ڪتاب جو نالو: اڳوڻن سنڌين جو ڏيساور سان واپار
مصنف: دادا سنڌي
ڇپائيندڙ: لطيف ادبي اڪيڊمي، ميرپور ماٿيلو
ڪيٽيگري: سنڌ شناسي
شايع ٿيڻ جو سال: 1988
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 17 آگسٽ 2019 ع
پڙهيو ويو: 730 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 182 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”سنڌ سوداگرن جي زمين آهي. سنڌ جا وڻجارا پراڻي زماني کان ڏورانهان ڏيهه ڏوري، وڻج واپار ڪري، پنهنجي ملڪ کي مالا مال ڪندا هئا. هو وڏا تاجر ۽ قابل جهازران هئا. ساري دنيا سندن اڳيان ” ٻيلو ٻه ٻلانگهون “ هئي. تاريخ شاهد آهي ته اسان سنڌين جو ساري جڳ ۾ ڌاڪو هو. واپاري ڏس ۾ اسانجو وقار بلند هو. ڀٽ ڌڻي جو سر سامونڊي ۽ سر سريراڳ انجو گواهه آهي ته اسان تجارتي دنيا۾ ڪيڏي نه عظمت جا مالڪ هئاسين . سنڌي واپاري پرڏيهي واپار مان ايڏو ته ناڻو ڪمائي ايندا هئا جو سندن ست پيڙهيون رڄ ڪنديون هيون. مون پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪري، هن موضوع تي تاريخي حقيقتون پيش ڪيون آهن.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • مهاڳ
  • ٻه اکر
  • تعارف
  • سنڌ جو پرڏيهي واپار ( مسلمانن جي آمد کان اڳ)

  • (الف) تعارف
  • (ب) سنڌ جي تهذيب
  • (ث) سنڌ ۾ تجارت جي ارتقاءَ
  • (ج) موهن جي دڙي کان اڳ جو دور
  • (ح) موهن جي دڙي جو دور
  • (خ) دراوڙن جو دور
  • (د) آرين جو دور
  • (پ) ايرانين جو دور
  • (ز) سڪندري دور
  • (د) موريه گهراڻي جو دور
  • (ش) ٻڌ دور
  • (ز) راءِ ۽ برهمڻ گهراڻي جو دور
  • (ض) تجارتي مرڪز
  • عربن جو سنڌ ۾ واپار

  • (1) عربستان جو تجارتي تعارف
  • (2) عرب ۽ سنڌ
  • (3) سنڌي تاجر ۽ عرب
  • (4) عرب واپارين جا تجارتي رستا
  • (5) سنڌ ۾ تجارتي مال جي فراواني
  • (6) روانگي جو مال
  • (7) تجارتي منڊيون
  • (8) سنڌ جا پاڙيسري تجارتي مرڪز
  • (9) تجارتي جهاز
  • (10) سڪا ۽ ماپا
  • (11) محصول
  • لاڙي بندر

  • (1) تعارف
  • (2) نالو ۽ بيهڪ
  • (3) سومرن ۽ سمن جو دور
  • (4) ارغونن ۽ ترخانن جو دور
  • (5) مغلن جو دور
  • (6) ڪلهوڙن جو دور
  • (7) زوال
  • (8) مشهور شخصيتون
  • ايسٽ انڊيا ڪمپني جو سنڌ ۾ واپار

  • (الف) پس منظر
  • (ب) ايسٽ انڊيا ڪمپني جو قيام
  • (ث) ايسٽ انڊيا ڪمپني ھند ۾
  • (ج) ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ ۾
  • (ح) سنڌ ۾ ڪمپني جو پهريون دور
  • (خ ) سنڌ ۾ ڪمپني جو ٻيو دور
  • (د) سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ٽيون دور
  • (ذ) ڪمپني جي دور ۾ سنڌ جا تجارتي رستا
  • (ز) ڪمپني جي دور ۾ سنڌ جا واپاري مرڪز

  • حق ۽ واسطا

    هن ڪتاب جا جملي حقوق ليکڪ وٽ محفوظ آهن

    نالو: اڳوڻن سنڌين جو پرڏيهي واپار
    قيمت : 50 روپيا
    ڪمپوزنگ ۽ ڇپائي: حڪيم پرنٽر ڪراچي
    ڇاپو: پهريون
    ڇپائي جو سال: فيبروري 1988ع
    ڇپائيندڙ: الهه بچايو مرڻاس پاران لطيف ادبي اڪيڊمي
    تقسيم ڪار: سنڌي ساهتيه منڊل ڪراچي جو تعاون آهي.


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اڳوڻن سنڌين جو ڏيساور سان واپار“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ جو لکيل آهي. دادا سنڌي لکي ٿو:
    ”سنڌ سوداگرن جي زمين آهي. سنڌ جا وڻجارا پراڻي زماني کان ڏورانهان ڏيهه ڏوري، وڻج واپار ڪري، پنهنجي ملڪ کي مالا مال ڪندا هئا. هو وڏا تاجر ۽ قابل جهازران هئا. ساري دنيا سندن اڳيان ” ٻيلو ٻه ٻلانگهون “ هئي. تاريخ شاهد آهي ته اسان سنڌين جو ساري جڳ ۾ ڌاڪو هو. واپاري ڏس ۾ اسانجو وقار بلند هو. ڀٽ ڌڻي جو سر سامونڊي ۽ سر سريراڳ انجو گواهه آهي ته اسان تجارتي دنيا۾ ڪيڏي نه عظمت جا مالڪ هئاسين . سنڌي واپاري پرڏيهي واپار مان ايڏو ته ناڻو ڪمائي ايندا هئا جو سندن ست پيڙهيون رڄ ڪنديون هيون. مون پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪري، هن موضوع تي تاريخي حقيقتون پيش ڪيون آهن.“
    هي ڪتاب الهه بچايو مرڻاس پاران لطيف ادبي اڪيڊمي پاران 1988ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري قاسم سومري جا جنهن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com

    نوٽ: ھن ڪتاب کي بھتر نموني سمجھڻ ۽ درست نقشن ۽ چارٽن جي لاءِ پي ڊي ايف ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو.


    انتساب

    پنهنجي مرهيات گهر واريءَ جي نالي، جنهن جي ميسر ڪيل، پرسڪون گهرو ماحول ۾ مون هي ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو ۽ ادبي شغل جاري رکي سگهيم.

    لنگهي پٻ پري ٿيا، ڇڏي رڻ رائو
    ڏيئي ڦوڙائو، ويا ويچاري سپرين
    شاهه


    مهاڳ

    سنڌ سوداگرن جي زمين آهي. سنڌ جا وڻجارا پراڻي زماني کان ڏورانهان ڏيهه ڏوري، وڻج واپار ڪري، پنهنجي ملڪ کي مالا مال ڪندا هئا. هو وڏا تاجر ۽ قابل جهازران هئا. ساري دنيا سندن اڳيان ” ٻيلو ٻه ٻلانگهون “ هئي. تاريخ شاهد آهي ته اسان سنڌين جو ساري جڳ ۾ ڌاڪو هو. اسان ” چلهه جا مارنگ“ نه هئاسون. واپاري ڏس ۾، اسانجو وقار بلند هو. ڀٽ ڌڻي جو سر سامونڊي ۽ سر سريراڳ انجو گواهه آهي ته اسان تجارتي دنيا۾ ڪيڏي نه عظمت جا مالڪ هئاسين . سنڌي ثقافت جا آثار ۽ اهڃاڻ ۽ سنڌي ٻولي جو چوڻيون ۽ پهاڪا به ان ڳالهه جي ثابتي ڏين ٿا. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته جو وڃي جاوي، سو مول نه آوي – جي آوي ته ٻال ٻچي به ڍاوي. هن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌي واپاري پرڏيهي واپار مان ايڏو ته ناڻو ڪمائي ايندا هئا جو سندن ست پيڙهيون رڄ ڪنديون هيون.
    مون پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪري، هن موضوع تي تاريخي حقيقتون پيش ڪيون آهن. مون اڳ به لکيو آهي ته اسان جو تاريخي ورثو عظيم آهي. اسان عظيم تاريخ جا وارث آهيون. پر شرط اهو آهي ته پنهنجي ان شاندار ورثي کي سڃاڻي ان کي سامهون رکي، حال کي سنواري مستقبل کي روشن ڪريون” تاريخ پڙهڻ “ جو فلسفو به اهو آهي. ان ڪري ئي تاريخ کي نئين نسل لاءِ تجريبگاهه سڏيو ويو آهي. مان سنڌ جي نوجوان جي خدمت هي ڪتاب پيش ڪندي عرض ڪندس ته فوج وانگر تجارت به اسان جو اباڻو ڌنڌو آهي. وڏن کان و ٺي اسان هن ڏس ۾ پاڻ ملهائي چڪا آهيون. اچو ته اڄ جي معاشي دور ۾، تجارت کي اپنائي، پنهنجي وطن کي خوشحال بنايون ۽ پاڻ به آسودا بنجون.

    ٿورا نه ٿورا

    هن ڪتاب ۾ جيڪي نقشا ۽ چارٽ ڏنا آهن . سي ڪتاب جناب مولائي شيدائي رح جو تمدن سنڌ، ڊاڪٽر الانا صاحب ” لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ ۽ جناب ڊاڪٽر ڇٻلاڻي جي ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ آهن. ان لاءِ مان سنڌي ادبي بورڊ ۽ اداره سنڌ شناسي جو شڪرگذار آهيان.ساڳئي وقت برخردار الطاف سومري جو به ٿورائتو آهيان، جنهن نقشن جي خاڪن ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي ۽ پنهنجن ڪجهه تاريخي مضمونن تان مواد وٺڻ جي اجازت ڏني.“
    عزيز دوست مرڻاس جو ٿورو بجا نه آڻڻ ڪفر جي برابر آهي، جنهن هميشه وانگر ڪتاب ڇپرائي اوهانجي هٿن ۾ آندو. پياري شاگرد ۽ ڀائرن جهڙي رياض پتافي ۽ وفا سنڌي جو به ٿورائتو آهي جن ڏکين ڏينهن ۾ آٿٿ ڏني، همت افزائي ڪئي، حوصلو وڌايو، جنهن جي نتيجي ۾ هي ڪتاب پائيه تڪميل ٿي سگهيو، جي انهن جي اها ڪوشش نه هجي ها ته شايد مان دلشڪستو ٿي ويهي رهان ها. ڇاڪاڻ ته ” جن کان ويڙا پرين، تن کان پڇو سڌ سور جي“ .


    دادا سنڌي
    داد لغاري
    31 ڊسمبر 1985ع


    ٻه اکر

    لطيف ادبي اڪيڊمي طرفان جيڪو سنڌ جي تاريخ تي کوجنائي جو ڪم شروع ڪيو هو سو جاري آهي. اسان اڳ ۾ دادا سنڌيءَ جا ٻه ڪتاب سنڌ جي تاريخ تي لکيل شايع ڪيا آهن. هڪ ڪتاب ۾ سنڌين جي ان پس منظر تي لکيل آهي، جنهن لاءِ پارٽي جي رهنما جنرل ٽڪا خان اشارو ڏنو هو ته جيڪڏهن پنجابي رڳو سنڌ ڏي لانگ مارچ ڪن ته سنڌين کي پنهنجن بوٽن هيٺ چيڀاٽي ڇڏين. ان لاءِ اسان ان ڪتاب جي حوالي سان ٻڌايو ته سنڌين هميشه پاڻ ۽ پنهنجي سرزمين لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائي پنهنجو ۽ ديس جو مان مٿاهون ڪيو آهي.
    ٻئي ڪتاب ۾ سنڌين جي عسڪري قوت تي لکيل آهي. جو هميشه سنڌين لاءِ چيو ويندو آهي ته هو فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان ڪيٻائين ٿا، بزدل ۽ سست ويڙهه جي قابل ناهن. ان ڪتاب ۾ سنڌين جي فوجي مهارت جي باري ۾ لکيل آهي. ان ڪتاب ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته دنيا جي تختي تي گوريلا وار ايجاد ٿي ته اها سنڌ ۾ ٿي ۽ سنڌين دنيا ۾ سڀ کان اڳ گوريلا جنگ لڙي. اهي به ٻئي ڪتاب هن وقت مارڪيٽ ۾ اڻ لڀ آهن جن جا نالا آهن:

    1. ” ڏيئي ڏنڀ ڏڏن “
    2. ” سنڌين جي فوجي مهارت “

    وري اسان تي اها ٽوڪ زني ڪئي وڃي ته اسان واپار ڪري نه ڄاڻو ن. پراسان کي خبر آهي ته اهو سامراجي سٽاءُ آهي ته سنڌين کي واپار ۾ ڪابه سهولت نه ڏيو، جيڪڏهن سنڌين کي واپاري سهولت ملي ته هي ذهين سڄي دنيا جي واپاري منڊين تي قبضوڪري ويندا. پوءِ سامراجي قوتن کي ڪٿي اسرڻ نه ڏيندا. جو سامراج سمجهي ٿو. دنيا جي گولي تي جيڪڏهن اتحاد عالم، ۽ امن پسندي جو سبق اها ئي قوم ڏيئي سگهي. ڇو جو اهي قومون ملڪن تي حڪومت ڪرڻ جي قابل هونديون آهن جيڪي واپار ۾ ڀڙ هونديون آهن.
    ” آڳاٽن سنڌين جو ڏيساوري واپار “ پيش ڪريون ٿا ته جيئن پنهنجا ۽ پراوا ان ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ وڃي مٿو جاءِ ڪن ته سنڌ جو ماڻهو زندگي جي هر ميدان ۾ دنيا جي رهبري ڪري سگهي ٿو.

    نديم سومرو


    تعارف

    ”سنڌ جي تاريخ جا ڄاڻو، عالم ۽ لکندڙ روز بروز ائين گهٽبا پيا وڃن جيئن سنڌ اندر فارسي دانن جو قحط وڌندو رهي ٿو. حالانڪ سنڌ ۾ يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن جو تعداد جيئن تيئن وڌي رهيو آهي، ان حساب سان پنهنجي تاريخ جا ليکڪ ۽ شارع به وڌڻ کپن ها. ليڪن بدقسمتي سان ٿيءَ ان جي ابتڙ رهيو آهي. اڄ هن ڏڪر واري صورتحال ۾ سنڌ جي تاريخ بابت جيڪي چند ماڻهو سرگرم آهن، لکن ٿا، پڙهن ٿا ۽ تحقيق ڪن ٿا، انهن ۾ داداسنڌي صاحب جو نالو به نمايان اهميت اختيار ڪري ويو آهي. سنڌ جي اترئين ڇيڙي ۾ رهندي، جتي نه ڪتاب ميسر آهن ۽ نه علمي ماحول ۽ نه وري ڪي ادبي مرڪز سچ ته داداسنڌي جو جگر آهي جو پاڻ وڏي همت ۽ پختي عزم سان تحقيقي ڪم ۾ مشغول آهي. سندن اصل نالو ڪريم بخش آهي ۽ واسطو سنڌ جي سرموڙ سومرا قبيلي سان اٿس. هيل تائين لاتعداد مقالن کان علاوه کوڙ ڪتاب به ڇپيا اٿس.

    غلام محمد لاکو
    سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو


    سنڌ جو پرڏيهي واپار ( مسلمانن جي آمد کان اڳ)

    (الف) تعارف

    سنڌ جو قديم نقشو



    تعارف
    سنڌ ايامن لاڪون آهي . ڄڳن کان آهي. ڌرتي جي ٺهڻ سان ئي سنڌ سونهاري وجود ۾ آئي. ڪائنات ۾ هن خطي جي تخليق، آدم عليه السلام جي نزول جو سبب بڻي. پهريائين انسان جنهن زمين جي ٽڪري تي قدم رکيو، اها ڀاڳن ڀري جاءِ ۽ مان وارو هنڌ، سنڌ ئي آهي. جهڙي آهي سنڌ جي زمين قديم، تهڙو وري سندس نالو پراڻو آهي. حضرت آدم عليه السلام جي پئدا ٿيڻ کان 130 ورهيه پوءِ، سنڌ جو نالو دنيا ۾ پئدا ٿيو ۽ آدم عليه السلام 5959 ق م ۾ فوت ٿيو. ( تاريخ آئينه قديم سنڌ – شمس الدين قريشي ص نمبر 2) مورخ لکن ٿا ته سنڌ جو نالو حضرت آدم عليه السلام جي هم شڪل پٽ حضرت شيث عليه السلام جو ٻيو نالو آهي، جنهن کي تورات سيت جي نالي سان سڏيو آهي ۽ رگويد ” ورڻ “ ڪوٺيو آهي، جنهن جي معنى آهي پاڻي. آدم ثاني، حضرت نوح عليه السلام جي پٽ حام کي ٻه فرزند هنڌ ۽ سنڌ هئا. سنڌ هن ملڪ ۾ رهيو، جنهن جي پٺيان هي خطو سنڌ سڏجڻ لڳو، جيڪو سندس 61 ملڪن مان هو. ( ايضا تحفته الڪرام – مير قانع ٺٽوي ص نمبر 22). عالمن جي چوڻ موجب سنڌ پراڻي زماني ۾، سڄي هند تي مشتمل خطو هو. آرين سنڌو کي هندو ۽ سنڌ کي هند سڏيو.ايرانين س کي هه ۾ تبديل ڪيو، تنهن ڪري سپت بدلجي، هپت ٿيو، ان ڪري سپت سنڌو کي، پارسي جي مذهبي ڪتاب زنداوستا ۾ هپت هندو لکيو ويو آهي ۽ هپت هندو جي رهاڪن کي، هندو لقب سان سڏيو آهي. سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته ” اهل فارس وارن سنڌ کي هند جي نالي سان سڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته پراڻي ايراني زبان ۽ سنسڪرت ۾ س ۽ هه پاڻ ۾ مٽجن ٿا. انهي ڪري سنڌ جو نالو هند سڏجڻ ۾ آيو.“ ( عرب وهند ڪي تعلقات – ص نمبر 11). يونانين هه ۽ د جي اچارن بدران، انڊو لفظ آندو ۽ سنڌ کي انڊيڪا ۽ دريا کي انڊس سڏيائون، جيڪو اڳتي هلي انڊيا ٿيو، جيڪو اصل سنڌ آهي. پروفيسر بي – بي لاءِ لکي ٿو ته ” اهل هنود جا بزرگ پاڻ کي هندو ڪونه چورائيندا هئا، مگر اهل فارس جي قديم ڪتاب زنداوستا ۾ هندو جو لفظ ملي ٿو، جنهن کي قديم فارسي مخروطي حرفن جي ڪتبن ۾ هيدس چيل آهي. جنهن مان اندازو لڳائجي ٿو ته، لفظ هندو زبان جو آهي. اهل هنود کي هي لقب پهرين فارسين کان، پوءِ ٻين قومن کان مليو. ( رشيون کا آبائي وطن – بحواله آئينه قديم سنڌ ص نمبر 12). چيني قوم صبا، سنڌ ۾ آئي تنهن سنڌ کي شين سڏيو، پوءِ شنڌو، پوءِ سنتو آخر ۾ سنڌو ٿيو. انگريزن يوناني لفظ انڊوئي جي ڪري، هندن جي رهڻ واري ملڪ کي انڊيا سڏيو.
    مسلمان مورخن اهو لفظ، ايرانين کان ورتو، جن سنڌ کي هند لکيو. مشهور سنڌي مورخ جناب شمس الدين قريشي لکيو آهي ته ” سنڌ هند جي نالي سان سڏڻ جي مشهوري خاص ڪري مسلمان تاريخ نويس ڏني آهي. هن جتي به سنڌ جو نالو آهي، اتي ان کي سنڌ ۽ هند جي گڏيل نالي سان سڏيو آهي، ورنه بحر هند وارا سامونڊي ٻيٽ يعني بحر سنڌ مان سامونڊي ٻيٽ، سنڌ جي نالي سان مشهور آهن. ( تاريخ آئينه قديم سنڌ ص نمبر 12).
    هن مان صاف ظاهر آهي ته انهن لفظن جي مٽاسٽا يا نالي جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته ساري هندستان جو اصل نالو سنڌ آهي. مولانا گرامي صاحب جو رايو آهي ته ” اهو سنڌ لفظ “ تلفظ ۾ بدلجي انڊيا ٿي پيو، حالانڪ ان وقت انڊيا جو ڪوبه وجود ڪونه هو. سڪندر واري هيروڊوٽس ۽ ٻِين يوناني مورخن لکيو آهي ته ” گنگا جي وادين کان پري“ ڪابه آباد ڪانه هئي، گويا انهن سڄي سنڌ کي انڊيا ڪري سڏيو آهي. ( موج ڪئي مهراڻ – انٽرويو – سه ماهي مهراڻ گرامي نمبر 2۽ 1 – 1977ع). ڊاڪٽر زمان شيخ لکي ٿو ته ” سڄي ڀارت ۾ “ پهريائين سنڌو ماٿري هئي، جنهن پنهنجي سڀيتا جي ڪري، اهڙو ته نالو ڪڍيو جو سڄي هندو جاتي ۽ سمورو هندستان، سندس نالي پويان سڏجڻ ۾ آيا. دراصل، سنڌ لفظ مان ئي، هندو لفظ نڪتو آهي، نه ته اڳ سڄي علائقي کي سنڌ سڏبو هو. ( سنڌ ۾ طب – صدين جي آئيني ۾ - سه ماهي مهراڻ 1۽ 2 / 1980ع). جناب قمرالدين احمد جو رايو آهي ته ” پراڻي زماني ۾، هند جي بحري تجارت ۽ بحري مهارت جو چوٻول هو، پر اهو هند اڄوڪو ڀارت نه هو، پر اهو سمنڊ سان ويجهو ۽ قديم دنيا جي مهذب ملڪن سان متعارف، سنڌ ئي هو.“ ( مغربي پاڪستان ڪي قدم جهازران – سياره ڊائجست سالنامو 1962ع). ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر ان سنڌ جون سرحدون بيان ڪندي لکي ٿو ته” اهو قديم سنڌ وارو ملڪ اتر سائبيريا، ڏکڻ ۾ ڪرهند، الهندي ۾ دجله درياءَ ۽ اڀرندي ۾ چين واري سمنڊ تائين ڦهليل هو. ان ڪري هن چوڻ ۾ ڪوبه وڏاءُ نه ٿيندو ته انهي قديم زماني ۾ ذري گهٽ سمورو ايشيا کنڊ سنڌ جي نالي سڏبو هو.“ ( سنڌ جا اسلامي درسگاهه – باب ٻيون ص نمبر 16).مسلمانن جي اچڻ وقت سنڌ جو سرحدون هن طرح هيون : اتر اولهه ۾ هيلمند ندي تائين ڏکڻ اوڀر ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ اوڀر ۾ راجپوتانا ۽ جيسلمير جي سرحد تائين سنڌ هئي. ( ايضٰا ص نمبر 13) بهرحال سنڌ سونهاري پنهنجي قدامت ۽ وسعت جي لحاظ کان، ساري هند تي ڦهليل هئي ۽ جتي به هند جو ذڪر ٿيل آهي، اها سنڌ ئي سمجهڻ گهرجي.


    (ب) سنڌ جي تهذيب

    سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي عظمت تي بجا ناز آهي. تاريخ جي وقتن ۾ هي حقيقت سمايل آهي ته سنڌ اصل کان ئي تهذيب ۽ تمدن، ادب، ڪلچر، صنعت ۽ حرفت، تجارت ۽ ڪاريگري جو مرڪز پئي رهي آهي. اها سنڌ جي زمين آهي، جنهن انسان ذات کي رهڻ سيکاريو ۽ زندگي گذارڻ جو فن سيکاريو. انساني تهذيب جي ارتقا هن ئي زمين تان ٿي. قديم آثارن جي ماهر مسٽر آر جي بير چيو آهي ت ه” تاريخ جي دور کان گهڻو اڳ هن ملڪ جي گود ۾ انساني تهذيب ۽ تمدن جنم ورتو.“ ڊاڪٽر نوحا ايس ڪريمر لکي ٿو ته ” بيشڪ تهذيب ۽ تمدن جو سرچشمو جنهن مان سڄي دنيا سيراب ٿي، علم ۽ عرفان جي وسعت ۾ قدم رکندي اڳتي وڌندي ويئي سا هن تاريڪ خاڪدان جي مرهون منت آهي، جنهن کي ” وادي سنڌ“ سڏيو ويندو آهي. “ ( سنڌ جي طبي تاريخ – ج اول – نياز همايوني ص نمبر 25) قديم بابلي ادب ۽ تاريخ ۾ سنڌ کي ” سج اڀرڻ جو ديس“ سڏيو ويندو آهي. اخبار الحڪماءَ ۾ آيل آهي ته دنيا جي سڀني قومن ۾ سنڌ علم ۽ حڪمت جو سرچشمو آهي ۽ سنڌ عدل ۽ سياست جو پهريون مرڪز آهي. اسان جي ملڪ کان پري هئڻ ڪري سنڌ جا ڪتاب اسان جي عالمن تائين گهٽ پهتا آهن. تان ته اسان وٽ جو ڪجهه به آهي اهو تمام گهٽ حصو آهي. حضرت علي رضه جو قول آهي ته ” سنڌ جي سرزمين اها علم ۽ برڪت واري زمين آهي جتان علم ۽ عرفان جو سج اڀريو“. ( بحواله مولانا گرامي صاحب – تبصرو تذڪره مشاهره سنڌ- سه ماهي مهراڻ 1975/ 2).
    هي صرف دعوى نه آهي پر حقيقت آهي به آهي ته جڏهن دنيا ۾ انسان غارن ۽ چرن ۾ رهندو هو تڏهن سنڌ جو ماڻهو اعلى معيار جي زندگي گذاريندو هو. سندس شهري نظام بهترين هو. مورخ سنڌ جي شهرن جي تصوير هن طرح چٽين ٿا ته ” هن شهر ۾ هر طرف سک سانت ۽ امن امان آهي، هتي ڪوبه طاقتور ڪنهن به ڪمزور کي ڪو اهنج رسائي نه ٿو سگهي . هتي ڪوبه پوڙهو پاڻ کي پوڙهو نه ٿو سڏائي ۽ هت ڪابه پوڙهي زال پوڙهي نه ٿي چوائي، هتي جون نينگريون گهٽين ۾ گندو پاڻي نه ٿيون هارين، هتي ڪو به يتيم ناهي، ڪابه بيوه زال نه آهي، هتي ڪوبه شخص بيمار نه ٿو گذراري،ڪنهن کي مٿي جو سور يا اکين جو آزار نه ٿو ٿئي، هت مرثيو پڙهڻ وارو ڪونهي، نڪي پروهت کي ميرا پائي ڳوڙها وهائڻا پون ٿا. نڪي ڪو ديوار جو سهارو وٺي فرياد ڪري ٿو. هتي مٺي پاڻي جا کوهه ۽ چشما آهن. هتي جون ٻنيون سرسبز فصل اپائن ٿيون. بيشڪ هي زمين بهشت جي سرزمين آهي. ڊاڪٽر ڪريمر جو رايو آهي ته هت ماڻهو وڏن پڪن گهرن ۾ رهندا هئا ۽ شهر جو نظام نهايت سڌريل، جڏهن ته سنڌي پنهنجي همعصر عراقين جي مصرين کان وڌيڪ سڌريل ۽ تمدن هئا. سنڌ جي هڪ ئي عالم اونيس ضلعي هارس پار سميرين ( عراق ۽ بابال) کي لکڻ، پڙهڻ، ترڻ، تير هڻڻ، ٻيڙيون جوڙڻڻ، ٻڙيون هلائڻ، ٿانو ٿپا ٺاهڻ، ڪپڙو اڻڻ، اڇو اجرو اوڍي سکي زندگي گذارڻ لاءِ شهر اڏڻ جي سکيا ڏني. اهي ڳالهيون سامهون رکي نازمن برائون لکيو ته ” مصر فونيقيه ۽ عراق جون تهذيبون سڀني سنڌ جي ڪري ئي ترقي ڪئي.“ ( مغربي پاڪستان ڪي قديم جهازران – سياره ڊائجسٽ سالنامو 1968ع).
    هنن بيانن مان صاف ظاهر آهي، ته سنڌ ئي ساري دنيا ۾ اعلى تهذيب جو مرڪز رهي ۽ هتان ئي ساري دنيا لاڀ حاصل ڪيو.


    (ث) سنڌ ۾ تجارت جي ارتقاءَ

    سنڌ جي جغرافي حالت کيس واپار لاءِ، واپار موزون ٺهرايو آهي. ڀلي زرخيز زمين ۽ منجهائنس وهندڙ سنڌو ندي سان، قدرت سنڌ کي واپاري مرڪز بنايو. مٺي مهراڻ ۽ ڏکڻ ۾ سمنڊ هئڻ ڪري، سنڌ تجارت ۾ ديسان ديس مشهور هئي. سرزمين سنڌ جي رهاڪن، هر دور ۾ قدر ت جي ان نوازيل نعمت مان وڌ ۾ وڌ فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. تاريخدان، اسان کي ٻڌائين ٿا ته دنيا ۾ سنڌ سدائين واپار جي برک مرڪزن مان هڪ رهي آهي. سنڌ ۽ ان سان واپاري لاڳاپا رکندڙ ملڪن ۾ سياسي ڦيرن گهيرن ٿيڻ ۽ ٻين سببن ڪري، تاريخ جي مختلف دورن ۾، سنڌ ۾ واپاري سرگرميون وڌنديون ۽ گهٽجنديون رهيون آهن پر اهي ڪنهن به وقت ۾ صفا بيهجي ۽ ختم ٿي نه ويون آهن. “
    سنڌ ۾ تجارتي مال جي فرواني، زرعي جنس جي گهڻائي، سنڌوندي ۽ سامونڊي ڪناري واپار کي وسعت ڏني. قدرت الله ناطمي لکي ٿو ته ” هندي وڏي سمنڊ جي اولهه ۾ واقع عربي سمنڊ جي اتر طرف سنڌو جو ڪنارو آهي. جنهن قديم دور جي ملاحن کي جهازراني جي ٻنهي شعبن ۾ يعنى ڪناري تي بيهڻ ۽ پاڻي ۾ جهازراني ڪرڻ جا بي مثل موقعا ڏنا. سنڌي ملاح ايراني نار جو ڪنارو وٺي، بابل ۽ سميري تهذيبن جي مشهور تجارتي مرڪزن تائين پهچي سگهندا هئا. نومبر کان وٺي مارچ تائين اتر اوڀر کان هوائون هڪ ساريڪيون هلنديون آهن. سنڌي ٻيڙي جو ڪپتان سنڌو جي ڪيٽي مان نڪري آرام سان کلئي پاڻي ۾ وڃي پوندو هو ۽ اتر اوڀر جو چوماسو سندس جهاز کي ساڄي پاسي ۽ پاڇيل کال ڌڪيندو، باب الهندب جي ڳچي سمنڊ ۾ وڃي پهچائيندو هو. ڳاڙهي سمنڊ جي اترئين ڇيڙي تائين کڻي ويندي هتي، جتان ياته هو الهندو طرف وٺي، نيل ندي ۾ مصري بندر، ٿيبز ڏانهن ويندو هو ۽ انهي نهر ۾ وٽان لگهندو هو. جيڪا مسيح کان به هزار سال اڳ سينسريف کوٽائي هئي. جتان هيٽشي پسٽ ( 1590 ق – م ) پنهنجون عظيم بحري مهمون تبت جي سرزمين ڏانهن اماڻيون هيون، يا وري حضرت سليمان جي درٻار جي شان شوڪت جي ڪشش سبب هو اڀرندو رستو وٺي ايلات جي نار ۾ ايزين جبر ڏانهن ويندو هو. اهڙي طرح مصري ۽ سينائي تجارتي مرڪزن ۾ رهي، نفعو حاصل ڪري، هو آرهڙ جي مهينن ۾ مئي سيپٽمبر تائين، ( تڏهن چوماسو بلڪل مخالف طرف کان لڳندو آهي)، آساني سان واپسي جو سفر ڪري سگهندو هو. سنڌو جي سرزمين کي قدرت نه رڳو شاندار سامونڊي جاين سان نوازيو هو، پر هڪ بي مثال نهري سرشتو به ڏنو هو، جنهن ڪري اتي جي رهاڪن کي، سمنڊ جي پٺيان هڪ تمام وڏي علائقي تي قبضو حاصل هو. سنڌ جي سرزمين جي رهاڪن، پنهنجن جهازن جي بناوٽ ۽ پنهنجن بندرن جي موزون محل وقوع جي ڪري پنهنجي تمام وسيع بري پر امن بحري تجارت جي سڀاءُ تي گهڻو ڌيان ڏنو هو. ( ديبل جا ٻه بندر – سنڌ صدين کان – ممتاز مرزا ص نمبر 169).


