪ ۽ مَهڪَ جون جت ڪٿائون وڏيون.
    ها پهاڙن پٺيان، جت صدائون وڏيون.

    جنهن شهر ٿو وڃين تنهن تي پهرا وڏا.
    چهري چهري چڙهيل کوڙ چهرا وڏا.
    سوڀ جا سر مٿان جنهنجي سهرا وڏا.
    صبح کان شام کان، جت ٻه پهرا وڏا.

    نظرين جون قطارون جهنڊا وڏا.
    رياستي جبر جا اُڀا ڏنڊا وڏا.
    انتظامي روش جا هٿ ڪنڊا وڏا،
    وک وک تي وڇايل ڪنڊا وڏا.

    جي مڃين ٿو ته مڃ ڳالهه هڪڙي پرين.
    جي وڃين ٿو ته وڃ ڪنهن جي ٿوري نه وڃ.
    شيشي جهڙا پرين جيءَ جهوري نه وڃ.
    پٿرن جي شهر ڄام شوري نه وڃ.


    سياري جو وسڪارو

    سياري جي مند واري
    پهرئين وسڪاري،
    شهر جي عمارتن جا
    ميرا مک- ڌوئي اجرا ڪيا.
    وڻ، ٻوٽا ۽ گل
    ڪنهن نئين نويليءَ
    ڪنوار جيان سينگار جي،
    هوائن کي ڀاڪرين پيا.
    ان ويلي، ها! ان ويلي،
    امن ۽ اميدن جا،
    ڪبوتر اڇا،
    اڀ ڏانهن اڏارون ڪندي،
    ڦٿڪي اچي پَٽِ ڪريا.
    انڊلٺ جا رنگ سمورا،
    رتانوان ٿي،
    وسڪاري سان گڏ،
    ڌرتيءَ تي وسڻ لڳا.
    ان ويلي ها! ان ويلي،
    مک مک جي آ ڳنڌ تي،
    مرڪن پنهنجا پاند ڦهلائي،
    پاڻ وارڻ جا حيلا هلايا.
    پر ڪنهن به آڳند تان سندن،
    آجيان نه ٿي،
    ۽ مرڪن کي مايوس، نراس ٿي،
    موٽڻو پيو.
    سياري جي مند واري،
    پهرئين وسڪاري،
    گدلي شهر جي عمارتن جا
    مک ڌوئي اڇا اجرا ته ڪيا،
    پر - ماڻهن جا من، ساڳيا ئي ميرا رهيا،
    ميرا رهيا!
    ها- ميرا رهيا...!


    سو ديس مسافر منهنجوڙي

    جت- سورج پنهنجي سموري سگهه ڌرتيءَ کي اَرپي،
    پهاڙن جي اوٽ ۾ آهِلي پوندو هجي،
    جت- چنڊ کير ورني چادر اَوڙهي،
    تارن ۽ ڪهڪشائن جي ميڙي ۾،
    رابيل وانگر ٽڙندو ۽ کڙندو هجي،
    جت- چانڊاڻ اجالن جي ورکا ڪندي هجي،
    جت- باک ۽ باک کانپوءِ،
    روپهري اُس، ڪائنات جي سمورن رنگن،
    سونهن ۽ هستيءَ کي نروار،
    ڪري ڇڏيندي هجي،
    ڏور ڏيهه جا مسافر،
    ڪيئي ڏيهه ڏوري هتي پهچندڙ،
    سونهن جا ڳولائو دوست،
    روشني ۽ رنگن ڀريو ديس،
    منهنجو ديس آهي
    جت- سمنڊ، اُٻهرين اُٻهرين ويرن سان اُلري،
    سامونڊين سان چِلولايون ڪندو هجي،
    ڪنارن سان پسار ڪندڙ پشم جهڙن پيرن جو
    سواد وٺي موٽ کائيندو هجي.
    جت- هوائون مست ٿي ڪؤنرن ڪؤنرن بَدنن سان،
    کيچلون ڪنديون هجن.
    جت- سونهن ۽ ساڀيا جا آبشار وهندا هجن.
    جت- چؤڏسائن ۾ انساني انگن جي مخمور ڪندڙ
    پگهر جي خوشبو، اُڏارون ڪندي هجي.
    اهو پورهيتن ۽ پيار جو ديس منهنجو ديس آهي.
    جت- ڀٽون، ڀڙا ۽ دڙا ڏسين،
    جت- ڪارونجهر- هالار- گنجي ٽڪر
    ڀڳي ٽوڙهي ۽ کيرٿر جون اُتاهيون ڏسين،
    جت نيڻ نهار تائين ساوا کيت کڙيل ڏسين،
    چهچ ساوا گاهه - ڳم ۽ ڳنڍير ماڪ ۾ وهنتل ڏسين،
    جت- زيتونن جي وڻن تي ڀورين کي پيار ونڊيندو ڏسين،
    جت- ٻٻر جي وڻن تي جهرڪين ۽ ڳيرن جا آکيرا ڏسين
    اُڀ ۾ پاريهرن ۽ اڇن ڪبوترن جون اڏارون ڏسين،
    بگڙا ۽ ڪارڙا تتر ٻوليندي ٻڌين،
    ها- جت- فضائون، چئوڏس فطري آوازن جو،
    عجيب جهان پيدا ڪنديون - محسوس ڪرين،
    او! زندگيءَ جا ڳولائو، سونهن ڳولهيندڙ اجنبي،
    پڪ ڀائنجانءِ اِهو ئي منهنجو ديس آهي.
    جت- ڀٽن ڀر کٻڙن جي ڇانوَ ۾ ويهي،
    تتيءَ ٿڌيءَ کان بي نياز،
    ڪنهن ڪويءَ کي زندگيءَ جا گيت رچيندو ڏسين،
    جت- مورن کي ناچُ ڪندي ڏسين،
    جت- هرڻن کي ڇال ڏيندي ڏسين،
    جت- منڇر جي سونهن،
    جوڀن جي کِههُ سان دِسِيون واسيندي هجي،
    جت- اُتر واءُ گلهڻ سان
    ڪينجهر هندورو ٿي پوندي هُجي،
    جت ڪنول جون پاتار تائين پاڙون پهتل هجن،
    ۽ آڪاس تائين ڀونئرن جي اڏار ٿيندي هجي،
    اهو گلابن ۽ مينديءَ وارو ديس منهنجو ديس آهي.
    جت- هماليه جي سدا ملوڪ وڏ وَر ڌيءُ سنڌوءَ جو روپ ڌاري
    سانوڻيءَ جي مند ۾ سڪار جا سنيها کڻي ايندي هجي
    جت - ٻيلا ٻرندا ۽ ٻهڪندا ڏسين،
    جت- ڌنارن جون جهونگارون، مينهن جون ڍِڪُون
    چڙن جو آواز، ٻهراڙيءَ جي سادي سودي زندگي،
    شاعرن کي تخليق جي پيچرن ڏانهن
    وٺي ويندي هجي.
    ورڊ س ورٿ، شيلي ۽ شيڪسپيئر جيان
    شاهه ڀٽائي- سچل، سامي
    خليفو قاسم ۽ شيخ اياز
    زمان ۽ مڪان جون سرحدون اورانگهي
    انسان ۽ فقط انسان جو آواز ٿي پوندا هجن.
    اهو تخليق کي سونهن بخشيندڙ ديس
    منهنجو ديس آهي.
    جت- ڌرتي- ڏيهه واسين ۽ ڏيهه مرياداتي ڪيڏاري جا
    داستان جڙيا هجن،
    جت - نينگريون، اندر جي احساسن، اُڌمن ۽ امنگن کي،
    لوڪ گيتن، ڳيچن- جُهمرين ۽ جمالن جو ويس ڍَڪائي
    زندگي ۾ روز نوان نوان رنگ ڀرينديون هجن
    جت- نوري ڄام تماچي- سورٺ- راءِ ڏياچ،
    مومل راڻي- سسئي پنهون،
    سهڻي ۽ ميهار توڙي موکي ۽ متارن جهڙا پيار ۽ پنهنجائپ جا
    داستان جنم وٺندا هجن.
    ڳانڍاپي، ميلاپ ۽ آدرشن جو ديس
    مشرق جي آڳاٽن کان به آڳاٽو
    لوڪ داستانن جو ديس
    منهنجو ديس آهي،
    جت- اُٺي جون هوائون، وارن جو چڳون،
    چڳن سان نه ڇڄندڙ نينهن وانگر ملائي ڇڏينديون هجن-
    جت- ڳڀرو ڇيرين جي ڇم ڇم ۽
    چوڙين جي ڇنن ڇنن تي ڳچين جا ڳچ قربان ڪندا هجن
    جت - وِنهيون توڙي ڪنگال
    مهل پئي مَهلون ڪندڙ هجي
    اهو آئي جي آڌر جو ديس
    منهنجو ديس آهي،
    جت- سارين جا رونبا، ڪڻڪن جون ناڙيون،
    ڪمند جي واڍي ۽ ڦٽين جا چونڊا ٿيندا هجن،
    جت مکڻ جا چاڻا، ڏُڌَ جا وٽا، ماکيءَ جو تِسِريُون
    کير جا گهڙ ا۽ گيهه بُسريون
    مهمانيءَ جو معيار ۽ دلين جو قرار هجي،
    جت- نرتڪي، سجاڳيءَ جي علامت هجي
    جت ڪنور ڀڳت جهڙا صوفي منش راڳي
    “نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو”
    جهڙا امر گيت آلاپيندا هجن.
    جت – فن ۽ فڪر،
    احساس جي اُرههَ مان،
    ٿڃ وانگر گوها ڏئي نڪرندو هجي
    جت – امر جليل جا ڊائلاگ،
    ابراهيم جويي جي سَرل ٻولي
    سراج جا فڪري اٺسٺا،
    آغا سليم جي نثري موسيقي،
    شمس سومري جا ويچار سونهان هجن
    جت- شاهه جو رسالو، سنڌوءَ جي ساڃاهه، پڙاڏو سوئي سڏ
    اونداهي ڌرتي روشن هٿ ۽ موهن جو دڙو جهڙا
    ڪتاب لکيا ويا هجن
    جت - شيخ اياز شمشير – تنوير، امداد ۽ استاد بخاريءَ جي
    شاعراڻي اڳواڻي،
    سُرت ۽ ساڃاهه بخشيندڙ هجي.
    جت- ڪارونجهر جي ڪُک مان
    روپلي جهڙا مانجهي
    دودي ۽ ننگر جهڙا جوڌا
    دولهه درياهه خان- هوش محمد- هيمون ڪالاڻي
    ٻاگهل ٻائي، بختاور- مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت جهڙا
    ڌرتيءَ دوست ماڻهو- سورهيائي جا سورج ٿي اڀرندا هجن.
    جت اڃاتل سوڍن ۽ اکٽ سورمن کي،
    ڦٽڪن جي ڦهڪن ۾
    مُرڪي مُرڪي
    ڦاهيءَ گهاٽ ڏانهن،
    پنهنجي پيرن تي ويندي ڏٺو ويندو هجي،
    جت روپاهه ماڙي، اروڙ- مياڻي، سيوستان، ننگر ٺٽي
    لاکاٽ، احمد خان برهماڻي، ميهڙ، ڄام شوري
    دادو، موري ۽ ٽنڊي بهاول جهڙين وسندين،
    باهه جي اُلن، گولين جي وسڪارن
    ۽ لانگ بوٽن جي شور ۾،
    پنهنجو ڪنڌ نه نوايو هجي.
    جت- مارئيءَ جو سَتُ ۽ سيل انساني عزم ۽ حوصلي جو،
    ڀرجهلو ۽ آٿت هجي،
    ”هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ“ وارن مانجهين،
    رُڪَ ورنيءَ راند ۾ ڪو فرق نه رکندڙ سورمن ۽
    سورهين جو سدا ملوڪ ديس
    منهنجو ئي ديس آهي
    پرانهين پارَ کان پنڌ پيل،
    اي دوست!
    ايندڙ زماني جا سياح
    هن وقت وطن وطن ووڙيندڙ مسافر،
    تو قديم پستڪن، صحيفن ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾
    جنهن سون، ڪپهه ۽ کوهن واري ديس
    يا سنڌو ماٿريءَ جي وسندين بابت پڙهيو آهي
    اهو ئي ديس- ديسن جو دلبر ديس،
    سنڌو ديس - منهنجو ديس آهي.


    فاصلا

    ڌرتتي، ڪاڙهو، اُٻس،
    ڇوکٽي ئي ڪانه ٿي؟
    لُڪ ساڙيا لڱ،
    اندر جا اٺسٺا،
    ۽ جياپي جا سمورا وسوسا،
    اندر رانڀوٽي،
    روئاري ٿا ڇڏين،
    آئيندي جا خواب،
    ساڀيان کان اڳي،
    اکين ۾ ئي انت آڻي ٿا ڇڏين،
    شام ويلا،
    هير ٿڌڙيءَ جي گهُلڻ جا فاصلا،
    پل- پهر- اوسيئڙا،
    اينگهه ڇو وٺندا وڃن ٿا.
    شهر شهر بي حسيون،
    ڳوٺ ڳوٺ ۾ جٺيون،
    لشڪر ڪشيءَ جان ٿيون وڌن،
    بي حرمتيون، عزت اُجاڙ،
    خودڪشيون، پٽڪن لتاڙ،
    درد جا هي سلسلا،
    ڄڻ ماتمن جا قافلا،
    روز ڇو رمندا وتن ٿا
    وقت جي بي رحم وک،
    لانگ بوٽن جان لڳي ٿي¬.
    چئو ڏسائون،
    ديس منهنجي جون،
    اندر ۾ وڍ کائيندي،
    پڇن ٿيون؟
    ڌرتتي ڪاڙهو، اُٻس،
    جو کٽي ئي ڪانه ٿي،
    شام ويلا،
    هير ٿڌڙيءَ جي گُہلڻ جا،
    ڇو وڌن ٿا فاصلا،
    درد جا هي سلسلا،
    ڄڻ ماتم جا قافلا.