    (ج) موهن جي دڙي کان اڳ جو دور

    انساني عقل جي افزائش آدم ثاني حضرت نوح عليه السلام کان شروع ٿئي ٿي. انهيءَ دور ۾ سنڌ جي تجارت به عروج تي نظر اچي ٿي. هن زماني ۾ سنڌ تهذيب ۽ تمدن جي مرڪز هئي. انهن ڏينهن ۾ سمير کي وڏي اهميت حاصل هئي. جيڪو بصري جي آسپاس دجله ۽ فرآت ندي جي وچ ۾، خليج فارس جي اتراهين ڪنڌي تي هو، ان جي ڏاڪڻي ڪناري سان سنڌ جي سرحد هئي. سمير تذڪرن ۾ جن غير سميري شهرن جا نالا مليا آهن، تن مان هڪ دلمون آهي. ڊاڪٽر نوحا ڪريمر جي تحقيق موجب، ” اهو دلمون سنڌ جي سرزمين جو قديم نالو آهي.“ ڊاڪٽر قمر الدين احمد لکي ٿو ته ” اها سرزمين سمير جي اوڀر طرف آهي. هتي ديال جا خوشبودار وڻ آهن. جتان ٻيڙين رستي گهڻو ڪجهه اچي ٿو ۽ دنيا جا سمورا ملڪ دلمون ڏانهن پنهنجو مال موڪليندا رهن ٿا.“ ( ديوتائون ڪي سرزمين – بحواله سنڌ جي طبي تاريخ ص نمبر 4).
    هن دور ۾، سنڌ تجارت جي ميدان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. خاص ڪري بحري تجارت عروج تي هئي ۽ سنڌي جن جهاز راني ۾ ماهر هئا. سندن سامونڊي جهاز سمير تائين ايندا ويندا هئا. مشهور مدبر ايڇ – جي ويلز لکي ٿو ته ” خليج فارس ۾ اڄ کان ڏهه هزار ورهيه اڳ جهاز راني ٿيندي هئي ۽ ان جهاز راني جي فن کي سنڌين ئي دنيا سان روشناس ڪرايو. خود سمير وارن جهازراني جو فن سنڌ وارن کان ئي سکيا.“ ( بحواله سنڌ جي طبي تاريخ ص نمبر 5). ڪوسيني لکي ٿو ته ” پراڻي زماني ۾ ڪانءُ جي اها خاصيت آهي ته کين جڏهن سمنڊ ۾ ڇڏيو ويندو آهي، تڏهن اهي خشڪي ڏانهن اڏامندا آهن. ان ڪري ڪوسيني کين قطب نما پکي سڏيو آهي. جيئن ته سڄي دنيا ۾ پهرين ڪانءُ سنڌ ۾ آهي ان ڪري ساري دنيا ۾ سنڌ ئي پهريون ملڪ آهي جنهن جهاز راني جي فن جو بنياد وڌو. جيڪو 9 هزار ق – م جو زمانو هو ۽ انساني تجارت ۽ واپار عروج تي رسيو.“ ( پاڪستان ڪي قديم جهازران – سياره ڊائجست سالنامو 1968ع). سمير ۾ سنڌ جا واپاري ڪثرت سان ايندا ويندا هئا. هتان جي واپارين جو سمير ۾ واپاري منڊيون هيون، جيڪي خليج فارس جي ڪناري ارض الهند، هندو رابي ۽ هنديان جي نالي سان مشهور هيون. اهل سمير جي پراڻين لکتن ۾ چيل آهي ته ” اسان جو ملڪ قدمار جي ويجهو، دنيا جو سڀ کان وڏو بندرگاهه آهي. سمير جي عظيم ديوتا انيڪي ڪو، جيڪو سمير جو پهريون حاڪم هو، ان کي ان تي فخر هو ته دلمون جا جهاز هتي لنگر انداز ٿين ٿا. بادشاهه ارنا نشي تي جيڪو ساڍا چار هزار سال اڳ سمير تي حڪومت ڪندو هو، سنڌ جي ڪاٺين سان ڀريل جهازن جو پنهنجي بندر لغاش ۾ اچڻ جو ذڪر ڪيو آهي. سارگن بادشاهه جيڪو 2380 ق – م ۾ سمير ۽ اڪاد ٻنهي جو حڪمران هو، تنهنجا سنڌ سان گهاٽا لاڳاپا هئا. بادشاهه وڏي فخر سان اعلان ڪري ٿو ته ” دلمون کان آيل يا اوڏانهن وڃڻ وارا، سامونڊي جهاز سندن گادي واري شهر اگين جي ٻاهران، واقع بندرگاهه ۾ ٿيندا هئا. ( ايڇ ٽي لئمبرڪ – سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ ص نمبر 84).
    هي اگاڙي بندر، بائيبل ۾ آيل سميرين اکر ” اکار“ لاءِ ڪم آندل آهي. سنڌ مان عاج، ڪاٺ، سون ٽامون، سوٽي ڪپڙو ۽ ڪپهه اسان جي جي ملڪ مان سمير ۾ ويندا هئا. پروفيسر ليئان ليگارن لکي ٿو ته ” يورپ جي دلمون ديس مان ايندڙ واپاري، پاڻ سان عاج ۽ عاج مان ٺهيل شيون کڻي، سمير ڏانهن ايندا هئا. ( سنڌ جي طبعي تاريخ – جلد اول ص نمبر 6) رلنسن لکي ٿو ته ” 860 ق –م اشوري شهنشاهه شلما نسوٽيون جي زماني جي ڪيترن ئي ڪتبن تي ڀولي، هاٿي ۽ ٻين شين جو تصويرون آهن، جيڪي سنڌ ۾ ڪثرت سن ملن ٿيون.“ گارڊن چائلڊ لکي ٿو ته ” سمير ۾ جيڪي به بهترين ۽ عجيب شيون مليون آهن سي سڀ سنڌ مان اتي ويون.“ بيرووس لکيو آهي ته ” سميري ديو مالا جو پهريون ديوتا اوانس سنڌ کان سمير آيو، جنهن هتان جي رهاڪن کي جهاز راني جو فن سيکاريو.( پاڪستان جا قديم جهازران – سياره ڊائجسٽ 1968ع).


    (ح) موهن جي دڙي جو دور

    اڄ کان پنج هزار سال اڳ، موهن جو دڙو هڪ تمدن ۽ ترقي يافته شهر هو، هت صنعت حرفت ۽ زراعت چوٽ تي هئي. ڪپهه، ڪڻڪ، جئو، داليون، سايون ڀاڄيون، سوٽي ڪپڙو، سون، عاج، ريشم، چوپايو مال وغيره گهڻي انداز ۾ هئا. هت گهاٽا ٻيلا ۽ جهنگل هئا ان ڪري هڪ سڱا گينڊا، چيتا، باندر، مور،۽ گورخر ۽ قسمين قسمين جانور هئا. هتان جا رهاڪو، ساري دنيا کان مهذب ۽ اعلى معيار جي زندگيءَ گذاريندا هئا. سرجان مارشل جو چوڻ آهي ته ” قديم سنڌ جا رهاڪو، پنهنجن همعصرن عراقين ۽ مصرين کان وڌيڪ فرحتي جيوت گذاريندا هئا ۽ موهن جي دڙي جي سڀيتا، مصر ۽ ميسو پوٽيما جي تهذيب کي، ڪيترن ئي ڳالهين ۾ شهه ڏيئي بيٺي آهي.“ ( بحواله سنڌوماٿر جي سڀيتا – مترجم شمس سرڪي). ساڳئي طرح مسٽر گارڊن چائيلڊ لکي ٿو ته ” گهڻيون صديون اڳ، مهراڻ جي هاڻوڪن ويران ڪپن تي، هڪ روشني واري تهذيب هئي، جنهن جو لاڳاپو ايران جي مٿانهن پٽ کان پري، بابل جي رياستن سان هو. اُر جي پوريل خزانن جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ قديم مشرقي دنيا جي تصوير جي خبر پئجي ويئي آهي.“
    موهن جو دڙو، مهراڻ جي ڪپ تي، جهاز راني سبب اندروني بيروني واپار ڪري، دولتمند شهر هو. مورخ سنڌ مرحوم مولائي شيدائي هن جي تجارتي عظمت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” موهن جو دڙو مهراڻ جو وڏو واپاري بندر ۽ مال جي مارڪيٽ هو. هت ٻاهريون واپاري قومون به رهنديون هيون . سنڌي واپاري ايماندار ۽ سچائي شعار هئا. ايمانداري ۽ حڪمت عملي ڪري، سندن واپار ترقي ڪئي. وٽن بئنڪن ايجنٽن، دلالن، هنڊين، ٻيجڪن ۽ ليبلن جو دستو هو. هر هڪ قافلي ۽ جهاز سان واپاري جو ايجنٽ موجود رهندو هو.“ ( مهراڻ تي جهاز راني – روزانه مهراڻ سالگرهه نمبر 1960ع ص نمبر 29). جناب محمد ادريس صديقي لکي ٿو ته ” موهن جو دڙو،قديم ترين زماني ۾ هڪ واپاري مرڪز هو. سندس خوشحالي جو سبب انجو اندروني ۽ بيروني واپار ئي هو. سنڌوندي جي ڪناري تي آباد هئڻ سببان، هتي ٻيڙين وسيلي ملڪ جي اندر، پئدا ٿيندڙ سامان آندو ۽ نيو ويندو هو. ان زماني ۾ هي هڪ اهم واپاري مرڪز هو. جتي ٻين ملڪن مان، واپاري شيون گهرايون وينديون هيون.“ ( سنڌ ماٿر جي سڀيتا – مترجم شمس سرڪي ص نمبر 160).
    قديم زماني ۾موهن جو دڙو ڪراچي وانگر هڪ بين الاقوامي تجارتي شهر هو، جتي ساري دنيا جا تاجر رهندا هئا. جنهن جي ثابتي انهن مختلف قومن ۽ نسلن جي هڏائن پڃرن ۽ کوپڙين مان ملي ٿي، جن جي مالڪن هن سرزمين تي رهائش اختيار ڪئي ۽ آخر هتي ئي مري کپي ويا. ان دور ۾ بين الاقوامي واپار ٻن رستن سان ٿيندو هو. پهريون خشڪي رستي: هي واپار وڏن قافلن جي صورت ۾ هلندو هو. جنهن ۾ بيل گاڏيون اٺ، گهوڙا ۽ گڏهه ڪم ايندا هئا، جن تي گهڻو ڪري نهرن جسمن واريون شيون کنيون وينديون هيون. اهو واپار بلوچستان جي لڪن وسيلي ايران ۽ اوڀر قريب جي ملڪن سان هلندو هو. اهڙي طرح ڪاٺياواڙ، ڏکڻ هندستان ۽ ٻين علائقن مان هتي تجارتي مال آڻڻ وارا قافلا ايندا هئا.“ ٻيو واپار دريائن ۽ سمنڊ رستي هلندو هو. هي شهر جيئن ته درياءَ جي ڪناري تي هو، ان ڪري هت ٻيڙا ۽ جهاز جام هئا. سنڌ جي ٻين علائقن جو مال، ٻيڙين رستي هت ايندو هو. اهي ٻيڙيون اعلى درجي جون ٺهيل هونديون هيون. مسافر ن جي رهڻ لاءِ ڪمرا ۽ مال کي مينهن ۽ اُس کان بچائڻ لاءِ انهن ۾ گدام هئا. اهي ٻيڙيون تراکڙيون هونديون هيون. ( سنڌ جا ٻه بندر – سنڌ صدين کان – مرتب ممتاز مرزا ص 240). موهن جي دڙي جا رهاڪو ٻاهريون واپار سامونڊي جهازن رستي ڪندا هئا. اهي جهاز جوڙڻ ۽ جهاز راني جي فن ۾ نهايت ڀڙ هئا. جناب قدرت الله فاطمي لکي ٿو ته ” قديم زماني کان سنڌ جا رهاڪو بحري تجارت ڪندا هئا ۽ ٻيڙا يا جهاز ٺاهيندا هئا. هو درياءَ رستي مال آڻڻ ۽ نيڻ کان واقف هئا. تجارت لاءِ مضبوط جهاز ٺاهينداويندا هئا جيڪي اولهه طرف نيل ندي ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾ ۽ اوڀر طرف بنگال جي گنگا ندي واري دو آبي جي نهرن ۾ هلندڙ رنگين جهڙا هوندا هئا.“ ( سنڌ جا ٻه بندر – سنڌ صدين کان – مرتب ممتاز مرزا ص 240).
    عراق، بابل، مصر، فونيقيا ۽ فلسطين جي قديم آثار سان صاف ظاهر آهي ته هنن شهرن جا موهن جي دڙي سان تجارتي ناتا هئا. ڊاڪٽر ڊبليو هنٽر لکي ٿو ته ” موهن جي دڙي جا آڳاٽا سنڌي، سينائي اپٻيٽ ۽ سوئيز تائين پهتا. ميمفنس جي ديوارن تي انهن جون رنگين تصويرون اڪريل آهن جن اتي واپار سانگي بيٺڪون وڌيون هيون. ( سنڌ جا ٻه بندر – سنڌ صدين کان – مرتب ممتاز مرزا ص 240). نارمن برائون لکي ٿو ته ” مصر، فونيقيه ۽ عراق جي تهذيبن سڀني سنڌ جي ڪري ئي ترقي ڪئي.“ هن دور ۾ مصر سان سنڌ جو واپار اعلى پئماني تي هلندو هو. اهو واپار شام جي ڪناري، ڪريٽ ٻيٽ کان خشڪي خواهه سامونڊي رستي هلندو هو. مصر جي ٽئين خاندان جي حڪومت جي زماني ۾ سنڌ جو مال، بابل کان خشڪي رستي ميمفنس پهچندو هو جتان مصر ۾ ايندو هو. جڏهن مصر جي يارهين خاندان جي دو ر ۾ اهرام تعمير ٿيا تڏهن هتان جي واپار وڌيڪ ترقي ڪئي. ( مولائي شيدائي – مهراڻ تي جهاز راني – مهراڻ سالگرهه نمبر 1961ع). ان زماني ۾ سنڌ مان جيڪي شيون مصر وينديون هيون تن ۾ سوتي ڪپڙو سرفهرست آهي. اهو ڪپڙو اعلي پئماني تي تيار ٿيندو هو جنهن کي سنڌڻ ململ سڏبو هو. سرجان مارشل لکي ٿو ته ” سنڌو ماٿر ۾ ان وقت بهترين ململ تيار ٿيندي هئي. فرعون جي ڏينهن ۾ اها ئي ململ مصري ممين کي محفوظ رکڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا.“ ( مولائي شيدائي – تاريخ تمدن سنڌ ص نمبر 56). پروفيسر لئسن لکي ٿو ته ” مصر جا ماڻهو مردن جي ڪفنن لاءِ سنڌ جي ململ ڪم آڻيندا هئا. ان کان سواءِ مصر جا حڪمران سنڌ مان جوَ، ڪڻڪ ۽ ڪپهه به گهرائيندا هئا. فنيقي جهازران هتان کارڪن جو شراب مصر کڻي وڃي وڪڻيندا هئا، ڇو ته مصري جراح مردن جي ممين بنائڻ وقت پهريائين انهن کي کارڪن جي شراب سان ڌوئيندا هئا. سنڌڻ ململ جي ڪپڙي جون پٽيون مصالحن ۾ ٻوڙي ممي کي ويڙهيون وينديون هيون. اهڙي طرح لاک ۽ نير، جيڪو ممين ٺاهڻ لاءِ ڪم ايندو هو سوبه هتان ويندو هو. ان کان مصالحو سرهاڻ ۽ ناريل به مصر وڏي تعداد ۾ ويندو هو. ( مولائي شيدائي – تاريخ تمدن سنڌ ص نمبر 56).
    مصر کان پوءِ عراق، بابل ۽ فلسطين سان موهن جي دڙي جو وڏي پئماني تي واپار هلندو هو. عراق جي شهرن ڪِش ۽ اُر مان موهن جي دڙي جا سڪا لڌا آهن. ان دور ۾ هنن ملڪن سان سنڌ جو واپار خشڪي ۽ سامونڊي رستي هلندو هو. خشڪي جي رستي قافلا عراق جي مارڪيٽن جو مال کڻي سنڌ ۾ پهچندا هئا. عربي سمنڊ جي رستي سنڌ جا غوراب، بابل تائين ويندا هئا. ڪلداني، مصري، فنيقي ۽ عرب جا جهازران، ايراني نار ۽ مڪران جو ڪنارو ڏيئي، سنڌ ۾ ايندا هئا. بابل سان سنڌ جو عظيم تجارتي رستو هو، جتي هتان جي واپارين جون ڪوٺيون هونديون هيون .ان زماني ۾ بابل کي عمارتي ڪاٺ جي سخت ضرورت هوندي هئي. جيڪو سنڌ مان گهرايو ويندو هو. هيڪو سين لکي ٿو ته بابل ۽اشوروار مان عمارتي ڪاٺ، نير ۽ لاک گهرائيندا هئا. ٻي خاص شئي سنڌڻ ململ هئي جيڪا سنڌ مان ايراني نار رستي بابل ويندي هئي. ميڊم رئگزين لکي ٿي ته ” بابل جا ماڻهو هن ململ کي سنڌو سڏيندا هئا. ڇاڪاڻ ته اها سنڌ مان ايندي هئي. هي ڪپڙو اهڙو ته اعلى پائي جو هوندو هو جو بابل جا بادشاهه جيڪي پوشاڪون پهريندا هئا، اهي هن ڪپڙي مان ٺهيل هونديون هيون. هن ڪپڙي کي توريت سنڊن سڏيو آهي. عهدنامه جديد ۾ آيل آهي ته ” سيوع مسيح کي صليب تي چاڙهڻ کان پوءِ سنڌڻ ۾ ويڙهي هڪ پيتي ۾ وڌو ويو هو.“ اهڙي طرح سنڌ مان ڪپهه، اوني ڪپڙو، ناريل، نارنگيون، ڪرمچي رنگ، چانور ۽ سرخي طور استعال ٿيندڙ ڳاڙهو پائوڊر به بابل ۽ فلسطين ويندو هو. ( سنڌو ماٿر جي سڀيتا – ص نمبر 132). گرانٽ لکي ٿو ته ” بابل وارا سنڌ مان سون به خريد ڪندا هئا.
    ان زماني ۾ عراق سان به سنڌ جو وڏي پئماني تي واپار هلندو هو. سنڌي ڪپهه عراق ۾پوکي ويئي ۽ پوءِ ان سرزمين جي پوٽي جي شڪل اختيار ڪري ويئي. ليگاش صوبي جي گورنر گڊيا، اتي نو جو بندر پئي ٺهرايو جنهن لاءِ گهڻي کان گهڻو سامان موهن جي دڙي مان گهرايو ويو. جنهن ۾ ڪورنيشن، سون جو ٻورو، اوشو نالي عمارتي ڪاٺ ۽ ڪاٺ جا ٻيا قسم ۽ سچا موتي هئا. گڊيا ٻڌائي ٿو ته ” ميلوها ( موهن جو دڙو ) ۽ ٻين ملڪن کان حاصل ڪيل ڪاٺ جهازن تي چاڙهيو ويندو هو جيڪو لگاش ايندو هو.“ ان کان سواءِ ٻين تحريرن ۾ آهي ته ” ميلوها ( موهن جي دڙي) کان جيڪي شيون حاصل ڪيون وينديون هيون، تن ۾ سون، عاج ۽ عاج مان ٺهيل گلڪاري واريون شيون، عاج مان تراشيل ميلوها پکي، ڦڻيون، آئينا، ڍيليون، سرايون، هڪ قيمتي پٿر مان تراشيل ڀولڙي ۽ املهه ڪاٺ، ٽاري جو ڪاٺ آهي جيڪو سنڌ جي وڻن مان ٿيندو آهي.“
    موهن جي دڙي جا واپاري، دنيا جي ٻين ملڪن مان به ضرورت جون شيون سنڌ ۾آڻيندا هئا. ان آمدني واري مال ۾ ڪيتريون ئي شيون اچي وڃن ٿيون. سر ايڊون پاسڪو ان آمدني واري مال جي مڪمل لسٽ ڏني آهي جيڪا هن طرح آهي.
    (1) سون – ڏکڻ هندستان، افغانستان، ايران ۽ ٿٻيٽ
    (2) چاندي – ڏکڻ هندستان، افغانستان، ايران، آرمينا ۽ برما
    (3) ٽامون – ڏکڻ هندستان، افغانستان،بلوچستان ۽ راجپوتانا
    ( 4) قلعي – افغانستان، ايران ۽ راجپوتانا
    (5) لاجورد – افغانستان
    (6) فيروزا – ايران ۽ افغانستان
    (7) سنگ جراجت – ڪاٺياواڙ ۽ بلوچستان
    (8) ياقوت – ڏکڻ هندوستان
    (9) سليٽ جو پٿر – راجپوتانا ۽ راج ٻيلا
    (10) عقيق ( سنگ سليماني) – راجپوتانا، ڪاٺياواڙ، ڪشمير ۽ دکن
    (11) پشب – راجپوتانا ۽ راج پپلا
    (12) سائو پٿر – راجپوتانا، ڪوشنا، گودواري ندين جا ڪنارا
    (13) گڳر ۽ ڪاروچن – هرمز پيٽ، بوموسى، هالدي۽ لکپت
    ( 14) سنگمرر – راجپوتانا
    موهن جي دڙي جا واپاري مصر، سوسا ۽ عراق مان ٽامو گهرائيندا هئا. قبرص ۾ ٽامي ۽ ڪٽ جو استعمال عام هو. قلعي اتر اولهه وارن ملڪن مان گهرائي ويندي هئي. هڪ قسم جو ٿلهو ڪپڙو، ڪئنسوس ايلام ۽ سمبر کان هت ايندو هو. جناب صديقي صاحب لکي ٿو ته ” موهن جي دڙي جا واپاري سون“ هندوستان ۽ افغانستان مان گهرائيندا هئا. لاجورد ۽ زمرد، ميسوپوٽيما ۽ بدخشان مان ايندو هو. سندور وڏي مقدار ۾ ٻيڙين جي وسيلي هرمز ۽ ايراني نار جي ٻين ٻيٽن مان ايندو هو. ڪوڏ ايراني نار ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي پاسن کان گهرائباهئا. (سنڌو ماٿر جي سڀيتا – ص نمبر 107 ).
    موهن جي دڙي ۾ تور ماپ جو بهترين سرشتو رائج هو. سندن وٽ ۽ ماپا تمام ننڍڙا ۽ نازڪ هئا جيڪي پٿرن جا ٺهيل هئا. هي وٽ چورس، مخروطي ۽ دهل جي شڪلين جهڙا هئا. ننڍا وٽ، سوسا وانگر ٻڪي سان مناسب رکندڙ هئا ۽ وڏا وٽ ڏهائي سان وزن جي هڪ ايڪائي جو انداز 870 گرام ۽ وڏو وزن 15975 گرام آهي. عام وزن 1364 گرام آهي. اهي واپاري مڻ کي منا سڏيندا هئا جيڪو اصل ۾ بابل ۽ نينوا کان هت پهتو. هي تور ماپ جو سرشتو ساري دنيا ۾ مڃيل مڃايل ۽ اعلى پائي جو هو. مسٽر اي – ايس مئڪي جو چوڻ آهي ته ” موهن جي دڙي جا اهي وٽ ايلم ۽ ميسپوٽيما جي قديم وٽن کان وڌيڪ سوڌا ۽ پورا هئا. (سنڌو ماٿر جي سڀيتا – ص نمبر 99). سنڌي واپاري قمري مهينن، هفتن، ڏينهن، ڪلاڪن، منٽن سيڪنڊن ۽ سال جي موسمن کان واقف هئا. هو مهينا چند مطابق گڻيندا هئا جيڪي هنن بابل وارن کان سکيا. ( تاريخ تمدن سنڌ ص نمبر 119).
    واپار ۽ ڏيتي ليتي لاءِ لکپڙهه ۽ صورتخطي جو علم ضروري آهي. موهن جي دڙي وارن وٽ مڪمل طرز رسم الخط ۽ طرز تحرير موجود هئي. مورخ لکن ٿا ته ” اها رسم الخط سميري قوم عراق ۽ پوءِ سڄي وچ مشرق ۾ رائج ڪئي ان کي ڪيونيفارم اسڪرپٽ ( خط ميخي ) سڏبو هو. اها صورتخطي سميرين پڪچر گراف کي سڌاري ٺاهي هئي. ( ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ نئين زندگي 1968ع).
    فنيقيا جا واپاري سامي آرئي خط استعمال ڪندا هئا، جيڪو مصري ۽ عراقي خط مان ورتل هو. اهو موهن جي دڙي جي سنڌي واپارين وسيلي ننڊي کنڊ ۾ پکڙيو. هي خط اتر اولهندي هندستان ۽ چيني ترڪستان تائين رائج هو. 3 صديون ق – م ايراني سلطنت ۾ فرما ن هن خط ۾ لکيو ويو. هي خط ٻن نمونن ۾ لکيو ويندو هو. هي خط ٻين نمونن ۾ لکيو ويندو هو. پهريون ساڄي کان کاٻي طرف جنهن جا اکر يوناني ۽ هندي حڪمران جي سڪن تي استعمال ٿيندا هئا ۽ ٻيو خط کاٻي کان ساڄي لکيو ويندو هو. جنهن کي برهمئي خط چئبو هو. ڪاغذ نه هئڻ ڪري حساب ڪتاب ڪپڙي تي لکيو ويندو هو. فنيقيا جي واپارين کان موهن جي دڙي جا تاجر حسابي انگن جو علم به سکيا. ( عرب و هند ڪي تعلقات ص نمبر 119).
    ۽ اهڙي طرح تجارتي تاريخ ۾ پنهنجو خاص مقام حاصل ڪيائون.


    (خ) دراوڙن جو دور

    دراوڙ سنڌ جا اصلي باشندا هئا ۽ سنڌ جي اولين تهذيب ۽ تمدن جا امين هئا. ايس – وي ونڪٽ سوسيرا لکي ٿو ته ” دراوڙي قبيله ٻاهران سمنڊ رستي يا خيبر لڪ جا راءِ کان هن ملڪ ۾ داخل ڪونه ٿيا هئا پر هي ماڻهو اصل هتي جا ئي رهاڪو هئا ۽ سندن خمير هن ئي ڌرتيءَ جي مٽي مان هو.“ ( بحواله سنڌ جي طبي تاريخ – ج – اول – ص نمبر 94 ). د راوڙن صنعتي، تجارتي ۽ زرعي لحاظ کان وڏي ترقي ڪئي. هي ماڻهو نهايت ئي سڌريل هئا. هو سون ۽ چاندي جا زيور به ٺاهي پهريندا هئا ۽ ٽامي جا سڪا به ٺاهيا هئائون. جايون ٺاهي انهن ۾ رهندا هئا ۽ حفاظت جي خاطر چوڌاري قلعا ٺاهيندا هئا.
    دراوڙ وڏا تاجر هئا جن کي پڻي چوندا هئا. جيڪو پڻ مان نڪتو آهي. جنهن جي معنى آهي سودو ڪرڻ يا ڳنهڻ. دراوڙ واپاري سمنڊ جا وڏا سفر ڪندا هئا. اهي جهازن جوڙڻ ۽ جهازراني جي فن ۾ نهايت ڀڙ هوندا هئا. راءِ بهادراهي لکي ٿو ته ” اهي پڻي لوڪ دراوڙ هئا ۽ سندن قلعا آرين لوڪن اچي ڊاٽا“ اهي اوائلي سنڌي واپاري آرين جي ظلمن ڪري پوءِ ڏکڻ هندستان لڏي ويا. ڊاڪٽر چندر باس لکي ٿو ته ” پڻي لوڪن مان ڪن ميسوپوٽيما ۾ بيٺڪون وڌيون ۽ سريا جي سمنڊ جي ڪناري طرف ڀونچ سمنڊ وارن ٻيٽن ۾ وڃي رهيا ۽ آفريڪا جي اتر ڏي به ويا. ميسوپوٽيما جا سميري ۽ بابل جا ڪئلدي اصل ۾ سنڌ ماٿر جا پڻي هئا. ( قديم سنڌ – ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي ص نمبر 140).
    دراوڙن جو دنيا جي هر ملڪ سان وڏي پئماني تي واپار هلندو هو. هو مدراس، راجپوتانا، ايران ۽ ڏکڻ هندستان ويندا هئا. ڪشمير ۽ قنڌار سان به سندس واپار هو. ملبار مان ناريل ڏونگهيون ۽ ناريل جي تاندورن مان ٺهيل رسيون آڻيندا هئا. دراوڙن جا انڊونيشيا، ملائشيا ۽ ڏکڻ هندستان سان گهاٽا تجارتي ۽ ثقافتي ناتا هئا.“ جتان جي مقامي ٻولين تي دراوڙي ٻولين جو وڏو اثر هو. ( سر سريراڳ جو مطالعو – ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ص نمبر 22). هن دور ۾ دراوڙن جو واپار مغربي ملڪن سان گهڻو هلندو ئي نار رستي هو. ڏکڻ ۾ دکن ۽ سلون اوڀر ۾ هند چين ۽ اولهه ۾ عراق يمن تائين واپاري ناتا پکڙيل هئا. ان واپار ۾ سون، چاندي، عاج، سائي پٿر جا ٿانءُ، زيور، قيمتي پٿر، ريشمي ڪپڙو، مور، سرمو، سوٽي ڪپڙو روانگي واري مال جو مکيه شيون هيون. سون جي واپار ۾ به سنڌ مشهور هئي. ڊاڪٽر ڪريمر جو رايو آهي ته ” هت اعلى قسم جو سون پئدا ٿيندو هو.“ هن دور ۾ اناج ۽ ٻانهن جو واپار به ٿيندو هو.
    هن دور ۾ سنڌڻ ململ ڏاڍي مشهور هئي. پروفيسر اي- ايڇ سائنس جو چوڻ آهي ته ” آڳاٽي زماني ۾ سنڌ جو ڪپڙو بابل ۽ مصر ويو. انهيءَ ذريعي يهودين کي سنڌ جي ململ جي خبر پيئي، جنهن کان پوءِ انهن سنڌ سان واپار جو رستو رکيو. يهودين جي واپار سنڌ ۾ ايڏي ته ترقي ڪئي جو سنڌ جو نالو الهندي ايشيا تائين مشهور ٿي ويو.“ سنڌ جي اها ململ روم جا بادشاهه آگسٽوس کان وٺي هيڊ رناٿن تائين استعمال ڪندا هئا. قسطنطنيه ۾ روم جون نفاست پسند شهزاديون به هي ڪپڙو ڪتب آڻينديون هيون. مورخ لکن ٿا ته روم ۾ اهو ڪپڙو سون جي برابر توري وڪرو ڪيو ويندو هو. ان کان سواءِ اصطخر جي محلات جون خوبصورت عورتون ڊيللي جون حسين زائرين ڪيزون ۽ نيل جي ڪناري جون قبائلي رقاصائون سنهي ململ سندس شوق سان پهرينديون هيون. ان کان سواءِ روم ۽ قسطنطنيه جون عورتون سنڌ مان عطر، ريشمي ڪپڙو ۽سچا موتي گهرائينديون هيون.
    هن دور ۾ حضرت سليمان ع جو سنڌ سان وڏي پئماني تي واپار هلندو هو. مسٽر ڪينڊي لکي ٿو ته ” قديم زماني ۾ سنڌ جا مور، باندر ۽ عاج، افيرجي بندر تان، حضرت سليمان ع جي ٻيڙين ۾ بيت المقدس پهتا.“( تاريخ تمدن سنڌ – ص نمبر 29) ميجر جنرل هيگ لکي ٿو ته ” حضرت سليمان ع فونيقيا جي شهر طور جي حاڪم سان ان ڪري معاهدو ڪيو ته فونيقي جهازن ۽ ٻيڙين جي مدد سان خليج فارس جي رستي سنڌ مان سوٽي ڪپڙو، عاج، ڀولا، سون وغيره جهڙو قيمتي سامان ملڪ سليمان پهچايو وڃي. اهڙي طرح حضرت سليمان ع سنڌ مان مور، اگر، مشڪ، عنبر، گينڊا ۽ سون ٻيڙين رستي بيت المقدس گهرايو. ( حضرت سليمان ع – مرزا قليچ بيگ – ص نمبر 61). ان دور ۾ حضرت سليمان ع هيڪل سليماني تعمير پئي ڪرايو. جنهن لاءِ فنيقي واپارين کان سامان ورتو. انهن جا جهاز سون، رويو، عاج، باندر ۽ مور کڻي سليمان ع وٽ آيا. ( آئينه قديم سنڌ – شمس الدين قريشي ص نمبر 52) تورات جي ڪتاب بي ۾ آهي ته سليمان ع بادشاهه وٽ جهاز هئا جي صور جي بادشاهه هورام جي نوڪرن سان ترسيس ڏي ويا. جيڪي جهاز ٽن سالن ۾ هڪڙو ڀيرو سون، چاندي، هاٿي جا ڏند، باندر ۽ مور کڻي ايندا هئا. ( تمدن هند – ڊاڪٽر گستا ولي ص نمبر 172) يمن جي ملڪئه سبا حضرت سليمان ع لاءِ جيڪو تحفو آندو ان ۾ سنڌ جون خوشبودار شيون، سون ۽ ڪيترائي قيمتي جواهرات هئا. سندس شهر يمن جي سينگارڻ ۾ سنڌ جو هٿ هو. يمن جي عمارتن جون ڇتون، سون، عاج ۽ قيمتي موتين سان سينگاريل هيون. ( قديم سنڌ – ڀيرومل مهر چند آڏواڻي ص نمبر 201)
    سنڌ جا ڪيترائي دراوڙ اتر هندستان ۽ ايراني نار ڏانهن لڏي ويا ۽ شام ۾ به وڃي رهيا تن اتان جي ماڻهن سان سڱ ڳنڍيا، جن مان پيوزڪ ۽ فنيشيا قومن جنم ورتو.“
    هن دور ۾ فنونيقيه جو شهر سنڌ جي مال جي منڍي هو، جنهن سان حضرت سليمان ع جو خاص واپار هلندو هو. ان کان سواءِ اُر جو شهر به سنڌ جي تجارت جو مرڪز هو. هن شهر فرات ندي جي هاڻوڪي ٻيٽ کان 6 ميل پري ڏکڻ ڏي هو. هت عاج، ڪاٺ، سون، ٽامو، سوٽي ڪپڙو ۽ ڪپهه سنڌ مان ويندي هئي. نپور، يمن ۽ سوراشٽر جي ٻن بندرن سوپارڪا ۽ چيمور ۾ سنڌ جو مال سمنڊ رستي ويندو هو. هي شهر ايراني نار جي شط العرب ۾ هئا. نپٽ خاص شهر هو، جيڪو سنڌي سوداگرن جو مرڪز هو. عالمن جو چوڻ آهي ته نپٽ وارو علائقو يمن جي آمهون سامهون سنڌ ۽ مصر جي وچ ۾ هڪڙي اسٽيشن هو جتي سنڌ ۽ هند جو مال اچي گڏ ٿيندو هو. پروفيسر البرائيٽ جو چوڻ آهي ته نپٽ ۾ سنڌو سويرا جون بيٺڪون هيون ۽ اهي مصر ۽ اوڀر آفريڪا جي واپار تي حاوي هئا. “ ( ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ – نئين زندگي سيپٽمبر 1971ع) سپارا ۽ نپور به سنڌ جي پئداوار جي ڪري دولتمند هئا ۽ ٻاهرين دنيا ۾ سنڌ جي پئداوار ڪري دولتمند هئا ۽ ٻاهرين دنيا ۾ سنڌ جي قيمتي شين جي ڪري مشهور هئا. ڊاڪٽر ڊبلو هنٽر لکي ٿو ته ” سنڌڙي جا قديم وڻجارا سوماليه تائين پهتا ۽ مصر سان شام جي ڪناري ڪريٽ ٻيٽ کان خشڪي خواهه سامونڊي رستي سندس واپار هلندو هو.“ 4 صديون ق- م دکن ۾ ڇولا، چيرا پانڊيا، مدورا ۽ اندرا حڪومتن جنم ورتو . اتي جون قيمتي شيون، سنڌ جا ميل جهازران سنڌ ۾ آڻيندا هئا ۽ سون جون معياري ۽ عمديون شيون اتي پهچائيندا هئا. اوفير به سنڌ جي واپار جو خاص مرڪز هو. توران ۾ آهي ته ” اوفر اصل ۾ صوماليه جو بندرگاهه هو،جتان وادي سنڌ سلون، ڏکڻ چين وغيره جون شيون باافراد ۽ سستون ملنديون هيون . اوفر جو بندرگاهه عاج ۽ باندرن جي واپار جو مرڪز هو. عاج ان دور ۾ گهڻي انداز ۾ پئدا ٿيندو هو. جڙي ٻوٽيون به هتان وينديون هيون.“ ( ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ – نئين زندگي سيپٽمبر 1971ع). مورخ لکن ٿا ته اوفير سون جو مترادف آهي. هتان جا واپاري جهازران سون جهڙي قيمتي ڌاتو جو واپار ڪندا هئا. يشعيا جو چوڻ آهي تهي ” اوفير جهڙو سون، ٻين ملڪن ۾ گهٽ ملندو هو.“ ( سيد شمس القادري – رسول نمبر ج اول ص نمبر 81)اوفير ۾ اهو سون سنڌ مان ئي ويندو هو.


    (د) آرين جو دور

    آريه سنڌي سن کان سورهن صديون اڳ، وچ ايشيا مان ڀٽڪندا، ايران ۽ بلوچستان جي پهاڙي لڪن مان لنگهي، سنڌ ۾ آيا. سنڌ جي زرخيزي سرسبزي ۽ شادابي ڏسي، هنن هتي رهڻ پسند ڪيو. سنڌ ۾ رهڻ کان پوءِ هو هن ڌرتي کي جنم ڀومي ۽ جيجل ماتا سمجهڻ لڳا. آرين ۽ مقامي ماڻهن جي ميل ميلاپ ۽ شادين مرادين جو سلسلو عام ٿيڻ ڪري ڪيترائي آريا قبيلا ۽ غيرآريائي قومون به آريائي قومين ۾ گڏجي سڏجي ويون. آريائي ۽ ديسي ماڻهن جي اهڙي ميل ميلاپ مان هڪڙي نئين تهذيب اسرڻ لڳي. ( بحواله ؛ سماهي مهراڻ – 4 / 1967ع ) آرين مقامي ماڻهن کي پاڻ سان ملائي، سنڌ جي فلاح، بهبودي ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هنن سنڌين جي قابليت صلاحيت ۽ فن ۽ ڪاريگري کي همٿائي، سنڌ جي صنعت ۽ تجارت کي چار چنڊ لڳايا.
    آرين پورهئي جي ورڇ جي نظريي تي عمل ڪندي، معاشري کي چئن طبقن ۾ ورهائي، هرهڪ جي حوالي مختلف ڪم ڪيا. جن ۾ واپار ۽ تجارت لاءِ هڪ ڌار شعبو قائم ڪري اهو ڪم وئشن جي حوالي ڪيو ويو، ان ڪري هن دور ۾ سنڌ جي واپار وڏي ترقي ڪئي. هن دور ۾ سنڌ سرسبز ۽ شاهوڪار علائقو هو. رگ ويد ۾ آهي ته ” گهوڙن ۾ شاهوڪار،ڪپڙي گنديءَ ۾ شاهوڪار، عمدن گهڙيل ڳهڻن ۾ شاهوڪار، کاڌي پيتي ۾ شاهوڪار ۽ سدا تازيءَ ان ۾ شاهوڪار آهي. سلما ٻوٽا يعني مڃ وغيره جن مان واڻ ۽ رسيون ٺهن ٿيون سي ٻوٽا به سنڌ ۾ کوڙ آهن ۽ سڀاڳي سنڌوءَ جا ڪنارا ماکي ڏيندڙ گلن سان سينگاريل آهن.“ ( بحواله قديم سنڌ – ڀيرومل مهر چند آڏواڻي ص نمبر 161) سنڌ ۾ ان وقت هنر ۽ ڪاريگر عام جام هئا. هت مهاڻا، ڪوري جوهري، سونارا، رنگريز، ٻيڙائتا ۽ ملاح وغيره هوندا هئا. رڍن ۽ گهيٽن جي اُن مان اونو ڪپڙو تيار ڪيو ويندو هو. ڪوري سوٽي ڪپڙو ٺاهيندا هئا. سوٽي ململ به هن زماني ۾، پنهنجو اوج قائم رکيو خاص ڪري هالڪنڊي جي ململ مشهور هئي. راجا هال جي ڏينهن ۾ هت تمام عمدو ڪپڙو ٺهندو هو. هن ڪپڙي تي بادشاهه، زعفران سان پنهنجي پير جو ڇاپو هڻندو هو، جيڪا سرڪاري مهر طور منظور ٿيل هئي. هي ڪپڙو ڪشمير جو ن راڻيون فيشن طور استعال ڪنديون هيون. ( تاريخ سنڌ – ڀاڱو ٻيو – مولانا نور محمد نظاماڻي ص نمبر 122 ) ڀرت جو ڪم به هن دور ۾ اوج تي هو. رگ ويد ۾ اتڪان لفظ آيل آهي، جنهن جي معني آهي زري جو ڀريل ڪپڙو. هڪ روايت موجب راجا سونيه ڀاويه، پنهنجي ناٺي ڪاڪشون کي اهڙي خلعت ڍڪائي هئي. ( قديم سنڌ – ص نمبر 181) سنڌ ۾ سپارڪو وکر تمام گهڻو ٿيندو هو. هتان جڙي ٻوٽيون، ٻين اولهائين ملڪن ڏانهن موڪليون وينديون هيون. البيروني اهڙين 75 سنڌي وائين جا نالا ڏنا آهن، جيڪي ٻاهر وينديون هيون. هيڪوسينس پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ” سنڌ مان بيد، خشڪ لاک، نير، سوٽي ۽ سنهي تند واريون ململون، چمڙو، ريشمي ۽ اوني ڪپڙو، گهوڙا، مغربي ۽ مشرقي ملڪن ڏانهن موڪليا ويندا هئا. ڪپهه ۽ چانور ريشمي ڪپڙو ۽ سوٽي ململ، سڀ اهڙيون شيون هيون جن جي هر مهذب ملڪ کي ضرورت هئي ۽ اهي هتان ئي ٻين ملڪن ڏانهن ايراني نار ۽ يمن جي نبدرن کان مغربي دنيا ڏي وينديون هيون .“ سون، چاندي، پتل ۽ شيهو سنڌ مان ٻاهر ويندو هو. امير واپارين کي شرسٿين چوندا هئا. واپار دريائن ۾ ٻيڙين رستي هلندو هو. سندس دنگيون ۽ ٻيڙين رستي هلندو هو. سندن دنگيون ۽ ٻيڙيون، سنڌ جون قيمتي شيون ٻاهرين دنيا ۾ وڪرو ڪرڻ جا ماهر هئا. پروفيسر ولسن لکي ٿو ته ” سنڌو ماٿر جا آريه لوڪ، وڏا کاري کيڙائو ۽ واپاري لوڪ هئا. “ يوڪوڪ صاحب لکي ٿو ته ” قديم سنڌو ماٿر جا رهاڪو جهڙا هئا. جهاز راني ۾ ڀڙ تهڙائي هئا جهازن جوڙڻ ۾ قابل. اهي سمنڊ جهاڳي وڻج واپار ڪندا هئا.“ پروفيسر بلهر لکي ٿو ته ” آڳاٽا آريه هندي وڏو سمنڊ جهاڳي ويندا هئا ۽ اهي واپاري هند پوءِ ايراني نار طرف وڻج واپار سانگي ويندا هئا.“ ( بحواله قديم سنڌ – ص نمبر 312) رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته ان دور ۾ سنڌ جا وڻجارا جهازن ۾ مال کڻي سمنڊ جهاڳي ڏيساورن ڏي ڌن ڪمائڻ ويندا هئا. ڪيترائي واپاري پاڻ ۾ گڏجي جهازن جون بهيريون ڏورانهن ڏينهن ڏي وٺي ويندا هئا. سندن جهازن کي هڪ سئو اورس ۽ سڙهه هئا. ان زماني ۾ چار سمنڊ هئا. جن رستي سنڌي واپار ڪندا هئا. اهي سمنڊ هئا بنگالي اپسمنڊ، هندي وڏو سمنڊ، عربي وڏو سمنڊ ۽ راجپوتانا وڏو سمنڊ، جيڪو پوءِ ختم ٿي ويو. ان دور ۾ چين ۽ بنگال سان سنڌين جو سامونڊي واپار هو. چين مان خاص ڪري ريشم ايندو هو. ڏکڻ هندستان ۽ سيلون سان به سنڌين جو واپاري رستو هو. سيلون مان سنڌي وڻجارا نه صرف موتي آڻيندا هئا پر ڪيترائي سنڌي ايراني نار، ڪاري منڊل ۽ سيلون ڏانهن موتين هٿ ڪرڻ لاءِ غواض ۽ ٽوٻا به موڪليندا هئا. لونگ ايلاچي، ملبار يا فلپائن ٻيٽن ما سنڌي وڻجارا دنگين رستي ٻين هنڌن تي نيڪال ڪندا هئا. هن دور ۾ جهازن ۽ ٻيڙين لاءِ ساڳ جو ڪاٺ ملبار کان ايندو هو. هن زماني ۾ سنڌي ململ جي هاڪ هئي. جنهن جو تر لهردار هوندو هو. ان ململ کي سنڊن ۽ ان جي ڌاڳي کي سينڊل چئبو هو. لانگ فيلو جي شعرن مان سمجهجي ٿو ته ” سنڌي جي وٽيل ڌاڳي مان اڳي ولايت ۾ ٻيڙين لاءِ پڳهه ٺاهيندا هئا. اهي قيمتي رسا انهن شاهاڻين ٻيڙين ۾ ڪم ايندا هئا، جن جا سڙهه ريشمي هوندا هئا. “ ( بحواله قديم سنڌ – ص نمبر 340)
    آرين جي دور ۾ مقامي طرح خشڪي رستي به واپار هلندو هو. ان ۾ واپاري قافلا ٺاهيا ويندا هئا. انهن ۾ گهوڙا، ڏاند، اٺ ۽ گڏهه ڪتب آڻيندا هئا. قافلن سان گڏ چورن کي بچائڻ لاءِ ڪتا به ڪم ايندا هئا. ان دور ۾ هتي ٽن قسمن جا سڪا هلندا هئا. هڪ سونوسڪو نستڪه هو. ٻيو سونو سڪو سيڪسنا هو. هنن سونن سڪن تي ڳئون جي شڪل هوندي هئي ۽ سندن ملهه به ڳئون جيترو هوندو هو. ٽيون سڪو چاندي جو هو، جنهن کي نيون سڏيندا هئا. ( سنڌ ۾ جهاز راني جو فن - ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ – نئين زندگي سيپٽمبر 1971ع) آرين مان ڪيترائي ئي واپاري هجرت ڪري، لنڪا سيلون ويا، ۽ اتي بيٺڪون به وڌائون. اهو ئي سبب آهي جو پراڻي پراڪرت ٻولي جو سيلون جي نهالي ٻولي تي گهڻو ۽ گهاٽو اثر آهي. هن دور ۾ ٻاهريان تاجر به ڪثرت سان هت واپار لاءِ ايندا هئا. ڌاتن جو واپار فنيقيا وارا ڪندا هئا، جيڪي سون، چاندي، ٽامون ۽ شيهو ٻاهر نيندا هئا. ( تاريخ تمدن سنڌ – ص نمبر 67) عرب واپارين به سنڌ ۾ اچڻ شروع ڪيو. هو هتان جو مال شام ۽ وادي سينا تائين پهچائيندا هئا، جنهن مان کين ساليانو ٻن ڪروڙ روپين جو فائدو حاصل ٿيندو هو.
    هن دور ۾ روسي تاجر به سنڌ ۾ آيا، هو سلاويه مان نڪري بحر روم ۾ اچي، اتان بحر جرجان ( ڪسئپين ) ۾ ايندا هئا. اتان خشڪي رستي بغداد پهچندا هئا. هو ڪڏهن اسپين مان فرانس پوءِ سوسي الاقصى ( شمالي آفريڪا) اچي اتان طنج الجزائر تيونس ۽ طرابلس کان ٿي، مصر، شام، دمشق، ڪوفه، بغداد، اهواز، فارس، ڪرمان کان ٿيندا سنڌ ۾ ايندا هئا ۽ پوءِ هندستان ۽ چين ويندا هئا. ( عرب و هند ڪي تعلقات – سيد سليمان ندوي ص نمبر 230).



    آرين جي دور ۾ سنڌ جا تجارتي مرڪز ۽ بحري رستا


    (پ) ايرانين جو دور



    ايران جا پراڻي زماني کان سنڌ سان سياسي ۽ تجارتي ناتا هئا. ايران سنڌ جو پاڙيسري ملڪ هو ۽ اتي ايراني ايندا رهندا هئا.دارا هستاپس 519 ق م ۾ سنڌ کي فتح ڪري پنهنجي ايراني شهنشاهيت ۾ شامل ڪيو. ( سنڌ – مسلمانن جي فتح کان اڳ – لئمبرڪ ص نمبر 131) ان کان پوءِ سنڌ ۾ ايرانين جي آمد وڌي ويئي. 380 ق –م ۾ بهمن بن اسفنديار سنڌو ندي جي لوهاڻي شاخ تي بهمن آباد ۽ اقليم سنڌ جي ڪڇي صوبي ۾ قندابيل شهر ٺهرايا. فردوسي شاهنامي ۾ ڄاڻائي ٿو ته سنڌ جا هيٺيان ست راجا، ايران کي ڍل ڀريندا هئا. ڪابل، سنڌ، هند، ساندل، چند، ڪشمير ۽ ملتان، ساندل ۾ سيالڪوٽ، وزيرآباد، ابمن آباد، جهنگ ۽ منگها شهر هئا. هيروڊوٽس دارا جي پرڳڻن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” سنڌ اڻٽيهين ولايت آهي.“ سائرس اعظم 558 ق –م ۾ ۽ 530 ق – م ۾ بلخ تائين ملڪ فتح ڪيو هو. زينو خان جي بيان مان ظاهر آهي سائرس اعظم بابل کي فتح ڪرڻ کان پوءِ هندي وڏي سمنڊ تائين، رهندڙ قومن کي زير ڪيو. اهڙي طرح سمورو ڊيلٽا سندس قبضي ۾ اچي ويو. دارا سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي اميرالبحر سائيلاڪس کي سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جي سروي ڪرڻ لاءِ موڪليو. هن سنڌ ۾ اچي مهراڻ ۾ واپار جو معائنو ڪيو هو مهراڻ جي وهڪري ۽ هندي وڏي سمنڊ جي رستن کي معلوم ڪيو. هي پهريون جهازران هو، جنهن مهراڻ جي وهڪري کي اٽڪ کان سمنڊ تائين ڪاميابي سان معلوم ڪيو. ( مهراڻ تي جهازراني – مولائي شيدائي – مهراڻ سالگرهه نمبر 1961) هن جي رپورٽ کان پوءِ سنڌ ۾ واپار کي فروغ مليو.
    هن دور ۾ سنڌ واپار ۾ اڳي کان اڳري رهي . سنڌ جي مال جا قافلا ريشمي ڪپڙن، گرم مصالحن، عاج، سون ۽ خوشبودار شين سان ڀرجي ڏورانهن ڏينهن ويندا هئا. سبا جا سوداگر ڳاڙهي سمنڊ رستي مال، شام، مصر ۽ فنيقيا تائين پهچائيندا هئا. خشڪي رستي سنڌ جا قافلا براهه مڪران، اصطخر، اوفير ۽ مرند تائين ويندا هئا. هن دور ۾ سنڌو ندي تي پتڻ هئا. ڪشمير جو مال جنهن ۾ ريشم به هوندو هو ٻيڙين رستي سنڌ جي بندرن تي پهچندو هو. ( تاريخ تمدن – ص نمبر 92).
    ايرانين سنڌ جي واپار کي همٿايو. هنن واپار جي سهوليت لاءِ باقاعده سڪار جاري ڪيا. انهن سونن سڪن جو وزن 130 گرام هو، جنهن جي هڪڙي پاسي کان تير ڪمان جي شڪل ۽ ٻئي پاسي تي شهنشاهه جي تصوير نڪتل هئي. اهو سڪو سودريڪ سڏبو هو. دارا سنڌ لاءِ چوڪنڊا ۽ پنج ڪنڊا چاندي جا سڪا جاري ڪرايا هئا ته جيئن مغربي دنيا ۾ سندس واپار چالو رهي. هي سڪا بنارس کان وٺي اوفير تائين جاري هئا.
    هن دور ۾ واپارين کي حڪومت کان واپار ڪرڻ لاءِ لائسنس ملندا هئا. ايراني واپاري سنڌ ۾ ڪثرت سان اچڻ لڳا. ڇاڪاڻ ته ايراني نار جي بندرن سيراف، نيز، قيس ۽ ابلهه کي ويجهي هئڻ ڪري سنڌ واپار جو خاص هنڌ هئي. سمٿ لکي ٿو ته ” ست صديون ق –م، سنڌ جو واپار سنڌ جو ايراني نار رستي عراق سان هلندو هو. ايراني سوداگر سنڌو ندي جي ڊيلٽا وارن بندرن سان واپار ڪندا هئا. سنڌ ۾ ان وقت فولادي تلوارون،گنيڊي جون ڍالون ۽ شالون مشهور هيون جيڪي ايران ۾، شال ديبلي سڏبيون هيون. سنڌ ۾ ڀرت جو ڪم به اعلى معيار جو ٿيندو هو. دارا اول پنج سئو ق-م ۾ تاجپوشي واري سالگرهه جي موقعي تي سنڌ مان ڀرت ڀريل چوغو گهرايو هو. انهي چوغي تي اهڙي ڪاريگري سان نفيس ڀرت ڀريل هو جو دارا روم جي شهنشاهه ڏانهن جيڪي شاهي سوغاتون موڪليون، تن ۾ ساڳيو سنڌي ڀرت ڀريل چوغو به موڪليائين، جنهن کي اتي وڏي خوشي سان ڏٺو ويو. ( سنڌ جي طبي تاريخ – ج اول – نياز همايوني – ص نمبر 112).
    ان زماني ۾ سنڌ سون جو گهر هئي. هت گهڻي مقدار ۾۽ اعلى قسم جو سون ملندو هو. ايراني حڪمران جيڪي سڪا ٺهرايا تن ۾ نج سنڌي سون هو، جيڪو هو سنڌ مان نيندا هئا. هيروڊوٽس لکي ٿو ته ” سنڌي سون جي ٻوري جا ٽي سئو ٽئلينٽ ڏن طور ڏيندا هئا، جيڪي ذري گهٽ ڏهن لکن پائونڊن ( يعني تڏهوڪن ٻن ڪروڙن جي برابر ٿين ٿا.“ ( تاريخ سنڌ – مسلمان جي فتح کان اڳ – لئمبرڪ ص نمبر 230)ايلم ميڊيا ۽ بابل وارا سنڌ جي سون سان ڀريل هئا. ميڊيا جي تختگاهه ايڪباتانا ( همدان ) تي قبضي ڪرڻ وقت دارا کي سترهن لکن پائونڊن جو خالص سنڌي سون شاهي خزاني مان هٿ لڳو.( سنڌ جو تجارتي عروج – گل حسن لغاري – سه ماهي مهراڻ 1975/ 1).
    آمدني جي مال ۾ سنڌ ۾ ايراني سوداگر مصر مان شيشي جو سامان آڻيندا هئا. گرم مصالحا به سمنڊ رستي ملبار ۽ ايران کان هت ايندا هئا.


    (ز) سڪندري دور

    327 ق –م ۾ سنڌ تي سڪندر مقدوني ڪاهه ڪئ. سندس خاص مقصد هي هو ته ايشيا جي اڻ کٽ دولت ۽ واپار تي قبضو ڪجي. اهڙي طرح يورپ ۽ ايشيا جا واپاري ناتا مضبوط رهن، ۽ يوناني تهذيب، هنر ۽ زبان جو مشرق تي اثر رهي. اهڙي ارادي کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ هن پاڻ سان هنرمندن، تاجرن، مسترين ۽ فلاسفرن جي خاص جماعت گڏ آندي سندس حڪم سان مهراڻ جي ڪپن تي نوان شهر تعمير ڪيا ويا. سڪندر اچ، پٽالا، ڀنڀور ۽ سون مياڻي جي بندرن تي، جهازن جي سهولت لاءِ دڪا ٺهرايا. هن ملتان، بکر ۽ سيوهڻ ۾ سوٽي ڪپڙي جي منڊي لاءِ قلعا ٺهرايا ۽ هن دريائي سنڌ ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري جي پاسي سان رستا ٺهرايا ۽ سروي ڪرايو. ( روزانه جنگ 27- 8 – 1972ع) سڪندر معلوم ڪيو ته مهراڻ هڪ اهم تجارتي شاهراهه آهي، جنهن جي ذريعي دنيا جو مال ايراني نار ۽ ڳاڙهي سمنڊ رستي، يونان تائين آساني سان پهچي سگهندو. هو پٽالا کان مهراڻ جي اوڀر واري شاخ ذريعي لکپٽ پهتو. ايراني نار تي سندس اڳئي قبضو هو. هن نيل جي ڊيلٽا تي جيڪو اسڪندريه بندر ٺهرايو ان ايڏو ته زور ورتو جو ايشيا وچ آفريڪا ۽ يورپ جو مال سنڌ ۾ اچڻ لڳو. چين، هند مائو النهر ۽ سنڌ جو مال، خشڪي رستن تدمر پهتو جتان اسڪندريه جي معرفت ايشيا ڪوچڪ يونان ۽ مغرب تائين واپاري راهه کلي پيئي. ان دور ۾ سنڌ ۾ مصري ۽ فينقي واپاري به عام هئا. يوناني جهازران هندي وڏي سمنڊ تي برنائيس بندر ٺهرايو جتي يمن جي عربن جا جهاز سنڌ ۽ هند جو مال پهچائڻ لڳا. استرابو، جيڪو 25 ق – م ۾ مصر ۾ موجود هو، تنهن جي ڏينهن ۾ سنڌ جو واپار سڌو سنئون مصر سان هلندو هو. ساليانو 120 جهاز ڳاڙهي سمنڊ جي ميور ۽ هر موز بندر کان مڪران جي ڪناري مهراڻ جي ڊيلٽا ڏانهن ويندا هئا. پليني روما ڏانهن ويندڙ خشڪي قافلن جي قيمت 20،000،000 لک پائونڊ سالياني لکي آهي. ( مهراڻ تي جهازراني – مهراڻ سالگرهه نمبر 1960ع) هتان ساليانو ويهن لکن پائونڊن جو سنهو ڪپڙو، عطر، مصالحه، ريشم، خوشبودار شيون، سچا موتي ۽ جواهرات وڃڻ لڳا. مڇي به مختلف قسمن جي ٻاهرويندي هئي. واپار جي ترقي لاءِ سڪندر شڪا به رائج ڪيا. اهي ٽڪنڊا، چوڪنڊا ۽گول هئا.
    ان دور ۾ به رستا هئا. خشڪي جو هڪڙو رستو هرات کان ويندو هو ۽ ٻيو مڪران جي ڪناري کان ويندو هو. سنڌ جو واپار ڀنڀور کان خشڪي رستي، ڪيچ جي هوت بلوچن جي قافلي تي قلات، ميلوا، قنڌار، همدان، سيتان، خراسان، ڪرمان، فنارس، چين، سيلون، ڪشمير، بابل، مصر وغيره سان هلندو هو. قافلا گهڻو ڪري رات جو سفر ڪندا هئا ۽ تارن وسيلي وقت خواه رستو معلوم ڪندا هئا. سندن قافلا مختلف ملڪن ۽ شهرن مان مختلف شيون مثلاً کٿوري، شيراز جو عطر ۽ شراب، کجور، جابلو جڙي ٻوٽيون، سيتان جو اطلس، خراسان جاخشڪ تازا ميوا،قلات جون ڪلابتون ۽ سچا موتي، ڪرمان جا ريشمي ڪپڙا، چمڙي جو سامان، ڀنڀور ديول ۽ سانگر ۾ وڪڻي هتان جون قيمتي شيون جيئن ته سوٽي ۽ سنهي ململ، ريشمي ۽ اوني ڪپڙو، ايلاچيون، خوشبودار مصالحه، نير، لاک، جواهرات، ياقوت، الماس، عنبر، عاج، عمارتي ڪاٺ ۽ سون کڻي ٻين ملڪن ۾ وڪرو ڪرڻ ويندا هئا. ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي ص نمبر 115) ان دور ۾ هتان هڪ سنڱو گينڊو مصر ويندو هو. اسٽرابو مصر ۾ 9 فٽ ڊگهو نانگ ڏٺو، جيڪو سنڌ مان اتي ويو. ماکي به سنڌ مان اتي ويئي جنهن لاءِ استرابو لکي ٿو ته ” اها سنڌ ۾ ماکي جي مک کانسواءِ پئدا ٿيندي هئي. “ پلٽي دي ايلڊر لکي ٿو ته ” سون جي سڪن جو وڏو تعداد سنڌ موڪليو ويندو هو جتان روم لاءِ مصالحا ۽ ڪيئين نفيس شيون موڪليون وينديون هيون. هتان هيرا، جواهر، سنگ مرمر جو سامان، سليماني پٿر، عقيق احمر، فيروزه، ياقوت، ڪودهل، سچو بلور، نيلم، دوڌيو پٿر روم ويندا هئا. اهي پٿر افغانستان ۽ سوات مان ايندا هئا ۽ سنڌ جي ڀنڀور بندر کان ٻاهر ويندا هئا. هتان عطر، عنبير، مشڪ، کاڌي لاءِ ڪي هندستاني چانور، جسم کي لڳائڻ جون دوائون، هندستاني طوطا، ڀولا، شينهن ۽ چيتا به روم ويا. جن مان ڪي خشڪي رستي به روانا ڪيا ويا. چيني ٿٻيٽي ۽ چيني ترڪستاني جانورن جو پشمي کلون سنڌ جي بندر ڀنڀور تان روم ويون. گينڊي جا سڱ، کل، هاٿين جو عاج ۽ دريائي گهوڙا به هتان ويا. سپ، سڱ ٻڌيا، مصالحا دوائون، سرڪي جو گاهه، کوئنر، نير، لائيسم ( جيڪو پيلي رنگ جو هو ۽ خوبصورتي لاءِ منهن کي لڳائبو هو) اٺن ۽ گينڊن جون کلون، کنڊ، جوئر ۽ ٻاجهري روم ويندي هئي. ڪجهه معدني شيون ۽ قيمتي پٿر صبمان ڪي تاتار، ٿٻيٽ، چين، بدخشان ۽ هندوڪش مان ڀنڀور، سنڌو درياءِ رستي ايندا هئا سي هتان روم ويندا هئا. پتل، شيهو، ٽامو، سلاجيت، شراب، سنکيو، سندور، قلعي، سون، چاندي ۽ هڪ پاڻياٺ جهڙي شئي ( جيڪا دوائن لاءِ ڪم ايندي هئي، هتان يونان وينديون هيون. روم سنڌ مان ايترو ته مال خريد ڪندو هو جو اهو سنڌ کي هر سال 55000000 لک سير ٽن سون جي صورت ۾ سنڌ کي ڏيندو هو، جنهن مان گهڻو حصو ڀنڀور، ڀڙوچ ۽ ملبار بندرن تي ڪم ايندو هو ( محمد حسين پنهور – سه ماهي مهراڻ – 1981/1). ان دور ۾ سنڌ مان ڪپهه به يونان ويندي هئي. هيروڊوٽس لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ هڪڙو وڻ ٿئي ٿو جنهن مان ريشم نڪري ٿو“ هيروڊوٽس جو اهو ريشم سنڌ جي ڪپهه هئي، جيڪا هت تمام گهڻي انداز ۾ ٿيندي هئي. ان دور ۾ سنڌين وٽ علم هو ۽ هت ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا ويندا هئا. فلادلف بطليموس اسڪندريه ۾ جڏهن ڪتب خانو تعمير ڪرايو تڏهن سندس گماتشا سنڌ مان ڪتاب به خريد ڪندا هئا. هن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌين وٽ علم هو جن کان متمدن قومون ڪتاب خريد ڪنديون هيون. يعني ڪتاب به برآمدي واپار جي قيمتي جنس هئي. ( مولائي شيدائي – روزانه مهراڻ سالگرهه نمبر 1960ع) بعد ۾ يونان علمي دنيا ۾ جيڪا ترقي ڪئي سا سنڌ جي ئي ڪتابي ذخيري مان حاصل ڪيل تعليم جي روشني ۾ ڪئي. عيسوي صدي جي وچ ڌاري، هپالوس پهريون يوناني جهازران هو، جنهن مانسوني هوائن معلوم ڪرڻ کان پوءِ باب المندب جي منهن واري سنفوطري ٻيٽ کان، ملبار تائين سامونڊي رستو ڳولي ڪڍيو. تنهن کان پوءِ يهودي واپارين سالسيٽ ( بمبئي) ۾ بيٺڪون وڌيون ۽ رومن سڌو سنئون دکن سان سمنڊ رستي واپار ڪرڻ لڳا. 320ع ۾ جڏهن قسطنطنيه جو بنياد پيو، تڏهن مهراڻ جي ماٿري جا قافلا، سڌو ايشياڪو چڪه ڏانهن وڃڻ لڳا. انهن قافلن ۽ ايراني نار جي واپار ڪري، پٽيرا جيڪو عقبه جي ناري جي ويجهو ۽ شام ۽ حجاز ڏانهن ويندڙ رستي تي هو، واپار جو مرڪز هو. ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي ص نمبر 116) .
    هن زماني ۾ بحري واپار به عروج تي هو. سنڌي دريائي ٻيڙا،سڪندر جي ٻيڙين کان وڌيڪ ڦڙٽ ۽ طاقتور هئا ۽ اهي عربي سمنڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان واقف هئا.( ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ – نئين زندگي 1971ع) . 119 ق م سنڌ ۾ مصر مان جهاز ڳاڙهي سمنڊ جي رستي، عندن کان عربستان جو ڪنارو وٺي، بحرين ايندا هئا. اتي ايراني نار کي پار ڪري، مڪران جو ڪنارو وٺي سنڌ جي شهر ڀنڀور ۾ ايندا هئا، جتي نه صرف اتر اولهه برصغير پر چين، ٿٻيٽ ۽ وچ ايشيا جو مال پڻ سمنڊ رستي پهچندو هو. 100 ق – م ۾ هئپلس جيڪو يوڊڪسنر جي جهاز جو ڪپتان هو سو واپاري قافلي سان مصر کان هندوستان آيو سو لکي ٿوته ” چئو ماسي جو فائدو وٺي، اونهاري جو عدن کان سنڌ، گجرات ۽ ملبار ڪناري تي اچبو هو، 20 ق – م کان 50 ق – م تائين يوناني جهاز عدن مان سڌو ڀنڀور ايندا هئا. اسٽرابو لکي ٿو ته ” آگسٽس جي دور تائين، مصر جا جهاز باب العرب تائين پهچندا هئا. پر سندس هٿان 25 ق –م ۾ عدن جي تباهي ۽ عرب قبيلن جي حاوي ٿيڻ کان پوءِ، مصر جا يوناني ۽ رومن جهاز، عربي سمنڊ ۾ اچڻ لڳا.“ اسٽرابو تجارتي رستا بيان ڪندي لکي ٿو ته” سنڌ مان مال عدن تائين ويندو هو، جتان عرب قافلن رستي اهو مال مصر ۽ ڀونچ سمنڊ جي ڏاکڻين ڪناري تائين پهچندو هو.“ (مولائي شيدائي- روزانه مهراڻ سالگرهه نمبر 1960ع)


    (د) موريه گهراڻي جو دور

    سڪندر جي موٽ ۽ موت کان پوءِ، بهار جي موريا گهراڻي جي نامور راجا چندر گپت، سنڌ مان يونانين کي ڊوڙائي ڪڍيو ۽ ان کي پنهنجي حڪومت هيٺ آندو. موريه گهراڻي سڄي اتر هندستان، گجرات ۽ سنڌ سميت هڪ وسيع سلطنت تي راڄ ڪيو. ( ولي محمد طاهر زادو – نئين زندگي سنڌ نمبر 1970ع).
    هن دور ۾ سنڌ جو واپار اڳي کان اڳرو رهيو. رستن تي امن امان هئڻ ڪري، خشڪي جي واپار جا قافلا مشرق قريب جي شهرن تدمو ۽ پترا تائين وڃڻ لڳا، جتان سڪندرونه ۽ اسڪندريه جي بندرن تان يورپ ڏانهن مال وڃڻ لڳو. سنڌ مغربي دنيا لاءِ خشڪي توڙي سامونڊي رستي ويجهي مارڪيٽ هئي، جتي چين، وچ ايشيا، ڪشمير، هندستان، دکن، ملبار ۽ سيلون جون شيون، غير ملڪن جا واپاري خريد ڪري برآمد ڪندا هئا. مهراڻ جي بندرن تان ريشم ۽ چوپايو مال، اڀرندي ۾ ڀڙوچ، سورت سالسيت ويندو هو. الهندي ۾ مصر جي ڳاڙهي سمنڊ وارن بندرن مائوس، هر موس ۽ برنيس تائين ويندو هو. مٿيان نوان بندر، مصر جي بطليموس بادشاهن ٺهرايا هئا. ان دور ۾ ساليانو هڪ سئو ويهه جهاز، سنڌ جي ڊيلٽا وارن بندرن کان مصر ويندا هئا.
    هن دور ۾ سنڌ جا واپاري سمنڊ رستي واپار ڪرڻ ۾ مهارت رکندا هئا. مهراڻ تي جهاز راني زور ورتو. سنڌ جا بهادر ميد، مصر جي بندرن سان جهازراني ڪندا هئا. مشهور ڊچ محقق علام ڊي گوئجي لکيو آهي ته” سنڌي ميد، ايشيا جا بهترين ملاح آهن. جڏهن سياري ۾ اتر جون هوائون لڳنديون هيون ۽ سمنڊ ماڻيٺو ٿي پوندو هو، تڏهن سنڌي سڙهه سانباهي سفر ڪندا هئا. ( مولائي شيدائي – روزانه مهراڻ – سالگرهه نمبر 1960ع).
    هن دور ۾ سنڌ ۾ ڪپڙي ٺاهڻ جا ڪارخانا هئا، جتي بي واهه عورتون ۽ غريب ماڻهو اچي، مزدوري ڪندا هئا. سنڌ جي ڪپهه پشم کان به وڌيڪ نرم هئي، جنهن مان ڪپڙو ٺاهيو ويندو هو. هتان مور، ايران ۽ يونان موڪليا ويا. ان دور ۾ پليني جي لکڻ موجب سنڌ ۾ هيرا ۽ لعل به هوندا هئا. مئگسٿنيز هت سون جي کاڻين هجڻ جو به ذڪر ڪيو آهي. سنڌجي مصري تمام مشهور هئي، جيڪا بلور وانگر شفاف ۽ چٻاڙڻ سان انجيرن ۽ ماکي کان به وڌيڪ هئي. هت ماکي به جام ٿيندي هئي، جيڪا مصري سان گڏ ٻاهر موڪلي ويندي هئي.