    ساڀيائن جي اڱڻ تي

    جنوريءَ جي اڄ پنجين تاريخ آ،
    سال سپنن سان جُڙيل چورانوي.
    سون ورني سج جا ڪرڻا پرين،
    ڌُنڌَ ۽ ڪوهيڙ ۾ ورتل هڙئي،
    ذلتون نئون روپ ڌاري،
    نئين سال جو اوڙهي لباس،
    ساڀيائن جي اڱڻ تي،
    رت هاڻا، ڏند ٽيڙي ٿيون وڌن.
    کوڙ ساريون اُٻهرايون،
    ڇيڪ ٿيون، گهُمنديون وتن،
    ڄڻ اُميدن جا هڙئي رابيل،
    ڀيلڻ ڪاڻ آهن جل ڇڏيل.
    جنوريءَ جي اڄ پنجين تاريخ آ،
    سال سپنن سان جُڙيل چورانوي.


    سوال.....؟

    سڀاڳي ڌرتيءَ جا،
    اڀاڳا ماڻهو،
    تون جاڳ جا،
    هڙئي در ٻيڪڙي،
    ماڻهپي کان،
    سمورا سڱ ڇني،
    اجتماعي واٽ کي،
    پٺي ڏئي،
    پنهنجن انفرادي مفادن جي،
    رڻ ڏانهن،
    وڌي رهيو آهين،
    ڄڻ تاريخ جي،
    ڌَڪي لڱن تي،
    لوڻ ٻُرڪي رهيو آهين،
    ها- پر،
    ورهين پڄاڻان،
    موٽ جو گس ڳوليندي،
    ڪروڙين ماڻهن وچ ۾،
    جڏهن تون، پنهنجو پاڻ کي اڻ سُڃاپو،
    اوپرو - ۽ هيڪلو ڄاڻين،
    جڏهن توکي،
    ڪير به پنهنجو،
    ڪري نه سگهي،
    تڏهن تون،
    لوڪ آڏو ڪهڙو ڪَنڌُ کڻي هلندين؟


    بندوقن جي ٺاٺا

    چؤڏس ۽ چؤواٽا سائين،
    بندوقن جي ٺاٺا آهي.
    اوچين ماڙين واريون وسنديون،
    اڀرن ڇپرن واريون وسنديون،
    ڪَکَ پَنَ آهن آڳ اُلاڙي......
    ڌرتي ٽانڊا اوڳاڇي ٿي،
    ڄڻ ڪا وڄ ڪري پئي آهي،
    ڪيڏو آهي روڄ ۽ راڙو،
    پٽ تي زخمي پيءُ ڪراڙو،
    ماءُ جو اندر اُلڪا اُلڪا،
    ڀيڻ چپن تي سڏڪا سڏڪا،
    ونيءَ چوڙيون ڇيهون ڇيهون،
    لوڪ سمورو دانهون ڪيهون،
    سنڌوءَ ڀر جا گهاٽا ٻيلا،
    الا- هاڻي موت سان ميلا،
    پنهنجي سگههِ جا سينو تاڻي،
    سا چؤکنڀي آهي گهاڻي،
    جڳ منهنجي جا سارا رشتا،
    پياري ڌرتيءَ وارا رشتا،
    انڌ جي ور چڙهي ويا آهن.
    منهنجا پنهنجا سندر سندر،
    کير ۽ ماکيءَ جهڙا رشتا،
    آپگهات جي رڻ ۾ هاڻي،
    ڪاهي پيا هن،
    ڪير هجي جو تن کي روڪي،
    ۽ سمجهائي،
    پيار ڀريون ٻانهون ڦهلائي،
    ڇڪي پنهنجي ڇاتيءَ لائي،
    ماڻهوءَ، ماڻهوءَ سامهون تاڻيل،
    بندوقن جا رُخ مٽائي،
    ماڻهن کي سَنئين دڳ تي لائي،
    چؤڏس ۽ چؤواٽا سائين،
    بندوقن جي ٺاٺا آهي........!!


    والار

    منهنجي ڌرتيءَ جي وسندين جا،
    چارئي پاسا اوندهه ٻک ۾،
    ٻاهر وڻن تي ويٺل ڪيئي،
    چپرن ٽولا، پاڻ مرادو،
    پاڻ کي ڪوئي فاتح ڄاڻي،
    ڏند ٽيڙن ٿا، ٽهڪ ڏين ٿا،
    منهنجي من کي چيهاڙن ٿا - چهڪ ڏين ٿا.
    ڀر پاسن کان،
    ڪيئي ديس دروهي،
    لوڀي ٺوڳي ماڻهو،
    ڪيني واري اونهيءَ کڏ مان،
    ڏيڏر وانگيان،
    ٽان ٽان ڪن ٿا،
    ڄڻ چٻرن کي آٿت ڏين ٿا،
    مظلومن جو ويس ڍڪي،
    ڏور پري کان،
    ايندڙ ڪيئي ڦورو ٽولا،
    منهنجي ڌرتي جي وسندين تي،
    پنهنجي حق جي دعويٰ ڪن ٿا،
    شهر-شهر ۽ ڳوٺ-ڳوٺ ۾،
    چئونڪن ۽ چواٽن تي،
    ديس ڌڻين کي،
    ايندي ويندي للڪارن ٿا.


    شهيد دودو سومرو

    جيڪڏهن تاريخ جي ڪُکِ مان،
    چنيسر جهڙو ڪانئر نه ڄمي ها،
    تخت ۽ تاج جي هَٻڇ ۾،
    خلجيءَ سان گڏجي سنڌ مٿان نه،
    ڪاهي اچي ها- ته،
    سندس ڀاڳ ڀري ڀيڻ،
    راڻي ٻاگهل ٻائي،
    پريميڪا ڇولي ڪنڀارڻ،
    ڪڏهن به مهڻي هاب نه ٿين ها.
    ۽ وقت جو ڪوبه سالار خان،
    دودي سومري سان اکيون ملائي نه سگهي ها.
    دودو سومرو تخت ڌڻي،
    ۽ ٻاگهل ٻائي راڄ راڻي هجي ها.
    چنيسر جي چريائيءَ،
    سومرن جي صاحبي جو انت آندو.
    وڳهه ڪوٽ ويران ٿيو،
    روپاهه ماڙي اجڙي وئي،
    راڻي ٻاگهل ٻائي سام،
    دودو سومرو شهيد،
    ۽ ڌرتي ڀڙڀانگ ٿي وئي.
    سنڌ جا ماڻهو سوڳ ۾
    ڪارا نيرا پٽڪا ٻڌڻ لڳا.


    شهيد دولهه درياهه خان

    دولهه درياهه خان،
    جنهن جي ڏاهپ، بهادري ۽ ارڏائپ کان،
    ڄام نظام الدين ”ڄام نندو“
    ننڍپڻ کان واقف هو.
    جڏهن هو “قبوليو” هو.
    دولهه درياهه خان،
    جنهن کي ڄام نندو،
    تلوار جي ڌڪ ۽ ڌار مان،
    پرکي وٺندو هو.
    بدقسمت ڄام فيروز،
    سازشي درٻارين جي،
    ڳالهين ۾ ڦاسي،
    اَرغونن کي ايڏو ويجهو نه ٿئي ها.
    ڄام فيروز پنهنجي هاڪاري حاڪم پيءُ جيان،
    دولهه درياهه خان جي حب الوطنيءَ،
    بهادريءَ، سورهيائيءَ، سچائيءَ،
    ۽ ڏاهپ تي ايڏوئي ويساهه رکي ها ته.
    نه ڄام فيروز پاڻ پنهنجو تخت وڃائي ها،
    نه دولهه درياهه خان شهيد ٿئي ها،
    نه سمن جي صاحبيءَ جو سج لهي ها،
    نه وري سنڌ پنهنجي مقدس آزادي وڃائي ويهي ها.


    شهيد مخدوم بلاول

    شهيد مخدوم بلاول جي،
    لازوال فاتحاڻي مُرڪ،
    اڄ به وقت جي هر ارغون جي اکين ۾،
    ڪنهن ڇيت جيان،
    چُڀندي نظر ايندي آهي.
    وقت جو ڪوبه گهاڻو،
    مخدوم بلاول جي حب الوطنيءَ کي،
    گهائي ناهي سگهيو.
    ڄام محمود ۽ مٺڻ خان،
    رڻمل سوڍي ۽ سارنگ سهتي،
    حيدر شاهه سنائي ۽ جيئنم سيد جا پوئلڳ،
    بلاولي تحريڪ ۾ روح ڦوڪي
    قومي تحريڪ کي نئون روپ ڏئي رهيا آهن.
    اروڙ- روپاهه ماڙي،
    ٽوڙي ڦاٽڪ،
    باکوڙي موري،
    ڄام شوري،
    سڪرنڊ جي شهيدن جا،
    فڪري وارث - اڄ به،
    سنڌ جي آزاديءَ جي،
    ويڙهاند ۾،
    مرڪندي، مَهڪندي
    وطن جي ويڙهه
    وڙهندي نظر اچن ٿا.


    شهيد شاهه عنايت

    شهيد شاهه عنايت،
    جي انقلابي نعري،
    “جوکيڙي- سو کائي”
    سنڌ جي جاگيردارن جون-
    ننڊون حرام ڪري ڇڏيون
    “جوکيڙي سو کائي” واري آفاقي نعري
    کي بنياد بنائي،
    مغل سرڪار جا ڪن ڀريا ويا،
    جاگيرداري سازشن،
    هڻي وڃي هنڌ ڪيو.
    وقت جي ويڪائو ماڻهن،
    جهوڪ جي جونجهار سان،
    مهاڏو اٽڪايو.
    جهوڪ جي فقيرن،
    مرڪي پاڻ ملهايو.
    رڻ گجيو، راڙو ٿيو.
    شاهه عنايت کي قرآن پاڪ وچ ۾ ڏئي،
    ڳالهين لاءِ راضي ڪيو ويو.
    مغل گورنر جي تنبوءَ مان،
    ويساهه گهاتيءَ جي ترارَ،
    مياڻ مان ٻاهر نڪتي،
    شهيد جو سرڌڙ کان ڌار ٿيو.
    سج ٿيڙ کائي وڃي اولهه ۾ ڪريو،
    سنڌ مٿان ڪاري رات ڇائنجي وئي.
    شاهه شهيد جو ريٽو رت،
    سنڌوءَ جي وهڪري سان گڏجي،
    انڊس ڊيلٽا ۾ وڃي ڇوڙُ ڪيو.


    جنرل هوش محمد شهيد

    ارڙهن سئو ٽيتاليهن ۾،
    انگريزن خلاف،
    ڌرتيءَ جي ننگ ۽ ناموس لاءِ،
    وطن جي ويڙهه وڙهندڙ،
    سنڌ جي حلالي فرزند،
    جنرل هوش محمد شهيد،
    جنهن بهادريءَ سان،
    پنهنجي مادر وطن، جي رکوالي ڪئي،
    جنهن انگريز سامراج کي للڪاريندي،
    آفاقي نعرو بُلند ڪيو هو ته:
    “مرسون- مرسون، سنڌ نه ڏيسون”
    ها- ديس دروهين هٿان،
    جيڪڏهن سندس گولا بارود نه ساڙيو وڃي ها
    ۽ سنڌ جا جاگيردار،
    چارلس نيپئر جا پُڇَ لٽڪائو نه ٿين ها ته،
    حيدرآباد جي قلعي مٿان،
    برطانيا جو جهنڊو،
    نه ڦڙڪي سگهي ها.
    سنڌ جا غدار جاگيردار،
    نيپئر جي پيرن تي پنهنجون پڳون رکي،
    جاگيرن جون ”سندون“ نه وٺن ها ته،
    سنڌ ۾ انگريز راڄ خلاف،
    هڪ صديءَ جي مسلسل جنگ جاري رهي ها.
    اڻويهه سئو ستيتاليهن ۾، انگريز سامراج،
    پنجابي فوجين کي پنهنجي خدمتن عيوض،
    هي ملڪ- سوکڙي ڪري نه ڏين ها،
    نه وري “سنڌ” لڳاتار ڪاري سامراج جي غلاميءَ هيٺ رهي ها.


    شهيد روپلو ڪولهي

    ڪارونجهر جي ڪُکِ مان،
    جنم وٺندڙ“روپلو ڪولهي”،
    سنڌ، سوڍن ۽ ڪارونجهر سان،
    ساٿ نڀائيندي،
    انگريز جنرل “تروٽ” سان
    جيڪي چوٽون کاڌيون،
    جنهن لوڀ لالچ ۽ خوف کي،
    اندر مان نيڪالي ڏئي،
    ڏاهپ ۽ بهادري سان،
    فرنگين کي ڏينهن جا تارا،
    ڏيکاري ڇڏيا.
    ڌرتيءَ جي رکوالي ڪندڙ جهونجهار
    تاريخ ۾ اڄ به ڪارونجهر جان،
    اوچي ڳاٽ بيٺل نظر اچي ٿو.
    سانوڻيءَ جي اوڙڪن ۾،
    مور ٽهوڪن ۾،
    هو نئون جنم وٺي،
    ڏهرن مٿان ڏيئن جان،
    جهمڪي رهيو آهي.
    روپلو ڪولهي
    روپلوڪولهي.


    شهيد هيمون ڪالاڻي

    جنهن وقت،
    سکر جيل ۾ قيد،
    شهيد هيمون ڪالاڻي،
    ڦاهيءَ جي ڦندي کي چُمي،
    پنهنجي اوچي ڳاٽ ۾،
    وجهي رهيو هو،
    ان ويلي- ڦاهيءَ جو ڦندو،
    فخر سان اُوچو ۽ ويڪرو ٿي ويو هو.
    هيمون ڪالاڻي جي امڙ،
    پنهنجي حلالي پُٽ جي حب الوطني،
    بهادري ۽ سورهيائيءَ کي،
    سلام ڪندي،
    وڏي فخر سان،
    کيس پنهنجي سيني سان لائي،
    پنهنجي ”مقدس ٿڃ“ بخشي هئي.
    جنهن وڏي شان ۽ مان سان،
    پنهنجي شهيد پٽ کي،
    ڌرتي ماءُ جي جهوليءَ حوالي ڪيو هو.
    تڏهن چندر شيکر آزاد،
    ڀڳت سنگھ، سک ديو ۽ راج گرو،
    کيس هزارين شهيدن جي جلوس ۾،
    شاندار آجياڻو ڏنو هو.