    (ش) ٻڌ دور

    3 سئو ق – م تائي سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم ۽ جين جو زمانو هو. اشوڪ راجا، ڀرتري ۽ هرشچندر جي دور ۾ سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم زور ورتو، جنهن جا سنڌ تي ڳوڙها تهذيبي اثر پيا ۽ سنڌي ٻولي تي به پالي ٻولي جو اثر پيو. ( ولي محمد طاهر زادو – نئين زندگي سنڌ نمبر 91).
    هن دور ۾ ڇوٿ ڇاٿ جي طلسم ٽٽڻ ۽ برهمڻ جي اقتدار گهٽجڻ ڪري هنر زراعت ۽ واپار وڏي ترقي ڪئي. ملتان اروڙ، شيوي پورا ۽مينا نگر شهر مشهور هئا. هٿ جو هنر اوج تي هو. ڀاماڪارا جنڊيءَ جو ڪم ڪندا هئا. چمڙي رڱڻ جو ڪم به ٿيندو هو. ڪاريگرن جو وڏو قدر هو، سندس دڪانن تي ماڻهن جو هجوم هوندو هو. ڪهاڙيون، پاڪيون، هر، ڪوڏرون، وڍڪٽ جو سامان ۽ سئي به ٺهندي هئي. هت واپار گهڻو هلندو هو. ان وقت ٽن قسمن جا واپاري هئا. پهريون مها وڻجارا يعني وڏا واپاري (ب) وڻجارا يعني عام واپاري (ث) ڪوتا يعني وڻج واپار ۾ ڀائيوار. هنر مندن جو ٺهيل مال، سيٺيون خريد ڪندا هئا ۽ ڪاريگرن کي پيشگي رقم ڏيندا هئا، پوري وقت تي مال ڏيڻ لاءِ ڪاريگر ٻڌل هئا. هرهڪ مها سيٺي وٽ، 5 سئو ننڊيون سيٺيون، ڪاروبار هلائڻ لاءِ رهندا هئا. شهرن ۾ جدا جدا بازارون هونديون هيون. بازار کي ٿاڻو سڏبو هو. انهن بازارن ۾ نيروٽين، ڪورين ۽ چوڙين جو بازارون به هيون ( تاريخ تمدن – ص نمبر 82) . سمورو ڪاروبار ايمانداري سان ٿيندو هو. ان زماني ۾ مال جي ويمي ڪرائڻ جو رواج هو. جيڪڏهن ڪنهن سوداگر جي مال کي، سمنڊ تي نقصان پهچندو هو ته جهازران رقم ڀري ڏيندو هو. بندرن تي مال پهچڻ شرط، واپاري اچي واڪ ڏيندو هو. سنڌي واپاري ۽ ٻاهرين واپارين جو سمورو ڪاروبار ترجمانن ذريعي هلندو هو. شٽي ۽ مال کي رجسٽرڊ ڪبو هو.
    ان دور ۾ سنڌ جا ٻاهرين دنيا سان سٺا تعلقات هئا. هتان جي حاڪم آسوڪا، ٻڌ ڌرم جي تبليغ لاءِ پنهنجا سفير مقدونيا، شام، مصر، طرابلس ۽ الغرب موڪليا ۽ اتان جي بادشاهن سان سٺا ناتا قائم ڪيا. ان ڪري سنڌ جي پرڏيهي واپار کي وسعت ملي. سنڌ جو واپار ٻن رستن سان ٿيندو هو. خشڪي رستي، جيڪي قافلا ويندا هئا، تن کي سٿارٿا چئبو هو. ۽ قافلي جي اڳواڻ کي ” ٿلا تيا مڪا“ چوندا هئا. هر قافلي سان حفاظت لاءِ جٿا هوندا هئا. رستا ڪچا هئا جيڪي مينهن پوڻ ڪري خراب ٿي پوندا هئا. قافلا گهڻو ڪري رات جو مسافري ڪندا هئا ۽ تارن وسيلي وقت ۽ طرف معلوم ڪندا هئا. هتان جي مال جا قافلا گنڌارا تائين ويندا هئا. اهو رستو وچ ايشيا تائين ويندو هو، جو ٽيڪسيلا کان لنگهندو هو. قافن کي، دريائن جي پتڻ ( جن کي گهاٽڪا چئبو هو) تان لنگهڻ وقت ٽئڪس ڀرڻي پوندي هئي. انهن پتڻن تي وڏيون بازارون هونديون هيون ۽ قافلن جي سهولت خاطر، اتي گوشت ۽ کاڌي پيتي جو هرڪو سامان ملندو هو ۽ شين جي مٽا سٽا به اتي ٿيندي هئي. ٻيو سامونڊي رستو هو. سنڌ جي ڊيلٽا وارن شهرن پتالا، مينانگر ۽ ڀنڀور جي بندرن کان نير،لاک، سوٽي ڪپڙو، مصالحه ۽ خوشبودار شيون، فنيقي واپاري حريد ڪري اشور، مصر ۽ يونان تائين نيڪال ڪندا هئا. اهي جهازران ايراني نار ۽ مڪران جو ڪنارو ڏيئي، سنڌ مٿين بندرن تي لنگرانداز ٿيندا هئا. ان کان سواءِ، سنڌ جي ٻن مشهور بندرن سوپارڪا ۽ چيمور کان مال ڪپهه سميت سمنڊ رستي ڏيساورن ڏانهن ويندو هو. الهندي ايشيا جا واپاري گجرات مان سچا موتي خريد ڪندا هئا.ڪشمير چينائي ترڪستان ۾ وچ ايشيا جو مال، سنڌو دريا رستي ڀنڀور پهچندو هو ۽ هتان اهو غورابن ۾ چڙهي ڀڙوچڪار ڀڙ وچ ويندو هو ۽ اتان راجپوتانا لتاڙي اوفير ۽ يمن جي بندرن کان شام ۽ مصر تائين ويندو هو. واپارين کي ڀنڀور ۾ ڪسٽم ڊيوٽي ڏيڻي پوندي هئي. بنارس ( مگدهه) ۽ انواتي ( مالوهه) جون تجارتي شيون جهڙوڪ ريشم، سوٽي ڪپڙو، ويڪٽ جا اوزار، هٿيار، جڙي ٻوٽيون، عاج منا جڙيل شيون، جواهرات، سون، گنڌارا جي تختگاهه ٽئڪسلا کان ايران، ايشيا ڪوچڪ ۽ نينوا ڏانهن ويندا هئا. مينانگر کان ڪپهه ۽ لاک ڀڙوچ ويندي هئي. فنيقيا جو سوداگر، آئيونين ٻيٽن کان گندرف ۽ سڪو ميوو آڻيندا هئا. هندي واپاري انهن ٻيٽن کي ڀاونا چوندا هئا. سنڌ مان گهوڙا ۽ گڏهه هندستان جي پرڳڻن ڏانهن ويندا هئا. سنڌ جي مختلف شهر ن ۾ ٻاهرين غلامن ۽ هٿيارن جو وڪرو به عام هو.
    هن دور ۾ سنڌ ۾ سڪا به هئا. جيڪي ٻين قسمن جا هئا. پهريون سونا سڪا هئا جيڪي يورنا ۽ نشڪا نالن سان هئا ٻيو پتل ۽ ٽامي جا سڪا هئا جنجا نالا سووانا، ڪماسا، پادماسا ۽ ڪاڪيشيا هئا. سڪن ۾ ڪوڏين کي به دخل هو، جيڪي ناڻي جي صورت ۾ هلنديون هيون. ( مولائي شيدائي – تاريخ تمدن سنڌ ص نمبر 84).


    (ز) راءِ ۽ برهمڻ گهراڻي جو دور

    هن قوم جي راءِ گهراڻي سنڌ ۾، پنجين صدي عيسوي ۾ اقتدار ورتو، جنهن ڪوشش ڪري ٻڌ ڌرم جو زور توڙيو. راءِ گهراڻي جي راءِ سهاسي، ٻئي جي زماني ۾، ڄچ بن سيلاج نالي سندس هڪ برهمڻ ملازم زور ورتو ۽ نيٺ حڪومت تي قبضو ڪري ويهو رهيو ۽ اهڙي طرح سنڌ ۾ برهمڻ گهراڻي جو بنياد پيو، جيڪو 711ع تائين هليو ۽ ان کان پوءِ عربن سنڌ تي قبضو ڪيو. هن دور ۾ سنڌ ۾ واپار وڏي ترقي ڪئي. واپار جي شين جي قيمت، وڪري ۽ گشتي واپارين کان محصول اڳاڙڻ لاءِ سرڪاري علمدار مقرر هئا. شهرن جي دروازن کان ٻاهر نڪرڻ وقت، واپارين کي محصول ڀرڻو پوندو هو. بندرن ۽ سرحدن تي مال جي رقم جو پنجون ڍل طور ڏيڻو پوندو هو. شهرن جي عالم پناهه جي دروازن مٿان، بندرن تي خاص برج جڙيل هئا، جتي هڪڙو خاص سرڪاري علمدار محصول ۽ گمرگ اڳاڙيندو هو. سرشٿين ( وڏين سيٺين) کي واپار ڪرڻ لاءِ، سرڪاري سندون مليل هيون. ڌارين ملڪن جا واپاري، جيڪي پروانا ۽ راهداري پيش نه ڪري سگهندا هئا تن کي سزا ملندي هئي. سرڪاري علمدارن وٽ، باقاعده هڪ رجسٽر هوندو هو، جنهن ۾ درج هوندو هو ته واپاري ڪهڙي شهر کان آيو آهي، وٽس ڪهڙو مال آهي ۽ پروانو يا راهداري اٿس يا نه، واپاري علمدارن کي، سموري مال جي رقم ٻڌائيندو هو، ان کان پوءِ مال نيلام ٿيندو هو. وڌيڪ نفع خورن کي سخت سزائون ملنديون هيون. رستن ۽ چوڪين تي سرڪاري جلوس بيهاريل هئا، جيڪي واپارين جي نقل وحرڪت کان سرڪار کي مطلع ڪندا هئا.هر هڪ شهر ۾ محتسب ضروري شين جا اگهه مقرر ڪندو هو ۽ ان بابت روزانو سرڪار پاران پڌرائي ٿيندي هئي. آمدي خواهه روانگي ٻنهي شين تي محصول هوندو هو. ڪن پيداوارين جي آمدني تي بندش هئي. کاڻين جي اپت، ڪارخانن ۽ جيل خانن جي جڙيل شين، جهنگن جي پئداوار جو واپار حڪومت پاڻ ڪندي هئي. حڪومت جي هر هڪ حصي ۾، گدام جڙيل هوندا هئا جن ۾ سرڪار مال گڏ ڪري رکندي هئي ۽ اهو سنڌس ايجينٽن جي معرفت نيڪال ٿيندو هو. جيڪو ڪچو مال پهچائيندا هئا. (مولائي شيدائي – تاريخ تمدن سنڌ ص نمبر 84)
    راءِ دور ۾ خشڪي رستا ٻن قسمن جا هئا. پهريون هو راجا پاٿا، جتان شاهي سواري ۽ لشڪر لگهندو هو. ٻيو پانڪپاٿا رستو هو، جيڪو عام واپار لاءِ کليل هو. برهمڻ جي دور ۾، رستا پڪا هوندا هئا، جيڪي حڪومت تعمير ڪرائيندي هئي، جيڪو ڪم هاڻوڪي پبلڪ ورڪس کاتي وانگر، علمدارن جي نگراني هيٺ ڪم هلندو هو. ( ميلن تي پٿرن جا نشان لڳل هئا. هڪ شاهي رستو خيبر کان سڌو پتالپور ( پاٽنا) تائين ويندو هو، جتان گنا ندي ذريعي، ٻيڙين تي مال بنگال جي اپسنڊ ڏانهن ويندو هو. اٽڪ کان مهراڻ رستي، مال سنڌ پهچندو هو. ٻيلن کي صاف ڪري رستا ٺاهيا ويندا هئا. ُ(مولائي شيدائي – تاريخ تمدن سنڌ ص نمبر 84)
    سنڌ آمدني ۽ روانگي مال ۾ مشهور هئي. سون ۽ چاندي جي ٿانون ۽ جواهرن جو ساري هندستان ۾ واپار هلندوهو. سچا موتي ڪارمنڊل ۽ سيلون کان ايندا هئا. خوشبودار مصالحا ۽ ريشم، چين کان ڪشمير رستي ۽ سوٽي ملمون ۽ خوشبودار شيون، سنڌ جي بندرن کان ٻاهر وينديون هيون. بلغ جي يوناني حڪومت ڪري وچ ايشيا جو مال ۽ بجيره خزر پار ملڪن جو مال جهڙوڪ وونگا جو چمڙو ۽ قالين سنڌ ۾ ايندا هئا، سنڌ ايراني نار ۽ عمان کي ويجهو هئي. ايراني نار جي بندرن ابلهه، سيراف، قيس، تير، ۽ سوهر جي بندرن سان ديبل ۽ ڀنڀور جا بندر لاڳاپيل هئا. چين جا جهاز به هت ايندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سنڌ گهوڙن جي واپار ۾ مشهور هئي . ريشم جو واپار، مشرقي بيرانطوم سلطنت سان ٿيندو هو. ( مولائي شيدائي – روزانه مهراڻ سالگرهه نمبر 1960ع)


    (ض) تجارتي مرڪز



    پراڻي زماني کان سنڌ جا ڪيترائي اهڙا شهر هئا جيڪي صنعت، حرفت ۽ تجارت جا مرڪز هئا. ضروري آهي ته انهن شهرن جو هت ذڪر ڪيو وڃي.

    ( الف) ميلوها
    هي سنڌ جو تمام پراڻو شهر هو، جنهن جو سميريا جي قديم تحريرن ۾ ذڪر ملي ٿو. 24 ق – م، سارگن بادشاهه وڏي فخر سان اعلان ڪري ٿو ته ” ميلوها مڪن ۽ دلمن کان آيل يا اوڏانهن وڃڻ وارا سامونڊي جهاز، سندس گادي واري شهر اگيد جي ٻاهرين واقع بندرگاهه ۾ لنگر انداز آهن.“
    ( تاريخ سنڌ – مسلمانن جي فتح کان اڳ – لئمبرڪ – ص نمبر 47) ڊبليو – ايف ليمانس لکي ٿو ته ” ميلوها کان جو تجارتي سامان ٻاهرين ملڪن طرف روانو ڪيو ويندو هو، ان جي بهترين مشاهبت هڙپا ۽ ٻين هندوستاني شهر جي مال سان ڪري سگهجي ٿي. ( اسڪوپارپولا – سنڌ صدين کان – ص نمبر 127)اسڪوپارپولي جو چوڻ آهي ته ” ميلوها ئي سنڌو تهذيب آهي.“ (اسڪوپارپولا – سنڌ صدين کان – ص نمبر 127) لئمبرڪ لکي ٿو ته ” ميلوها هيٺئين سنڌو ملڪ يعنى سنڌ سان تعلق رکي ٿو. هتان جا ماڻهو ڊگهي قد وارا ۽ رنگ جا ڪارا هئا.“ ( سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ – لئمبرڪ – ص نمبر 93)
    ميلوها جي 21 صدي ق – م ڌاري هڪ ڪالوني آباد هئي. هتان جا ماڻهو سمير ۾ ايتري قدر آباد ٿيا جو سندن رهڻي ڪهڻي ۽ تهذيب پڻ سمير جي رهاڪن جهڙي ٿي ويل هئي. ( اسڪوپارپولا – سنڌ صدين کان – ص نمبر 162)

    (ب) صور
    صور هڪ سامونڊي ٻيٽ هو، جنهن کي خدا جو باغ عدن چئبوهو. اهو ٻيٽ موجوده گاسڪر وارن قديم ٻيٽن سان تعلق رکندڙ هو، جو پوءِ سمنڊ ۾ غرق ٿيل آهي. ڪن صاحبن جو چوڻ آهي ته باغ عدن جي نالي سان، ڏکڻ آفريڪا ۾ شهر آهي، جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته پوءِ صور نالي وارو سامونڊي ٻيٽ، سنڌ نالي واري ٻيٽن ۾ شمار ٿيل موجوده بحر هند جو مشهور واپاري مرڪزي ٻيٽ هو. “ ( آئينه قديم سنڌ – شمس الدين قريشي – ص نمبر 42)

    صور ۽ سندس ۽ سندس بيهڪ



    تورات جي ڪتاب 2، تاريخ جي باب 9 فقره 21 ۾ ذڪر ٿيل آهي ته” سليمان بادشاهه وٽ جهاز هئا، جي صور جي بادشاهه حورام جي نوڪرن سان ترسيس ويندا هئا. ترسيس جا جهاز ٽن سالن ۾ هڪڙو ڀيرو سون، چاندي، هاٿي جا ڏند، باندر ۽ مور کڻي ايندا هئا.“ ڪتاب خزقي ايل جي باب 27 ۾ لکيل آهي ته ” اي صور جو سمنڊ ۾ آهي، گهڻن بحري ملڪن لاءِ تجارتگاهه آهي. سمنڊن جا سڀ جهاز ۽ انهن جا ملاح تو ۾ حاضر رهيا ٿي، انهيءَ لاءِ تجارت جو ڪم ڏين. فارس، لود ۽ فوط جا ماڻهو تنهنجي لشڪر جا جنگي بهادر هئا، جن تو ۾ سپر وانگر پاڻ لٽڪائي توکي رونق بخشي. ياوان توبل مسڪ وارا تنهنجا واپاري هئا. جي تنهنجي بازارن ۾ غلام ۽ پتل جي ٿانون جي سوداگري ڪنداهئا. اهل تجرما تنهنجي بازارن ۾، گهوڙن، جنگي گهوڙن ۽ خچرن جي تجارت ٿي ڪئي. ڪيترائي بحري ملڪن وارا تجارت لاءِ تنهنجي اختيار ۾ هئا. جي عاج ۽ آبنوس تبادله لاءِ تو وٽ آڻيندا هئا. آرامي تنهنجي دست ڪاري جي ڪثرت سبب توسان واپار ٿي ڪيو. گوهر شب چراغ ارغوني رنگ چمڪدوزي ڪتان، مرنگا ۽ لعل آڻي توسان خريد وفروخت ڪندا هئا. يهودا ۽ اسرائيل جا ملڪ تنهنجا تاجر هئا، جي ڪڻڪ، گيهه ۽ ماکي آڻي توسان واپار ڪندا هئا. اهل دمشق، تنهنجي دست ڪاري جي ڪثرت
    سبب ۽ قسم قسم جي مال، جي واپار کان، صبلون جو شراب ۽ سفيد ان آڻي تنهنجي هٿ وس هئا. هو ڇيلا دنبا، اوزال مان رڪ ۽ آبدار فولاد آڻي، تنهنجي بازارن ۾ وڪيو ٿي. عرب ۽ قيدار جا سڀ امير تجارت جي راهه ۾، تنهنجي هٿ وس هئا. هو ڇيلا، دنبا ۽ ٻڪريون آڻي تو سان تجارت ڪندا هئا.سبا ۽ رعما جا سوداگر توسان، سوداگري ڪندا هئا. هو هر قسم جو نفيس مصالح ۽ هر قسم جا قيمتي پٿر ۽ سون تنهنجي بازارن ۾ آڻيندا ۽ خريد فروخت ڪندا هئا. حران، ڪنته، عدن ۽ سبا جا سوداگر اسور ۽ ڪلمد جا باشندا، لاج وردي ڪپڙا، ڪيمخواب ۽ ٻيون نفيس پوشاڪون، ديودار مان ٺهيل پيتين ۾ بند ڪري وڪڻڻ لاءِ آڻين ٿا. جڏهن تنهنجو واپاري سامان سمنڊ مان ويندو هو، تڏهن توکان گهڻيون قومون مالا مال ٿينديون هيون.تون پنهنجي دولت ۽ ڪثرت واپار جي ڪري روءِ زمين جي بادشاهن کي دولتمند ڪندڙ هئي.“ ( بحواله تاريخ آئينه قديم سنڌ – ص نمبر 33)

    (ث) آرين جا شهر
    آرين سنڌ ۾ اچڻ سان ڪيترائي نوان شهر سنڌو درياءَ جي ڪپ تي ٺهرايا. انهن شهرن کي سمگراهنا ۽ بندرن کي پتنا چئبو هو. انهن ۾ ننڍا ننڍا شهر، ڪامپيلا، سروستي، ڪبلو، متو، ڪوسي ننگرا، مثيلا، راجگريه، ڪاسبي ۽ ڪسامبي اهڙا شهر هئا جيڪي آرين اچڻ سان تعمير ڪرايا.( تاريخ تمدن سنڌ – ص نمبر 105)ان کان سواءِ ڪي وڏا وڏا تجارتي مرڪز به هئا، جن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

    ڪسد ڪياپورا
    هي خاص تجارتي مرڪز هو. هن کي هاڻي ملتان چئجي ٿو.

    اچ
    هي شهر يا ڌيوان آرين جو تختگاهه هو. هن جي زمين مٿانهين هئي، ان ڪري ان کي اچ سڏبو هو. مهاڀارت ۾ هن شهر کي سڪلندهه چيو ويو آهي، هندو راڻن جي زماني ۾ هي 7 وڏن قلعن مان هڪ هو. هن ڀاڱي ۾ ڪنهن زماني ۾ وڏي حڪومت هئي، جنهن جو حدون موجوده سنڌ جي اٻاوڙي، گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلي تائين پکڙيل هيون ( آئينه قديم سنڌ – نمبر 202)

    چتر
    هي به آرين ٺهرايو هو. هت ڪپهه جي پوک تمام گهڻي ٿيندي هئي.

    سيوستان
    هي شهر آرين ٺهرايو هو. رگ ويد ۾ آهي ته آرين مان ڪي، پنهنجي ڏاڏي شوي جي نالي سان سڏبا هئا. انهن شوي آرين سيوهڻ شهر جو پايو وڌو، جيڪو اصل ۾ شوستان هو. ( سنڌ جا قديم تختگاهه – محبوب علي چنا – نئين زندگي سنڌ نمبر 1970ع) هي شهر ان وقت ۾ آريه حڪومت جو تختگاهه هو. هن سيوهڻ، ٻڌيه، جنگان رونجهان،ڪوپاهه ۽ مڪران تائين علائقو اچي ٿي ويو. هي پراڻي زماني ۾ سنڌ جو خاص تجارتي مرڪز هو. سڪندر جي دور ۾، هي وڏو شهر هو، جنهن کي يونانين سنڊومان لکيو آهي ۽ هتان جو راجا سوبنوس هو. 1515ق – م ڌاري، دارا گشتاسپ، سنڌ ڏانهن جيڪا مهم موڪلي هئي، سا به سيوهڻ به آئي. هتان سڪندر ۽ باختر يوناني بادشاهن جا سڪا به لڌا ويا آهن. ( مولائي شيدائي – روزانه مهراڻ سالگرهه نمبر 1960ع)

    پٽالا
    هي سنڌ جو پراڻو مرڪزي مندر هو. جيڪو سوريا ومسا آرين ٺهرايو هو. ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي ) ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ لکي ٿو ته” هي اصل ۾ پوٽا لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي ٻيڙي يا غوراب. پٽالا جيئن ته بحري ٻيڙين جو هڪ مشهور بندر هو، ان ڪري مٿس اهو نالو پيو. هن شهر تائين سامونڊي ٻيڙا بي ڌڙڪ هليا ايندا هئا. ( ماهوار نئين زندگي جون 1964ع)
    هن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي شهر سنڌ جو هڪ مشغول ترين بندرگاهه هو. چيني سياح هيمون تانگ لکي ٿو ته ” هن شهر جي ايراضي ويهه چورس لي يا ساڍا ٽي ميل هم چورس هئي. “ سڪندر جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هو هت به آيو هو. ان وقت پٽالا سمنڊ کان 113 ميل هو ۽ هتان جو راجا موڪسيس هو. سڪندر هن بندر تي قبضو ڪري کيس بحري مرڪز بڻائي، پنهنجي هڪ سردار نيرڪوس کي جهازن جو رستو ڏيئي عربي سمنڊ رستي ايراني نار ڏانهن موڪليو. اسڪندر کان پوءِ مصر تي بطليوس گهراڻي حڪومت ڪئي تنجا جهاز هن بندرگاهه وسيلي هندستان سان واپار ڪندا هئا. اهي شراب، شيشي جو سامان ۽ ڌاتو ڏيئي سوٽي ڪپڙو ۽ مصالحا خريد ڪندا هئا.“ ( سنڌ جا بندرگاهه – مولائي شيدائي – الوحيد سنڌ آزاد نمبر ) بطليموس هن بندر لاءِ لکي ٿو ته ” پٽالا جو شهر سنڌوندي جي ڊيلٽا جي منڍ وٽ، درياءَ جي اڀرندي ڇوڙ ۽ اوسڪانا شهر کان هڪ جيتري پنڌ تي ٺهيل هو.“ مورخن جو چوڻ آهي ته پٽالا هاڻوڪو حيدرآباد آهي. “ ( ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ – نئين زندگي جون 1964ع)

    اروڙ
    هي تمام آڳاٽو شهر آهي. ايوڌيا جي،چندربنسي ۽ کتري راجائن مان ( رامچندر جي پوٽي سموترا جي اولادمان ) يارهن سئو ق م ڌاري راجا بليڪا هن شهر جو بنياد وڌو ۽ سندس پٽن اتي حڪومت شروع ڪئي. ( ڀيرومل مهر چند آڏواڻي – سنڌ جي هندن جي تاريخ – ج اول) مهاڀارت جي زماني ۾ اروڙ تي راجا جئدرٿ وير جو خاندان حڪومت ڪندو هو. اروڙ ان پراڻي دور کان شاهوڪار ۽ تجارت جو مرڪز هو. سندس ڀرسان سون ۽ چاندي جون کاڻيون هيون. هوئن ننانگ هن شهر کي ” پيشان پوچولو“ سڏيو آهي ۽ ٻين مورخن هن جي آسودگي ۽جي شاهوڪاري جي ساراهه ڪندي رورا يوريا رانگر سڏيو آهي. سڪندر جي آمد وقت هي شهر واپار جو مرڪز هو. يوناني مورخن هتان جي ڌن، ماڻهن، فن ۽ هنر جي تعريف ڪئي آهي. لکن ٿاته ” شهر محلاتن ۽ باغن سان ڀريو هو.“ امن ۽ امان هو. ماڻهو ڏاڍا هوشيار، بهادر، بي ڊپا ۽ ڪاريگر هئا. ان دور ۾ هڪ يوناني واپاري سنڌ ۾ آيو. هن سنڌ کي هند لاءِ واپار جو دروازو ڪوٺيو ۽ اروڙ کي محلن ۽ بازارن جو شهر سڏيو. ( اروڙ جو عروج ۽ زوال – رشيد ڀٽي سه ماهي مهراڻ 1974/ 2)

    پاتال
    قديم زماني ۾ ڪراچي ضلع جي لاڙ ۾ هي هڪ مشهور بندر هو، جتان سنڌوندي ٻه شاخون ٿي وهندي هئي. سڪندر جي ڪاهه وقت هي مشهور بندر هو، ان ڪري يوناني مورخن هن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. سڪندر هت بندر ۽ گودي ٺهرائي هئي. ( قديم سنڌ – ڀيرومل مهر چند آڏواڻي)جنرل هيگ دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري ۾ ڄاڻايو آهي ته حضرت سليمان عليه السلام جي وقت ۾ دنگيون ۽ جهاز سنڌوندي جي ڇوڙ وٽ (پاتال) وٽ اچي بيهندا هئا، ڊيوڊمئڪفرسن اينالسوز ڪوميرس ۾ ڄاڻايو آهي ته ” مصر جا جهاز، پاتال تائين ويندا هئا.“ ( ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ – نئين زندگي سيپٽمبر 1970ع)

    مينانگر
    هي قديم بندرگاهه هو، جيڪو ميناقوم ٺهرايو هو. مين قديم سنڌي لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي مڇي. ان مان ظاهر آهي ته، مين اهڙِ هنڌ هو جتي ڍنڍون ڍوڍا هئا ۽ هت مڇي جام مرندي هئي . هي لاڙ جو تجارتي مرڪز هو، هن کي هاڻي ٺٽي يا جهرڪ سان ڀيٽيو وڃي ٿو. ( تاريخ سنڌ – مسلمان جي فتح کان اڳ ۾ - لئمبرڪ 203) هن تي ڀارٿيائي حڪمرانن جي حڪومت هئي ۽ هت پارٿين شهزادو يا گورنر رهندو هو.“ (ڊاڪٽر احمد حسين – سنڌ صدين کان – مرتب ممتاز مرزا) هت ڪلڊاني، فنيقي ۽ مصري واپارين جا جهاز لنگر انداز ٿيندا هئا. جن ڏينهن ۾ سڪندر مقدوني سنڌ ۾ آيو، تن ڏينهن ۾ هي هڪ مشغول ترين دريائي بندر هو، جتان مال پيڙين رستي، سامونڊي بندر ڏانهن ويندو هو.“ پيريپلس جي لکڻ موجب هي ڀنڀور جي پٺيان هو. جڏهن جهاز، ڀنڀور ۾ سامان لاهيندا هئا، تڏهن اهو درياءَ رستي مينانگر جي بادشاهه جي درٻار ۾ پهچندو هو. هتان وڏي مقدار ۾ اناج، چانور، ترن جو تيل، مکڻ، ملميون، سوٽي ڪپڙو بيري گازا ڏانهن برآمد ٿئي ٿو. هت سڪندر جي ڪاهه جا يادگار قديم مندر ڇانوڻين جا بنياد ۽ وڏا وڏا کوهه اڄ به محفوظ آهي. مولائي شيدائي مرحوم لکي ٿو ته ” هتان ڪپهه به وڏي انداز ۾ ٻاهر ويندي هئي.“ ( تمدن سنڌ – ص نمبر 208)

    ڀنڀور
    ڀنڀور سنڌوندي جي الهندي شاخ گهارو ۽ سمنڊ جي کاري جي اترئين ڪپ تي، مشغول ترين بندرگاهه ۽ عاليشان شهر هو، جيڪو هندستاني واپار لاءِ پهريون بندر هو، ڇاڪاڻ ته ڳاڙهي سمنڊ جي پار ڪرڻ کان پوءِ، پهرين پهرين هندستاني ڪناري جي انهيءَ بندر تي اچبو هو. هي بندر ق م کان اڳ 11 صدي تائين هنڌ ۽ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو تجارتي بند هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ ۽ هنڌ جي مختلف علائقن ڏانهن ويندڙ قافلن جو لنگهه به هو.“ اندرون سنڌ جو مال ٻيڙين ذريعي هت ايندو هو ۽ هتان اهو مال،سامونڊي غورابن ۾ چڙهندو هو.يونانين جي ڪاهه وقت هن کي بين الاقوامي بندر جي حيثيت حاصل هئي. سنڌ، هند، چين ۽ ڏور اوڀر جو تجارتي مال، هن بندر تان ڏورانهين ڏيهه ويند هو. چين جو ريشم، شاهراهه ريشم جي رستي ڀنڀور بندر تان روم ويندو هو. هي بندر مختلف ملڪن مان سامونڊي، دريائي، ۽ خشڪي رستن ذريعي ڳنڍيل هو، ڏکڻ هندستان، سيلون، انڊونيشيا ۽ ملائشيا ۽ ملائشيا جو مال به پهريائين هتي پهچندو هو ۽ هتان مغربي ملڪن ۽ ايشيائي ملڪن ڏانهن ويندو هو. ڪيچ ۽ مڪران جا قافلا به هت پهچندا هئا. ( ميمڻ عبدالمجيد سنڌي – سه ماهي مهراڻ اونهارو 1983ع) آري ڊبليو فريگر لکي ٿو ته ” هن تجارتي شهر ۾ فنيقيا، يهودي، ايراني، عرب ۽ مصري سوداگرن جون وڏيون وڏيون واپاري ڪوٺيون هيون، جن صحطخر، حيرد، بابل، انطاڪيه، تدمر، پٽيرا، صور، ميدان ۽ مصر ۾ بيٺڪون ۽ واپار لاءِ مرڪز کوليا.“ بطليموس هن بندر کي بربريڪ ۽ ايٽيبل آرئين لکيو آهي. هي بندر ان دور ۾ سنڌ جو مکيه ۽ مشرق جو پهريون بندر هو.جنهنجو مصر جي شهر اسڪندريه جي معرفت رومي سلطنت سان واپار هلندو هو. هتان جي درآمد ۾ تصويرن وارو فئڪس مان ٺهيل ڪپڙو، زرد ياقوت، مرجان، سلاجيت، لوبان، شيشو، شيشي، سون ۽ چاندي جا برتن، سون، چاندي شراب هو ۽ برآمد ۾ لاجورڊ، نير، رنگ، ڪپهه، ريشمي ڪپڙو، ريشمي کلون، ڳڳر، کوئر گيهه ۽ عطر هو. ( ايم – ايڇ – پنهور – سه ماهي مهراڻ 1981 / 1)
    هي آهي سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ ۾ پرڏيهي واپار جي تصوير، جنهن مان صاف معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي پياري ۽ پوتر ماتر ڀومي ماضي ۾ ڪيڏي نه خوشحال ۽ سرسبز ڌرتي ماتا هئي، جنهن ساري دنيا ۾ پنهنجي شاهوڪاري ۽ اميري جو ڌاڪو ڄمائيندي، سڄِي جهان کي پنهنجي خوشحالي سان رنڱي ڇڏيو.