    ديس جو ڌراوڙ

    لوڪ شاهي راڄ جا،
    خواب نيڻن ۾ اُڻي،
    درد ساري ديس جو،
    پنهنجي ڪُلهي- سِرَ تي کڻي،
    لوڪ کي هِن ديس جو،
    سمجهي ڌڻي.
    آمرن جي اکين ۾، اکيون وجهي،
    فاتحاڻي مُرڪَ سان،
    جو کين گهوريندو رهيو.
    ٽانڊا ٽانڊا ٽهڪ جنهن جا،
    آمرن جي اندر ۾ جو،
    آڳ اوتيندو رهيو.
    شهر شهر،
    ڳوٺ ڳوٺ،
    ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾،
    ننڊ ۾ گهيريل،
    آياڻي لوڪ جي،
    جاڳ جا ۽ ڀاڳ جا،
    در ڳوليندو ۽ کوليندو رهيو.
    جنهن جي گلابي جسم جي،
    نيرين رڳن ۾،
    سنڌوءَ جو پاڻي لڙاٽيل،
    رت بڻجي ڍوڙون پائيندو رهيو،
    هو جو ڌراوڙ ديس جو واسي هيو،
    جو آمرن جي اَندر ۾
    ڪنهن اَڄاتي خوف واري ڪانَ جان،
    کُکندو رهيو، کپندو رهيو.
    جو ڪڏهن “پروميٿس” جيان،
    لوڪ کي “ڏاهپ” ڏيڻ جي ڏوهه ۾،
    مڪار پهريدارين جي ڊوهه ۾،
    اڻ ڪيل ڪنهن وارتا جي آڙ ۾،
    سيني اندر سانڍيل ڪنهن پراڻي ساڙ ۾،
    جو زندان ۾ واڙيو ويو،
    ديس جي دستور کي ڦاڙيو ويو،
    سونهن کي ساڙيو ويو،
    چاهُه چيهاڙيو ويو.
    لوڪ شاهي راڄ جي،
    مقدس ايوان ۾،
    خاڪي ورديءَ وارو ڪو،
    بد روح ويهاريو ويو.
    هو جو پنهنجي سماجي رَوِش ۾،
    منصور ڪو سرمد ڪوئي،
    ڄڻ ڪوئي دارا شڪوهه،
    وقت اورنگزيب آڏو،
    ڄڻ ڪوئي هالار،
    ڪوئي کير ٿر،
    ڄڻ ڪو ڪارونجهر هيو،
    هو جو “رُڪ” هيو، ريشم هيو،
    هو جو “پٿر” هيو پشم هيو،
    هو جو ڪڏهين وهه وٽيون،
    جو ڪڏهن ماکيءَ جي ڌارا هيو،
    هو نوجوانيءَ جا انگل آرا هيو.
    نٽهڻ ۾ ڇانورن جو،
    اڻ ميو احساس هيو،
    ٻاجهه جو ڪوئي ڪڪر،
    اُميد هو، وشواس هيو،
    هو چيٽ جي چانڊاڻِ هيو،
    ڄڻ سانوڻيءَ جو مينهن هيو،
    ڪنهن ننڍي نيٽي جو،
    ڪنهن ننڍيءَ نيٽيءَ سان ڪوئي،
    نئون نڪورو نينهن هيو،
    هو اُڃاري ڀونءِ جي ڀڙڀانگ،
    ڪنهن ڌرتتيءَ جي دانهن هيو،
    لوڪ شاهي راڄ جي وراند واريءَ ويڙهه ۾،
    هو ڄڻ ته ڪوئي احتجاجي ڏينهن هيو،
    تاريخ جي ڌڪي لڱن مٿان ملجندڙ،
    هوڪائي “مرهم” هيو،
    ٻوڙن ڪنن ۾ گونجندڙ ڪا چيخ،
    گونگن ڪاڻ اِشارن جي زبان،
    لوڪ گيتن ۾ سمايل،
    ڪنهن “المياتي” درد جو آلاپ هو.
    آٿتن ۽ پارتن جو آبشار،
    ماڻهپي جي ماڳ جو راهي هيو،
    جو ڪنهن ڪراڙي جي،
    پراڻي نينهن جو نياپو هيو،
    هو جو ڪڏهين ڪوٽ ڪنگرو،
    چيلهه سندرو ۽ ڪڏهن پٽڪي جو ورُ،
    ڪنهن ناريءَ کي اوڍيل،
    ڄڻ چُنيءَ جو چِٽُ هيو،
    ڪنهن سانوريءَ جي،
    گَج جو شيشو هيو.
    ڪنهن جي سنهڙيءَ چيچ ۾،
    پاتل ڪوئي چانديءَ ڇلو،
    ڪنهن مٿي جي موڙ جو مڻيو هيو.
    هو ماءُ جي اُميد جو “سورج”،
    ڪنهن ڀيڻ جي آسيس جو “چنڊ”،
    هو جمالا، جهمريون، هو ناچ هيو،
    ساز، ٻيجل يا ته ڪوئي ڏياچ هيو.
    هو درياهي وهڪرن جي،
    اور هيو، پرار هيو،
    تاريخ جي ڪا تيغ هيو، ترار هيو،
    جو همالي جي اُتاهين،
    هيو ڪڏهين،
    جو ڊيلٽائن جي هيٺاهين هيو.
    سچ ڪنهن سنگين آڏو
    سِر جهڪايو ڪونه هيو،
    هُن به ڪنهن سنگين سامهن،
    سِرُ نوايو ڪونه هو،
    آمريت جي جهنگ ۾،
    هو ته ڪوئي شينهن هيو،
    هو ته اهڙو شينهن هيو،
    جو رات جي بگهڙن هٿان،
    ويساهه ۾ ماريو ويو،
    جو ديس پنهنجي جي مٿان،
    ويڙهاند ۾ ماريو ويو.
    هو جو هڪڙو شخص هيو،
    جو هزارين سورمن جو،
    خوبصورت عڪس هيو.


    اُڃَ جو پَنڌُ

    پنڌ واريءَ جو،
    اُگهاڙا پير هُن جا،
    اندر ۾ اُڃ جون
    هزارين اَنتهائون،
    ڪنهن هيٺلي هرڻ جهڙو،
    جنهن جو جيون.
    اَندر واري اُڃ،
    اُجهائڻ ڪاڻ جيڪو،
    رُڃَ جو راهي ٿئي ٿو.
    زندگيءَ جي نٽهڻن ۾،
    ٿوهرن جي ڇانوَ کي،
    سمجهي پناهه.
    اُڃَ ۾،
    ڪنهن رڃ ۾،
    ها سَوَ ڪوهيءَ سُڃَ ۾
    بي نور نيڻن ۾،
    اُڻيل ڪنهن خواب جان،
    ساڀيائن جي،
    ٿيندڙ اَنت تي،
    جو لُڇي ڦٿڪي پوي ٿو،
    پنهنجي مُنهن ڀڻڪي چوي ٿو،
    هاءِ!
    حياتي، پنڌ اوکو،
    جيءَ جوکو،
    ڄڻ ته ڪو دوکو هجي ٿو.
    هن کي وڃڻو هو،
    پرانهين پار ڏي،
    ڀٽن جي ٻئي پار،
    هن جي تاڙ ۾،
    ڪنهن شڪاريءَ جون،
    کليل وحشي اکيون،
    بندوق جي نالين جيان،
    هن کي لڳن ٿيون.
    ڏور اولهه ۾،
    پهاڙن جي پٺيان،
    سج ٿاٻڙجي ڪِري ٿو.
    سانجهه هن جي پنڌ کي،
    ڪيئي بند ڏئي ٿي،
    پاڻ ٿانيڪو ڪري،
    هو ساهه ساهن ۾ سمائي،
    پير پيرن ۾ ڏئي،
    ڏور ڏهرن جي مٿان،
    هو چنڊ جا چارا ڏسي ٿو،
    هو هوريان هوريان،
    وک کڻندي،
    سوجهري جي ماڳ ڏي،
    وڌندو رهي ٿو،
    رات ڪاري کي ڇڏي هو پوئتان،
    ماڳ پنهنجي کي وڌي ويجهو ٿئي ٿو.
    ڏور اوڀر مان،
    اکيون مهٽي،
    اُٿي پئي سج ٿو،
    سج ڪرڻن ساڻ،
    پوندي ڀاڪرين،
    مُرڪي پئي ٿو.
    سوجهري جي ساٿ ۾،
    هاسي سوڍي- سارنگ سهتي،
    روپلي ڪولهيءَ کي ساري،
    اُڃ کي،
    رُڃَ کي،
    ها سَوَ ڪوهيءَ سڃ کي،
    ورندو وساري،
    هو اڃا اڳتي ،
    اڃا اڳتي،
    اڃا اڳتي وڌي ٿو.


    سنڌ ساڳي آهي؟

    سنڌ ساڳي آهي،
    سنڌ جو سنڌو درياهه،
    ساڳيو نه آهي.
    ڪو سهاسي راءِ،
    راجا چچ - مها راجا ڏاهر،
    ڪو به ڏاهر سين ڄائو ڪونه آهي.
    چئو ڏسائون ڄڻ چنيسر،
    اجڙيل روپاهه ماڙي،
    ڪوبه دودو ڪونه آهي.
    ڪو به درياهه خان ڪوئي ڄام نندو ڪونه آهي.
    ڪو عنايت، شاهه لطيف،
    ڪوئي سچل يا بلاول ڪونه آهي.
    ڪنهن ڀڳي ٽوڙي،
    موهن جي دڙي،
    کيرٿر،
    ڪنهن ڪارونجهر جي ڪُک ۾،
    ڪو روپلو ڪولهي نه آهي.
    ڪوبه جهونا ڳڙهه ۾،
    ٻيجل ڪونه آهي،
    ۽ نه آهي ڪو وري راءِ ڏياچ،
    ۽ نه ڪا سورٺ رهي آ.
    ڪوئي عمر ڄائو نه آ،
    ٿرديس ۾،
    ڪابه مارئي،
    ڀالوا ۾ ڪونه آهي.
    هوش محمد جي مياڻي،
    هيمون ڪالاڻيءَ جي سکر،
    لاڙڪاڻو- ساهه سيباڻو نه آهي،
    مورو ٿورو ٿي ويو آ،
    هاڻ دادو ۾ رهيو جادو نه آهي.
    هاڻي سنڌ ۾،
    ڪونه رهيو آهي ڪو بشير خان.
    شاهه سائين وارو جکرو،
    ڪو بڊاماڻي نه پنرو،
    لکن جهڙي لوڏ وارو،
    لاکو ڦلاڻي ڪونه آهي.
    رات ڪاري ٻاٽ آهي،
    ڪا اُماڙي ڪانه آهي،
    ڪو اُڀو ڏاٽو نه آهي،
    انڌ ۽ انياءَ سامهون،
    ها- اُلاريل ڪا ڪهاڙي ڪانه آهي.
    هاڻ ساڳيو سج ڪونهي،
    ۽ نه ساڳيو چنڊ آهي،
    موهه ناهي، منڊ ناهي.
    لوڪ سارو لوڻ ورنو
    ڪو کير ناهي، کنڊ ناهي.
    ڏکڻ واري هير ڪانهي،
    اُتر واري سير ڪانهي،
    دوستيون سڀ اوپريون،
    دشمنيون ساڳيون نه آهن،
    ڪڻڪ ناڙيون ڪونه آهن،
    نيرڳيون- آڙيون نه آهن،
    منگهه ماڙيون ڪونه آهن،
    ساڳي ڪينجهر جي ڪنڌي،
    هاڻ ڪا نوري نماڻي ڪانه آهي.
    پيار جي پالوٽ وارو،
    ڪو تماچي ڄام ناهي.
    ڪا سونيتي ڪانه آهي،
    مير باگو ڪونه آهي.
    هاڻ سهڻي ڪيئن گهڙي درياهه ۾،
    جنهن ڪنڌيءَ ڪي ڪانهن ناهن،
    ۽ نه ڪو هُن پار ڪو ميهار آهي.
    ڪابه موکي ڪانهي ڪوهستان ۾،
    مڌ متوالا متارا ڪونه آهن،
    ڪابه هاڻي ڪاڪ ڪانهي،
    ڪا به مومل،
    ڪوبه راڻو ڪونه آهي.
    ڪوبه رني ڪوٽ جو رکوال ڪونهي،
    ۽ نه نيرون ڪوٽ جو واهي ڪو آهي.
    نيڻ آلا، جهول خالي،
    هٿن ۾ ڪشڪول خالي،
    ڪونه رهيو ڪو هتي ڏاتار آهي.
    ڄام ڪانڀو خان جهڙو،
    ڪو هتي ڀوتار نه آهي،
    درد جو درياهه سارو ديس آهي.
    خواب نيڻن ۾ نٿا نپجن نوان
    ۽ نوان سرجن نٿا ڪي لوڪ گيت،
    ڪي به جهمريون ۽ جمالا ڪونه آهن،
    ڪي به ميلا ۽ ملهلا ڪونه آهن.
    اُڃ آهي رُڃ آهي،
    سَوَ ڪوهي سڃ آهي.
    ماڻهو ماڻهو ميسَ ماريل،
    ڄڻ ته ڪائي مُڃ آهي.
    ڄام مٺڻ خان يا محمود خان،
    ڄام سارنگ خان سهتو،
    ۽ نه ڪو سوڍو آرڻمل،
    ڪو رهيو ناهي پرين جيئينم شاهه،
    راءِ سهاسيءَ واري سنڌ،
    راجا ڏاهر واري سنڌ،
    ڀونگر ننگر واري سنڌ،
    ڄام نظام واري سنڌ،
    غلام شاهه واري سنڌ،
    حيدر شاهه واري سنڌ،
    سا سنڌ ساڳي ڪانه آهي،
    ها - سنڌ ساڳي ڪانه آهي.
    ڪابه بختاور نه ڄائي ڀونءِ تي،
    ڪوبه حيدر بخش جتوئي ڪونه آهي.
    هاڻ ٺٽي جي گهٽين ۾ ڪوئي سرمد،
    ڪو اَڀيچند ڪونه آهي.
    هاڻ سورهيه بادشاهه جي ديس ۾،
    بچو جهڙو بادشاهه،
    پيرو وزير-
    گلو جهڙي گورنمينٽ ڪونه آهي.
    حرن جون هڪلون هلائون،
    رات جا راتاها،
    ڏينهن واري ساڙ ٻار،
    شينهن مڙسن جا جٿا،
    مکيءَ واري ڍنڍ ڀر،
    آجپي جون ڪي صدائون ڪونه آهن.
    ويڙها، ويرين ور چڙهي ويا،
    اڱڻ سوڙها، گدليون گهٽيون،
    اوطاقن جو انت آهي.
    ڪي ڪچهريون، ڏور بيت،
    شاهه سائين جون ڪي وايون،
    ڪو چڙو، چنگ، چپڙيون،
    ڪوبه يڪتارو، دنبورو ڪونه آهي.
    هاڻي منڇر ۾ مهاڻيءَ کي،
    وهيءَ جو ڇوهه ناهي،
    ڪنهن به ڳڀروءَ کي الائي،
    ڇو مِٽيءَ جو موهه ناهي.
    سنڌ ساڳي آهي!!؟؟
    سنڌ ساڳي آهي!!؟؟


    خوف

    ڪو نٿو ڄاڻي ته هاڻي،
    يا سڀاڻي،
    صبح گهر مان نڪرندي،
    يا شام جو گهر موٽندي،
    ها- ڪنهن گهٽيءَ مان گذرندي،
    ڪارن، نقابن پوئتان،
    وحشي اکين جي گهور مان،
    پاڻ پنهنجو مان،
    لڪائيندس ته ڪيئن!؟
    ڪو نٿو ڄاڻي - ڪو نٿو ڄاڻي.
    ڪو نٿو ڄاڻي ته گولين مينهن مان،
    ڪنهن ڇپر جي ڇانوَ هيٺان،
    يا ڪنهين ڀت اوٽ ۾،
    کيس چئي پنهنجي پناههَ
    ماڳ تائين مان رسي سگهندس ته ڪيئن!؟
    ڪو نٿو ڄاڻي - ڪو نٿو ڄاڻي.
    ڪو نٿو ڄاڻي ته هاڻي،
    نفرتن جي انڌ ۾،
    ويڙهيل دروهي شهر جي،
    رت هاڻين وسندين جي وچ ۾،
    ڪن بندي ها- ساهه ٻوساٽي،
    رهي سگهندس ته ڪيئن!؟
    ڪو نٿو ڄاڻي - ڪو نٿو ڄاڻي.
    “سن ستيتاليهه جان”
    شهر جي هر چونڪ تي،
    موت جون ٻرندڙ ڏسي،
    ڳاڙهيون بتيون،
    اَندر ۾ اُلڪا اُمالڪ ڇرڪجن،
    وهشت جا ننهن اندر ۾ ڄڻ کُپن،
    جهنگ جهڙي شهر جي،
    ڪنهن سڻائي پار مان،
    سئين لڱين،
    ها- سئين لڱين،
    آخر رسي سگهندس ته ڪيئن!؟
    ڪو نٿو ڄاڻي، ڪو نٿو ڄاڻي.
    ٻورين بند لاش -
    ها- ٽارچر سيلن جون
    سهي ڪيئي اذيتون،
    کامي، پڄي، پچري
    لُڇي، ڦٿڪي
    ماڳ پنهنجي ڏانهن مان
    آخر رسي سگهندس ته ڪيئن!؟
    ڪو نٿو ڄاڻي- ڪو نٿو ڄاڻي.


    سرنهن جو ڦولار

    اڃ وري ورهين پڄاڻان،
    آس جا ڪرڻا،
    اَڀاڳيءَ ننڊ مان جاڳي پيا،
    نفرتن جي انڌ ۾،
    پاڻ جيڪو ٻاريو هو،
    پيار جو ڏيئو اڃا ٽمڪي پيو.
    اڄ وري ورهين پڄاڻان،
    خوشبوءِ جي سنسار ڏي،
    ڪاهي هلڻ وارا اُهي،
    پيار جا رابيل،
    گڏجي پوکجڻ وارا اُهي،
    ساڳيا هٺيلا اندر جا اُڌما،
    وري جاڳي پيا.
    مُرڪ اوتي سڀ پرينءَ جي نانءِ ڪن ٿا.
    چنڊ جي پاڇي ۾ ويهي،
    اوپرائپ جي سڄي ميراڻ کي لوڌي ڪڍي،
    ياد تنهنجي هير بڻجي آ گهلي.
    آءُ ته گڏجي ماڪ جيان،
    سرنهن جي ڦولار ۾ هڪ ٿي وڃون،
    ورهين پڄاڻان اڄ وري،
    آس جا ڪرڻا اڀاڳيءَ ننڊ مان جاڳي پيا.


    ڊپ

    مان ۽ منهنجي وسندين جا لوڪ،
    کاڌي جي ميز تي پيل،
    ڪنهن ٽِشو پيپر جيان،
    اڻ ڏٺل ڍاون هٿن ۾،
    مروٽجڻ واري،
    وايومنڊل ۾،
    زندگي گهاري رهيا آهيون.


    فيصلو

    مون جي خط لکيا ها تو ڏي!
    سي سڀ جا سڀ ڦاڙي ڇڏجانءِ،
    مون کي هاڻ وساري ڇڏجانءِ.
    مون کي بخش ڪجانءِ او سانئڻ،
    مان تنهنجو پوڄاري هوندي،
    توکان ئي انڪاري ٿيندي،
    تنهنجوئي ڏوهاري ٿيندي،
    توکي هٿ ٻڌان ٿو سانئڻ،
    مون کي هاڻ وساري ڇڏجانءِ.
    ڌرتي ماتا جي ٿڃ عيوض،
    پنهنجي سگهه سهيڙڻ ڪارڻ،
    گهاٽن ٻيلن جي هن پاسي،
    پنهنجو ساٿ سموهڻ ڪارڻ،
    تنهنجو ساٿ ڇڏڻ ٿو چاهيان.
    ريتيءَ کان رستي کي روڪي،
    آجپي جي اڄ جي سامهون،
    پنهنجو پاڻ ۽ توکي - موکي،
    توکي مُرڪي مُرڪ ڏيڻ ڪان،
    ڏاڍ جي اک سان اک ملائي،
    جيئڻ لاءِ جهيڙيندڙ ڌُر سان،
    پنهنجو سارو سَتُ سلهاڙي،
    وڃڻو آهيان.
    هونئن ڪڏهن ڏوراپو ڏين ها،
    يا، ڪوئي پاراتو ڏين ها.
    تنهن کان اڳ ۾،
    ٿورو آءٌ چوڻ ٿو چاهيان،
    ڪالهه جڏهن مون ويٺي - ويٺي،
    پنهنجي ليکي،
    تنهنجا ڪورا چپ چميا ها،
    انهيءَ ويلا- گهاٽا ٻيلا،
    روئي پيا ها،
    پر مون ٽهڪ ڏنا ها.
    ها- ها- ها- ها-
    پر مون ٽهڪ ڏنا ها.
    سوچان ٿو، او منهنجي سانئڻ،
    پنهنجي پريت نه مرڻي آهي،
    ويس مٽائي ورڻي آهي.
    ها- پر
    هن جنم ۾ شايد پنهنجو پاڻ ملڻ به شايد،
    (ناممڪن جيان اڻٽر ناهي)
    ها هيءُ صرف جدائيءَ ويلو،
    ڄاڻي سگهجانءِ،
    ٻئي يگ ويلي پوءِ به ملبو،
    هن ڌرتيءَ تي.
    جيڪا تنهنجي مُنهنجي هوندي،
    وڏڙن جان آسيس به ڏيندي،
    تيستائين جي تون چاهين،
    مون کي هاڻ وساري ڇڏجانءِ،
    مون جي خط لکيا ها تو ڏي،
    سي سڀ جا سڀ ڦاڙي ڇڏجانءِ.


    تو بنا او پرين!

    تو بنا او پرين!
    وهه ڀريل گهاگهرون،
    ڏيهه جون سانوڻيون،
    اوپريون، اوپريون،
    ماڪ وهنجاريل،
    سونهن چانڊوڪيون.
    ها پرين، ها پرين!
    ڦول رابيل جا،
    ٿوهرن وانگيان،
    هٿ ڦٽي ٿا وجهن،
    لوڪ جا ٽهڪڙا،
    ڄڻ ته ٽانڊا هجن،
    هير جا جهوٽڙا،
    آڳ جان ڀاسجن،
    اوپرو، اوپرو،
    لوڪ انبوهه ۾.
    ڄڻ ته آهيان ڪڙيل،
    ڪنهن وڏي ڊوهه ۾،
    پنهنجي ڌرتيءَ تان،
    ڄڻ ڌڪاريل هجان،
    ساٿ تنهنجي بنا،
    آءٌ پينوءَ جيان،
    جهول پنهنجو جهلي،
    پيار پنندو هجان،
    پٿرن جي جڙيل،
    اوپري لوڪ کان،
    تنهنجو ڏس ڪيئن پڇان،
    سمنڊ جيڏو شهر،
    آءٌ ٻيڙيءَ جيان،
    ڪَل ڪانهي پرين!
    ڪنهن ڪناري وڌان.
    هيڏي سنسار ۾،
    ڀٽڪندو ٿو وتان،
    اڻ ڏٺي ڄارَ ۾،
    ڦٿڪندو ٿو وتان،
    ڌرتتي ڏينهن ۾،
    ڇانوَ جيڪر ملي،
    يا وري ڪو ڪڪر،
    اُڀ تي اڀري اچي،
    پيار تنهنجي جيان،
    من جي ويران ها،
    ٺوٺ ڌرتيءَ مٿان،
    مرڪ اوتي وجهي،
    کنوڻ جي روشني،
    روپ تنهنجو رچي،
    تنهنجي وسنديءَ جي،
    گس جو ڏَسُ پوي،
    آءٌ پل ۾ پرين!
    ڪنهن پکيءَ وانگيان،
    اُڏرندو، مُرڪندو،
    مُرڪندو، اُڏرندو،
    تنهنجي آ ڳنڌ مٿان،
    پير پنهنجا رکان،
    ٻانهن ڦهلائي تنهنجي ڪلهن تي رکان.
    درد پنهنجي جيان،
    توکي ڀاڪر ڀري،
    پنهنجي سيني سان توکي لائي ڇڏيان،
    هن سڄي لوڪ کان،
    توکي نيڻن ۾ آءُ،
    بس لڪائي ڇڏيان،
    توبنا او پرين!
    هيڏي سنسار ۾،
    هيڪلو هيڪلو،
    پاڻ کي پاڻ ڄڻ،
    اوپرو- اوپرو- اوپرو ٿو لڳان،
    او پرين! او پرين!
    چنڊ جهڙا پرين.


    جلا وطن

    توکان،
    تنهنجي مرڪن کان،
    پري،
    تمام پري،
    ڏور ڪٿي ويرانن ۾،
    جلاوطن آهيان.
    چاهيان ٿو،
    تنهنجو ساٿ،
    ڳوليان ٿو اُهي پيچرا،
    جتي،
    تنهنجي مرڪن جي،
    سڳنڌ آ،
    ۽ تنهنجو ساٿ.
    توکان،
    تنهنجي مرڪن کان،
    پري،
    تمام پري،
    ڏور ڪٿي ويرانن ۾،
    جلاوطن آهيان.
    ها -
    مان جلاوطن آهيان.


    تند، ڪٽارو، ڪنڌ

    اڻ پليو آ،
    اڻ جهليو آ،
    اڻ مَيو آ پيار پنهنجو،
    جيئن ڪلهي پاتل هجي،
    ڪو ڪينرو.
    تند، ڪٽاري، ڪَنڌ جهڙو،
    اڻ چيو آ پيار پنهنجو.
    بولويا جي،
    چي گويرا جهڙو چاهه،
    سارتر جي رت ۾،
    رمندو رهي،
    جيئن فينن جو فرانس.
    آلندي جي پيار،
    پڳ مٽ يار،
    پئبلو نرودا،
    جيئن چاهيو هو چليءَ کي.
    گيت ڳائي، لورڪا،
    جيئن جاڳائي ڇڏيو اِسپين کي.
    ڪاسترو
    ڪيوبا جي ڪاڻِ،
    جيئن هو چريو.
    وينزويلا ساڻ
    جيئن هوگوءَ جو پيار.
    ست پنهنجي کي سموهي،
    مائوءَ جيئن،
    موهي وڌو هو چين کي.
    جيئن برما،
    آنگ سوچيءَ جو پيار.
    نذرالاسلام ۽ مجيب جي،
    تخليقيل سونار بنگلاديش جهڙو،
    پيار پنهنجو.
    آفريڪي آجپي واريءَ منڊيءَ ۾،
    هيري جيان جرڪي
    منڊيلا نيلسن.
    هوچي منهه جي اندر مان،
    اُڀري پوي جيئن،
    نئون نڪورو ويٽنام.
    الجزائر جون اکيون،
    جيئن بومدين.
    آئني فرينڪ جهڙو،
    لازوال،
    ليلا خالد جهڙو ڪوئي،
    بي مثال،
    پيار پنهنجو.
    فلسطيني ويڙهه ۾،
    باهه ڀڙڪائي وجهن،
    نظم جيئن درويش جا.
    جيئن خيالن جا ڪبوتر،
    اڏارو ڪن پيا،
    جبران جي لبنان ۾.
    ورڊس ورٿ،
    جيئن فطرت کي اظهاري،
    پنهنجي تخليق ۾.
    جيئن حمزه توف جو،
    آوار ٻوليءَ سان پيار.
    جيئن مصر جو مان هو،
    ناصر جمال،
    جيئن ترڪيءَ جو،
    اتاترڪ، ڪمال.
    طيب اردگان جهڙو،
    پيار پنهنجو.
    چيڪ جا ايذاءَ گهر،
    جيئن اورنگهي وڌيو،
    فيوچڪ هيو.
    ڀڳت سنگهه، جيئن،
    پاڻ ارپيو هنڌ کي،
    هيمون ڪالاڻي جيئن،
    ساهه ارپيو سنڌ کي،
    راجا ڏاهر،
    دولهه درياهه خان جهڙو،
    پيار پنهنجو.
    جيئن ڪارونجهر سان،
    ڪولهي روپلو، پيو ڀاڪرين.
    جيئن بلاول گهوٽ،
    گهاڻي کي هو گهائي ڇڏيو.
    جيئن عنايت شاهه،
    جرڪائي ڇڏيو هو جهوڪ کي،
    جيئن هوشوءَ جي مهابي،
    مانُ مياڻي کي مليو.
    “سن جي سقراط” جيئن،
    رت، ست ۽ روح پنهنجي کي،
    سلهاڙيو ديش سان.
    سورهين جي بادشاهه،
    جيئن چيو هو،
    پاڻ کي گهرجي “وطن ٿو يا ڪفن”.
    جيئن وڏو ميدان ماري ويو هليو،
    جيئن وڏو ويساهه ڏياري ويو هليو.
    جيئن ڪولاچي، ڪلهوڙو،
    جيئن کهاوڙ ۽ ڀٽو، جيئن پنهور سولنگي،
    جيئن تنيو- چولياڻي،
    جيئن بليدي، ڏهر، ميمڻ، سومرو،
    جيئن ڪوئي کوهارو،
    جيئن لانگاهه يا سرويچ ڪو،
    آجپي جي راهه ۾،
    ويا مارجي،
    وطن ۽ ويساهه تان ويا وارجي.
    ايشيا جي دل اندر ڌڙڪن جيان
    ٽنگيل هجي تصوير ڪا.
    ٽئگور، ٽريسا ۽ ٻڍي گانڌيءَ جي،
    اور توتان- گهور توتان،
    جند منهنجي،
    امڙ جي ٿڃ جيان،
    مقدس سنڌ منهنجي.
    تنهنجي- مسجد جي منارن
    تنهنجي سنڌوءَ جي ڪنارن
    مندرن جي جانجہه سان
    صبح سان
    ها- سانجہه سان
    تنهنجي جهوليءَ
    تنهنجي لوليءَ
    تنهنجي ٻوليءَ ساڻ پنهنجو
    اڻ پليو آ،
    اڻ جهليو آ،
    اڻ مَيو آ پيار پنهنجو،
    جيئن ڪُلهي پاتل هجي ڪو ڪينرو.
    تند، ڪٽاري، ڪنڌ جهڙو،
    اڻ چيو آ پيار پنهنجو.