    عربن جو سنڌ ۾ واپار

    (1) عربستان جو تجارتي تعارف

    عربستان هڪ ريگستاني ۽ جابلو علائقو آهي ان ڪري هت ڪا پوک ۽ آبادي نه ٿي ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو هن کي غير زرعي ماٿري چئبو آهي. هتان جي ماڻهن پنهنجي گذران ۽ خوراڪ لاءِ تجارت ۽ واپار کي ڌنڌو بنايو. تجارت عربن جي معيشيت ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي. عرب قديم زماني کان ئي واپار ڪندا هئا. تاريخن ۾ اچي ٿو ته هو حضرت مسيح کان به گهڻيون صديون اڳ تجارت جي شغل سان وابسته هئا. تورات ۽ يونان جي نهايت قديم ڪتابن ۾ سندن واپار جا بي شمار واقعا موجود آهن،جن مان انهن جي هن ڌنڌي ۾ قدامت معلوم ٿئي ٿي. هڪ نهايت پراڻي روايت آهي ته ” جن ماڻهن حضرت يوسف ع کي سندس سنگدل ڀائرن کان خريد ڪري مصر جي رئيس فوطيغار جي هٿن ۾ وڪرو ڪيو، سي بنو اسماعيل ع جا عرب هئا. جيڪي حضرت عيسى ع کان سترهن سئو سال اڳ واپار ڪندا هئا. ( نقوش رسول نمبر ج 3 – ص نمبر 66) اهي عرب جلعاد مان گرم مصالحا ۽ بلسان مان روغن مصر آڻيندا هئا. عربن جي تجارت جيڏي قديم هئي، تيڏي وسيع ۽ عالمگير هئي. ڊاڪٽر گستاولي بان لکي ٿو ته ” عربن جي تجارت دنيا جي چوٿين حصي تائين ڦهليل هئي . چين جي مشرقي ڪنارن مجمع الجزائر کان وٺي، جمل الطارق تائين، عربي واپارين جا جهاز، تجارت لاءِ ڦرندا رهندا هئا. آفريڪا، ايران، خطا، هندستان، ترڪستان، روس، ايشيا ۽ ڪوچڪ وغيره جي سرزمين سندن قافلن جو مرڪز هئي.“ ( تمدن عرب – ص نمبر 68) مطلب ته پراڻي زماني ۾ دنيا جي ساري تجارت عربن جي هٿ ۾ هئي ۽ ٻن هزار سالن تائين عرب ملڪ جي سرزمين دنيا جو تجارتي مرڪز رهي. ان ڪري ئي سڪندر مقدوني ارادو ڪيو هو ته هو پنهنجي ملڪ جي گادي جو هنڌ ۽ مرڪز عرب کي بنائي. ( بحواله نقوش – ص نمبر 66) بقول ڊاڪٽر لي بان ” پراڻي زماني ۾ عربن دنيا ۾ اهو ڪم ڪيو جيڪو يورپ ۾ ونيس ” تشقه التاثير “ جي زماني ۾ ڪيو هو.“ ( تمدن عرب – ص نمبر 68)
    عربن جا پراڻي زماني ۾ مصر، هند، سنڌ، ايران، چين، روم، يونان، آفريڪا، بابل، فنيقيا، شام وغيره ملڪن سان تجارتي تعلقات هئا. هو انهن ملڪن ۾ بري ۽ بحري ٻنهي رستن کان ايندا ويندا هئا. بري تجارت قافلن رستي ٿيندي هئي ۽ بحري تجارت لاءِ، هو ڏورانهن علائقن ڏانهن جهازن رستي اچ وڃ ڪندا هئا ۽ ويجهن علائقن ۾ ٻيڙين کان ڪم وٺندا هئا. سندن بحري تجارت بري کان وڌيڪ هئي. عربن جا جن ملڪن سان تجارتي تعلقات هئا، تن مان سنڌ کان سواءِ ڪي هي آهن.

    (1) مصر
    مصر سان عربن جي تجارت تمام پراڻي آهي عنطف رابع ( مصر جو شهنشاهه) 305 ق م ۾،بحر احمر جي ڪناري هڪ تجارتي مشن روانو ڪيو هو، جنهن ۾ قيمتي شيون، جواهرات ۽ جانور هئا. مصر جي ملڪئه هتشو 1582ع ۾ هڪ ٻيڙو تجارت لاءِ موڪليو هو. عرب مصر ڏانهن، بحر احمر جي رستي ويندا هئا. خليج – سوئيز کان نيل تائين به، انهن هڪ واٽ ٺاهي هئي. عرب تاجر مصر مان اناج، جانور، ٿانو، شيشو وغيره هندستان آڻيندا هئا ۽ هتان خوشبوءِ، پنبه، ياقوت کڻي ويندا هئا. مصري هندستاني مال، عربن کان خريد ڪندا هئا.

    (2) فنيڪا
    صور کي فنيڪا چوندا هئا. هي حضرت مسيح کان، ڇهه سئو سال اڳ تباهه ٿيو هو. هن سان عربن جا گهرا لاڳاپا هئا. هت هو خشڪي ۽ سامونڊي بنهي رستن کان ايندا هئا. صور جا رهاڪو تن جهازراني جا ماهر هئا، تڏهن به هو، بحر احمر هند کان پري پڃندا هئا . يمن ۽ عدن جا عرب صور ۾، هر قسم جا نفيس ۽ خوشبودار مصالحا ۽ قسمين قسمين قيمتي پٿر، ڪيمخواب، سو ن،ارغواني چوغا، ڀرت ڀريل پوشاڪون ۽ سڀني قسمن جا ڪپڙا آڻيندا هئا.

    (3) بني اسرائيل
    بني اسرائيل ۽ عربن جي واپار جو ذڪر، تورات ۾ به آهي . بني اسرائيل روماني شيون، فنيڪيا مان ۽عربي، هندي، سنڌي ۽ چيني پئداوار عربن کان خريد ڪندا هئا. منجمله، حضرت سليمان عليه السلام جو،جيرام جي ڀائيواري سان، سمنڊ جي رستي اوفير ( سنڌ) مان سون گهرائڻ جو ذڪر ڪيو آهي.

    (4) بابل
    بابل قديم زماني کان تجارت جو مرڪز هو. هي ملڪ فرات ۽ دجله جي ڪناري تي هو. هن جا تجارتي لاڳاپا هند، سنڌ ايران سان به هئا. هي ماڻهو هند، سنڌ جي اترئين علائقن سان بري ۽ بحري تجارت ڪندا هئا. بحري رستي خليج فارس هو. جنهنجي وچ ۾ شيراز هو. ان رستي گجرات وغيره. ملڪ هئا انهن جو بري رستو، ايران ۽ افغانستان کان ٿيندو ويندو هو. عرب بابل قافلن رستي ايندا هئا، جيڪي کانئن هند سنڌ چين ۽ آفريڪا جي ملڪن جي پئداوار خريد ڪندا هئا. ( تاريخ قديم سنڌ – ص نمبر 80)

    (5) ايران
    ايران سان عربن جا گهاٽا تجارتي تعلقات هئا. کين ايراني تجارت ۾ عروج حاصل هو. انهن ڏينهن ۾ مدائن جيڪو عراقي عرب آهي ايران جي تجارت جو مرڪز هو.

    (6) چين
    چين سان عربن جو واپار، بري، بحري ٻنهي رستن سان هلندو هو. سندس بحري رستو سواحل عرب يا خليج فارس کان شروع ٿي چين ويندو هو. جن رستن جي وچ ۾ سواحل هند سيلان، سيام، مجمع الجزائر وغيره پوندا هئا. بري رستو ايران، دشت قفچان، ترڪستان، بڪتريا وغيره ملڪن مان ٿنيدوهو. عرب مسيح کان ڪيتريون ئي صديون اڳ چين ۾ ايندا هئا. مسٽر آرنولڊ لکي ٿو ت ” عربن کي واپار ۾ مسيح کان هڪ صديون اڳ چين ۾ ايندا هئا. مسٽر آرنولڊ لکي ٿو ت ” عربن کي واپار ۾ مسيح کان هڪ صدي اڳ چين ۾ ڪمال عروج حاصل هو. چين ۾ عربن جي واپار ۾ جواهرات، مرجان، فرش ۽ سوٽي ڪپڙو هو. انهن جي شين جي عيوض اطلس، ڪيمخواب، چيني جا ٿانو، چانهه، دوائون، افيون، سيماب، شورو، ٽين ۽ جواهرات خريد ڪندا هئا. ( تاريخ چين – ص نمبر 14)

    آفريڪا
    هن ملڪ سان به عربن جا خاص تجارتي ناتا هئا. هت جشن ۽ ڪارٿيج سندن مرڪز هئا. مورخ استرابو لکي ٿو ته ” آفريڪا ۾ عرب، جيره کان ايندا هئا.“

    (7) يونان
    يونان سان عربن جو پراڻو تجارتي لاڳاپو هو. هيروڊوٽس ( وفات 444 ق م) لکي ٿو ته ” هنجي ڏينهن ۾ يونان ۾ عربن جي تجارت اوج تي هئي.“ يونانين عرب قسمين قسمين مصالحا، خوشبودار شيون، ملبوسات ۽ جواهرات وغيره وڪرو ڪندا هئا، جن کي هو هند، سنڌ، چين ۽ پنهنجي ملڪ مان آڻيندا هئا. هيروڊوٽس وڌيڪ لکي ٿو ته ” ايلوا ۽ لوبان جي تجارت يونان سان صرف عرب ئي ڪندا هئا.“ ( تجارت العرب، قبلا الاسلام - نقش رسول نمبر ج 3)
    عرب مٿين ملڪن سان جيڪي شيون خريد ڪندا هئا تن مان مکيه هي آهن. دالچيني، ڪارا مرچ، ناريل گوگل، عنبير، لونگ، جوتري، الاچي، لوبان، ڪافور، عود، بيد، ريشم عاج، چيني جا ٿانو، پشم، بانس، گدامڙي، گهوڙا، گڏهه، اٺ، قيمتي ڪپڙو، معدنيات، ٽين، سيماب، سون، چاندي، قهوو بخور، مشڪ وغيره. يمن ۾ سون، خوشبودار شيون ۽ جواهرات آندا ويندا هئا. ملڪئه سبا، هڪ سئو ويهه قنطار سون، ڪيترائي عطريات ۽ قيمتي جواهرات حضرت سليمان عليه الاسلام کي موڪليا هئا.
    عربستان ۾ ڪيترائي شهر واپاري مرڪز هئا. جتي عرب سوداگر، دنيا مان مال آڻي وڪرو ڪندا هئا. انهن مان مکيه مرڪز هي هئا.

    (1) يمن
    عرب ۾ يمن جي تجارت نهايت قديم آهي. هتا جا سوداگر اعلى درجي جو شيون وڪرو ڪندا هئا.

    (2) عدن
    هي يمن جي مشهور تجارت گاهه هئي. ڊاڪٽر لي بان، ادريسي جي حوالي سان لکي ٿو ته ” عدن ۾ سنڌ، هند ۽ چين کان طرح طرح جون قيمتي شيون اينديون هيون.جواهردار تلوارون، جائفل، رڱيل چمڙو، زرهه، مشڪ، زين، ڪارا مرچ، ناريل، پست، الاچي، دالچيني،گلنگ، جوتري، هريڙ آبنوس، ڪافور، لوئنگ، ڪباب، کنڊ ۽ مختلف قسمن جون نباتات، ريشمي ڪپڙو، اعلى درجي جو مخمل، عاج ۽ بيد هت وڪرو ٿيندو هو.

    (3) جيره
    هي شهر بحرين ۾ هو ۽ تمام وڏو تجارتي مرڪز هو. هت ايران، شيراز، سنڌ، هندستان ۽ آفريڪا کان سامان ايندو هو.

    (4) طفاريه
    هي عربستان جي مشهور تجارت گاهه هئي اهل يمن هتان هندوستان تجارت ڪندا هئا. ان ڪري هن علائقي ۾ هندوستان جا اڪثر وڻ، ناريل ۽ پان هت ايندا هئا.

    (5) مڪو
    هي حجاز جو مشهور شهر هو. هتي قريش جا وڏا وڏا تاجر رهندا هئا ۽ يمن، شام، عراق، مصر وغيره ملڪن مان تجارتي قافلا ايندا هئا.

    (6) جدھ
    هتان عربن جي بحري تجارت شروع ٿيندي هئي ۽ هتان ئي اهي حبش، مصر، آفريڪا ۽ هند سنڌ ويندا هئا. ابن خرداز به لکي ٿو ته ” جدي ۾ هند، سنڌ، زنجبار، حبش ۽ فارس جون شيون ملن ٿيون.“

    (7) جبرهه
    هي عراق ۾، تجارت لاءِ سڀ کان مشهور هو. هت هندستان، سنڌ، چين، ايران وغيره ملڪن جو واپاري مال ايندو هو.

    (8) ابله
    هي درياءَ فرات ۽ دجله جي ميلاپ وٽ شهر هو. فرات ۽ دجله ۾ هلندڙ جهازن جو لدگرهه گاهه هت هو. هت هند، سنڌ ۽ شيراز کان مال ايندو هو. ( سيد علي بلگرامي – عربن جي تجارت )

    (9) تدمور ۽ بعلبڪ
    هي ٻيئي شهر شام جا خاص تجارتگاهه هئا، جن کي حضرت سليمان عليه الاسلام ٺهرايو هو. ڊاڪٽر لي بان لکي ٿوته ” هن شهرن جو هندوستان جي خشڪي ۽ خليج فارس جي رستي، تجارتي لاڳاپو هو. هي ماڻهو هتان جيڪو مال کڻي ويندا هئا سو شام موڪليندا هئا ۽ هي ڪاروان هنن شهرن ۾ ايندا هئا.“ تدمور کي حضرت سليمان عليه الاسلام ان ڪري ٺهرايو هو ته جيئن اهي شهر، تجارت جو مرڪز بڻجن. جتي فرات جا سوداگر مصري تاجران سان پنهنجو تجارتي مال بدلائين، رومين جي زماني ۾ هند، سنڌ جي پئداوار به هتان روم ويندي هئي. ( تجارت العرب – نقوش – رسول نمبر ج 3، ص نمبر 68)
    عربستان ۾ ڪيتريون ئي تجارتي پڙيون هيون. جتي ساري دنيا جو واپاري وکر وڪامندو هو. انهن مان مکيه بازارون هي آهن.

    (الف) سوق دومت الجندل
    هي بازار پهرئين ربيع الاول ۾ دومت الجندل ۾ کلندي هئي.

    (ب) سوق هجر
    هي بازار حمير ۾ 9 ربيع الثاني تي کلندي هئي.

    (ث) سوق عمان
    هي بازار جمادي الاول جي پوئين تاريخ ۾ حمير ۾ کلندي هئي.

    (ج) سوق مشقر
    هي بازار جمادي الاخر جي پوئين تاريخن ۾ مشقر ( بحرين ) ۾ لڳندي هئي.

    (د) سوق صحار
    هي بازار صحار شهر ( جيڪو بحرين ۾ هو) ۾ رجب مهيني ۾ لڳندي هئي.

    (ح ) سوق عدن
    هي بازار رمضان شريف جي اوائل ۾ کلندي هئي.

    (خ ) سوق صنعا
    هي بازار رمضان شريف جي آخر ۾ لڳندي هئي.

    (ر) سوق حضر موت
    هي بازار ذوالقعد ۾ لڳندي هئي.يعقوبي ان جو نالو الرابيت ٻڌايو آهي.

    ( ز ) صق حباشه
    هي بازار، يار بارق ( هي شهر فنونا ۾ آهي، جيڪي مڪي کان يمن طرف آهي)

    (س) سوق عڪاظه
    هي بازار عرب جي سڀني بازارن کان وڏي ۽ مشهور هئي. ان جو افتتاح طائف ۾ ذوالقد جي پهرين تاريخ تي ٿيندو هو ۽ اها هڪ مهينو ويهه ڏينهن کليل رهندي هئي. جنهن ۾ عرب جا سڀ قبيلا گڏ ٿيندا هئا. ان کان سواءِ هفتي ۾ هڪ ڏينهن سومر تي هميشه کلندي هئي، جنهن ۾ تر جا ويجها ماڻهو ايندا هئا. عڪاظه ۾ سوداگرن کان هڪ قسم جو ٽئڪس به وٺبو هو، جنهن کي عرب نڪس چوندا هئا.

    (ش) سوق الشجر
    هي بازار مڪي جي ويجهو، محبته هنڌ جي ويجهو لڳندي هئي ( تجارت العرب – سيد شمس القادري، نقوش رسول نمبر ج 3، ص نمبر 66، ۽ عرب وهند عهد رسالت ۾، ص نمبر 39) عرب جا ڪيترائي قبيلا تجارت پيشه هئا. جن مان مکيه هي آهن.

    1. بنو قحطان
    هن قبيلي کي، تورات ۾ يقطان سڏيو ويو آهي. هو يمن جا رهندڙ هئا. تجارت کان اڳ هي قبيلو زراعت جو ڌنڌو ڪندو هو. سندن تجارت نهايت وسيع هئي. بنو اسماعيل عليه حضرت مسيح عليه کان 17 سئو سال اڳ واپار ڪندا هئا. سندن تجارت خاص ڪري، مصرسان هلندي هئي. هو سڀني عربن ۾ شاهوڪار هئا.

    2. بني آدوم
    عرب جا مشهور سوداگر هئا. سندن شهر دومه هو جنهن کي ” دومته الجندل “ چوندا هئا. پراڻي زماني ۾ اتر، ڏکڻ جي وچ ۾ هڪ طرف آرام ۽ بابل ٻئي طرف هند، سنڌ ۽ مصر جي تجارت لاءِ رستي جو ڪم ڏيندو هو. (3) بنو قريش
    هي عربستان جو مشهور قبيلو هو،جنهن جو خاص ڌنڌو به تجارت ڪرڻ هو. ابن خلدون لکي ٿو ته ” فرش جي لغوي معنى آهي ڪسب ۽ گڏ ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته هي ماڻهو واپار ڪندا هئا، ان ڪري کين قريش سڏيو ويندو هو. قرآن شريف جي سورت قريش ۾ به سندن تجارت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. واپار ڪرڻ ڪري هو ايڏا ته شاهوڪار هئا جو سندن دولت ۽ حشمت جي ساري عرب ۾ دٻدٻو هوندو هو. سندن تجارت جا مرڪز شام، يمن، حبش، فارس ۽ مصر هئا. هوسال ۾ ٻه دفعا سفر ڪندا هئا. سندن تجارتي شهر حجاز، مڪو، جدو ۽ خيبر هئا.(فتوح الملدان – بحواله سه ماهي مهراڻ – 1975/ 1)
    هنن قبيلن کان سواءِ يمن، عمان ۽ بحرين جا قبيلا به تجارت ڪندا هئا. عرب بائده مان مشهور تاجر قومون عمائقه، عاد، ثمود ۽ حمير هيون.


    (2) عرب ۽ سنڌ

    پراڻي زماني ۾ سنڌ تمام وسيع علائقو هو. بلاذري لکي ٿو ته ” سنڌ جون حدون، تمام ڪشاديون هيون. الهندي ۾ مڪران واري حد دشت ندي تائين اتر ۾ سجستان ۽ ڪشمير جي هيٺاهين ڪالاباغ تائين، اڀرندي ۾ جلندر ۽ چتور تائين ڏکڻ ۾ سورت ۽ عربي سمنڊ تائين سنڌ هئي. ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گنڌاوا، ارمن ٻيلو ( لس ٻيلو) مڪران، قلات، ملتان، اچ، کنڀات، اروڙ، برهمڻ آباد، ديبل، باميان ( هن وقت هي علائقو افغانستان ۾ آهي) بنه ( بنون) جبال قفص ( جهالاوان جو علائقو) بلوچستان، قيقان ( قلات) خضدار (قصدار) قزنبور ( پنج گور) ۽ قندابيل ( گنڊاوا) ان دور جا سنڌ جا مشهور شهر هئا. ان وقت جي سنڌ هندستان کان ڌار هڪ جدا ملڪ هو ۽ ٻنهي ملڪن جون حدون به ڌار ڌار هيون. ادريسي لکي ٿو ته ” سنڌ جي حڪومت جدا آهي ۽ ديبل ۽ نيرون ڪوٽ وانگر مرمانه به سنڌ جي حڪومت هيٺ آهي. هند خواهه سنڌ ۾ ان کان سواءِ وڌيڪ عزت وارو بت ٻيو ڪو نه آهي.“ جميعت التواريخ جو مصنف هندستان جون حدون ڄاڻائيندي لکي ٿو ته ” هندوستان جي حد هڪ چين و ماچين جو ملڪ آهي ۽ الهندي طرف سنڌ جو ملڪ آهي. ( بحواله مصائب سنڌ – محمد ايوب کهڙو – ص نمبر 10) پر ڪڏهن ڪڏهن ٻنهي ملڪن کي، عرب سياحن گڏي هند ۽ سنڌ چوندا هئا. ان ڪري ڪن مورخن جي هند لکڻ مان مراد به سنڌ ئي ورتي آهي جيڪو عربن وٽ هڪ جدا ۽ مڪمل ملڪ هو. لسان العرب جي مصنف پنهنجي ڪتاب جي جلد 3 جي صفحي نمبر 223 تي لکيو آهي ته ” سنڌي هڪ مشهور قوم آهي. سنڌ جو عربي ۾ جمع اسناد ۽ سنود آهي. سنڌ شهرن جي مجموعي ( يعني ملڪ ) جوبه نالو آهي. هڪڙي کي سنڌي ۽ گهڻن کي عربي ۾ سند چئبو آهي. ( سنڌ جو وڻج واپار – ارشد انڍڙ – ماهانه پيغام نومبر، ڊسمبر 1983ع)
    جيتري قدر عربن جو سنڌ ملڪ سان تجارت جو لاڳاپو آهي اهو تمام پراڻو آهي. مولانا ابو الجلال ندوي لکي ٿو ته ” قديم زماني ۾ سنڌ ۾ عربي قومون اچي آباد ٿيون هيون ۽ سنڌ جا عربي دنيا سان گهاٽا تعلقات هئا.( موئن جو دڙو ڪي باتين – ماهنامه روح ادب ) مولانا سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته عرب واپاري هزارين ورهيه اڳ هندستان جي ڪناري تائين ايندا هئا ۽ هتان جي واپار ۽ پئداوار کي مصر ۽ شام ذريعي يورپ تائين پهچائيندا هئا۽ اتان جي سامان کي هندستان ۽ هندستان جي ڀر وارن ٻيٽن چين ۽ جاپان تائين رسائيندا هئا. ( عرب و هند ڪي تعلقات – ص نمبر 55) ڊاڪٽر موسيو ليبان جو چوڻ آهي ته عربن جا هندستان سان تعلقات تاريخي زماني جي شروعات کان به اڳ جا هئا. پر سڀني واقعن مان ثابت ٿئي ٿو ت اسلام کان اڳ واري زماني ۾ اهي هندستان جا ئي ماڻهو هئا جيڪي پنهنجي ملڪ جي پئداوار کي عرب جا سامونڊي ڪناري تائين آڻيندا هئا ۽ نه اهو ته عرب انهن جي ڳولا ۾ هندستان ايندا ويندا هئا. جنهن وقت يمن جي بندرن کان هندستان ڏانهن جهاز وڃڻ لڳا ته اهو زمانو نعثت نبوي جي تمام ويجهو هو ( تمدن عرب – ص نمبر 2 ۽ 7) سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته هجري سن جي شروعات کان ئي عربن هندستان ۾ اچڻ شروع ڪيو. جهازن جون قطارون عمان ۽ بحرين کان نڪري سنڌوندي تائين پهچنديون هيون. ( عرب وهند ڪي تعلقات – ص نمبر 66) اصل ۾ سنڌ جا عرب دنيا سان تعلقات تاريخ کان به اڳ جا آهن. قديم دور ۾ بابل ۽ عراق سان موهن جي دڙي جا تجارتي ناتا هئا. عربستان جي هنن شهرن مان هتان جا سڪا ۽ مهرون لڌيون ويون آهن. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته ان زماني ۾ هنن ٻنهي عربن جا سنڌ سان تجارتي ناتا هئا ۽ سندس قافلا هڪ طرف يمن ۽ شام ۽ ٻئي طرف عراق ۽ مصر تائين ويندا هئا. عرب واپارين کي مهاڀارت جي جنگ کان پوءِ واپار ڪرڻ لاءِ دوارڪا جي راجا ڪوشن جيڪو فرمان ڏنو هو، تنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته عربن جو هن سرزمين ۾ واپاري وهنوار اعلى پائي جو هو. فرمان آهي ته سري ڪرشن ڌارين ملڪن جي هنن سوداگرن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ڄاڻائين ت سندن واپار ڪرڻ مان فائدو رسندو. ڇو ته انهن وٽ مختلف ملڪن جون شيون هيون. سندن مال خريد ڪري، هندوستان جي مال مان جهاز ڀرايائين. (تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 84) هت واپار جي سلسلي ۾ عربي ٻولي به عام ٿيڻ لڳي. سيتارٿ پرڪاش ۾ آهي ته جڏهن ڪورون راک جو گهر جوڙي، پانڊون کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن يڊشٽر کين عربي زبان ۾ خبردار ڪيو ( تاريخ سنڌ – مولانا ابوظفر ندوي- ص نمبر 20) ساڳئي زماني ۾ عرب تاجر سنڌ ۾ آيا. سندن جهاز پٽالا، مينانگر ۽ ڀنڀور تي اچي لنگر انداز ٿيندي هئا. قريش واپاري، سنڌ جي مال جا قافلا مڪي جي گهٽين مان گهمائيندا حجاز، يمن، مصر، پيٽر، بيت المقدس ۽ تدمير تائين پهچائيندا هئا. هر هڪ ڪافلي ۾ ٽي هزار اُٺ هوندا هئا ۽ هي اهو زمانو هو، جڏهن عرب جي جاهليت عروج تي هئي.( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 86)
    چوٿين صدي عيسوي ۾ ايران جي ساساني بادشاهن عربن جي واپار کي روڪي ڇڏيو پر ساسانين جي زور ٽٽڻ کان پوءِ عربن وري سنڌ سان واپاري ناتا قائم ڪيا. توڙي جو ايرانين، هندوستاني راجائن کي عربن جي سلون سان هلندڙ واپار ۾ سامونڊي ڦورن ذريعي رنڊڪون وجهرايون هيون. خاص ڪري سنڌ جي ديبل، گجرات جي ڀڙوچ ۽ بمبئي جي ٿانه ۾ عربن لاءِ خطرو پئدا ٿي ويو. پر هو انهن خطرن کي تڪليفن سان منهن ڏيئي بنا ڪنهن خوف جي واپار ڪندا رهيا. حضرت عمر رضه جي دور ۾، عمان جي گورنر عثمان بن ابي العاص هٿان هڪ فوج موڪلي، مٿين بندرن تان هي خطرو هٽائي ڇڏيو. ان کان پوءِ هندستاني راجائن انهن راجائن ٻاهرين ٻيڙي تي 10 سيڪڙو ڍل وجهي ڇڏي. حضرت عمر رضه ان تي اعتراض ڪرڻ بدران بصره ڏانهن ايندڙ هندستاني ٻيڙين تي 10 سيڪڙو محصول وڌو. حضرت عمر رضه جي شهادت کان پوءِ عربن جي طاقت کي ڌڪ لڳو. جنهن ڪري هندستاني ڌاڙيلن عربن جا ٻيڙا ڦرڻ شروع ڪيا. 705 ع ۾ جڏهن وليد بن عبدالمالڪ خليفو ٿيو، تڏهن حجاج بن يوسف کي عراق، ايران، مڪران ۽ بلوچستان سان لاڳو، اسلامي حڪومت جي مشرقي حصن تي نائب مقرر ڪيو ويو. اهڙي طرح مڪران، بلوچستان ۽ خراسان سان لاڳو سمورا علائقا، سنڌ جي سرحد سميت سندس ماتحت ٿي پيا. هن دور ۾ بحري توڙي بري لحاظ کان اسلامي سلطنت جي قوت مضبوط هئي. حجاج جيئن ته ظالم ۽ جابر حاڪم هو، ان ڪري سندس ظلمن کان گهڻائي عرب تنگ ٿي عراق کان نڪري، هندستان جي الهندي ۽ اڀرندي ڪنارن وارن شهرن ۽ ٻيٽن ۾ بيٺڪون جوڙي واپار ڪرڻ لڳا. جن عربن، ڪوڪن کي وسايو، تن کي توائط جن رام ڪماري جي اڀرندي ٻيٽن ۾ بيٺڪون وڌيون تن کي لبي ۽ جيڪي ملبار ۾ رهيا تن عربن کي موپلا سڏيو ويو. موپلا سوداگري ڪندا هئا. ڪي علائقي ملبار ۾ ڪي سنڌ ۾ رهيا. جن مان محمد بن عارث علاقي مشهور عرب تاجر هو. مڪران ۾ ان وقت پنجاهه هزار عرب رهندا هئا، جن واپار کي وسعت ڏني. ( جنت السنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 87)
    سنه 711ع ۾ جڏهن عربن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن سنڌ سان سندن تجارتي، علمي ۽ ثقافتي ناتا وڌي ويا. ان وقت عربي سمنڊ ڳاڙهي سمنڊ، ڀونوچ سمنڊ ۽ ايراني نار تي سندن مڪمل قبضو هو. گويا يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا کنڊ جو واپار، سندن معرفت هلندو هو. افغانستان، ايران، خراسان، زابلستان، هند ۽ سنڌ جي ڀر وارا ملڪ سندن تسلط هيٺ هئا، جتي سنڌ جو مال قافلن ذريعي نيڪال ٿيندو هو. ان وقت خوزستان،فارس ۽ ڪرمان جا قافلا، سنڌ ۾ اچڻ لڳا، جنهن ڪري سنڌ جي واپار اڳ کان اڳري ترقي ڪئي. خاص ڪري عباسين جي دور ۾ آفريڪا، ارمينا
    ، مصر، چين ۽ جاپان جون شيون سنڌ جي شهرن ۾ وڪامڻ لڳيون اهڙي طرح سمورا رستا به سندن قبضي ۾ اچي ويا ۽ سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ عربن جي هندي سمنڊ ۾ واپار جي هڪ هٽي قائم ٿي پيئي.


    (3) سنڌي تاجر ۽ عرب

    هي هڪ حقيقت آهي ته سنڌ جا رهاڪو پراڻي زماني کان تاجر رهيا آهن ۽ ان ڪري عربستان سان سندن گهرو تعلق پئي رهيو آهي. سنڌ جا ڪيترائي ماڻهو واپار، تجارت ۽ مذهبي رسومات ادا ڪرڻ لاءِ عرب ۽ يمن پهتا. ايام جهاليت ۾، هتان ڪيترائي سنڌي ماڻهو اوڏانهن ويندا هئا. مخدوم ايمر احمد جي تحقيق مطابق ” اسلام کان اڳ به ڪعبي پاڪ جي زيارت لاءِ سنڌي ويندا هئا ۽ اتي جي بتن جي پوڄا ڪندا هئا. هتان جا راجا ۽ مهاراجا عربي ٻولي کان واقف هئا ۽ عربي ۾ گفتگو به ڪندا هئا. ( مهانامه پيغآم – مئي جون 1980ع – رحيم بخش قمر جو مضمون ) هتان ڪيتريون ئي سنڌي ذاتيون تجارت ۽ ٻئي روزگار جي سلسلي ۾ لڏي عرب ۾ وڃي رهيون. جن ۾ زط، ميد،سيابچ، احاصره، اساوره ۽ تڪاڪره مشهور آهن. سنڌ جون هي قديم ذاتيون، جيڪي سنڌي قوم سان واسطو رکندڙ هيون، سي ساري عرب مثلاً عمان، مسقط، قطيف، بحرين، قطر، ڪويت ۽ بصري کان سواءِ عرب جي ريگستاني علائقن نجد ۽ وچ عرب جي مڪي ۽ مديني ۾ گهڻائي ۾ رهڻ لڳيون. ( سنڌ عهد رسالت ۾ - ماهنامه اظهار – اردو - جولاءِ 1982ع) هنن ئي سنڌي واپارين، عربن کي سنڌ جي زرخيزي کان واقف ڪيو. سنڌ جي رهاڪن جي ان دور ۾ عربستان ۾ ايتري ته گهڻائي هئي ۽ سندن واپاري مرڪزن ۾ ايڏو ته گهڻو تعداد رهندو هو جو ڊاڪٽر اوليئري لکي ٿو ته ” قديم عيسائي مذهبي ڪتابن ۾، عربن کي هندستاني ( سنڌي ) چيو ويو آهي. “ سنڌي واپاري عربستان جي وڏن وڏن تجارتي ميلن ۾ به شريڪ ٿيندا هئا ۽ انهن سنڌي واپارين هڪ تجارتي مرڪز ۾ حضور ﷺ جي زيارت به ڪئي . حديث شريف جي ڪتاب مسند امام احمد بن جنبل ۾ آهي ته ” بني ڪريم ﷺ واپار جي خيال کان نبوت کان اڳ بحرين جي مشهور عالمي واپاري ميلي ۾ واپار لاءِ ويندا هئا.هڪ ڀيري پاڻ ان ميلي ۾ بيٺا هئا ته پنهنجي ساٿين کي ڪن ماڻهن ڏانهن اشارو ڪندي فرمايائون ته ” اهي سنڌي واپاري آهن ۽ سنڌي ٻولي ڳالهائي رهيا آهن. ( مولانا غلام مصطفى قاسمي – سه ماهي مهراڻ 1983ع / 3- 4 ) هن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي واپاري پاڻ سڳورن جي دور مبارڪ ۾ عربستان ۾ ڌاڪو ڄمائي چڪا هئا. خاص ڪري اسلام جي آمد کان پوءِ سنڌي واپارين جو عربستان ۾ اچ وڃ جو سلسلو وڌي ويو ۽ اهڙي طرح سنڌ جي واپارين کي ٻنهي قومن گڏجي فروخ ڏنو. ابو زيد لکي ٿو ته سنڌي واپاري، سيراف ( عراق جي بندرگاهه) ۾ ايندا آهن ته ڪو عرب تاجر سندن دعوت ڪندو آهي ته هو ڪڏهن هڪ ته ڪڏهن سئو کان به وڌيڪ هوندا آهن.“ عرب ناکئي بزرگ بن شهريار، سنڌي تاجرن جو ذڪر ڪندي انهن کي ” بانانيهه“ لکيو آهي. اهي تاجر عراق، بحرين، عمان، سوڍان ۽ مصر ۾ آهن ۽ عربي سٺي ڳالهائيندا آهن. ۽ اتي تجارت آهي. هي سنڌي واپاري، عدن جي ويجهو، عرب جهاز ۾، ويٺل نظر ايندا آهن. ( عرب و هند ڪي تعلقات – سيد سليمان ندوي – ص نمبر 85) سنڌي واپارين جي ڏيتي ليتي، نيڪ نيتي، ايمانداري ۽ وهنوار مشهور هو. ابن جا خط لکي ٿو ته ” سنڌ وارن لاءِ اهو باعث فخر آهي ته صراف ۽ روپين جو ڪاروبار ڪندڙ، پنهنجون پئسن جون ٿيلهيون ۽ خزانو صرف سنڌين ۽ انهن جي اولاد کي سپرد ڪندا هئا، ڇو ته اهي سنڌين کي صراف جي ڪم ۾ سڀني کان ماهر، قابل اطمينان ۽ ايماندار سمجهن ٿا. روم ۽ خراسان وارن کي ڪيربه پنهنجي خزاني جون ڪنجيون نه ٿو ڏي. ماڻهو برڪت جي لحاظ کان به، سنڌين کي خزانچي مقرر ڪن ٿا.“ ( بحواله گنگارام سمراٺ- نئين زندگي جون 1961ع) هن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي واپاري عرب دنيا ۾ پنهنجي واپار، وهنوار ۽ ڏيتي ليتي جو ڌاڪو ڄمائي چڪا هئا ۽ عربن کي به هن ئي سنڌ ۾ ڇڪي آندو. اهڙي طرح عرب تجارتي دنيا ۾ سنڌ کان واقف ٿي، سندس پئداوار مان اعلى نفعو ڪمايو.