    احساس

    پرهه ڦٽيءَ کان،
    سانجهيءَ تائين.
    جيون جڳ جي،
    من آڳر تي- او ناري،
    تون سندر سپنا جوڙين ٿي،
    ڄڻ پنهنجو رت ولوڙين ٿي.
    تنهنجي سپنن ساڀيان ڪارڻ.
    اڻ پورو هان آءٌ.
    منهنجو جيون
    کنڊر کنڊر.
    منهنجا گيت اُٻاڻڪا،
    ڇو منهنجي اوسيئڙي ۾،
    ويهي،
    پنهنجو پاڻ پتوڙين ٿي،
    ڇو سندر سپنا جوڙين ٿي،
    تون پنهنجو رت ولوڙين ٿي،
    ڄڻ منهنجو رت ولوڙين ٿي.


    سِنڌُو

    اَمرت جهڙو پاڻي تنهنجو،
    چانديءَ جهڙا ٻيٽ،
    لهرون لهرون ماڻڪ آڇن،
    ڪنڌيون ساوڪ سيج.
    ڌرتيءَ ماتا جي سيني تي
    تون صدين کان ڊوڙين پيو.
    تون ئي منهنجو مانُ
    سنڌو!
    تون ئي منهنجو شانُ.


    هاريءَ جيوت

    ٽانڊن جهڙي،
    ٽاڪ منجهند،
    سِوَ جي آڌيءَ رات سمي،
    سونا سنگ،
    اُپائڻ وارو،
    لوڪ جا لڱ،
    ڍڪائڻ وارو،
    پيٽ بکايل،
    انگ اگهاڙو،
    هر هلائي،
    کيتن ۾.


    يــــاد

    تون گهڻو ياد
    گهڻو ياد
    ڪندين او ساٿي
    تنهنجي نيڻن کان
    جڏهن ڏور هليو ويندس مان!
    تنهنجي مرڪڻ تي جي نه ڪو مرڪي،
    تنهنجي سڏڪڻ تي جي نه ڪو سڏڪي،
    تون گهڻو ياد،
    گهڻو ياد ڪندين او ساٿي!
    تنهنجي نيڻن کان!
    جڏهن ڏور هليو ويندس مان،
    تنهنجي نيڻن ۾ جي نه سپنو جڙي،
    تنهنجي آڳند تي جي نه چنڊ کِڙي،
    تون گهڻو ياد
    گهڻو ياد ڪندين او ساٿي!
    تنهنجي نيڻن کان
    جڏهن ڏور گهڻو هوندس مان!!!


    ڪاري رات

    ڪاري رات،
    ڪکاوان گهر،
    باهوڙين ڪتا،
    نيڻ ننڊاکا،
    ساڻا سَنڌَ،
    اڃا ڪين ستا،
    پورهيت- ست سهانگو،
    ڪيڏو مايا لوڪ مٺا!
    ليڙون لٽڙا،
    وکريل وار،
    مون ٻالڪ کوڙ ڏٺا.
    ڏاڍ جا وار،
    سائين.
    مون سيني سٺا،
    مون ڏٺا!
    مون ڏٺا!
    چنڊ جهڙا چٽا،
    ماڪ جهڙا نرم
    ٽياس تي ها ٽنگيل
    ڪورا
    احساس- سپنا
    اڌورا خواب.


    سڪل وڻ جون ٽاريون

    آءٌ تنها
    پارڪ ۾
    ويا ڪل، ويا ڪل
    سوچن ۾ گم
    ويٺو آهيان
    سامهون منهنجو
    ساٿي هڪڙو
    مون وانگر چپ
    ويڳاڻن جان ويٺو آهي.
    مون کي ائين لڳي ٿو ڄڻ
    ٻئي
    سڪل وڻ جون ٽاريون آهيون.


    جنم جنم تائين

    تون منهنجي پريت کي
    وقت جو وهڪرو
    نه ڄاڻ
    تنهنجي يادن جا عڪس
    منهنجي ذهن تي
    اڃا به چِٽيا پيا آهن
    تنهنجو ساٿ
    پل، اپل جو سهي
    پر منهنجي پريت اَمر آهي.
    آءٌ تو سان پريت ڪندو رهندس
    هن جنم کان هُنَ جنم تائين
    جنم جنم تائين
    جُڳن جُڳن تائين.


    غربت

    ميرا ڪپڙا
    اڇو رنگ
    ڇوري ڏاڍو اٿئي ڍنگ؟
    در در
    پنڻ مان ڇا ورندئي.
    کول تون پنهنجي ڍڪيل ڳنڍ
    ”پنڻ منهنجو پيشو ناهي او ڀاڙي!!“
    مان لاهيارڻ آهيان، لاڙي۔
    ڇوري ڏاڍي سرڪش آهين.
    ڏس ڀلا تون آهين ڪير؟
    ”منهنجو نالو،
    غربت آهي،
    جيڪا توکان،
    وٺندي وير.“


    ساٿ جي نانءِ

    رات انڌاري.
    ويران رستو.
    گُہگہه انڌيرو
    گہٽ ٻوساٽ
    هٿ هٿن ۾
    ٽهڪ ئي ٽهڪ
    ٽهڪ ائين
    ڄڻ
    هير جا جہوٽا.


    آوازن جا چهڪ

    مونکي پنهنجو
    پاڻ سان ئي
    پيار آهي
    ڇو؟
    انهيءَ لاءِ
    جو.
    دنيا جنهن انسان کان
    نفرت،
    ڪئي آ.
    مون ان انسان سان ئي.
    محبت
    ڪئي آ.


    اسان جي جنگ جاري آ

    اَجہي ڳولا ڪندي، سائين،
    ڳڀي ڳولا ڪندي، سائين،
    خبر ناهي ته ڪيئن گذري،
    سموري زندگي، سائين.

    نه ڪنهن جا قرض لاٿاسين،
    نه پنهنجا فرض لاٿاسين.

    نه ڪنهن پرڻي تي پهتاسين،
    نه ڪنهن مرڻي تي پهتاسين.

    نه ڪنهن سان پير پاتوسين،
    نه ڪنهن سان وير پاتوسين.

    نه ڪنهن کي ايرُ ڄاتوسين،
    نه ڪنهن کي غير ڄاتوسين،

    نه ڪو ويساهه پاتوسين،
    نه ڪو اُتساهُه پاتوسين.

    وقت جي سنگِ باري آ،
    اسان جي جنگ جاري آ.

    اَجہي ڳولا ڪندي، سائين،
    ڳڀي ڳولا ڪندي، سائين،
    خبر ناهي ته ڪيئن گذري،
    سموري زندگي، سائين.


    خانه بدوش

    ويهين صديءَ جي مُهڙ ۾
    گولين جي وسندڙ مينهن ۾
    قاهرا جي ڪُکِ مان ٿيو هيو،
    جنهنجو جنم........
    ڦوهه جوانيءَ ۾
    جنهن جي هڪ هٿ ۾،
    زيتون جي ٽاري
    ٻئي هٿ ۾ رائيفل جہليل هئي.
    عرب صحرائن ۾ ڀٽڪندڙ
    خانه بدوشن کي
    فلسطيني قوم جي
    سڃاڻپ ڏيندڙ،
    جنهن عالمي ضمير کي،
    بي حسيءَ جي اگہور ننڊ مان
    جہنجہوڙي جاڳائي چيو؛
    ”آءٌ فلسطين آهيان“
    اڄ منهنجي هڪ هٿ ۾
    زيتون جي ٽاري
    ٻئي هٿ ۾ بندوق آهي.
    آءٌ آزادي پسندن جو اڳواڻ بڻجي،
    وڏي واڪي،
    دنيا آڏو وري وري
    ساڳيا لفظ ورجايان ٿو.
    ”اڄ منهنجي هڪ هٿ ۾
    زيتون جي ٽاري
    ٻئي هٿ ۾ بندوق آهي.“
    منهنجي هٿن مان
    زيتون جي ٽاريءَ کي
    هيٺ ڪِرڻ نه ڏيو.
    بندوق جي نال کي
    آءٌ پاڻ هيٺ ٿو ڪري ڇڏيان.
    هن چيو!
    آءٌ فلسطين جو آواز آهيان.
    مون کان ڪن لاٽار ڪري
    عالمي امن واري خواب جي،
    ساڀيان نه ٿي ماڻي سگهجي
    هن چيو!
    مون کي ٻڌو-
    مون کي سمجهو - مون کي قبوليو.
    جڏهن دنيا هن جي هٿ ۾ جهليل،
    زيتون جي ٽاري کي،
    قبوليت ڏني
    تڏهن هن ٻئي هٿ ۾ جہليل،
    بندوق کي پنهنجي سيرانديءَ هيٺان رکي ڇڏيو.
    هن چيو!
    آءُ فلسطين جي آزاديءَ لاءِ،
    پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ مٿان،
    جهدوجهد جا نوان رستا
    نوان گس ۽ پيچرا جوڙيندس.
    ”الفتح“ پنهنجي وطن جي مڪمل فتح تائين
    ويڙهه جا رخ تبديل ڪندي
    اڳتي وڌندي رهندي.
    هن چيو؛
    عالمي امن جي حاصلات ڪاڻ
    ”الفتح“ ڪابه گوريلا ويڙهه نه ڪندي
    هُن ويڙهه جو هڪ نئون انداز سيکاريو.
    جنهن اسرائيل جي بارودي سرنگهن
    ٽئنڪن ۽ جهازن جو
    فلسطيني غليل سان
    مقابلو ڪيو.
    ويڙهه جو هي احتجاجي طريقو ڏسي،
    دنيا دنگ رهجي وئي.
    اڌ صديءَ جي ويڙهاند کانپوءِ،
    عالمي ضمير کي چهنڊڙيون لڳيون،
    جنهن ڪن لاٽاري روش کي
    ٿُڏي ڇڏيو.
    فلسطينين جي آزادي واري
    قومي هلچل کي قبول ڪيو.
    قاهرا جي ڪُک مان
    جنم وٺندڙ - ابو عمار... ياسر عرفات
    آزاديءَ جي مقدس ويڙهاند جي،
    اڳواڻي ڪندڙ،
    پنهنجي ويڙهاڪ ساٿي،
    ابو جهاد (خليل وزير) سان گڏجي،
    چي گويرا جهڙي
    گوريلا ويڙهه وڙهي.
    ايڊورڊ سعيد
    حنان اشراوي جي
    فڪري ساٿ سان
    فلسطين جي ڌرتيءَ مٿان
    ڇانيل غلاميءَ جي ڪاريءَ رات ۾
    محمود درويش جي
    نظمن جون ڏياٽيون ٻاري
    وڃائجي ويل آزاديءَ جي ڳولا ڪئي.
    قاهرا - ڪويت، اردن، لبنان
    بيروت ۽ يروشلم جي گهٽين مان
    آزاديءَ جا نعرا گونجيا
    صيهونيت سامهون
    وڏي للڪار بڻجي
    الفتح
    فلسطيني قوم کي
    پنهنجي وڃايل آزادي
    ۽ قومي سڃاڻپ جو
    هڪ نئون احساس ڏياريو
    وطن ۽ ويساهه جو سنبال (Symbol)
    ارڏو - اڻ جہل ۽ ويڙهاڪ
    ياسر عرفات - الفتح جو روح
    گوريلا ويڙهاڪن جو هيرو
    جيڪو رملا ڪمپائونڊ وال ۾ ماريو ويو
    جو ديس پنهنجي مٿان واريو ويو.
    هن جي هٿ ۾ جهليل
    زيتون جي ٽاري
    هن سان گڏ دفن ٿي ويئي.


    جانور

    جانور ڳالهائيندا ناهن،
    تڏهن به هو، ڏسندا، ٻڌندا،
    ۽ گهڻو ڪجھه سمجهندا آهن.
    تاريخ ۾ ڪڏهن به،
    گڏهن ڪو احتجاج ناهي ڪيو،
    ڄڻ مٿن سرمائيداري جو،
    ڪو به بار،
    يا جبر ناهي هوندو.


    انقلاب

    انقلابي فلاسافي،
    زميني حقيقتن جي،
    اعليٰ ادارڪ جو،
    نالو آهي.


    فطرت

    پکي فطرت جا رکوال هوندا آهن.
    منجہن،
    انسانن کان وڌيڪ،
    سهپ - رواداري،
    پيار ۽ پنهنجائپ ملندي آهي.


    آمريت

    آمريت جي ڇانورن کان،
    جمهوريت جون نٽهڻون،
    هزار ڀيرا بهتر هونديون آهن.


    آپگهاتي بمبار

    هاڻي ته پکين به وڳر ڪري،
    اڏرڻ ڇڏي ڏنو آهي،
    کين ڊپ آهي ته،
    منجہن ڪوئي ساٿي،
    آپگہاتي بمبار نه،
    بڻجي ويو هجي.


    قومي سوال

    گڏهن جي سامهون،
    قومي سوال،
    ڪابه معنيٰ نه ٿو رکي،
    ڇا ڪاڻ جو،
    گڏهن کي ته اول ۽ آخر،
    پرائو بار ئي ڍوئڻو،
    هوندو آهي.


    پــريــــن

    وار تنهنجا،
    ڪڪر ڪارونڀار جيان.
    نيڻ تنهنجا ڄڻ ته،
    منڇر جون ڪنڌيون.
    ڳل تنهنجا ٿا لڳن،
    ڪينجھر ڪنول.
    ڳاٽ تنهنجو آهي،
    ڪارونجھر جبل.
    مرڪ تنهنجي ڄڻ ته،
    سنڌوءَ جي اٿل.
    چپ چورين ٿي،
    ٽڙن رابيل ٿا.
    روپ تنهنجو،
    چنڊ جو جوڀن پرين،
    ساٿ تنهنجو آهي،
    پارس جو ڇهاءُ،
    تنهنجو اوسيئڙو،
    سدائين ساهه کي،
    منهنجي من جي،
    مايا ۽ ميراث تون،
    منهنجي سپنن جي،
    شهر جي روشني،
    ڏور ڀل مون کان،
    کڻي ڪيڏو هجين،
    پوءِ به منهنجي روح ۾،
    پئي ٿي رچين!
    جڳ ساري کان اتم،
    منهنجا پرين-
    شاهه سائين جي رسالي جو قسم،
    تو بنان،
    ساري حياتي ڄڻ ٻُسي،
    ۽ ٻُسي ڪائنات ساري تو بنا او پرين.


    انقلابي رومانس جو شاعر فيض احمد فيض

    هو جيڪو ويلنٽائن ڏينهن کان،
    هڪ ڏينهن اڳ 13 فيبروري 1911ع تي،
    پنجن درياهن جي ديس جي،
    سيال ڪوٽ شهر ۾ جنميو،
    توڙي جو هن جي مک تي ڪو به تر نه هو،
    پر پنجابي شاعريءَ ۾،
    هن جي سڃاڻپ هن طرح به آهي ته.
    تيري مکڙي دا ڪالا ڪالا تل وي،
    ميرا ڪڍ ڪي لي گيا دل وي،
    او منڊيا سيال ڪوٽيا.
    هو جيڪو ساون کيتن جي وچ ۾ پلجي،
    جوان ۽ مَهان ٿيو،
    هو جيڪو استاد هو، جيڪو سپاهي هو،
    هو جيڪو اديب هو، دانشور هو،
    هو جيڪو انقلاب ۽ رومانس جو شاعر هو،
    جنهن جي علم، ادب ۽ ڏاهپ جون،
    انقلابي مشعلون اڄ به ٻري رهيون آهن،
    جنهن ديس جي مظلوم ماڻهن جي،
    غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي،
    انڌيرن مان پار پڄائڻ لاءِ،
    کين آزادي ۽ سوجهري جو،
    اڻ مَيو اتساهه ۽ ويساهه ڏياريو،
    جنهن جي جدوجهد کاٻي ڌرجي ميراث بڻي،
    اها کاٻي ڌر جنهن ”ڪارل مارڪس“ جي،
    ”داس ڪيپيٽال“ جي ڇانو ۾،
    ترقي پسند قافلي جي اڳواڻي ڪئي،
    جنهن جي انسان دوستي، روشن خيالي،
    سجاڳي علامت ۽ انساني آجپو سڃاڻپ آهي،
    جنهن اردو ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي،
    دور/ زماني جي زبان ۾،
    پورهيتن ۽ مظلومن کي جاڳايو،
    جنهن چيو ته؛
    ”اس مال ڪي دهن مين ڦرتي ٿي،
    تاجرڀي بهت، رهزن ڀي ڪئي،
    هي چور نگر، يا مفلس ڪي،
    گر جان بچي تو، آن گئي.“
    گرونانڪ، وارث شاهه، هير ۽ امرتا پريتم، جو ديس واسي،
    جتي بسنت مند ۾، ڊگهن ۽ گهاٽن وڻن ۾،
    پينگهون ٻَڌي ناريون، لوڪ گيت آلاپينديون آهن،
    سرنهن جي ساڳ- مڪئي جي ماني،
    مکڻ، کير ۽ لسيءَ سان، چاهه رکندڙن جي ڌرتيءَ ڄائو،
    جنهن چيو ته؛
    ”ڪٽتي ڀي چلو، بڙهتي ڀي چلو، بازو ڀي بهت هين، سر ڀي بهت،
    چلتي ڀي چلو، ڪي اب ڊيري، منزل په ڊالين جائين گي،
    اي خاڪ نشينو اٺ بيٺو، وه وقت قريب آ پنهنچا هي،
    جب تخت گرائي جائين گي، جب تاج اڇلائي جائين گي“.
    جنهن جي شاعريءَ ۾ انقلاب ۽ رومانس جو،
    ميلاپ ۽ سنگم آهي،
    جنهن انسانيت جي مهانتا لاءِ،
    جنهن مظلوميت جي مٿڀرائپ لاءِ،
    اُميد ۽ اتساهه پيدا ڪيو،
    چولستان جي واري ۽ درياهن جي ڌرتي کان،
    جنهن بيروت جي گہٽين کان ماسڪو تائين،
    شعور ۽ سجاڳيءَ جو پنڌ ڪيو،
    جنهن ڏيهه توڻي پرڏيهه ۾،
    غريبن توڙي اميرن جي ميڙاڪن ۾،
    سدائين پنهنجي آدرشن ۽ اصولن کي مٿاهون ڄاتو،
    جيڪو پنهنجي مقصد تان ترجيترو به نه هٽيو،
    جنهن سموري ڄمار انقلاب کي اَرپي ڇڏي،
    جنهن تي، کاٻي ڌر ۽ ترقي پسند فڪر،
    ۽ اردو ادب فخر ڪري ٿو،
    سنڌ جو سيڪيولر ۽ روشن خيال ماڻهو،
    ادب ۾ انقلابي رومانس تخليق ڪندڙ، اديب،
    دانشور ۽ شاعر کي فيض احمد فيض جي،
    نالي ۽ حوالي سان ڄاڻي ٿو.
    فيض احمد فيض جنهن چيو ته؛
    جو رکے تو کوہِ گراں تھے ہم
    جو چلے تو جان سے گذر گئے
    رہے یار ہم نے قدم قدم
    تجھے یادگار بنادیا
    اهو فيض احمد فيض جيڪو،
    سنڌي ٻوليءَ جي مها ڪوي، شيخ اياز جو سنگتي هو،
    جيڪو کيس پاڻ کان وڏو شاعر چوندو هو،
    فيض احمد فيض،
    جنهن پنجاب جي روايتي اقتداري هَٻڇ کي ٿڏي،
    ڌرمن، ڌرتين، ٻولين ۽ تهذيبن،
    کي مانُ ڏنو ۽ انهن جي آبياري ڪئي،
    جنهن سُرخ گلابن جهڙا انقلابي رومانس جا نظم تخليق ڪيا،
    جنهن ديس جي نوجوانن جي دلين کي هڪجهڙي ڌڙڪن ڏني،
    اهو فيض احمد فيض جنهن چيو ته؛
    زندگی کیا کسی مفلس کی قبا ہے
    ہر گھڑی درد کے پیرہن لگائے جائے
    جنهن چيو ته؛
    تجھ سے بھی دلفریب ہیں غمِ روزگار کے
    فيض احمد فيض جنهن جي جسم مان، 20 نومبر 1984ع تي.
    ساهه جو اڇو ڪبوتر ڀڙڪا ڏئي، پولارن ڏانهن اڏامي ويو.
    سندس روح جي گهرائين مان تخليق ڪيل شاعري،
    اڄ به هن ديس جي مظلومن لاءِ،
    هڪ آٿت آهي، اتساهه آهي، آدرش آهي.
    سنڌ جو شعور، پنهنجي سموريءَ سچائيءَ سان،
    فيض احمد فيض جي ڏاهپ، ادبي تخليق،
    قابليت ۽ بهادريءَ کي مان ڏئي ٿو،
    فيض احمد فيض مستقبل جي انسانن جي،
    روح ۾ پيهي سدائين دلين جيان ڌڙڪندو رهندو،
    ۽ سندس نيڻن ۾ اڻيل انساني آجپي واري سپني کي،
    سونهن ورني ساڀيان ضرور ملندي.
    هن ديس جو انسان، هن ڌرتيءَ جو انسان، آزادي ۽ خوشحالي،
    جي اعليٰ منزل ضرور ماڻيندو.
    تڏهن هر مظلوم ماڻهوءَ جي مُرڪ مان،
    فيض احمد فيض پنهنجي جوڀن سان،
    هن ديس جي درياهن، کيتن، ٻنين،
    سَهرن، لاڏن ۽ لوڪ گيتن مان مُرڪندي ملندو.
    بلي شاهه، فريدڻ، باهو، رحمان بابا، مست توڪلي،
    شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ ساميءَ جا ڌرتيءَ واسي،
    فيض احمد فيض جي شاعريءَ کي،
    عظيم کان عظيم ترين ڀيٽا ۽ مڃتا ڏيندا،
    ”بول ڪي لب آزاد هين تيري“
    فيض احمد فيض،
    جنهن لاءِ مها ڪوي شيخ اياز چيو هو ته،
    فيض احمد فيض منهنجي نظر ۾،
    ناظم حڪمت ۽ پئبلو نرودا جي پائي جو شاعر آهي.
    فيض احمد فيض جنهن، ڪڏهن انتهائي مايوسيءَ ۾،
    چيو هو ته؛
    مجھ سے پہلی سی محبت، میرے محبوب نہ مانگ۔
    ۽ اسان کيس، اهائي پهرين محبت، ڏيئي رهيا آهيون،
    جيڪا محبت سندس انقلابي رومانس وارا نظم ٻڌي/ پڙهي،
    اسان هن جي پرپُٺ هن سان ڪئي هئي.
    اسان جي من پاتال تائين،
    هن دنيا جي انسان دوست تخليقڪارن لاءِ،
    سدائين ساڳي ئي محبت رهندي.
    فيض احمد فيض،
    جنهن اسٽيبلشمنٽ جي سازشن، ۽ بغاوتن جي الزامن هيٺ،
    زندگيءَ جا خوبصورت ڏينهن جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ گذاريا،
    فيض احمد فيض جنهن جي،
    پيرن جا نشان، سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي وسندين ۾ ملن ٿا،
    جنهن جي تخليقيل شاعري،
    سنڌ جي شعور جي سهڪاري آهي.
    فيض احمد فيض جنهن، ادب جو ”لينن ايوارڊ“ ماڻيو،
    ۽ هن ديس جي هزارين،
    ڌڙڪندڙ دلين ۽ مُرڪندڙ اکين ۾،
    پيار ۽ پنهنجائپ حاصل ڪئي،
    توڙي جو بيورو ڪريسي ۽ اردو دانن جو مٿيون طبقو،
    فيض کي پنهنجو شاعر سمجهي ٿو،
    پر فيض احمد فيض ادب جي آڪاش تي اڇي اجري ڪبوتر جي اڏار آهي،
    جيڪا دنيا ۾، هڪ انقلابي رومانس، جي سڃاڻپ ۽ علامت آهي.


    او ڀٽائي ڀٽ ڌڻي، توکي سلام

    او ڀٽائي ڀٽ ڌڻي، توکي سلام
    او ڀٽائي ڀٽ ڌڻي، توکي سلام

    عشق جو اَوتار آهين،
    ڏات جو ڏاتار آهين،
    اهڙو ڪوِتاڪار آهين،
    ڄڻ پرينءَ جو پار آهين.

    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.
    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.

    روح جو ڪو راڳ آهين،
    ورِههَ جو ويراڳ آهين،
    محبتن جو ماڳ آهين.
    ڀونءِ جو ڪو ڀاڳ آهين،

    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.
    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.

    الهامي آواز آهين،
    صدين جو ڪو ساز آهين،
    فطرت جو ڪو راز آهين،
    پرهه جو پرواز آهين.

    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.
    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.

    موسمن جو مَنڊ آهين،
    چاهتن جو چنڊ آهين،
    جبلتن جو جنڊ آهين،
    مصري، ماکي کنڊ آهين.

    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.
    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.

    ساڻيهه جو ڪو ساهُه آهين،
    اڻ مَيو اُتساهه آهين،
    درد جو درياهه آهين،
    وقت جو ويساهه آهين.

    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.
    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.

    اُڀ جو ڪو مينهن آهين،
    نڀ جو ڪو نينهن آهين،
    شوق جو ڪو شينهن آهين،
    عيد جو ڪو ڏينهن آهين.

    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.
    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.

    ڪنهن ڪنڌيءَ جي ڪانهن آهين،
    درد واري دانهن آهين،
    ٻڏنديءَ جي ٻانهن آهين،
    ناٿ جي ڪا، نانهن آهين.

    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.
    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.

    تون جو سهڻيءَ سڏ آهين،
    تون جو سسئيءَ هڏ آهين،
    تون جو مارئيءَ مڏ آهين،
    تون جو گہاتن گڏ آهين.