    (4) عرب واپارين جا تجارتي رستا

    سنڌ سان واپار ڪرڻ لاءِ، عرب واپاري ٽي رستا ڪم آڻيندا هئا. جن مان هڪ بري ۽ ٻه بحري هئا. بري رستن ۾ سمرقند، دمشق، بغداد وغيره کان ٿي ايران ۽ ڪشمير کان ٽپي هند، سنڌ ۾ اچبو هو. جيڪي تاجر، سمنڊ رستي ايندا هئا اهي عربي سمنڊ جي بندر اسيران يا بحر احمر جي بندرن خاص ڪري عدن کان روانا ٿيندا هئا. جيڪو تجارتي مال خليج فارس ۾ ايندو هو، اهو بغداد ويندو هو ۽ اتان ٻيڙن ۽ عورابن وسيلي تمام ويجهن ۽ پراڻن شهرن ۾ ويندو هو. جيڪو مال عدن ايندو هو اهو سوئيز، اسڪندريه ۽ پوءِ مصر جي ٻين شهرن ۾ ويندو هو. اسڪندريه ۾ يورپ جا واپاري جينوا، فلالينس، ڪٽلونيا وغيره کان هن مال کي وٺڻ ۽ يورپ ۾ وڪري ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. عرب هتان چين به ويندا هئا. جنهن لاءِ هوٽي بري رستا استعمال ڪندا هئا. پهريون ڪشمير کان ٻيو ختن کان ۽ ٽيون منگوليا کان ويندو هو. ( تمدن عرب – ڊاڪٽر گستاولي بان ص نمبر 59) بحري رستي ۾ ايراني نار جو رستو، سنڌو جي ڇوڙ کان فرات ندي تائين ويندو هو. جتان وري ائٽوڪ ۽ ليونٽائن بندرن تائين ويندو هو. خشڪي رستو لڪن مان لنگهي بلخ ( وچ ايشيا ) ويندو هو. جتان آڪس کان ڪئسپين سمنڊ تائين ويندو هو. سيد سليمان ندوي انهن تجارتي رستن جي نشاندهي ڪندي لکي ٿو ته ” بري رستي سامان، ڪاروانن جي رستي سمرقند، دمشق ۽ بغداد کان ٿيندو، ايران ۽ ڪشمير کان لنگهي سنڌ پهچندو هو. بحري رستي ٻيڙا، ايراني نار جي بندر اسيران کان ٽپي، عربستان کان ٿي ڳاڙهي سمنڊ جي بندر، عدن کان روانا ٿيندا هئا. اتان ڪي ٻيڙا آفريڪا ۽ حبش ويندا هئا ته ڪي اتان سمنڊ جو ڪنارو وٺي، حضرت موت، عمان، بحرين ۽ عراق جي ڪنارن کي طئي ڪري، ايراني نار کان لنگهي يا ته بلوچستان جي نبصرنيز ۾ لهي پوندا هئا يا وري اڳتي وڌي، سنڌ جي بندر ديبل ڏانهن هليا ويندا هئا. پوءِ اڳتي ٿي گجرات ۽ ڪاٺياواڙ جي بندرگاهه ٿانه ۽ کنڀات ويندا هئا. ( عرب وهند ڪي تعلقات – ص نمبر 6) مسعودي لکي ٿو ته ” خراسان سان اچي ملندو هو ۽ سنڌ سان هڪ طرف ملتان ۽ ٻئي طرف منصوره آهي. قافلا خراسان کان سنڌ ڏانهن ۽ سنڌ مان هندستان برابر ايندا ويندا رهندا آهن. جتي اهو ملڪ رابلستان سان ملندو آهي. ( بحواله ماهنامه پيغام – چوٿين صدي هه ۽ سنڌ). اهڙي طرح ٽيون رستو ايراني نار کان عربي ڪناري ٿيندو، عدن کان ڳاڙهي سمنڊ ۽ اتان موجوده سوئيز واري جڳهه کان هڪ طرف مصر ۽ ٻئي طرف يونان ڏانهن ويندو هو. سنڌ جو واپار خاص ڪري هن رستي سان ٿيندو هو ڇو ته عربن جي دور۾، اهو هڪ وڌيڪ سولو ۽ وسيع ٿي ويو هو. جنهنڪري واپار، تمام سولائي سان ۽ بيخوف هلندو هو. خشڪي جا رستا، قافلن ڪري وسيل هوندا هئا. هڪ قندار کان ٿيندو خراسان ۽ ٻيو بلوچستان ۽ مڪران کان ٿيندو ايران ويندو هو.
    عرب تاجر ولائت ڏانهن وڃڻ لاءِ بغداد کان روانه ٿيندا هئا ۽ چين تائين ويندا هئا. سنڌ جيئن ته ويجهي هئي ان ڪري هت سندن آمدرفت وڌيڪ هوندي هئي. هو اول بصره يا سيراف ايندا هئا، جتان پهريائين خارڪ پهچندا هئا، جيڪو پنجاه فرسخ ( هڪ فرسخ ٽن ميلن جي برابر هو) جي مفاصلي تي هو. خارڪ کان پوءِ لاوان، ايرون، چين ڪيس، ابن ڪاوان، هرمز ۽ ثارا پهچندا هئا. هي ثارا شهر سنڌ، مڪران ۽ فارس جي حد تي آهي. ثارا اصل ۾ الساريا لاشار، جتي جا رهاڪو لاشاري هئا. اتان پوءِ جهاز سڌو ديبل ايندو هو. جيڪڏهن ڪنهن جهاز کي، مڪران جي بدران سنڌ ڏانهن وڃڻو هوندو هو ته اهو هزمز کان ديبل تي ايندو هو، اتان نيرون ۽ منصوره هليو ويندو هو. يا جي هندستان وڃڻو هوندو هو ته انڀات، ڀڙوچ ۽ سوپارا ويندو هو.“ ابن خردار به لکي ٿو ته ” ثارا کان ديبل بندر، اٺن ڏينهن جي مفاصلي تي آهي ۽ ديبل کان پوءِ اوتگين تائين، چئن ڏينهن جو رستو آهي جو سنڌ جي حد آهي ۽ اتان کان هندستان جي سرحد شروع ٿئي ٿي . هي عام رستو هو ۽ سڀ جهازران ئي رستي تان ايندا ويندا هئا.
    سنڌ جي تاجرن ۽ رومين جي وچ ۾ يهودين جي قوم ئي هئي، جيڪا وچولو رستو اختيار ڪري ٻنهي قومن سان واپاري ناتا بقرار رکيو پئي آئي، ڇاڪاڻ ته اسلامي ملڪن ۾ يهودي اهل ڪتاب جي حيثيت رکندڙ هئا ۽ يورپ مان اهي يونانين جي زماني کان اڻ واقف هئا. ابن خرداز به لکي ٿو ته ” اهي يهودي تاجر عربي، فارسي، لاطيني، انگريزي، اسپيني ۽ اندلسي زبانون ڳالهائين ٿا. اهي اوڀر کان اولهه ۽ اولهه کان اوڀر خشڪي ۽ سامونڊي رستن ذريعي هلندا رهن ٿا. انهن جو واپار سنڌ، هند ۽ چين تائين هلي ٿو . اهي يورپ مان نڪري بحر روم مان لنگهي انطاڪيه اچن ٿا ۽ پوءِ خشڪي جي رستي جابيه ( عراق) وڃن ٿا ۽ اتان نهر فرات ۾ سوار ٿي بغداد پهچن ٿا. پوءِ جهاز ۾ سوار ٿي دجله جي رستي کان ابلهه( بصري جي ويجهو) پهچن ٿا. هتان کان عمان، سنڌ ۽ هندوستان وڃن ٿا. هي سڀ ملڪ هڪ ٻئي جي ويجهو ۽ مليل آهن. ڪرمان کان پوءِ هند، سنڌ ۽ پوءِ چين پهچن ٿا. ( الماسڪ والممالڪ ص نمبر 155، بحواله سه ماهي مهراڻ 1982ع- 2)


    عربن جي اچڻ وقت سنڌ جا واپاري شهر بري ۽ بحري رستا

    هن مان معلوم ٿئي ٿو ته عرب سنڌ جو واپار افغانستان، خراسان، عربستان، ايران، ترڪي، ميسوپوٽيما، ايشيا مائينر، چين ۽ مغربي يورپ سان هلايو. سامونڊي رستي، ايراني نار جي اهم بندرن ڊيموڪمبي، گوا، سورت، ملبارڪناري جي ڪيترن ئي بندرن سان هلندو هو. سليمان تاجر لکي ٿو ته ” پهريائين بصره ۽ عمان مان سامان کڻي سيراف اچجي ٿو. جتي اهو جهازن ۾ چاڙهجي ٿو. اتان جهاز مسقط پهچن ٿا. جتان مٺو پاڻي کڻي جهاز هندستان روانا ٿين ٿا ۽ هڪ مهيني ۾ ڪولم ملي پهچن ٿا. هتان چين وارا جهاز چين وڃن ٿا . ڪولم ملي ۾ جهازن جي مرمت ڪرڻ جو ڪارخانو آهي. اهڙي طرح ابوزيد سيرافي لکي ٿو ته ” هندوستان جي ساڄي هٿ عمان پهچي ٿو. هتان عدن، عدن کان شام پوءِ قلزم اچي ٿو. جتي سمنڊ ختم ٿئي ٿو. ان کان پوءِ بربر جي ڪناري تي سمنڊ ڦري ٿو ۽ حبش وڃي ٿو . سيراف وارا جهاز جڏهن جدي پهچن ٿا ته هتان اڳتي وڃڻ لاءِ مصر وارا جهاز تيار ٿين ٿا. سيراف جي جهازن مان سامان لاهي، مصري جهازن ۾ وڌو وڃي ٿو ۽ اهو اتان قلزم وڃي ٿو. سيراف وارا هندستان ۽ چين جي سامونڊي رستن کان واقف آهن.“ ( بحواله گنگارام سمراٽ – نئين زندگي جون 1960ع)


    (5) سنڌ ۾ تجارتي مال جي فراواني

    هي هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ پراڻي زماني کان زرخيز ۽ شاهوڪار ملڪ پئي رهي آهي. هتان جي پئداوار ديسان ديس مشهور هئي. هر قسم جي شئي هت سستي ۽ سئولي ملندي هئي. مال جي گهڻائي ۽ فراواني ڪري واپار به گهڻو ٿيندو هو. انهن تجارتي شين جو عرب واپار ۽ سياحن دل کولي تذڪرو ڪيو آهي. روايت مشهور آهي ته هڪ عرب سياح کان جڏهن حضرت عمر رضه سنڌ لاءِ پڇيو تڏهن هن چيو ته بحرهادر – وجبلها ياقوت – و شجرها عطر يعنى هتان جا دريا موتي، جبل ياقوت ۽ وڻن ۾ عطر آهي. ( جنت السنڌ – مولائي شيدائي ص نمبر 321) هي هڪ شعر نه آهي پر تاريخ جو هڪ زندهه باب آهي. سنڌ پنهنجي انمول پئداوار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. علامه ابن الفقهه همداني لکي ٿو ته ” الله تعالى سنڌ کي اها خصوصيت بخشي آهي جو منجهس هر قسم جون شيون جهڙوڪ جواهرات، ياقوت، الماس، عاج، عمارتي ڪاٺ، بيد، خوشبودار مصالحه، لونگ، دال چيني، عنبر،، سلاسل، سنبل، ناريل، صندل ڪارا مرچ، ساگوان، جانورن ۾ گينڊا، هاٿي ۽ گهوڙا، پکين ۾ مور ۽ طوطا. دوائن ۾ هريڙيون ۽ توتيو پئدا ٿين ٿا. ان کان سواءِ سنڌ جا ميوا، انب، ليما ۽ نارنگيون. رنگن ۾ ڪرمڃي رنگ، نير، لاک ۽ چمڙو ٿئي ٿو. ڪپهه، چانور، ريشمي ڪپڙو ۽ سوٽي ململ هتان ٻاهر وڃن ٿا.“ ( ڪتاب البلدان – بحواله سه ماهي مهراڻ 1982ع – 2) سيرافي لکي ٿو ته ” هتان جي پاڻي ۾ موتي ۽ عنبر آهن. جبلن ۾ جواهرات ۽ سون جون کاڻيون آهن. جانورن جي منهن ۾ عاج آهي. ان جي زمين ۾ آنبوسد، بيد، عود، ڪافور، لونگ، جائفل، صندل ۽ هر قسم جون پاڪيزه خوشبويون آهن ۽ اتان جي پکين ۾ طوطي جهڙا جوش الحان ۽ مور جهڙا خوشنما پکي آهن. انهيءَ سرزمين ۾ زباد ( هڪ جانور جو خوشبودار پگهر ) مشڪ وارا هرڻ ۽ اهڙي قسم جون ٻيون گهڻيون شيون آهن، جن جو شمار ڪري نٿو سگهجي . ( الڪتاب الثاني ص نمبر 137 – ) ساڳيو مصنف لکي ٿو ته ” هتان عنبر مليو، سندان مان ڪارا مرچ، بڪم ۽ جاوا مان لونگ، صندل ڪافور ۽ جائفل ملي ٿو . سنڌ جي پسگردائي مان بيد ۽ بانس، خراسان جي طرف کان نيزا، عمان مان هيرا ۽ ياقوت لنڪا مان مليا. اهڙي طرح گينڊا، مور، طوطا، سنڌي ڪڪڙيون ۽ ٻين قسمن جا عطر ۽ خوشبويون ملن ٿيون (الڪتاب الثاني ص نمبر 138) ابن خرداز به لکي ٿو ته ” سنڌ هڪ تجارتي ملڪ آهي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مصري، چانور ۽ مشڪ جي پئداوار سنڌ ۾ آهي. هتي سون، جڙي ٻوٽيون، ڪيلو، کجور، ڇوهارا عمده ۽ عجيب شين جي گهڻائي ۽ سستائي آهي. هتان قط، نيزا، بيد، چانور نفيس ڪپڙو، ناريل، جتيون، هاٿي، عاج، جڙي ٻوٽيون ۽ اوزار ٻاهر وڃن ٿا. صنعتي ۽ تجارتي لحاظ کان وڏو نفعي بخش ۽ قابل فخر ملڪ آهي. ( احسن التقلسيم – ص 478 – بحواله ماهنامه پيغام جولاءِ، آگسٽ 1983ع)سنڌ جي مشهور قومپرست عربي شاعر ابو ضلع پنهنجي هڪ نظم ۾ سنڌ جي پئداوار جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته ” پنهنجي جان جو قسم، هي اها سرزمين آهي جڏهن هت مينهن وسندو آهي تڏهن کير جهڙا موتي ۽ ياقوت ان ۾ اڀرندا آهن. سندس خاص شين ۾ مشڪ، ڪافور، عنبر عود ۽ قسم قسم جون خوشبويون آهن ۽ قسم قسم جا عطر، گلاب، سنبل، هاٿي جا ڏند، ساڳ جي ڪاٺي۽ خوشبودار صندل آهي. هتي پکين ۾ ڪانگ، طوطو، مور ۽ ڪبوتر آهن. وڻن ۾ هت ناريل، انب،آبنوس ۽ ڪارن مرچن جا وڻ آهن. هٿيارن ۾ تلوارون ۽ نيرا آهن. هن ۾ توتيا، شينهن، ببر، چيتا، هاٿي ۽ هاٿي جا ٻچا آهن. ( عرب و هند ڪي تعلقات – سيد سليمان ندوي ص نمبر 203) هنن بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ صنعتي،معدني، زرعي ۽ هٿ جي ٺهيل شين جي گهڻائي هئي ۽ عرب واپاري انهن ئي شين جي تجارت ڪندا هئا.


    (6) روانگي جو مال

    هن هيٺ انهن شين جو تفصيل سان ذڪر ڪجي ٿو، جن جي عرب تاجر سنڌ مان تجارت ڪندا هئا.

    (الف) خوشبودار شيون
    سنڌ سڳند ۽ سرهاڻ جي سرزمين آهي. هت اهڙيون ته اعلى قسم جون خوشبوءَ واريون شيون پئدا ٿينديون هيون، جيڪي جڏهن عربستان پهتيون تڏهن عربن انکي هٿئون هٿ خريد ڪري ذوق شوق سان استعمال ڪيو. انهن شين مشڪ، عود، ڪافور، زعفران، الاچي، عطر ۽ سنڍ قابل ذڪر آهن. بشر بن حازم لکي ٿو ته ” عربن جي ٻيڙيون تمام گهڻي انداز ۾، عود ۽مشڪ کڻي اچن ٿيون.“ سنڌ جي مشڪ، موراڪو ۾ وڏي قيمت تي وڪامندي هئي. هي ٿٻيٽ کان درياءَ رستي، ديبل پهچندي هئي. خوشبوءَ جي لحاظ کان هي دنيا ۾ چوٿون نمبر هئي. ملتاني مشڪ خوشبوءَ لاءِ ٻاريندا هئا. هي تمام قيمتي شئي هئي. عرب عود کي مندل سڏيندا هئا. في مڻ جي قيمت ٻه سئو دينار هئي. ڪام دوپ آسام کان سنڌ ۾ ايندو هو. عرب واپاري اها برهمڻ کان خريد ڪندا هئا. ڪافور دارين جي منڊي مان عرب جي ٻين علائقن ڏانهن موڪليو ويندو هو. دارين جي منڊي مان عرب جي ٻين علائقن ڏانهن موڪليو ويندو هو. دارين جي هر عطر فروش کي داري ڪوٺيو هو. سنڍ به هتان جي سرهاڻ واري شئي هئي. لسان العرب وارو لکي ٿو ته ” عرب سنڍ جي سرهاڻ جي ساراهه ڪندا آهن ۽ هي انهن لاءِ نهايت دلپسند چيز آهي.( سنڌ جي طبي تاريخ – ج اول – نياز همايوني – ص نمبر 306) هي سنڌ جون شيون اهڙيون ته پاڪيزه، متبرڪ ۽ اعلى پائي جون آهن جو سندن قرآن شريف ۾ به ذڪر ڪيو ويو آهي. سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته ” انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته قرآن شريف ۾ جنت جي تعريف دوارن، هن جنت نشان ملڪ جي خوشبودار شين، مشڪ، سنڍ ۽ ڪافور جو ذڪر ڪيو آهي. ( عرب وهند ڪي تعلقات – ص نمبر 17) مولانا گرامي صاحب لکي ٿو ته ” قرآن شريف ۾، کان مزاجه زنجبيلا- کان
    مزاجه کافورا“ . زنجيل ۾ ڪافور ۽ سنڍ سنڌ جو شيون آهن. ( سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ – سه ماهي مهراڻ – گرامي نمبر ) حديث شريف ۾ انهن خوشبودار شين جو ذڪر ملي ٿو، جن کي پاڻ ڪريم ﷺ استعمال ڪيو. حضرت ابو سعيد خدري روايت ڪن ٿا ” هڪ ڀيري حضور ﷺ جن جي سامهون ڳالهه نڪتي پاڻ فرمايائون ته ” ڇا اها ( مشڪ ) سمورين خوشبوءَ وارين شين ۾ زياده پاڪيزه خوشبوءَ نه آهي.“ ڪنزالعمال واري هڪ حديث سڳوري بيان ڪئي آهي، جنهن ۾ فرمايل آهي ته پاڻ سڳورا سردي جي ڏهاڙن ۾ ڪل ٻاريندا هئا، جنهن ۾ خوشبوءَ پيدا ڪرڻ لاءِ عود ۽ ڪافور به وجهرائيندا هئا. “ ( عرب وهند عهد رسالت ۾ - قاضي اطهر مبارڪپوري ُ) عربي شاعري ۾ به سنڌ جي هن سڳند ڀرين شين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. اعشي شاعر پنهنجي محبوب جي وات جي آلاڻ کي مشڪ سان تشبيهه ڏيندي چوي ٿو ته ” ماکي جي ميٺاج وانگر لوئنگن ۽ سنڍ هن جي وات ۾ مشڪ ڀري ڇڏيو آهي.“ نابغ ذيباني جي هڪ شعر جو ترجمو آهي ته ” ڪافور کي لونگ ۽ مٺي پاڻي ۾ ملايو ويو آهي. اهڙو پاڻي جيڪو ڍڪڻ مان نڪري وهي پيو.“ ڪثير جو شعر آهي ته ” هن جي بدن تي مشڪ ائين مليو ويو هو، ڄڻ هو مشڪ سان ڀريل ڏاچي هئي، جنهن جي نافي مان خوشبوءَ ٻاهر ٿي آئي.( ماهنامه پيغام – نومبر، ڊسمبر 1983ع – حافظ ارشد انڍڙ جو مضمون )

    (ب) سپارڪو وکر
    سنڌ پراڻي زماني کان طب جو مرڪز رهي آهي. سڄي دنيا کي حياتي جو مزو ماڻڻ ۽ زندگي جو لطف حاصل ڪرڻ جو راز سنڌ ئي ٻڌايو. صحت ۽ تندرستي جا گر سنڌين ئي سليا. هت اهڙيون ڪيتريون ئي جڙي ٻوٽيون ۽ سپارڪو وکر ملي ٿو. جنهن ۾ شفا ۽ شباب جا خزانه لڪل آهن. عرب تاجر هتان پسار ۾ ماکي، قسط هندي، سنبل، دالچيني، بڪم، ابرق، آفيم، املتاس، اڪ، ڀنگ ۽ ٻئي سامان سان گڏ خريد ڪندا هئا. هنن سڀني شين جو عربي لغت ۾ عام ذڪر ملي ٿو. سيد سليمان ندوي اهڙين پسارڪين شين جي طويل فهرست ڏني آهي. جيڪي سنڌ مان وڪرو ٿي عرب وينديون هيون، اهي هي آهن. چندن، پان، لونگ سوپاري، نيلوفر، جافر، توتيو، هريڙ، ڪمالپٽ، ڪٺ، پواڙي، لوبان، نير، واردن، گدامڙي، ڪرمچي، ريون چيني، ڪارا مرچ، سنڍ، اطريفل، ٻهيڙا، پيلاوان، اگرڪاٺي، سرنهن وغيره.( عرب و هند ڪي تعقات – ص نمبر 201)
    خاص پسارڪي شئي جيڪا سنڌ مان عربستان ويندي هئي سا آهي قسط جيڪا ڪشمير مان چمڙي جي دٻن ۾ بند ٿي مهراڻ رستي چاليهن ڏينهن اندر منصوره پهچندي هئي. حسن بن عمرو لکي ٿو ته ” منصوره ۾ ڪشمير جا ماڻهو قسط جون ڳٺڙيون کڻي اچن ٿا. هر ڳٺڙني ۾ 7 يا 8 سئو مڻ قسط هوندي آهي. ڳٺڙي تي چمڙو ۽ چمڙي تي تارڪول لڳائيدا آهن. جنهن ڪري ان ۾ پاڻي جو قطروبه نه وڃي سگهندو آهي ( عجائب الهند- ص نمبر 123) ابن خرداز لکي ٿو ت ” سنڌ مان هڪ پسارڪي شيءَ ڪٺ به عرب ويندي هئي. سنڍ به عربن عمان پهچائي.“ ڪٿو يا ڪٿ دوا طور به ڪم آيندي هئي. مسعودي ريوند چيني، عود، ڪافور، لوبان ۽ تيزپات دوائن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي هتان عربستان وينديون هيون. احاديث نبوي ۾ سنڌ جي ڪيترين ئي پسارڪي شين جو ذڪر ملي ٿو . هڪ سنڌي راجا پاڻ سڳورن کي سنڍ سوکڙي طور موڪلي هئي. پاڻ ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري اصحاب ۾ تقسيم فرمايو. جنهن مان هڪ ٽڪر ابو سعد کي به عنايت ٿيو. پاڻ اها سنجيل شوق سان تناول فرمائيندا هئا. قسط يعني مٺي ڪاٺي جي ذريعي عهد رسالت ۾ نه صرف علاج ڪيو ويندو هو پر حضور ﷺ جن هن کي دوا طور به ڪم آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي . ان لاءِ صحيح بخاري ۾ هڪ مستقل باب آهي. حضور جن ام، قيس کي ٻارن جي بيمارين ۾ قسط استعمال ڪرڻ جو تاڪيد هن طرح ڪيو آهي . ” توهان ان هندي ڪاٺي کي خاص طرح استعمال ڪريو، ڇو ته ان ۾ ستن بيمارين جي شفا موجود آهي . ڪاڪڙي جي تڪليف ۾ قسط جي ناس ڏني وڃي ٿي. ٻاراڻي بيماري ۾ اها متعمل ۽ مفيد آهي. ( عرب و هند – عهد رسالت مين – قاضي اطهر مبارڪپوري) لونگ جن کي عربي ۾ قرنفول چوندا هئا، سو به عرب ويو ۽ ان اتي ايتري ته مقبوليت حاصل ڪئي جو عربي شاعري جو جزوله ينفق بنجي ويو. تابغ شيساني چوي ٿو ته ” حيادار دوشيزائن جو وات جو لعاب اهڙو لذيذ آهي، ڄڻ مشڪ ملايل لونگن جو شراب.“ ڪارا مرچ، ايريو، سڱي ۽ ڄرودن به خاص سنڌي شيون هيون، جيڪي عرب ۾ علاج لاءِ دوا طور هتان وينديون هيون. ( سامي تهذيب جي ارتقا ۾ سنڌ جو حصو – ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ نئين زندگي مارچ 1965ع) هڪ خاص سنڌي پسارڪو وکر ماکي هئي، جيڪا سنڌ جي پئداوار هئي ۽ گهڻي ڀاڱي هتان عرب ويندي هئي. خاص ڪري عهد نبوي ۾ ماکي جو گهڻو مقدار عرب گهرائيندا هئا. پاڻ سڳورن ﷺ ماکي کي سڀني دوائن مان افضل قرار ڏنو. فرمايائون ته ” جيڪو ماڻهو هر مهيني ۾ هڪ دفعو ماک ڪم آڻيندو اهو ستر بيمارين کان محفوظ رهندو.“ سنڌ ۾ ماکي ايتري ته جهجهي ٿيندي هئي جو عرب واپاري انجا ٽي مڻ هڪ درم ۾ خريد ڪندا هئا. بشاري المقدسي لکي ٿو ته ” هت ماکي تمام جهجهي ٿيندي هئي ۽ ٻن سيرن جو ملهه يعني صرف چار آنا هو.“ هت عربن ماکي جي مکين کي پالڻ شروع ڪيو. سنڌ جي ڪن صوبن مان عباسين جي خلافت کي سالياني ڍل طور مقرر انداز ۾ ماکي رواني ڪندا هئا. ماکي ۽ کجور جو حلوو عربي دنيا ۾ وڏي قيمت تي وڪامندو هو ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 313) عربي شاعري ۾ نابغ شيباني ماکي جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي. ” سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ ائين پيو ڀائنجي ته منهنجي محبوبه جي ڏندن تي برف جي پاکي جا قطرا آهن. جنهن ۾ ماکي جو سواد آهي . ( سنڌي جي طبي تاريخ – ج اول- نياز همايوني – ص نمبر 312)

    (ث) ڪپڙو
    قديم زماني کان وٺي، سنڌ ڪپڙي جي صنعت جو خاص مرڪز رهي آهي. انهن ڏينهن ۾ يمن سنڌ جي ڪپڙي جي منڊي هو جتان سنڌي ڪپڙو عربن جي اندرين حصن جهڙوڪ حجاز، عراق ۽ شام پهچندو هو ۽ اتان اهو ڪپڙو يورپ ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ڪپڙي کي يمني يماني چيو ويندو هو. انهن يمني ڪپڙن مان مشهور اجرڪ آهي، جنهن کي برد يمني چيو ويندو هو. جيڪو حضور ﷺ جن جي لباس ۾ شامل هو. مولانا غلام مصطفى قاسمي صاحب جو چوڻ آهي ته ” حضورﷺ جن سنڌ جي اجرڪ کي پنهنجن ڪلهن تي رکڻ جو شرف بخشيو آهي.“ ( روزانه عبرت – بحواله سنڌ جي تاريخ – ج اول) مولانا گرامي صاحب جو چوڻ آهي ته ” قرآن شريف ۾ بهشت جي پوشاڪن ۾، جنهن ” استبرق“ ڪپڙي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهو اجرڪ آهي ( سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ – سه ماهي مهراڻ – گرامي نمبر ) سنڌ جو ٻيو خاص ڪپڙو جيڪو عرب ۾ عام هو. اهو مسنديه آهي. جنهن کي سنڌي ۾ ڇيٽ چيو وڃي ٿو. مولانا گرامي صاحب جو چوڻ آهي ته ” حضرت بيبي عائشه رضه جي حجري جي دروازي تي پردا ٽنگيل هئاجن تي ڇر جو ڪم ٿيل هو. هڪ دفعي حضور ﷺ انهن لاءِ ناپسنديدگي جو اظهار فرمائي پردن لاءِ، (ڇو ته درن تي پردا اسراف ۽ ڏيکاءُ لاءِ هوندا آهن. )حڪم ڪيو ته اهي لاهي ڦاڙي وهاڻن جو ڇَون ڪيو وڃن .سندن حڪم موجب ائين ڪيو ويو. اهي ڪپڙا سنڌ جا ڪاريگر ٺاهيندا هئا، جن کي ڇيٽ چئبو هو. ( سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ – سه ماهي مهراڻ – گرامي نمبر ص نمبر 15 )لسان العربي ۾ آهي ته ” حضرت بي بي عائشه رضه جي جسم تي چار ڪپڙا سنڌ جا اوڍيل هئا. ( سنڌي جي طبي تاريخ – ص نمبر 315) سنڌ جو ٽيون خاص ڪپڙو ململ هو، جنهن کي عربي تاجر قرفس چوندا هئا. چون ٿا ته فرده بن عمرالجذامي جيڪو شام ملڪ جي علائقي بلقاءُ جو عامل هو، تنهن پاڻ سڳورن ﷺ جن کي، ٻين تحفن سان گڏ ململ جي قبا به موڪلي هئي، جنهن تي سونهري ڪم ٿيل هو. هن ململ کي عربي لغت ۾ سندس چيو ويندو آهي. جنهن جو قرآن شريف ۾ ذڪر ڪيل آهي. ( ذڪر حبيب – ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي – پيغام نومبر ڊسمبر 1983ع) لسان العرب ۾ آهي ته ” گوڏ ۽ لونگي جا ڪپڙا به سنڌ مان عربستان ايندا هئا. ابو منصوره جو چوڻ آهي ته ” مون ڪوفي ۾ اٺن وارا ۽ ٻيا ماڻهو ڏٺا، جيڪي ڌاريدار چادرون خريد ڪري، گوڏ ٻڌڻ لاءِ ڪم آڻيندا هئا.“ سنڌ جي هڪ خاص پوشاڪ ڪڙتو، آڳاٽي زماني کان عرب، توڙي ايران ۾ رائج هو. جنهن کي عرب ” قرطق“ چوندا هئا. لسان العرب ۾ آهي ته ” قرطق قبا آهي، ان کي ڪڙتي جو معرب سمجهيو وڃي ٿو. جيئن ٻيا سنڌي لفظ عربي ٿيا.“ ( عرب و هند عهد رسالت ۾ - قاضي اطهر مبارڪپوري ) سنڌ جي انهن ڪڙتن بابت سليمان تاجر لکي ٿو ته ” انهن جي ( سنڌين ) ڪاريگري جو هي ڪمال آهي جو هو اهڙو ڪڙتو تيار ڪن ٿا، جنهن ۾ ٻيئي آستينن، ڪليون ۽ کيسا اڻيل آهن. انهن ۾ سلائي جي ڪابه ضرورت نه آهي. ( بحواله سنڌ جي طبعي تاريخ – ج اول – ص نمبر 328) عرب واپارين سنڌ جي ڪپڙي جي خاص تجارت ڪئي . سنڌ جي ڪپڙي کي هنن تيونس، موراڪو، اسپين ۽ صفليه منڊين تائين پهچايو. ململ، ٿاڻه بون جون ڇيٽون، شالون، ريشمي ڪپڙا ۽ اوني فراس، غاليچا ۽ قبا عرب جي سرزمين تي پهتا. ان دور ۾ شالون ۽ سنڌ جي ململ تمام مشهور هئي. سليمان تاجر لکي ٿو ته ” هت اهڙو ته سنهو ڪپڙو ٺهندو آهي جو سڄو ٿان هڪ منڊي مان ٽپي وڃي ٿو. اسان اهڙا ڪپڙا پاڻ ڏٺا آهن. هت اهڙا ڪپڙا تيار ٿين ٿا، جهڙا ٻيا ڪٿي نه نٿا ٿين.“ ( بحواله سنڌ جي طبعي تاريخ ۽ سه ماهي مهراڻ 1975/1) ابن خردازبهه لکي ٿو ت ” هتان ريشمي، سوٽي ۽ بخملي ڪپڙو عربستان وڃي ٿو.“ ( بحواله سنڌ جي طبعي تاريخ ۽ سه ماهي مهراڻ 1975/1) مسعودي لکي ٿو ته ” هتان پٿرڻيون غاليچا ۽ هر قسم جو ڪپڙو عربستان ويندو هو. ( بحواله سنڌ جي طبعي تاريخ ۽ سه ماهي مهراڻ 1975/1) عرب تاجرن نه صرف سنڌ جو ڪپڙو ٻاهر موڪليو، پر ٻاهرين ڪپڙي کان به سنڌ کي متعارف ڪرايو. اهڙن سبيل ڪپڙن مان ڪرمان جا نقاب ( طيالس ) سنڌ ۾ وڪامڻ لڳا. في نقاب جي قيمت ويهه دينار هئي. بمپور جون لونگيون به هت آيون، جيڪي صرف امير خريد ڪندا هئا. اهي ويهن سالن تائين جٽاءُ ڪنديون هيون. حبا ۽ سلوارون عربن سنڌ ۾ آنديون. سوسين جو رواج به سنڌ ۾ عربن وڌو، جيڪي تيونس مان هت آيون. عربن ڪوفه يمن ۽ اسڪندريه جون رنگين چادرون هت وڪرو ڪيون. سنڌ جا رهاڪو رنگين چادريون، حبا ۽ ٽوپيون پائڻ لڳا، ان ڪري هي صنعت سنڌ ۾ زور وٺڻ لڳي. عرب مصري ۽ سنڌ ۾ سنڌي پوشاڪون پائي هتان جي واپار کي هٿي ڏني. ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 352).

    (ج ) چوپايو مال
    پراڻي دور کان وٺي سنڌ جو چوپائي مال جو گهر رهي آهي. هتان جيڪو مال عرب جي سرزمين تي پهتو تن ۾ سنڌي مينهون سر فهرست آهن، جن کي آل مهلب وارن عراق ۽ شام تائين پهچايو. پراڻي زماني ۾، هتان جا جت ڪرمان ۽ ايران کان ٿيندا، بصري پهتا ۽ اتي انهن سنڌي مينهن کي پهچايو. اهو حضرت ابوبڪر صديق رضه جو دور هو. عربن سنڌي مينهن کي شوق سان پاليو. احسن التقاسيم ۾ آيل آهي ته ” منصوره جون مينهون، ڏاڍيون متاريون هونديو آهن.“ ساڳي طرح بشاري المقدسي لکي ٿو ته ” هتان جون مينهون سهڻيون آهن ۽ کير به گهڻو ڏينديون هيون آهن. “ هتان جو ٻيو خاص جانور اُٺ آهي جيڪو عرب واپارين پنهنجي ديس ۾ پهچايو ۽ اتي هن جو ڏاڍو قدر ڪيو ويو. بشاري المقدسي لکي ٿو ته ” اوڀر ۽ ايران ۾ جيڪي عمدا بلخي اٺ ٿيندا آهن، اهي سنڌي اُٺن جي نسل مان ئي تيار ڪيا ويندا آهن . جيڪي ٻين ملڪن ۾ صرف بادشاهي سواري جي ڪم ايندا آهن.“ اسحاق لکي ٿو ته ” ٻن ٿوهن وارو اُٺ، سنڌي نسل مان هو جيڪو فقط امير ۽ بادشاهه ئي ڪم آڻيندا هئا.“ عرب امير انهن اُٺن کي فالج ۽ سنڌي پالهه سڏيندا هئا. امير ماڻهو انهن اُٺن تي شوق سان سواري ڪندا هئا. عرب واپارين انهن اُٺن کي بلخ ۽ فارس تائين پهچايو. عرب تاجر سنڌ ۾ گهوڙن جي واپار کي به همٿايو. خاص ڪري حجاج بن يوسف گهوڙن جي واپار کي زور وٺائڻ لاءِ، سنڌ جي صوبي سيتان جي گادي زرنج ۾، گهوڙن جي پرورش جو انتظام رکيو. هن خراسان ۽ ايراني نار کان گهوڙا گهرائي، مقامي نسل ۾ ٻاهريون تخم پئدا ڪيو. سنڌ ۾ عراقي گهوڙو پنج سئو دينارن ۾ وڪامندو هو. سنڌ ۾ عراقي گهوڙو پنج سئو دينارن ۾ وڪامندو هو. سنڌ جا گهوڙا مڪران جي بندر کان ٻاهرين دنيا ۾ موڪليا ويندا هئا. سنڌ کان سواءِ عرب واپاري ڪاري منڊل تائين گهوڙن جو واپار ڪندا هئا. ان دور ۾ عبدالله اشتر، گهوڙن جو مشهور واپاري هو. ( جنت السنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 193) سنڌ جا ڪتا به عرب ۾ مقبول هئا ۽ ان وقت عرب ۾ في سنڌي ڪتو 25 درهمن ۾ وڪامندو هو. تازي ڪتن جي نسل کي عرب ۾ آندو ويو ۽ ان جي افزائش تي خاص ڌيان ڏنو ويو. عرب حڪمران سنڌ جي باغي قومن کان خراج طور ڪتا وٺندا هئا. عرب حڪمران، عمران برمڪي جا ٽن کي حڪم ڏنو هو ته جڏهن به وٽن اچن، تڏهن پاڻ سان عمدي قسم جو ڪتو به آڻين.“ ان حڪم ڪري سنڌ جي ڪتن جي قيمت پنج سئو درهم ٿي ويئي. هي حاڪم خليفي واثق باالله کي ڪتا، شير ببر ۽ ٻيا سنڌ جا وحشي جانور موڪليندو هو. سليمان تاجر لکي ٿو ته ” هتان هڪ اهڙو جانور جنهن جي پگهر مان خوشبوءِ نڪرندي هئي، عرب واپاري مراڪش تائين موڪليندا هئا.

    (د) پکي
    سنڌ پکين جو ڏيهه آهي. هت کائڻ ۽ ڌارڻ لائق لکين پکي آهن، جن جي سونهن سوڀيا ۽ ذائقو ڪيترن کي گرويده بنائي ڇڏيو. عربن به سنڌ جي ڪيترن ئي پکين کي پنهنجي ابائي سرزمين ۾ پهچايو. انهن پکين مان ڪڪڙين کي خاص اهميت آهي. آل معلب وارن ڪڪڙين کي عراق ۽ شام پهچايو، جن کي ” رجاج سنڌي“ سڏيو ويندو هو .عربي مورخن مان به خط سنڌي ڪڪڙين کي انهن جانورن مان شمار ڪيو آهي، جن کي خداوند ڪريم هتان جي خاص خصوصيتن سان خلقيو آهي. عهد رسالت ۾ سنڌي ڪڪڙين جو عرب ۾ وڏو واهپو هو ۽ اهي اتي ڌاريون به وينديون هيون. پاڻ سڳورن ﷺ جن سنڌي ڪڪڙ تناول فرمائي ۽ ان لاءِ پسنديدگي جا الفاظ به ظاهر ڪيائون.“ ( مولانا غلام مصطفى قاسمي – هفتيوار آزاد ڪراچي) علامه دميري لکي ٿو ته ” علامه محي الدين طبري روايت ڪئي آهي ته حضور ﷺ جن وٽ هڪ اڇو ڪڪڙ هوندو هو ۽ اصحاب سڳورا نماز جي وقتن معلوم ڪرڻ لاءِ سفر ۾ ڪڪڙ ساڻ کڻندا هئا.“ مسند احمد ابي دائود ۽ابن ماجه ۾ هي حديث آيل آهي ت ” لاتسبو الديڪ، فانهه يوقت الصواته يعني ڪڪڙ کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو، جو هو نماز لاءِ اٿاريندو آهي.“ ( مولانا غلامه مصطفى – ماهنامه شريعت فتاوي نمبر )
    ٻيو سنڌي پکي مور آهي، جيڪو عربن ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو، سندس سهڻا کنڀ قرآن شريف جي زينت بنيا ۽ سوادي گوشت عرب خوشي سان کائڻ لڳا. مسعودي لکي ٿو ته ” هتان مور، عراق آندا ويا ۽ اتي سندس نسل تيار ڪيو ويسو. پر انهن جي رنگ روپ ۾ فرق ضرور هو.“ همداني به سنڌ جي مور جو ذڪر ڪيو آهي. ان کان سواءِ ڳالهائيندڙ طوطا ۽ قاصد ڪبوتر به سنڌ مان عرب جي سرزمين تي پهتا.

    (ذ ) چمڙو ۽ چمڙي مان ٺهيل سامان
    سنڌ ۾ جيئن ته چوپايو مال گهڻو هو. ان ڪري هت چمڙو اڪثريت سان ٿيندو هو. سنڌ ۾ چمڙو کجور سان رکيو ويندو هو، جيڪو نرم، نازڪ ۽ جٽاءَ دار هوندو هو. ان ڪري هي چمڙو عربي دنيا ۾ ” السنديه“ سڏبو هو. ان وقت ديبل، منصوره، نيرن ڪوٽ ۽ ٺٽو چمڙي جا مرڪز هئا، جتي چمڙي رڱڻ جا ڪارخانا هئا. عرب ۽ ايراني سوداگر اتان چمڙو گهرائيندا هئا. ڪن شهرن ۾ چمڙو ٻٻر جي ڇوڏن سان رڱيو ويندو هو.
    سنڌ ۾ چمڙي جي صنعت وڏي ترقي ڪئي. هن مان بهترين سامان ٺهڻ لڳو، جيڪو ٻاهرين دنيا ۾ هٿئون هٿ وڪامندو هو. خاص ڪري سنڌ ۾ چمڙي مان ٺهيل جتيون ڏاڍيون مشهور هيون، جيڪي بغداد ۽ مغرب الاقصى جا شهزاده ۽ امير طبقو خريد ڪندا هئا. ڊاڪٽر ابوالنصر فاسري لکي ٿو ته ” اولهه ايشيا وارن کي زيبدار وڏي کڙي ۽ مضبوط ترين جتين جو استعمال سنڌين ئي سيکاريو. ( رسالو برهان سيپٽمبر 1961ع – ص نمبر 5) امام احمد بن حنبل انهن سنڌي جتين بابت لکي ٿو ته ” اهي سنڌي جتيون اهڙيون ته خوشنما ۽ ڀيڪدار هونديون هيون جو، درويش ۽ سنجيده ماڻهو انکي پائڻ ئي پسند ڪندا هئا ۽ اهي صرف شهزادن لاءِ مخصوص مخصوص سمجهنديون وينديون هيون.“ ساڳي طرح امام بخاري لکي ٿو ته ” اهي جتيون ايڏيون ته خوبصورت آهن جو سواءِ شهزادن جي ٻيو ڪوبه خريد ڪري پهري نه ٿو سگهي.“ ( ڪتاب الورح ص 101، بحواله عرب و هند ڪي تعقات ) انهن جتين تي تمام سهڻي نموني ڀرت سان عربي شعر به لکبا ويندا هئا. جن مان هڪ بيت هي آهي.
    خعلت وخدي لهه ارضا – فغلت طامن فوقها و ارضها
    فقال، لا، قلت بلى سيدي – صبراً علي الحب وان مفى
    ( بحواله سنڌي ٻولي جي تاريخ – ڊاڪٽر بلوچ صاحب )
    جتين کان سواءِ سنڌ ۾چمڙي مان صندوقون ۽ پيٽيون به ٺاهيون وينديون هيون. پاڻي جو پخالون به تيار ڪيون وينديون هيون، جيڪي عرب ۾ وڏي قيمت ۾ وڪامنديون هيون.

    (ر) هٿيار
    سنڌ ۾ رهندڙ قوم هڪ جنگجو ۽ بهادر قوم آهي، جنهن تاريخ جي هر دور ۾ دنيا جي عظيم ڌاڙيلن سان مقابلا ڪيا، جن لاءِ هن قوم هٿيار ٺاهيا. جيئن ته سنڌ معدنيات جي لحاظ کان امير خطو آهي ۽ هت لوهه، ٽامي ۽ سون جون کاڻيون هيون. شريف ادريسي لکي ٿو ته ” جنوبي هند لوهه جون کاڻيون هيون. ڪرمان جي دمندان کاڻين مان لوهه، ٽامون ۽ سون کوٽي فولاد ٺاهي، ان مان اوزار تيار ڪيا ويندا هئا.“ مسعودي لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ ماڻهو کاڻين مان لوهه ڪڍي تلوارون، خنجر ۽ لڙائي جا ٻيا قسمين قسمين سامان ايجاد ڪيا.“ سنڌين جي انهن سڀني هٿيارن ۾ پهريون نمبر هتان جون تلوارون هيون، جيڪي عرب ۾ ڏاڍيون مقبول ٿيون، جن کي اتي بلمانيه چئبو هو. جاخظ لکي ٿو ته ” سنڌين جون تلوارون نهايت عمديون هونديون آهن. “ شريف ادريسي لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ ترارين ٺاهڻ جا ڪارخانا آهن. هتان جا ڪاريگر، هر ملڪ جي ماڻهن لاءِ، سندس مرضي موجب ڀليون تلوارون تيار ڪندا رهن ٿا. “ سنڌي تلوار پنهنجي ساخت ۽ بناوٽ جي لحاظ کان اعلى پائي جي هئي ۽ ان ڪري عربي شاعري جو اهم موضوع بنجي ويئي. حضرت ڪعب ابن زبير رضه جي مشهور قصيدي بانت سعديه ۾ سنڌي تلوار جو ذڪر هن طرح ملي ٿو.
    ان الرسول سيف يستعذه بهه – مهند من سيوف الله مسلول ( جنت السنڌ – مولائي شيدائي ص نمبر 312) يعنى ” رسول ﷺ جي خدا جي هٿ مان نڪتل تلوار آهي، جنهن مان روشني نڪري ٿي.“ زهير جو شعر آهي ته ” ٻين ترارين جي وچ ۾ هندي ترار توکي، جنگ جي ميدان ۾ ڪڏهن ناڪام ڪري نه ٿي سگهي، جڏهن هٿيار بند لشڪر جي جنگ لڳي.“ طرف بن عبدالله چيو آهي ته ” آدمي لاءِ، پنهنجي جو ستم، هندي ( سنڌي ) ترار کان زياده تڪليف ڏيندڙ آهي.“ ( عرب وهند – عهد رسالت مير قاضي اطهر مبارڪپوري ) سنڌ ۾ قيمتي زرهون به ٺهنديون هيون، جن جي سوناڪاري جو ڪم سهڻو ٿيل هوندو هو.
    سنڌ جو ٻيو خاص هٿيار نيزو هو. هت بيد، بڪم ۽ نيزي جي ڪاٺي ٿيندي هئي، ان ڪري هتان سنهي بانس جا تير جن کي لوهه جا نوڪدار مٿا لڳل هوندا هئا عرب ويندا هئا. سنڌي نيزا عمان کان بحرين تائين عام هئا. انهن لاءِ سنڌ ۽ گجرات مان بيد ۽ بانس گهرايو ويندو هو. هنن هٿيارن جو ذڪر به عربي شاعري ۾ ڪيو ويو آهي.خدمله بن منذر جو شعر آهي ته ” چارو ڳوليندڙ جي دير سبب، ڏاچيون ائين جڪڙيل هيون، جيئن هند،سنڌ جا بانس ٻڌي رکيا ويندا آهن.“ ابو عطا سنڌي جو مشهور عربي شعر آهي ته ” مون توکي اهڙي نازڪ وقت ۾ ياد ڪيو، جڏهن جنگ جي ميدان ۾، تيز نيزا، اسان جي رت مان سيراب ٿيندا پئي رهيا.“ ساڳي طرح ابوضلع سنڌي به هٿيارن جو فخر سان ذڪر ڪندي چئي ٿو ته” ۽ هٿيارن، تلوارون آهن جن کي ڪڏهن به ڪٽ نه لڳندي آهي ۽ اهڙا نيزا آهن، جو جڏهن لرزش ۾ اچن ته سڄي فوج جي فوج لڏي وڃي.“ حاتم طائي چئي ٿو ته ” مان پنهنجي مال ۾ عمديون زرهون، پڪي رنگ جا نيزا ۽ سنڌي اوزارون محفوظ رکندس.“ ( بحواله سنڌ جي طبي تاريخ – ج اول ص نمبر 312) مطلب ته هي سڀ هٿيار سنڌ مان عرب ۽ عجم جا واپاري خريد ڪري عرب دنيا ۾ موڪليندا هئا.

    (ز) زرعي جنسون
    سنڌ قدرتي طرح زرعي ملڪ آهي. مهراڻ جو سدا حيات پاڪ پاڻي ۽ زرخيز زمين جي ڪري، هي ديس پراڻي زماني کان سون پئدا ڪندو رهيو آهي. هتان جي زرعي پئداوار ساري دنيا پهچي انسان جي خوراڪ جون بنيادي ضرورتون پئدا ڪندي رهي آهي. عرب واپارين به خاص طرح هتان جي پئداوار کي پنهنجي ملڪ ۾ پهچايو. سنڌ جي زرعي جنسن ۾، چانور، ڪپهه، ناريل، نارنگيون، انب، ليما ۽ کجور عربي دنيا ۾ مشهور رهيون. اشوري شهنشاهه منخريب جي زماني ۾ ڪڪڙا سنڌ مان گهرايا ويا ۽ عراق ۾ پهريون دفعو وونئڻ جي پوک جو رواج پيو. هارون الرشيد جي ڏينهن ۾ سنڌ جي ڪپهه کي عراق ۾ وڏي پئماني تي پوکيو ويو. عربن سنڌ جي ناريل کي نارجيل، انب کي انبج، نير کي نيلج، ڪرمچي کي ڪرمج ۽ ڪپهه کي ڪرپاس سڏيو. نير، ڪمند، چانور، لاک ۽ کوئنر سنڌ مان عرب ۾ پهتيون. سنڌي چانور عربن عراق پهچايا. بابل ۽ مشرقي عربستان ۾،سندس معرفت چانورن جي پوک ٿيڻ لڳي. سنڌ جي ڪمند کي عربن ايراني نار، شام، مصر ۽ اردن پهچايو. جتي سندس پوک ٿيڻ لڳي. نير هتان جي خاص پئداوار هئي، جنهن جو اگهه عربن جي تجارت ڪري وڌي ويو. عرب هتان نير شام کڻي ويندا هئا، جتان وينس جا جهازران يورپ جي ملڪن ۾، سنڌي نير جو نيڪال ڪيو. ( ابن حوقل نمبر 150 بحواله جنت السنڌ) عرب واپارين ئي سنڌ جي سڻي کي عربستان پهچايو، جنهن کي ” ڪتان الهند“ چيو ويندو هو. گدامڙي جو وڻ به سنڌ مان بصري پهتو. عرب واپاري هن کي سنڌي کجور سڏيندا هئا، جيڪا مصر ۾ تمام گهڻو وڪامندي هئي، جتي اها ممين ٺاهڻ ۾ڪم ايندي هئي. پان جي پوک به سنڌ مان عربستان ۾ ويئي. ڀنگ به هتان ويئي ۽ مصر ۾ ان جي پوک ٿيڻ لڳي. بڙ جي وڻ کي يمن ۾ پهچايو ويو. سبزين ۾ هتان جي خاص پئداوار ٿوم ۽ بصر آهي، جيڪا عربستان ۾ عام وڃڻ لڳي، جنهن ڪري مولانا گرامي صاحب جي چوڻ موجب ان جو قرآن شريف ۾ ” فومها وبصلها“ جي صورت ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي ٻئي ٺيٺ سنڌي لفظ آهن “ ( سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ – سه ماهي مهراڻ گرامي نمبر )
    سنڌ جا ميوا عربستان ۾ ڏاڍا مقبول ٿيا ۽ اتي سندن طلب وڌڻ ڪري، عرب واپارين هتان جي ميون جي تجارت کي وسيع پئماني تي فروغ ڏنو. هتان جا خاص ميوا انب ليما، ناريل، سنگتڙا، ڪيلا ۽ توت هئا. بشاري لکي ٿو ته ” سنڌ جي خاص پئداوار ٻه ميوا آهن. هڪ جو نالو انب ۽ ٻئي جو ليمون آهي. انب آڙو وانگر آهي جيڪو ڏاڍو سوادي آهي ۽ ليمون زردالو وانگر ميوو آهي جو ڏاڍو کٽو ٿيندو آهي.“ ( چوٿين صدي هجري جي سنڌ – ماهنامه جولاءِ آگسٽ 1973ع) ابن حوقل لکي ٿو ته ” هت صوف جيترو هڪ ميوو ٿئي ٿو، جنهن کي ليمون چئجي ٿو، جيڪو ڏاڍو کٽو ٿئي ٿو، جنهن جو مزو شفتالو وانگر آهي.“ مسعودي لکي ٿو ته ” نارنگي ۽ ليمون، هتان جي خاص پئداوار آهي، جيڪي اول عمان، شام ۽ پوءِ عراق پهتا ۽ اتان گهر گهر ۾ ڦهلجي ويا.“ سنڌي ليمان عراق ۽ مصر ۾ پوکجڻ لڳا. ابوزيد لکي ٿو ته ” عرب تاجر هتان، ناريلن جا جهاز ڀري، عمان ويندا هئا ۽ وڏي دولت ڪمائيندا هئا.“ سنڌ جو تازيون نارنگيون عرب واپاري يورپ ۾ وڪڻڻ لڳا. هتان جا رهاڪو، سنڌ جي ميون کي، کنڊ ۾ ملائي مربا ٺاهي وڪرو ڪندا هئا. ان کان سواءِ، سنڌ جي ميون مان شراب ٺاهيو ويندو هو. سنڌ جي کجور به عربي دنيا ۾ پنهنجي تازگي ۽ سواد سببان مشهور هئي عرب واپاري ان مان کنڊ ۽ حلوو تيار ڪري، وڏي اگهه تي وڪرو ڪندا هئا. عرب واپاري ان حلوي کي ” فانيذ“ چوندا هئا، جيڪو عباسي دور ۾ مڪران جا بلوچ، بغداد جي درٻار کي سالياني ڍل طور ڏيندا هئا.“ هت هڪ سئو قسم کان به وڌيڪ کجور وڪامندي هئي. گويا سنڌ کجور جي بين الاقوامي منڊي هئي. ڊاک، انگور، بادام ۽ عربستان ۾ سنڌ کان پهتا. سوپاريون حجاز ۽ يمن ۾ پهتي.
    عرب واپارين نه صرف سنڌ جي زرعي جنسن کي ٻاهرئين دنيا ۾ پهچايو، پر ڪيترن ئي نين زرعي جنسن کان سنڌ کي روشناس ڪرايو. انهن مان مکيه ماڻهن جي دال آهي، جيڪا عرب واپارين ئي، يمن مان سنڌ ۾ آندي ۽ هت پوکجڻ لڳي. ميندي به عربستان مان هت آئي. سبزين ۾ واڱڻ، عربن جي وسيلي ايران کان سنڌ ۾ آيو. اهڙي طرح ڀينڊين جو ٻج، عرب واپارين مصر کان سنڌ ۾ آندو. ترنج ايران کان سنڌ ۾ آيو. خشخس جو رواج به، عرب واپارين ئي سنڌ ۾ وڌو، جنهن ڪري هت آفيم جي پوک ٿيڻ لڳي. نيلوفر جا گل، عرب واپارين خراسان مان سنڌ ۾ آندا ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي ص نمبر 315) يمن جي هڪڙي ٻوڙي ” ورسد“ جي عربن سنڌ ۾ پوک ڪرائي جنهن ملڪ ۾ ڪرڪم سڏبو هو. منجهانئس پيلو رنگ ٺهندو هو.

    (س) کنڊ
    ان دور ۾، سنڌ جي کنڊ تمام مشهور هئي، جيڪا کجور مان ٺاهي ويندي هئي. ابن حوقل لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ چئن شهرن ۾ کنڊ ٺهندي هئي . مسڪان، قزوا، مڪران ۽ طوران انهن شهرن مان ماسڪان جي کنڊ وڌيڪ صاف ۽ داڻي دار هئي، ان ڪري اها مشهور هئي. بعد ۾ طوران ۾ به کنڊ سٺي ٺهڻ لڳي. عباسين جي دور ۾، اسلامي دنيا کي ڪچي ڳاڙهي کنڊ ۽ ڳڙ سنڌ فراهم ڪندي هئي.

    (ش ) ڪاٺ
    ساڳ، بيد ۽ بانس سنڌ جا مشهور ڪاٺ هئا، جن جي عرب دنيا ۾ وڏي طلب هئي. سنڌ ۾ هن قسم جو ڪاٺ تمام گهڻو ٿيندو هو. همداني لکي ٿو ته ” عمارتي ڪاٺ ۽ سنبل، بيد، بانس ۽ ساڳ جو ڪاٺ سنڌ ۾ عام هو.“ مسعودي لکي ٿو ته ” هت ساڳ جي ڪاٺي ايتري ته ڊگهي ٿئي ٿي جو ڪڏهن ته سئو هٿ به ٿي وڃي ٿي. بيد ۽ بانس ٻيئي وڻ، مشرقي ايشيا ۾ ٿين ٿا پر سنڌ جي آبهوا، تن ڏينهن ۾، انهن وڻن لاءِ موافق هئي. ٻيئي وڻ ڊيگهه ۾ سٺ فوٽ ڊگها هئا. سندن گهاٽن ٻيلن ۾ هاٿي ۽ گينڊا رهندا هئا. ابن خرداز به لکي ٿو ته ” سنڌ مان بانس ۽ بيد عربستان مان ويندا هئا.“ ساڳ جي ڪاٺي، عربستان ۾ ڏاڍي مشهور هئي ۽ ان مان تمام گهڻو فرنيچر ٺاهيو ويندو هو. انساب الاشراف ۾، حضرت عائشه رضه کان روايت آهي ته ” مڪي ۾ قريشن وٽ، کٽ جو رواج ڪين هو. جڏهن پاڻ سڳورا ﷺ جن مدينه ۾ آيا اسعد بن زراهه خاص طور ساڳ مان تيار ٿيو ته پاڻ اهو صندل کڻائي آيا. جڏهن وفات ڪيائون ته ساڳئي صندل تي سندن جنازي جي نماز پڙهائي ويئي. ( عرب وهند – عهد رسالت مين – قاضي اطهر مبارڪپوري ) عربي شاعري ۾ به سنڌ جي ساڳ جي ڪاٺِي جو ذڪر ملي ٿو. نابغ شيباني جو هڪ شعر آهي ته ” انهي قبي جي اوچائي تائين ڪو پکي به پهچي نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ ان جي اتاهين محراب تي ساڳ جي ڪاٺ جي ڇت آهي. (عرب وهند – عهد رسالت مين – قاضي اطهر مبارڪپوري )
    سنڌ جو خضاب تمام مقبول هو. بنو اميه جو خليفوهشام بن عبدالمالڪ اهو سنڌي خضاب هڻندو هو. اليعقوبي لکي ٿو ته ” سندس ڏينهن ۾ ڪافور جو پاڻي ۽ نير عربستان ويندا هئا.“ سون ۽ چاندي جو به واپار ڪيو ويندو هو. الور ۽ دمدان مان سون ۽ چاندي نڪرندو هو. عباسيه دور ۾، سنڌ جا دينار ۽ درهم خالص سون ۽ چاندي مان ٺاهيا ويندا هئا، ان ڪري ٻاهرين دنيا ۾ انهن کي وڪرو ڪيو ويندو هو. سنڌ جي هڪ طلائي دينار جي قيمت هندستان جي شهرن ۾ اتي جي ٽن اشرافين جيتري هئي. سليمان تاجر جي لکڻ موجب ” سنڌي دينار بنگال جي اپ سمنڊ وارن شهرن تائين وڪامندا هئا. ديبل وٽ سچا موتي به نڪرندا هئا، جيڪي عرب تاجر ٻاهرين ملڪن ۾ وڪرو ڪندا هئا.“
    عرب وارن ٻاهرين دنيا جون عجيب و غريب شيون سنڌ جي مارڪيٽ ۾ آنديون. شيشي جا برتن جن تي، ميناڪاري جو ڪم ٿيل هو. جنهن کي عرب واپاري ” اناءَ الزجاج“ چوندا هئا. سي سنڌ ۾ آيا.

    ( ص ) ٻيون شيون
    سنڌ ان دور ۾ هٿ جي هنر ۽ ڪاريگري ۾ ديسان ديس مشهور هئي. هت اعلى پائي جو ڀرت ۽ نقاشي جو ڪم ٿيندو هو. مسعودي لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ مٽي جا ٿانءُ اهڙا سهڻا ٺهن ٿا، جيڪي اسان جي ملڪ ۾، چيني تي وڪرو ٿين ٿا.“ سليمان تاجر لکي ٿو ته ” سنڌ جا عرب سوداگر گينڊن جا سڱ چين ۾ وڪرو ڪندا هئا. جن تي چينائي تصويرون ڪڍندا هئا ۽ انهن مان تصويرون جوڙيندا هئا. في صندوق جي قيمت ٽي هزار اشرفيون هئي. سنڌ ۾ ٺهيل ڪاٺ چمڙي جون پيتون، ٻاهر وينديون هيون. انهن مٿان، روغن جو ڪم تمام سٺو ٿيل هوندو هو، ان ڪري اهي دنيا ۾ مشهور هيون. سنڌ ۾ ٽامون اجمير کان ايندو هو. ملتان ۽سنڌ ۾ ان مان سهڻا ڀانءُ جڙندا هئا، جيڪي عرب ويندا هئا. سنڌي لوهه به بناوٽ، ڍلائي ۽ صفائي ۾ نهايت عمدو هوندو هو. جنهن مان ڪيتريون ئي سهڻيون شيون ٺاهيون وينديون هيون. سنڌ مان ڪارو لوڻ عربستان ويندو هو. مسعودي لکي ٿو ته ” ان وقت ڪالاباغ جي ٽڪرين ۽ سنڌ جي ڍنڍن مان لوڻ نڪرندو هو.“ انهن ۾ جام بلوري ۽ قنديليون عام هيون. اهي برتن شام ۾ جڙندا هئا. عربن سنڌ ۾ لوهه ۽ ٽامي جا برتن آندا، جنهن ڪري رڪابين، طشت، چلمچين، گلدانن، شمعدانن، تڏن ۽ غاليچن جو رواج پيو. عرب واپارين تعويذن، حمائل ۽ بازو بندن جهڙن زيورن جو رواج وڌو. عرب مصر جي زمري منڊين، مرجان ۽ ججو، جنهن کي هو ” دهنج“ سڏيندا هئا، سنڌ ۾ آندو. مصر جو شراب، شيراز ۽ اصفهان جو گلاب جو عطر ۽ بيد مشڪ جو عرق سنڌ جي شهرن ۾ وڪامندو هو. بغداد جو بلوري صراحيون باتيه ۽ مختلف قسمن جي ڪوزن ۽ ڊگهين ڳچين واريون شرپت جون بوتلون ” ففاغ “ سنڌ ۾ وڪامجڻ لڳيون. عرب واپارين سنڌ ۾ خوشبودار تيل ۽ عطر آندا. سنڌ جا ماڻهو جيئن ته وڏن وارن رکائڻ جا شوقين هئا، تنهنڪري خوشبودار تيلن جي تجارت ۾ انتهائي ترقي ڪئي. انهن ۾ ايراني گلاب جو عرق، بصري جي کجور جي گلن جو عرق ( ماءَ الطلح )، بيد مشڪ جو تيل ( دهن الخلاف ) مشهور هئا. بيد مشڪ جو تيل اندلس کان ايندو هو، ٻن رطلن جي قيمت ڏهه دينار هئي. ڪوفي جي گل شبو ۽ گل بنفشه جو خوشبودار تيل ”دهن الورد“، روغن گل، وارن وڏن ڪرڻ لاءِ، آمله جو تيل ” دهن الترج“، ليمي جو تيل، ڪافوري تيل، مصري نرگسي تيل، جيڪي خاص بوتلن ۾، سينگار لاءِ استعمال ٿيندا هئا. اهڙين بوتلن ۾ قسمين قسمين خوشبودار تيل وڪامندا هئا. جهڙوڪ دهن الازخير، دهن الزعفران، دهن الحنه، دهن الناردين، دهن النسرين، دهن البابونح، دهن السفرجل وغيره. ( ابن حوقل – المسالڪ والممالڪ – بحواله جنت السنڌ ص نمبر 281) ان کان سواءِ طلاڪاري ٿيل برتنن، دمشق ۽ قاهره جي گلوبندن ( جن کي اسين هسيون چئون ٿا) پيرن جي وزندار ڪڙين ( حجل ) غاليچن ( نک يا نخ ) جو رواج به سنڌ ۾ عربن وڌو. تعويذ تائٿ مان نڪتو آهي جيڪو عربن سنڌ ۾ آندو. سنڌي مرد لاءِ عمامه،پٽڪن، قميصن، سلوارن ۽ جبن کي به عرب واپارين هت آندو. ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 208)


    (7) تجارتي منڊيون

    جن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ عربن جو واپار جاري هو، تن ڏينهن ۾ سنڌ ڪيترائي شهر تجارت جا مرڪز ۽ ڏيتي ليتي ۾ برک هئا، جتي هر وقت وپارين جي رش رهندي هئي. هت انهن شهرن جو مفصل ذڪر ڪجي ٿو، جنهن مان سندن تجارتي اهميت ظاهر ٿئي ٿي.

    ( الف ) ديبل
    عربن جي تجارت وقت، ديبل سنڌ جو مکيه بندر ۽ واپار جو مرڪز هو. هي شهر سمنڊ جي ڪناري تي هو ۽ مهراڻ جي الهندي واري شاخ تي هو. عربستان جي واپار جي مکيه مرڪزن يمن ۽ عمان سان ديبل جو سڌو سنئون واسطو هو. ديبل کان سڀ جهاز، بصري کان بغداد ۽ يمن ويندا هئا. عرب واپاري جيڪي سنڌ سان واپار ڪندا هئا، سي ديبل کان پوءِ سنڌ جي اندرين شهرن سان وڃي واپار ڪندا هئا. هتي ڏيهي واپارين جي سدائين پيهه رهندي هئي. ديبل ۾ چين، انڊونيشيا، هندستان، سيلون ۽ سنڌ جو مال اچي گڏ ٿيندو هو. اصطخري لکي ٿو ته ” ديبل سنڌ جو وڏو بندر ۽ مکيه مرڪز آهي. سمنڊ جي ڀرسان هن شهر جي زمين پڻ آهي ۽ صرف واپار جي لائق آهي ” بشاري المقدسي لکي ٿو ته ” ديبل ساحلي شهر آهي. هن جي آسپاس اٽڪل روءِ هڪ سئو ڳوٺ آهن. هتي جا رهاڪو سڀ واپاري آهن. ديبل سنڌ جو بندرگاهه آهي ۽ وڏي اپت وارو آهي. هتان جا رهاڪو سلڇڻا ۽ خوش پوشاڪ هئا.“ ابن حوقل لکي ٿو ته ” هي واپار جي تمام وڏي مارڪيٽ آهي ۽ هتي مختلف قسمن جا واپار ٿيندا آهن. هي پرڳڻي جو خاص بندر آهي. هتي پوک گهٽ ٿيندي آهي. اهو هڪ خشڪ شهر آهي. صرف تجارتي اهميت ان کي حاصل آهي. ( گنگارام سمراٽ – عربن جي دور ۾ سنڌ جي تجارتي حالت – نئين زندگي ) بهرحال ديبل ان زماني ۾ مشغول ترين واپاري مرڪز هو. نزهت الميثاق جو مصنف لکي ٿو ته ” ديبل وڏي ۾ وڏي اناج منڊي آهي. هتي جا واپاري مال گدامن ۾ ڀرائي ڇڏيندا هئا ۽ جڏهن ڪنهن به جنس جي کوٽ ٿيندي هئي، اهو چور بازاري رستي نيڪال ڪندا هئا.( گنگارام سمراٽ – عربن جي دور ۾ سنڌ جي تجارتي حالت – نئين زندگي)

    (ب) الور
    الور يا اروڙ سنڌ جي گادي جو هنڌ هو. هي شهر پراڻي زماني کان واپار جو مرڪز پئي رهيو آهي. صيچنامي ۾ آهي ته ” هي شهر هند ۽ سنڌ جو تخت گاهه آهي. مهراڻ ندي جي ڪپ تي آهي. قسمين قسمين اوچين ماڙين، محلاتن، چراگاهن، باغن، حوضن، نهرن ۽ گلڪارين سان سينگاريل هڪ وڏو شهر آهي. هن شهر ۾ جهجها خزانا ۽ پوريل ناڻا آهن.“ راڻي لاڏي جو چوڻ آهي ته ” هن شهر جا ماڻهو ڪاريگر، واپاري ۽ هاري آهن. انهن جي ڪري هي ديس آسودو ۽ شاهوڪار آهي.“ ( چچنامو – سنڌي ترجمو – ص نمبر 334) تاريخ معصومي وارو لکي ٿو ته ” اروڙ هي وڏي عالم پناهه سان، مهراڻ جي ڪپ تي رسيل شهر هو، جيڪو محلاتن ميويدار وڻن ۽ نهرن سان ڀرپور هو ۽ ان ۾ تمدن ۽ شهرت جو سڀ سامان موجود هو، جنهن جي ڪنهن غنيم مسافر کي خواهش ٿي سگهي ٿي.“ ( تاريخ معصومي – مير معصوم بکري – ص نمبر 42) اروڙ جي آب هوا ڏاڍي وڻندڙ ۽ موافق هئي، ان ڪري سنڌ جا امير ماڻهو گرمي جا چار مهينا هت گذارڻ ايندا هئا. عربن جي دور ۾، هي شهر تجارت جو خاص مرڪز رهيو. ابن حوقل لکي ٿو ته ” سنڌ جي وڏن وڏن شهرن مان هڪڙو شهر اروڙ به آهي. هي بلڪل سستو ۽ خوشحال شهر آهي. هت واپار جي بازار گرم رهندي آهي. “

    ( ث ) ملتان
    ملتان به واپار جو خاص مرڪز هو. بشاري لکي ٿو ته ” هت ميوو سستو آهي. واپار چڱو ۽ وڌندڙ آهي. واپاري ڏيتي ليتي ايمانداري سان ڪن ٿا. فارغ البالي ڪري ماڻهن جي زندگي عيش ۽ آرام سان گذري ٿي. آبادي گهڻي ڳتيل آهي. واپاري واپار ۾ ڪوڙ نه ڳالهائيندا آهن ۽ نه ڪي ماپ ۾ گهٽ وڌ ڪندا آهن، ضرورت ۽ آرام جون گهڻيون شيون آهن، شهر سهڻو آهي. ابن حوقل لکي ٿو ته ” هن ۾ سڪه، برهمپور، ڪرور، اشتهار ۽ تاڪيه ويندي ڪشمير جي حد تائين علائقو اچي ٿي ويو.