    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.
    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.

    تون ڪٽارو، ڪنڌ آهين،
    تون، تنبورو، تند آهين،
    تون پرانهون پنڌ آهين،
    تون جو هينئڙي، هنڌ آهين.

    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.
    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.

    چنڊ جي چئوڌار جيئن تارا کڙيا،
    تنهنجي آڳند جي مٿان ماڻهو مڙيا،
    تنهنجا عاشق تنهنجا سڀئي راڳڙيا،
    تنهنجا کاهوڙي هي تنهنجا آڳڙيا.

    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.
    او ڀٽائي، ڀٽ ڌڻي، توکي سلام.


    غزل

    سپنو سپنو، گلاب وانگي آ

    سپنو سپنو، گلاب وانگي آ.
    ساڀيا ساڀيا، عذاب وانگي آ.

    منزلون، ماڳ، ڌُنڌ، ڪوهيڙو،
    مُک تي اوڙهيل، نقاب وانگي آ،

    خون پنهنجو، گلاس شيشي جا،
    اوتجي ويو، شراب وانگي آ.

    لوڪ ڀاسي ٿو ٻاٻرا ٽانڊا،
    مرڪ پنهنجي، ڪباب وانگي آ.

    دوستي سوال جي نشانيءَ جان،
    دشمني ڄڻ، جواب وانگي آ.

    زندگي اُڀ تي ڪبوتر اجرو.
    موت وحشي، عُقاب وانگي آ.


    سنڌ تنهنجون عاشقيون جاڳي پيون

    سنڌ تنهنجون عاشقيون جاڳي پيون،
    سورمن جون سرڪشيون جاڳي پيون.

    پاهڻن جا پنڌ جاڳيا، ڪونڌرن جا ڪنڌ جاڳيا،
    موههَ جاڳيا، مَنڌ جاڳيا، مئه ڪشيون جاڳي پيون.

    ڏاهرن جا ڏاهه جاڳيا، وطن جا ويساهه جاڳيا،
    چيٽ جهڙا چاهه جاڳيا، چاهتون جاڳي پيون.

    جوڌا جُنگ جوان جاڳيا، دودا، دريا خان جاڳيا،
    ارڏا اڄ انسان جاڳيا، عظمتون جاڳي پيون.

    آجپي جا گيت جاڳيا، سوڀ جا سنگيت جاڳيا،
    من مُهڻا ميت جاڳيا، محبتون جاڳي پيون.

    ڀونءِ جاڳي، ڀاڳ جاڳيا، سونهن جا سڀ ماڳ جاڳيا،
    جاڳ جا سڀ راڳ جاڳيا، رهبريون جاڳي پيون.

    باک اجرا رنگ جاڳيا، ديس جا سڀ دنگ جاڳيا،
    ناچڻيءَ جا انگ جاڳيا، نرتڪيون جاڳي پيون.

    نيڻ جاڳيا نينهن جاڳيا، سانورا سڀ شينهن جاڳيا،
    مند جاڳي، مينهن جاڳيا، ساوڪون جاڳي پيون.

    الستي آواز جاڳيا، سرمستيءَ جا ساز جاڳيا،
    ادل ۽ اياز جاڳيا، جرئتون جاڳي پيون.

    سنڌ تنهنجون، عاشقيون جاڳي پيون،
    سورمن جون سرڪشيون جاڳي پيون.


    هر گہڙيءَ جو گهاءُ، ٿو ماري وجہي

    هر گہڙيءَ جو گهاءُ، ٿو ماري وجہي،
    پيار جو پڇتاءُ، ٿو ماري وجہي.

    اڱڻ جن کي کلندي کيڪاريو اسان،
    تن جو ئي ورتاءُ، ٿو ماري وجہي.

    پنهنجا گهر تڙ ۽ ٻنيون ٻارا ڏيڻ،
    ڪالهه جو ڪهڪاءُ، ٿو ماري وجہي.

    جن جي ڪارڻ سير هئو، سارِڻ ڏکيو،
    تن کي ڏيندي پاءُ، ٿو ماري وجہي.

    ڪيترا طوفان آيا ويا هليا.
    اڄ ته هلڪو واءُ، ٿو ماري وجہي.


    شهر راڪاس ٿي ويو آهي

    شهر راڪاس ٿي ويو آهي،
    ڳاڙهو آڪاس ٿي ويو آهي.

    ماڻهپي، مارجڻ جو منصوبو،
    هاڻ ڄڻ راس ٿي ويو آهي.

    پٿرن مان جُڙيل هجن ماڻهو،
    اهڙو احساس ٿي ويو آهي.

    ڪير ڪنهنجي نٿو ٻڌي هاڻي،
    لوڪ بي ڪياس ٿي ويو آهي.


    جيون جي چؤواٽي تي، آءٌ تنهنجي ڪارڻ آيو هان!

    جيون جي چؤواٽي تي، آءٌ تنهنجي ڪارڻ آيو هان!
    ڌرتي تنهنجي ڌوڙ پٺيان، آءٌ ڪنڌ ڪپائڻ آيو هان!

    دودو، هوشو، هيمون، دولهه، پنهنجو پاڻ ملهائي ويا!
    پنهنجي رت ۽ ست سان تنهنجي سينڌ سنوارڻ آيو هان!

    شاهه عنايت، سچل، سامي، شاهه ڀٽائي جو پيغام!
    ڌرتي تنهنجي جوڌن کي، آءٌ ٻڌائڻ آيو هان!

    منهنجو عزم پهاڙ جيان آءٌ فولادي انسان!
    تنهنجي ويرين لاءِ او ڌرتي ٻارڻ ٻارڻ آيو هان!

    گيت هجي سنگيت هجي بس ڌرتي تنهنجي جيت هجي!
    ”ادل“ قهري ڪوٽن کي آءٌ ڪيرائڻ آيو هان!


    جيون جهڙو زهر جا ڍُڪ

    جيون جهڙو زهر جا ڍُڪ،
    پوءِ به پيان پيو ڀريو ٻُڪ.

    ٿڌڙين هيرن جا جهوٽا،
    توبن ڄڻ نانگن جا چڪ.

    ڪيڏا ويڇا ڪيڏا کيڏ،
    اکيون روز وهائن لُڙڪ.

    تنهنجي ڪارڻ ويٺو آهيان،
    واجهه وجهون ساڳيءَ سَڙڪ.

    جيون جوڀن ڪهڙو هوندو،
    جي نه مُيَسّر هوندي مُرڪ.


    اَوٽ ۾ جيڏيون خطائون

    اَوٽ ۾ جيڏيون خطائون،
    موٽ ۾ اوڏيون سزائون.

    هٿ کڻي ٿڪجي پياسين،
    ڪين اگہيون التجائون.

    جہول ۽ ڪشڪول خالي،
    دربدر ساريون صدائون.

    اُڃ جهڙا خواب پنهنجا،
    رُڃ جهڙيون ساڀيائون.

    ننڊ هيريل نيڻ آهن،
    بي حسيءَ جون وارتائون.

    لوڪ مايا موهه ۾ آ،
    ديس سان ڪهڙيون وفائون.


    آءٌ وڃايل صدين کان ٿو پاڻ کي ڳوليان صحرا ۾

    آءٌ وڃايل صدين کان ٿو پاڻ کي ڳوليان صحرا ۾،
    آءٌ اڃايل هرڻ جيان ٿو واجهه وجهان صحرا ۾.

    آءٌ ته چاهيان ٿو مرجہايل مکڙيون مهڪن.
    دل چاهي ٿي بادل بڻجي مينهن وسايان صحرا ۾.

    روح وساڻل هيڪل هينئڙو آءٌ اڪيلو آهيان.
    پوءِ به پيارا ساٿي ڪڏهين غافل ناهيان صحرا ۾.

    محنت ۾ منهنجو پختو آهي ايمان ازل کان.
    گہٽيءَ گہٽيءَ گلشن ٿيندا ٿو هر هلايان صحرا ۾.

    آءٌ ”ادل“ سان جڏهين ملندس، وسري ويندا سارا سور.
    پاڻ وڃائي شل مان پنهنجو نينهن نڀايان صحرا ۾.


    رات جي سانت کي يار ٽوڙي ڇڏيو

    رات جي سانت کي يار ٽوڙي ڇڏيو،
    وقت جو وهڪرو هاڻ موڙي ڇڏيو.

    پرهه جي پهر ۾ هر هٿن ۾ کڻي،
    ٺوٺ ڌرتيءَ تي ساوڪ پکيڙي ڇڏيو.

    سچ جي راهه ۾ سِيس واسينگ جا،
    عزم ۽ حوصلي سان مروڙي ڇڏيو.

    ”ادل“ جا گيت ليڪون سڌيون اڻ سڌيون،
    سچ جي آئيني ۾ پروڙي ڇڏيو.


    ڳاڙهي رت جو پِيلو رنگ

    ڳاڙهي رت جو پِيلو رنگ.
    ڏيهه سڄو ئي گہاٽو جہنگ،

    ماڻهو ماڻهو مٽجي ويوآ،
    دوکن جو ڪو ناهي دنگ.

    کيت اڃارا نٽهڻ اُس،
    ساڻو ساڻو آ هر سنگ.

    ٽليون، ڀور، چڙا ۽ ڇير،
    چپ ڪيڏو چارڻ جو چنگ.

    جن کي جيون ڪل نه ڪائي،
    تن کي ڌرتيءَ ڪهڙو ننگ.


    اوچتو اوچتو، مِليس هُن سان

    اوچتو اوچتو، مِليس هُن سان.
    دل تي پٿر رکي، کِليُس هُن سان

    هن جو پنهنجو هو، منهنجو پنهنجو دڳ،
    بس - اسٽاپ تي رَليس هُن سان.

    هُن چيو وقت ڪيئن ٿو گذرئي،
    ٺيڪ آهي چئي اَليُس هُن سان.

    هُن چيو اڄ ته گڏجي چانهه پيئون،
    هو وڌيو مان گڏ هَليُس هُن سان.

    هُن چيو رنجشون گہٽائي ڇڏيون،
    مان به ڄڻ سهمتي ٿِيُس هُن سان.


    ٽياس ٽنگيون سُندر سوچون

    ٽياس ٽنگيون سُندر سوچون،
    پوءِ به ڪوجہو جيون پوڄون.

    ڀونءِ ڀيلي ويون ڀِنڀرڪي ۾
    ڇيڪ شودن جون ڇڏيل گوليون.

    بُهه جيان ڀرجي ويو کن پل ۾
    ڄاري ورتل اَنڌاريون کوليون.

    لاش لاکاٽ ۾ لهوءَ هاڻا.
    رت روئن پيون سنڌو ڇوليون.

    سنگ سارين ڇڏيا سڀئي ڇاڻي
    اُڀ تائين کڄن پيون جہوليون.


    اڙي وقت توتي هزارين ميارون

    اڙي وقت توتي هزارين ميارون،
    ڏئي وئين اسان کي تون دَر دَر ڌِڪارون.

    دَرياههَ شاههَ ”تاتارَ“ بڻجي هو ڪَڙِڪيو،
    ڀڃي بندَ وڃايئين اسان جون ڄمارون.

    ويو شهر ٻوڙي ۽ وسنديون نِهوڙي،
    ٻُڌئين ڪونه سُڏڪا، اَندر جون پُڪارون.

    هي رولاڪِيُون ۽ هي خانه بدوشيون،
    کَسي مُرڪ مُک تان، ڏِنئين لُڙِڪ لارون.

    کِڙيل کيتَ ساوا، ٿَڌيريون هَوائون،
    کَسِيئي ڳوٺَ ڳليون - سڄڻن سنڀارون.

    ننڍپڻ جون رانديون، جوانيءَ جا ميلا،
    کَسِيئي پيارَ پنهنجا ۽ نِيڻن نِهارون.

    اَٽي جو، لَٽي جو، اَجهي جو ڏَٽو ڏَئي،
    رُڳِي بيگرون ۽ وَهايئي وَنگارون.

    سڀئي راڳ ويراڳ وياڪُل ڪري وَئين،
    ڇَڏيئي ڪونه ڇَپرين، تَنبوري تنوارون.


    نه ڪو چيٽُ پنهنجو، نه ڪائي ڪَتي آ

    نه ڪو چيٽُ پنهنجو، نه ڪائي ڪَتي آ،
    ڪُلهي پاندَ پالهو، ڳَڀي لاءِ قَطارون.

    نه سارينِ جا رونبا، نه ڪَڻڪُن جون ناڙيون،
    نه وونئڻن جا چونڊا، پکين جون اُڏارون.

    سياري جا پارا ۽ سانوڻ جا جهولا،
    سرءُ مُندَ ڏَئي ڇو، کَسي وئين بَهارون.

    نه ميندي هٿن تي، نه موڙون مٿن تي،
    نه ٻانهن ۾ ڳانا، نه سرگس نه ڪارون.

    سڀئي راڄ رکوال، ويري بڻايئي،
    ڏئي منهن ڀڄي ويا، لڌن ڪونه سارون.

    سنگتِ ساٿَ رِشتن جي معنيٰ کسي وئين،
    ڪريون هاڻ ڪهڙيون، پرين جون پچارون.

    اڙي وقت توتي هزارين ميارون،
    ڏئي وئين اسان کي تون در در ڌڪارون.


    وايون

    ڪنهن جي ڪاڻ الائي!؟

    چنڊ وڻن جي اوٽ مان،
    لــيـئـــــا ٿــــــــو پــــائـــي.
    ڪنهن جي ڪاڻ الائي!؟

    سانوڻ رُت ۾ سانوري،
    چــــــوڙيــــــــون کڻڪائي.
    ڪنهن جي ڪاڻ الائي!؟

    سرنهن جي ڦولار مان،
    ڪـــوئـــــــي واجــهــائـــــــــي.
    ڪنهن جي ڪاڻ الائي!؟

    چــــــــپ ڀڪوڙي پاهنجا،
    پــــــازيــــــبون پــــائــــــــــــي.
    ڪنهن جي ڪاڻ الائي!؟

    سورج ڪرڻن سامهان،
    ڇــــــــــوري شــــــرمـــــائــــــــــي.
    ڪنهن جي ڪاڻ الائي!؟

    ڪنهن جي ڪاڻ الائي!؟


    تون نه آئين اڃا

    يــــــاد آرس ڀــڳـــو،
    چــنـــڊ جــــي ڇانوَ ۾.
    تون نه آئين اڃا.

    رات مُرڪي پئي،
    چَهڪ ڏئي هانوَ ۾.
    تون نه آئين اڃا.

    چاڪ ڪيڏا چڪيا،
    آس جي نانوَ ۾.
    تون نه آئين اڃا.

    پرهه جو پڌر تي،
    لات هئي ڪانوَ ۾.
    تون نه آئين اڃا.

    تون نه آئين اڃا.


    ڄڻ ڪا رُت بسنت جي

    ويــنــگــس ڇــوڙيـــــا وار.
    ڄڻ ڪا رُت بسنت جي.

    پرينءَ جي پازيب جا،
    ٻُـــريـــــــا سُــــر ٻِــيــهـــار.
    ڄڻ ڪا رُت بسنت جي.

    کــڙيــا کـيـت گــلاب جــا،
    مـيـنــديءَ جہـليـــــــــا ڏار.
    ڄڻ ڪا رُت بسنت جي.

    ساوا سلا سونهن جا،
    ڦُٽـــي پــيـــا چــــــؤڌار.
    ڄڻ ڪا رُت بسنت جي.

    جـــوڀــن رســيل ڇانورا،
    انگــن جـــــا اُڀــــــــــــــار.
    ڄڻ ڪا رُت بسنت جي.

    ڄڻ ڪا رُت بسنت جي.


    ڪهڙي آهي زندگي

    وِک وِک آهن وردِيون.
    چئـــــــوواٽـــــا چوڪيون.
    ڪهڙي آهي زندگي.

    ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي مٿان،
    تاڻيل جي - ٿريون.
    ڪهڙي آهي زندگي.

    ڳڀرن جي ڳولا پٺيان،
    ڇتيــــــــــــون ايجنسيون.
    ڪهڙي آهي زندگي.

    ايندي ويندي واٽ تي،
    جُـــــٺِ بڻيل جہڙتيون.
    ڪهڙي آهي زندگي.

    ها بس جيئون ٿا پيا،
    نِـرڄــــــــــا نــــــڪ کنيون.
    ڪهڙي آهي زندگي.

    ڪهڙي آهي زندگي.


    سج پهاڙن اوٽ ۾

    سج پهاڙن اوٽ ۾،
    اونـــداهـــــو، آڪـــــــاس.
    چنڊ به ڪونهي ڪو.

    تارا سڀ جلاوطن،
    ويــڳـــاڻـــــو، وشـــــــــواس.
    چنڊ به ڪونهي ڪو.

    ڌرتـــــي، ڌپ - دُونــهــــــون،
    رتــــــــائـــون، احســـــاس.
    چنڊ به ڪونهي ڪو.

    اڇي، اجري لوڪ جي،
    انـــــدر مـنـجــهه، اُمـــــاس.
    چنڊ به ڪونهي ڪو.

    چنڊ به ڪونهي ڪو.


    سمنڊ ڪناري ماڻہن ميلو

    سمنڊ ڪناري ماڻہن ميلو،
    ڪوئي شخص اڪيلو.

    ڪيڏا باک ڦٽيءَ جا، سپنا،
    ساڀيان سانجہيءَ ويلو.
    ڪوئي شخص اڪيلو.

    ڪهڙو مارڳ، ڪهڙي منزل،
    ڪهڙو سونهن سويلو.
    ڪوئي شخص اڪيلو.

    رستا راهون، رلندي رلندي،
    موٽيو آهي اويلو،
    ڪوئي شخص اڪيلو.

    مُرڪن هوندي ماٺ قبولي،
    ڪيڏو آهي ڳهيلو،
    ڪوئي شخص اڪيلو.

    ڪوئي شخص اڪيلو.


    ٿرٿلي ۾ ٿر

    بک وگهي آ پگہات، ڪري ونيءَ ورُ.
    ٿرٿلي ۾ ٿر.

    ڀورا ڀورا ڀونءِ جي، آئيندي جو ڀرُ.
    ٿرٿلي ۾ ٿر.

    لوڪ لپون لوڻ جون، ڄڀون ڄرڪن ڄرُ.
    ٿرٿلي ۾ ٿر.

    روح جي روڄ ۾، بيوسيءَ جو بَرُ.
    ٿرٿلي ۾ ٿر.

    هيل هاڃا هانوَ ۾، پُوڻجي پيو پَرُ.
    ٿرٿلي ۾ ٿر.

    ٿرٿلي ۾ ٿر.


    ٽياس ٽنگيل چؤواٽن تي

    ٽياس ٽنگيل چؤواٽن تي،
    ٻارڻ روز ٻري.
    منهنجو جيءُ جہري.

    ڪومل گل ڪوماڻا آهن،
    ڪهڙي پاپ ڪري.
    منهنجو جيءُ جہري.

    ريتن رسمن سامهون،
    محبت روز مري.
    منهنجو جيءُ جہري.

    ”ادل“ ڪيڏو پيار جو،
    ٿي ويو پنڌ پري.
    منهنجو جيءُ جہري.

    منهنجو جيءُ جہري.


    هو جو پوڙهو جہور

    هو جو پوڙهو جہور.
    نچوئي نور
    لوچي ويٺو لوڪ لئه.

    جاڳائي پيو جوءِ جو،
    هــــــــاري ۽ مـــــــــــــــزدور.
    نچوئي نور
    لوچي ويٺو لوڪ لئه.

    آزاديءَ جي ويڙهه ۾،
    آڻ نه مڃي مـــــــــــــور.
    نچوئي نور
    لوچي ويٺو لوڪ لئه.

    پار پُڄڻ لاءِ پاتڻي،
    پچــائــــــي پيـــــــو پــــــور.
    نچوئي نور
    لوچي ويٺو لوڪ لئه.

    لوچي ويٺو لوڪ لئه.


    جيون جڳ منجہان

    جيون جڳ منجہان،
    مُرڪـــــــــون مــيــڙيـنـدي.
    هٿ پيا ڦٽجي.

    اَجہـــي جـــــــو اُلــــــڪو،
    ڳڀــــــــو ڳــــــولــيــنـــدي.
    هٿ پيا ڦٽجي.

    وارن منجہه اڇا،
    ڦُــٽــيـــون چــــــونڊينـــدي.
    هٿ پيا ڦٽجي.

    تنهنجي يادن جا،
    ڪــــاڳـــــر ڦــــــوليندي.
    هٿ پيا ڦٽجي.

    هٿ پيا ڦٽجي.


    بيت ۽ هائيڪا

    بيت

    وسن ٿر ۾ مينهڙا، ڦٽن ساوا گاهه،
    سرها ٿين ساهه، مارُن جا ته ملير ۾.

    مارُن جا ته ملير ۾، ڇيلا ڏين ڇال،
    ماروئڙا ۽ مال، سکيا رهن سنڌ ۾.

    سکيا رهن سنڌ ۾، پنهنجا سڀ پنهوار،
    ڳئون ۽ ڳنوار، جيئرا رهن جڳ ۾.

    جيئرا رهن جڳ ۾، مارو سڀ مسڪين،
    ”ادل“ سنڌ زمين، سائي رهندي صديون.

    جيڏا جہريل جہوپڙا اوڏا روشن من،
    تاڻيو پنهنجا تن، بيٺا آهن گہٽ تي.

    بيٺا آهن گہٽ تي، سورهيه ۽ سرواڻُ،
    موج ڀريو مهراڻُ، ورڻو آهي ڪِين ڪِي.

    ورڻو آهي ڪِين ڪِي، اڳتي پاتل پير،
    ڇمڪي پوندي ڇير، ماڻينداسين ماڳ کي.

    ماڻينداسين ماڳ کي، ڪيرينداسين ڪوٽ،
    ”ادل“ ڪنهن جي اوٽ، وٺڻي آهي ڪِين ڪِي.

    ٺپيا ٺاهوڪا، بٺيءَ رواتن،
    ڄَرون ٿا ڄرڪن، ڏاٽا منهنجي ڏيهه جا.

    ٺپيا ٺاهوڪا، بٺيءَ باهه روات،
    ڪهاڙا ۽ ڪات، اُڀا آهن اُڀ ۾.


    هائيڪا

    1.

    ڳـــڀـــرو ڳــــوٺـــاڻــــا،
    درس بـنـا- ڌاڙ جـــــا،
    بــڻـيــــا ٺـــڪــاڻــــــا.

    مــاڻہــو ڪــيـــڏا مــــور،
    ٽـــــور وساري پنهنجي،
    بــڻــجـــي ويــٺـــــــا ڍور.

    ڪـــرڙ ڪـڪـــوريـا هيل،
    مـــاڪ ڀـنــيءَ چــانــڊاڻ ۾،
    ٽـــڙي پــيـــا رابــيــــــــــل.


    2.

    ڳـــڀــي ڳـــولا ڪـــــــاڻ،
    مــنــگـہن واري شهر ۾،
    مــاڻـهـــــو رَتــــــــو ڇـــــــــاڻ.

    ڳــڀـــــــــي جـــــــي ڳـــــولا،
    آيـــــــــو ايـمـبــــــــولـنس ۾،
    ســــانــجـهــــيءَ جـــي ويــــلا.

    نـــاريءَ ڪــــن ۾ ڦُــــــــلَ،
    سونهنِ سنڌوءَ ڪـپ تــي،
    جـيئـن ڀــتـــر جــــا گــــل.

    کـــــائـــن ويــٺــــــا ٻــــــــــــارَ،
    ڀـــــــري پـنـهـنـجــا جهولڙا،
    پــڪـــــــــــا لال لــيـــــــــــــار.


    گيت

    تون ڇو مون کان ڏور

    سرنهن ڦلاري، ڪڻڪون نسريون،
    اَنبن جہليو ٻور، او ساجن.

    تون ڇو مون کان ڏور.

    ساڳ چڻن، مٽرن، ڄانڀن جو.
    مون نه چکيو آ مور، او ساجن.

    تون ڇو مون کان ڏور.

    روز نهاريان نڪري تو لئه
    پتڻ پهريون پور، او ساجن.

    تون ڇو مون کان ڏور.

    تنهنجي اوسيئڙي ۾ لڇندي.
    جوڀن ٿئي پيو جہور، او ساجن.

    تون ڇو مون کان ڏور.
    تون ڇو مون کان ڏور.


    سنڌ منهنجي امان

    جيئرا ديس ۾ کوڙ دودا اڃان،
    لڙڪ لاڙين متان، هيانءُ هارين متان،
    سنڌ منهنجي امان- سنڌ منهنجي امان.

    زندگي توتان گهوري ڇڏيان، هر خوشي توتان واري ڇڏيان.
    تون نه رو تون نه رو- منهنجي جيجل امان.

    رت پنهنجو ڏئي، ست پنهنجو ڏئي، سينڌ تنهنجي سنواري ڇڏيان.
    تون نه رو تون نه رو- منهنجي جيجل امان.

    تون جي مرڪي پوين، جڳ جرڪي پوي، توکي اهڙو بنائي ڇڏيان.
    تون نه رو تون نه رو- منهنجي جيجل امان.

    گيت توکي ڏئي، جيت توکي ڏئي، پاڻ پنهنجو اجاري ڇڏيان.
    تون نه رو تون نه رو- منهنجي جيجل امان.

    تنهنجي جيون مٿان، تنهنجي جوڀن مٿان، روپ ساوڪ سجائي ڇڏيان.
    تون نه رو تون نه رو- منهنجي جيجل امان.

    رات کي مات ڏئي، صبح کي ماڪ ڏئي، سج سک جو اڀاري ڇڏيان.
    تون نه رو تون نه رو- منهنجي جيجل امان.

    تون سدائين هلين، ڳاٽ اوچو کڻي، توکي امر بڻائي ڇڏيان.
    تون نه رو تون نه رو- منهنجي جيجل امان.
    تون نه رو تون نه رو- منهنجي جيجل امان.


    او جيون ساٿي- موٽي اچ تون

    جهڙا ٽوهه ڪسارا،
    تهڙي آهي هاڻ حياتي،
    او جيون ساٿي- موٽي اچ تون.

    جيون دوکو دوکو ويتر،
    ڪئي تو ويسهه گهاتي.
    او جيون ساٿي- موٽي اچ تون.

    ليڙون ليڙون لٽڙن مان،
    پيو جوڀن پائي جهاتي.
    او جيون ساٿي- موٽي اچ تون.

    منهنجا گيت اڌورا توبن،
    منهنجي مرڪ مماتي.
    او جيون ساٿي- موٽي اچ تون.

    تنهنجي مرڪ پسڻ لاءِ آهي،
    منهنجي دلڙي آتي
    او جيون ساٿي- موٽي اچ تون.

    تنهنجي مک تي گُہنج پسان مان،
    ڪنڌ وهايان ڪاتي.
    او جيون ساٿي- موٽي اچ تون.


    ڀــاڳـلـيءَ جـي نـالـي

    نيڻ پنهنجا کڻي،
    مُرڪندي
    مُرڪندي،
    مُرڪندي ٿي اچي،
    سانوري نينگري.
    بــانوري نينگري.

    چوڏهينءَ چنڊ جان،
    دل جي ڌرتيءَ مٿان.
    اُڀرندي،
    اُڀرندي،
    اُڀرندي ٿي اچي،
    سانوري نينگري.
    بــانوري نينگري.

    ها- نئين گاج جان،
    کيرٿر جي مٿان.
    اُلرندي،
    اُلرندي،
    اُلرندي ٿي اچي،
    سانوري نينگري.
    بــانوري نينگري.

    مورڻيءَ ٽور جان،
    ڪارونجهر جي مٿان.
    ٽُلڪندي،
    ٽُلڪندي،
    ٽُلڪندي ٿي اچي،
    سانوري نينگري.
    بــانوري نينگري.

    کيرَ گہاگہر جيان،
    پنهنجي ڪپڙن مٿان.
    ڇُلڪندي،
    ڇُلڪندي،
    ڇُلڪندي ٿي اچي،
    سانوري نينگري.
    بــانوري نينگري.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515412
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205433
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