    (ج ) قنوج
    هي شهر ملتان جي ڀرسان هو. ادريسي لکي ٿو ته ” فنوج خوبصورت شهر ۽ واپار جو مرڪز آهي. سندس وسعت پنجاب ۽ ڪشمير تائين آهي.“ ابن حوقل جو چوڻ آهي ته ” قنوج ملتان سان لاڳاپيل شهر هو. هت باغ گهڻا ۽ گوشت سستو هو. واپار تمام نفع بخش هو. چانور ۽ ڪيلا سستا هئا.“ بشاري المقدوسي لکي ٿو ته ” قنوج وڏو شهر آهي . هت گوشت گهڻو ۽ سستو وڪامي ٿو. ان کي چئن ئي پاسن کان باغن جو گهيرو آهي. ماڻهو سهڻا ۽ خوش رنگ آهن. پائي سٺو ۽ صحت بخش آهي. شهر ويڪرو آهي. نفع بخش واپار جو مرڪز آهي. ڪيلو سستو آهي. دريا شهر جي وچ مان لنگهي ٿو . هوا عمدي ۽ باغ گهڻا آهن. شهر جا امير ماڻهو، گرمين جو زمانو باغن ۾ گهاريندا آهن.“ ( احسن التقاسيم – بحواله ماهنامه پيغام – جولاءِ آگسٽ 1983ع)

    ( د ) ويهند
    اٽڪ کان ٿورو مٿڀرو مهراڻ جي اڀرندي ڪپ تي، هڪ عظيم الشان شهر هو، جيڪو منصوره کان وڌيڪ هو. ان جي چوڌاري باغ هئا ۽ اتي هر شيءَ سستي هئي.“ ( تاريخ سنڌ – ڀاڱو پهريون – مولانا نور محمد نظاماڻي ) ابن حوقل لکي ٿو ته ” هت ميوا ۽ ماکي سستا آهن. اکروٽ ۽ بادام جا وڻ آهن. ماني ۽ کير تمام سستو آهي.“ بشاري المقدسي لکي ٿو ” هتي باغ گهڻا آهن. دل کي وڻندڙ ۽ سٺي ۽ فضا وارو شهر آهي. پاڻي سان ڀرپور درياءَ وهن ٿا. ميوا جام ملن ٿا. ميوا عمدا، وڻ ڊگها ۽ نعمتن جي فراواني آهي. شين جا اگهه به سستا آهن، هتي جا ماڻهو، موذي جانورن ۽ موذي آفتن کان آزاد آهن. شهر جي چوڌاري اکروٽ ۽ بادام جا وڻ. هڪ ٻئي سان ڳتيل آهن. ڪتل ۽ ڪيلو به گهڻو ٿئي ٿو. ( احسن التقاسيم – بحواله مولانا قاسمي صاحب – ماهنامه پيغام)

    (ح ) منصوره
    منصورہ اندريون شهر ۽ بند هئڻ ڪري، سنڌ جو خاص تجارتي مرڪز هو. هي شهر مهراڻ جي الهندي ڪناري تي، موجوده برهمڻ آباد کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي هو. جنهن جو عمرو بن محمد بن قاسم 723ع ۽ 728ع جي وچ ڌاري بنياد رکيو، جيڪو پوءِ ترقي ڪندو، سنڌ جي گادي جو هنڌ بڻيو. اصطخري لکي ٿو ته ” هي شهر هڪ چورس ميل ۾ آهي ۽ ان جي چوڌاري سنڌو ندي جي نار وهي ٿي، جنهن ڪري هو ٻيٽ وانگر ٿي پيو آهي. هباري اسود جي نسل مان هڪ قريشي هتي جو امير آهي. علائقو گرم آهي. انب، ڪمند، ليما ۽ کجور گهڻي ٿئي ٿي، جيڪي تمام سستا آهن. سڄي علائقي ۾ شادابي، خوشحالي ۽ عشرت ۾ بي مثال هو. ڳوٺ ۽ باغ پاڻ ۾، گڏو گڏ هئا. “ ياقوت عموي لکي ٿو ته ” منصوره ۾ ڪمند، جنهن مان کنڊ ٺهي ٿي، گهڻو ٿئي ٿو. هتي صوف جي برابر هڪ ميوو ٿئي ٿو. هتي قيمتون تمام گهٽ آهن.“ بشاري المقدسي لکي ٿو ته ” منصوره مان عمديون جتيون، هاٿي، عاج جڙي ٻوٽيون ۽ ٻيو اعلى قسم جو سامان ٻاهر موڪليو وڃي ٿو.“ ( احسن النقاسيم – بحواله پيغام – آگسٽ 1983ع) ساڳي طرح ادريسي منصوره جي تجارتي پئداوار لاءِ لکي ٿو ته ” هتي کجور ۽ ڪمند جي پئداوار، تمام گهڻي آهي. هتي ليمان ۽ نارنگيون ٿين ٿيون. هتي چانورن جي پوک ۽ باغات آهن. هتي تاجر گهڻا آهن. بازار آباد آهي ۽ زندگي لاءِ ضروري شيون جام ملن ٿيون. مڇي تمام گهڻي اچي ٿي ۽ گوشت به سستو آهي. ڪجهه ميوا هتان جا آهن ۽ زياده تر ٻاهران گهرايا وڃن ٿا. ( بحواله جنت السنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 229) مطلب ته منصوره تمام سستو ۽ واپارين جو خاص مرڪز هو. هتان جو واپار اتر اوڀر ۽ ڪشمير وارن سان اتر اولهه ۾ قنڌار وارن سان هندستان جي ساحلي ملڪن سان جاوا، سوماترا ۽ چين سوڌو هلندو هو. اولهه عربستان خاص ڪري عراق سان هلندو هو. اهڙي بين الاقوامي واپار جي لاءِ سڪن جي مٽا سٽا جي هڪ عالمي بئنڪ به منصوره ۾ هئي. اهڙي طرح هي شهر هڪ بين الاقوامي واپاري منڊي هو.

    ( خ ) سيوهڻ
    عربن جي دور ۾ سيوهڻ واپار رستي بڌيه ۽ سجستان سان ڳنڍيل هو ۽ اوج تي هو. سندس بيهڪ مهراڻ جي الهندي ڪناري تي هئي. ان وقت جيڪو واپاري خشڪي رستو هو، اهو ڀاڳناڙي کان ٿيندو سيوهڻ ايندو هو. هي شهر واپار جو خاص مرڪز هو، ان ڪري هر ڪا شي سستي ۽ گهڻي انداز ۾ ميسر ٿي سگهندي هئي. ماڻهو سکيا ۽ ستابا هئا ۽ شهر پاڻي جي چشمن سان ڀريل هو. ( ادريسي ) ياقوت حموي سيوهڻ جي زرخيزي ۽ شاهوڪاري کي ساراهيو آهي. ( ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ – نئين زندگي جنوري 1965ع)

    (د ) خراسان
    خراسان واپار جي اهم منڊي هو. سنڌ ۽ مڪران جي وچ ۾ هئڻ ڪري وڏي قافله سراءِ ۽ واپار جو مرڪز هو. هت پٿرائين ۽ غاليچن ٺاهڻ جي صنعت اوج تي هئي.

    ( ر ) مڪران
    هن کي ميون جو شهر چيو ويندو هو. خاص ڪري هتان جو کارڪون مشهور هيون، جن جا هڪ سئو کان به وڌيڪ قسم هئا. ڪن شيردار کارڪن کي مٽي پڪل ڪنن ۾ بند ڪري ان جو حلوو ٺاهيو ويندو هو، جنهن کي ” هنب “ چوندا هئا، کجي مان شراب به ٺاهيو ويندو هو. اسلام دنيا کي کجور، ڪچي ڳاڙهي کنڊ ۽ ڳڙ مڪران مان روانو ڪيو ويندو هو. ذڪريا قدوسي لکي ٿو ته ” خداوند تعالى مڪران جي ماڻهن کي ٻن قدرتي نعمتن سان نوازيو آهي. کجي جو ميوو ۽ مڇي جو گوشت. آڳاٽي زماني کان عرب ۽ مصر، کجور ۽ ان مان ٿيل شيون مڪران مان گهرائيندا هئا.“ ( بحواله جنت السنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 231)

    ( س ) طوران ( خزدار )
    هي واپار جو مکيه مرڪز هو. بثاري القدسي لکي ٿو ته ” هت واپارين جي رهڻ جون جايون ۽ گدام آهن. شهر کڻي ننڍو آهي، پر واپار جي لحاظ کان فائديمند آهي. هتي خراسان، فارس، ڪرمان ۽ هندستان جا قافلا ايندا آهن. “ ( بحواله – مسولانا قاسمي صاحب – ماهنامه پيغام جولاءِ آگسٽ 1983ع) مسعودي لکي ٿو ته ” هتان مصري برآمد ٿيندي آهي، جيڪا مڪران جي مصري کان ڀلي آهي.“


    عربن جي دور ۾ سنڌ جا واپاري مرڪز


    (8) سنڌ جا پاڙيسري تجارتي مرڪز

    هن هيٺ انهن شهرن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو، جن سان عربن جي معرفت سنڌ جو واپار ٿيندو هو. اهي شهر سنڌ جي ويجهو هئا ۽ اتي سنڌ جي هر مصنوعات گهڻائي سان ملندي هئي. گويا اهي شهر سنڌ جي مال جي تجارتي منڊي هئا.

    ( الف ) ابلهه
    هي خليج فارس جو مشهور بندرگاهه هو، جيڪو عرب ۽ سنڌ جي تجارت جو مرڪز ۽ لنگهه هو. سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته ” ابلهه، عربن جي عراق تي قبضي ڪرڻ کان اڳ، ايرانين جي زماني ۾ هند يا سنڌ لاءِ ايراني نار جو سڀ کان وڏو ۽ مشهور بندرگاهه هو، جيڪو بصري جي ويجهو هو. ابلهه مان هندستان جي تجارتي آمدرفت ايڏي ته گهڻي ٿيندي هئي جو عرب ان کي سنڌ جو ئي حصو سڏيندا هئا ۽ سنڌ کان اچڻ وارا جهاز هتي ئي رسندا هئا ۽ هتان ئي روانا ٿيندا هئا. ( عرب وهند ڪي تعلقات ص نمبر 223) اهو ئي سبب آهي جو حضرت عمر رضه سنه 14 هجري ۾ هن بندر کي فتح ڪري، مسلمان جي تجات جو خاص شهر بنايو. اهڙي طرح هي شهر هند ۽ سنڌ ۽ چين کان جهاز ڀرجي ايندا هئا.

    ( ب ) بصره
    هي شهر عربي دنيا ۾ هند، سنڌ جي تجارت جو خاص مرڪز هو، جتي ٻيڙين ۽ سامونڊي جهازن جي ايڏي ته آمد هئي جو ان جو محصول، بغداد جي حڪومت جي مکيه آمدني جو ذريعو هو. مسعودي لکي ٿو ته ” بصره دنيا جو وڏو شهر ۽ دنيا جي واپار ۽ شين جو مخزن هو. “ (عرب وهند ڪي تعلقات ص نمبر 223)

    ( ث ) سيراف
    هي به خليج فارس جو مکيه بندر هو، جتي ٽين صديءَ ۾ وڏا واپاري جهاز، بحري تاجر ۽ سوداگر انيدا هئا. هندستان ۽ چين ڏانهن جهاز به هتان روانه ٿيندا هئا. ابو زيد جو لکڻ آهي ته ” هي فارس جو خاص بندرگاهه آهي.“

    ( ج ) قيس
    هي به خليج فارس تي عمان وٽ هڪ بندرگاهه هو. هي هتان جي واپار جي مکيه منڊي هو. قزويني لکي ٿو ته ” قيس هندستان جي واپار جي منڊي ۽ ان جي جهازن جو بندر آهي! هر عمدي شيءَ جيڪا هندستان ۾ ٿئي ٿي سا هت اچي ٿي.“

    (د ) بغداد
    هي عربي سمنڊ هندي وڏي سمنڊ ۽ ايراني نار کي ويجهو هو. دجله، فرات ۽ ايراني نار رستي جهاز هت ايندا هئا.
    عربستان جي هنن پاڙيسري شهر کان سواءِ يمن به هتان جو هڪ تجارتي مرڪز هو، جنهن ۾ ضعاءَ، قطر، عمدان، سارب ۽ عدن جهڙا مشهور شهر شامل هئا، جتي مشڪ، عنبر ۽ عود وڪامندو هو. هت سنڌ، هند، رنج، حبش، فارس، بصره، جده ۽ بحر قلزم جو سامان پڻ موجود هوندو هو. ( فجر الاسلام – بحواله عربن جي دور ۾ سنڌ جي تجارت، گگارام سمراٽ نئين زندگي جون 1964ع) ظفار ۽ محار به سنڌ جي بحري تجارت جا مرڪز هئا. ظفار گرم مصالحن، خوشبودار شين ۽ عبادتگاهن جي ڌوپ وارين شين جي منڊي هو، جتي هند، سنڌ مان تجارتي سامان ايندو هو. ( اخبار الطول – بحواله – نئين زندگي جون 1964ع) ان کان سواءِ عدن ۾ حبش شام ۽ چين جا جهاز ايندا هئا. عمان جو بندر صحار، بحرين، جده، جار ۽ هرمز مکيه بندر ۽ تجارتي مرڪز هئا.
    هندستان اندر سنڌ جا پاڙيسري مالديپ ۽ ملبار به مکيه تجارتي مرڪز هئا، جتي عربن جون واپاري ڪوٺيون هيون. ڪولم مصالحن جي ڪري مشهور هو، هتان جهاز عدن ويندا هئا. هت مسلمانن جو هڪ محلو به هو. ڪارو منڊل به تجارتي مرڪز هو. هت سنڌ، چين ۽ ٻين ملڪن مان قيمتي سامان، ڪپڙا ۽ عطريات ايندا هئا. هتان عراق، خراسان، شام، روم ۽ يورپ تائين مال ويندو هو. گجرات به خاص منڊي هئي. کنڀات گجرات جو وڏو بندر هو. اتان جو ڪاروبار ۽ واپار عربن جي هٿ ۾ هو. ڪاليڪٽ به مشهور بندر هو. جتان چين، جاوا، سيلون، مالديپ، يمن ۽ فارس پر ساري دنيا جا واپاري ايندا هئا. هي بندر دنيا جي وڏن بندرگاهه مان هڪ هو. ( عرب و هند ڪي تعلقات – ص نمبر 228)
    مطلب ته سنڌ، پنهنجي پاڙيسري شهرن ۽ بندرگاهن جي رستي ساري دنيا ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو.


    (9) تجارتي جهاز

    عرب واپارين وٽ تجارتي ٻيڙا هئا، جن جا تختا لوهه جي ميخن سان جڪڙيل هوندا هئا، جن ۾ مسافر لاءِ ڪمرا ۽ گدام ٺهيل هوندا هئا. جهازن کي ڇت ڏنل هوندي هئي، جن کي بليج چوندا هئا. ان وقت جهازن جا چار قسم دنگي، بارج، هوڙي ۽ تير ماهي هئا. سامونڊي جهاز وڏا هوندا هئا. سليمان تاجر لکي ٿو ته ” يورپي جهازن جا تختا لوهي ڪلين سان جوڙيا ويندا هئا، جڏهن ته هندي سمنڊ وارن جا تختا ڏورين سان ڳنڍيا ويندا هئا.“ ابن بطوطه لکي ٿو ته ” عربن جي تجارتي جهازن ۾، ٻه ٻه منزلون هونديون هيون، منجهن جدا جدا ڪمرا هوندا هئا. پاڻي پيئڻ ۽ کائڻ جو ڪافي ذخيرو به هوندو هو. مسافرن کان سواءِ تجارتي مال جا گدام هوندا هئا. جهازن ۾ ڪم ڪندڙ خلاصي، ملاح، راکا ۽ تير انداز هڪ هزار کن هوندا هئا.“ شهريار لکي ٿو ته ” مان 1918ع ۾ سيراف کان هڪ عربي جهاز ۾، هندستان روانو ٿيس، اسان سان گڏ، واپاري عبدالله بن جنيد جو جهاز ۽ هڪ ٻئي ڄڻي جو جهاز به هو. اهي ٽيئي جهاز تمام وڏا هئا، ۽ سمنڊ جي ممتاز جهازن مان هئا. انهن جا ناکئا ۽ ملاح تمام مشهور هئا. انهن ٽنهي جهازن ۾، تاجر ( عرب واپاري) ملاح ۽ بانانيهه ( سنڌي واپاري) ڪل ٻارهن سئو هزار سوار هئا ۽ انهن ۾ مال ۽ سامان بي انداز هو. ( بحواله سنڌ ۾ عربن جي دور جي تجارت – گنگارام سمراٽ – نئين زندگي ) ابن بطوطه لکي ٿو ته ” هر وڏي جهاز تي، ٽي ننڍيون ٻيڙيون اتفاقي حادثن لاءِ موجود رهنديون هيون. انهن جهازن ۾ مٿئين عملي کان سواءِ چئن سون مسافرن جو عمدو بندوبست هوندو هو. ان کان سواءِ بي انداز سامان جنهن به جهاز ۾ هوندو هو. ان جي قد وقامت ۽ اندازو لڳائي سگهجي ٿو. چين ويندڙ جهازن ۾ هڪ هزار صرف اسٽاف جا ماڻهو هوندا هئا. ڇهه سئو هلائڻ وارا ۽ چار سئو تير انداز هئا. عربي جهازن ۾ مسافرن لاءِ ڪمرا به هئا.“ وڏن جهازن ۾ رکيل، ننڍين ٻيڙين کي ” قارب“ چئبو هو. جهاز جو اسٽاف ٻن قسمن جو هو. ڪپتان کي رساءَ ۽ ملاحن يا خلاصين کي ” اصحاب الارجل“ چئبو هو. عرب سمنڊ ۾ رات جو ستارن وسيلي، رستو ۽ طرف معلوم ڪندا هئا. انهن ستارن جا نالا، نبات النعش، فرقدين، ثريا استعرى سهيل، زهره، دبور ۽ دبران آهن. عرب تاجر جهاز مان ٽن قسمن جو ڪم وٺندا هئا. ٻيڙين ذريعي مڇي جو شڪار ڪرڻ، سمنڊن مان سچا موتي ۽ مرجان ڪڍڻ ۽ ٽيون سوداگري ڪرڻ. ( عجاب الاسفار – ج 6 بحواله جنت السنڌ ص نمبر 201)
    ان دور ۾ سمنڊ اندر واپاري جهازن کي ڦرڻ ۽ ڌاڙن هڻڻ جو عام رواج هو. عرب تاجر، سنڌي ڌاڙيلن کي بوراج ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ڦورن ” قرمان“ کي چوندا هئا. مڪران جو ڪنارو، ربيل، ڪڇ، سومناٿ ۽ گجرات ۾ ڌاڙيلن جامکيه اڏا هئا. اهي مڇي تي گذارو ڪندا هئا. سندن خوف ڪري، حيره جي آل منڌر اميرن، حيره کي ۽ ساساني فرمانروائين، ابلهه جي بندر کي، مضبوط قلعا ڏياريا هئا. ان کان سواءِ وڏن جهازن تي، پنج پنج سئو ملاح مقرر ڪيائون، جن وٽ آتشي مادا ۽ تير هوندا هئا. انهن تيرن کي ” نفطهه“ چئبو هو. حرافه جهازن جا خلاصي پيٽرول سان ڀريل شيشا، دشمن جي جهازن تي اڇلائيندا هئا. جن جي ڦاٽڻ ڪري، دشمن جي جهازن کي باهه لڳندي هئي. ڪن جهازن تي توبون ۽ منجنيقون هونديون هيون. عرب ۽ ايراني تاجرن، پنهنجن ٻيڙن کي ڌاڙيلن کان بچائڻ لاءِ‏، ميدن ۽ اساورهه ( سنڌي ذاتين مان ) کي پنهنجن جهازن تي محافظ رکيو. اهي راجائن ۽ ان جي زماني جي جهازران ڪمپنين پاران ٻيڙين تي نوڪر هئا. سنڌي ميد ۽ اساورهه، ملبار ۽ سرانديپ تائين سفر ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته اهي سنڌ ۽ مڪران جي خطرناڪ ڪنارن کي چڱي طرح واقف هئا. ان کان سواءِ اسلامي حڪومت به انهن سامونڊي ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ لاءِ فوجي دستا موڪليا. مهدي عباسي جي ڏينهن ۾، عبدالمالڪ بن شهاب، سمي جهازن جي دستي سان گجرات جي شهر ڀاڙڀوت ( باربد ڀڙوڇ) تي ڪاهه ڪئي. ان کان اڳ منصو ر به،سنڌ جي والي هشام عمرو بن جمل کي، باربد ڏانهن جهازن جي هڪ دستي سان موڪليو هو. مامون الرشيد جي ڏينهن ۾ سندان جي حاڪم، فضل بن ماهان وٽ ستر جهازن جو دستو هو، جنهن سان هن جا ٽن ۽ ميدن جو، سنڌ جي سامونڊي ڪناري تي مقابلو ڪيو هو. ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي ص نمبر 195) اهڙي طرح سنڌ جي تجارت کي، ڦورن ۽ ڌاڙيلن کان نجات ڏياري کيس فروغ بخشيو.


    (10) سڪا ۽ ماپا

    عربن جي اوائلي دور ۾ سنڌ ۾ 5 قسمن جا سڪا رائج هئا. گنڌاري طاطاري ( سوماترا جو سڪو )، يشاساني سڪو، طبري بغلي ۽ مغربي . هنن سڪن مان گنڌاري،طاطري، بغلي ۽ طبري جو گهڻو رواج هو. حضرت عمر رضه، نوشيرواني وزن جا سڪا جاري ڪيا. هنن ڏهن درهمن جو وزن ڇهن مشقالن جيترو هو. احڪام السلطانيه ۾ لکيل آهي ته ” اسلام جي ڪاهه وقت ايران ۾ ٽن قسمن جا ساساني سڪا سنڌ تائين رائج هئا، جيڪي بغلي، طبري ۽ مغربي هئا. حضرت عمر رضه جيڪي درهم جاري ڪيا هئا تن جو وزن بغلي ۽ طبري جي گڏيل قيمت جي اڌ جيترو هو. حضرت عبدالمالڪ بن مروان دينار ۽ درهم جاري ڪيا، جيڪي سنڌ ۾ عربي حڪومت هئڻ ڪري رائج هئا.“ بنو اميه دور ۾، سنڌ ۾ چئن قسمن جا سڪا رائج هئا. 1. حجاجيه- هي سڪا حجاج بن يوسف ضرب ڪرايا هئا 2. هبيره – هي ابن هبيره تيار ڪرايا هئا. 3. قسريه – هي خالد القسري جوڙايا هئا ۽ 4 . يوسفيه – هي يوسف بن عمر جوڙايا هئا. عباسي دور ۾، هڪ دينار جي قيمت هاڻوڪن پنجن روپين جيتري هئي. درهم جي قيمت چار آنا ۽ قنطار جي قيمت 8 هزار چار سئو دينار هئي. 1977ع ۾ جلعم بن شيبان سنڌ تي قبضو ڪري، فاطمي سڪو رائج ڪيو. عباسي دور دينارن ۽ درهمن جو سون ۽ چاندي خالص هو، ان ڪري سنڌ جي هڪ طلائي دينار جي قيمت هندستان جي شهرن ۾، اتي جي ٽن اشرفين جيتري هئي. ( جنت السنڌ – مولائي شيدائي ص نمبر 203) منصوره جي هباري حاڪمن پنهنجو سڪو رائج ڪيو هو. معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي ٻن خودمختيار رياستن جي عرب حاڪمن وٽ ملتان ۽ منصوره ۾ ضرب ضرور هئا.
    سنڌ ۾ ان وقت جي رائج سڪي کي عرب مورخن قنڌاريا ۽ قاهريات لکيو آهي. ابن حوقل لکي ٿو ته ” هڪ قنڌاري سڪو پنجن درهمن جي برابر هو ۽ طاطري درهم جي اٺين حصي برابر هو. ٻِين سڪن ۾ قهاريت جو ڏاڍو استعمال هو. هي قهاريت سڪو هڪ سڄا ٻه ڀاڱي ٽي درهمن جي برابر هو. جيئن ته سڪن جو بازاري ملهه گهٽ وڌ ٿيو پئي، تيئن عرب مورخن به انهن جي قيمت ورائي سرائي ٻڌائي آهي. “ ( بحواله نئين زندگي جولاءِ 1970ع) بشاري مقدسي انهن سڪن کي ” قاهريان“ ڪوٺيو آهي. سندس بيان آهي ته ” هر قاهري درهم جي قيمت پنجن معياري درهمن جو به رواج هو. هڪ طاطاري درهم 2/ 2 معياري درهم جي برابر هوندو آهي. ملتاني درهم، مصري درهمن جي نموني تي آهن. هتي غزني جا قهري درهم به هلندا آهن، جيڪي يمن جي قروض سان ملن جلن ٿا، پر مقامي سڪا وڌيڪ قدآور آهن ( چوٿين صدي هجري ۾ سنڌ- ماهنامه پيغام جولاءِ آگسٽ 1983ع) سنڌ ۾ مختلف ماپا هئا. عربي وٽ جو وزن 42 تولا هو. مڻن جا ٽي قسم سنڌ ۾ رائج هئا. هڪ مڪي ( مڪي جو وڻ ) ٻيو ڪيچي جيڪو طوران، جهالاوان ۽ مڪران ۾ رائج هو. هي چاليهه مڻن جي وزن سان توربو هو. ٽيون مطل ملتان ۾ رائج هو، جيڪو 12 مڻن جي وزن سان توربو هو. بشاري المقدسي هنن ماپن جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته ” طوران، ملتان بلڪ ساري سنڌ ۽ هند جو مڻ ( بطن ) مڪي جي مڻ برابر آهي. يعنى 26 درهم اٽڪل روءِ ساڍا تيرهن آنا هوندو هو. طوران جو ماپو ڪيچي سڏبو آهي، جنهن سان ڪڻڪ کي ماپيو ويندو آهي. 4 مڻ مڪي ۾، اٽڪل روءِ 34 سير ٿيندا آهن. ملتان ۾ ان جي ماپ لاءِ مطل نالي ماپو آهي. 12 مڻ مڪي ۾ اٽڪل سوا ڏهه سير ٿيندا.“


    (11) محصول

    سنڌ ۾ تجارت اعلى پئماني تي ٿيندي هئي، جنهن مان حاڪمن کي وڏي ڪمائي ٿيندي هئي. سنڌ ۾ ايندڙ خواءِ ويندڙ مال تي محصول ۽ ٽئڪس مقرر ٿيل هئي. اٽي جي في اُٺ ڇهه درهم ( ڏيڍ روپيو ) محصول هو. مڪران جا رستا جيئن ته پيچيدار ۽ ڏکيا هئا، ان ڪري اتي في اُٺ لاءِ ويهه درهم محصول هو. بشاري مقدسي، محصول جا انگ اکر پيش ڪندي لکي ٿو ته ” طوران ۾ ( هر پاسي کان ايندڙ ويندڙ) بار تي ڇهه درهم ٽئڪس ورتي ويندي هئي ۽ رڳو ملڪ ۾ داخل ٿيندڙ هر غلام تي ٻارهن درهم ( ڇهه روپيا ) محصول ورتو وڃي ٿو. هندستان کان ايندڙ، هر بار تي، ٽئڪس جي شرح ويهه درهم ( ڏهه روپيا ) آهي. سنڌ مان ايندڙ سامان جي قيمت جو اندازو لڳائي محصول مقرر ڪيو ويندو آهي. صاف ڪيل چمڙي جي کل تي هڪ درهم محصول آهي. ( چوٿين صدي هجري ۾ سنڌ- ماهنامه پيغام جولاءِ آگسٽ 1983ع)

    (12) سستائي ۽ ڪمائي
    جيئن ته سنڌ ۾ تجارتي مال جي گهڻائي هئي، ان ڪري هت هر شئي سستي ۽ سهانگي هئي. جنهنجو هر عرب تاجر ۽ سياح دل کولي ذڪر ڪيو آهي. بشاري المقدسي لکي ٿو ” هتي نعمتن جي فراواني آهي. شين جا اگهه سستا آهن. ميون جا ٽي مڻ ( اڍائي سير ) هڪ درهم ( اٺن آنن ) ۾ ملن ٿا. ماني 30 مڻ ( اٽڪل 25 سير ) هڪ درهم ( اٺ آنن ) ۾ملي ٿو. باقي ماني ۽ کير جي ته ڳالهه ئي نه پڇو. اٺ مڻ ڪڻڪ، هڪ درهم کان ڇهه درهمن تائين ملي ٿو.“ ( چوٿين صدي هجري ۾ سنڌ- ماهنامه پيغام جولاءِ آگسٽ 1983ع)
    عرب واپارين کي سنڌ جي واپار مان تمام گهڻو فائدو ٿيندو هو. سنڌ جو عنبر قاهره ۾ پنجوڻ قيمت تي وڪامندو هو ۽ سندس قيمت ٻه سئو دينار في مڻ هوندي هئي. بشاري المقدسي جيڪو پاڻ به هڪ تاجر هو، سنڌ جي واپار لاءِ لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ هڪ هزار درهمن جي واپار ڪرڻ سان، هڪ هزار دينار فائدو ٿيندو هو.“ عربن جي جاهليت جي دور ۾ هتان جيڪي تجارتي قافلا ويندا هئا، تن مان هر هڪ قافلي ۾ ٽي هزار اُٺ هوندا هئا ۽ هرهڪ اُٺ تي پنج مڻ ٻوجهو هوندو هو. انهن قافلن جي مال مان چار ڪروڙ ساليانو آمدني ٿيندي هئي، جن مان ٻه ڪروڙ روپيه فائدي جي رقم هئي ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 255) هارون الرشيد جي وقت ۾ سنڌ مان جيڪو مال عراق ويندو هو. ان جي رقم هڪ ڪروڙ 15 لک درهم سالياني هئي. ان کان پوءِ به سنڌ مان بغداد ويندڙ مال جو محصول بغداد جي آمدني جو مکيه ذريعو هو. ان محصول جو ساليانو ميزان 75 ۽ 225 دينار هو. سنڌ جي والي عمران بن موسى برمڪي، خليفي واثق باالله کي، سنڌ جي مصنوعات ۽ هتان جي پئداوار جون جيڪي نادر شيون ۽ قيمتي تحفا موڪليا تن ۾ سنڌ جي مصنوعات ۾ مشڪ، عنبر، عود، سون ۽ چاندي جا ٿانو هندي تلوارون، عود هندي تخت ۽ ڪرسيون، جواهرات، سون جا ٺهيل بادشاهي تاج ۽ خالص چاندي، ايتري مقدار ۾ موڪليا، جو انهن جي مجموعي قيمت ٻن ڪروڙن کان به وڌي ويئي. ( سنڌ جو ماضي ۾ تجارتي عروج – گل حسن لغاري سه ماهي مهراڻ 1975 / 1) بشاري المدسي لکي ٿو ته ” طوران جي حاڪم کي، هر سال ڏهن لکن درهمن ( پنج لک ) جي آمدني، صرف محصول مان ٿيندي هئي. “
    عرب واپارين کي به انفرادي طور، سنڌ جي واپار مان تمام گهڻو منافع حاصل ٿيندو هو. بزرگ بن شهريار هڪ عرب تاجر ان جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو ته ” اسان هتان تجارتي مال عمان کڻي وياسين. اسان جي جهاز تي ايترو ته مال اسباب هو، جو عمان جي حاڪم اسان جي جهاز تان ڇهه لک دينار ( ٽئڪس ) وصول ڪيو. اهو انهي هڪ لک دينار کان سواءِ هو جو هن پنهنجي مهرباني سان معاف ڪري ڇڏيو. يا واپارين لڪائي ڇڏيو ۽ ظاهر نه ڪيو. ان ئي سال سرانديپ کان هڪ يهودي رهندو هو. جيڪو دلالي ڪندو هو. هڪ ٻئي يهودي سان وڙهي پيو ۽ هندستان ( سنڌ ) هليو آيو. اتان چين ويو ۽ ٽيهن ورهين ۾ سنڌ جي واپار مان ايتري دولت ڪمايائين جو پاڻ جهاز جو مالڪ ٿي پيو ۽ آخرڪار ٽيهن ورهين کان پوءِ عمان جي حاڪم کي هڪ لک درهم رشوت طور ان ڪري ڏنائين ته سندس مال چڪاسيو نه وڃي . وٽس مشڪ جو ذخيرو ته گهڻو هو جو هڪ دفعي هن ان جو هڪ تولو هڪڙي سوداگر کي وڪيو ۽ سٺ هزار اشرفين جي مشڪ ٻئي سوداگر کي وڪرو ڪئي. ياقوت حموي لکي ٿو ته ” هڪ شخص جيڪو غريبي حالت ۾ عمان کان ويو. هو جڏهن واپس آيو، تڏهن سڄو جهاز، سندس مال اسباب سان ڀريل هو. جنهن ۾ ڏهن لکن اشرفين جي ته رڳو مشڪ هئي ۽ ايتري قيمت جو ريشمي ڪپڙو ۽ جواهرات هئا. کائنس پنج لک دينار محصول ورتو ويو. ( معجم البلدان – بحواله عرب وهند ڪي تعلقات )
    عرب واپارين جي ڪري، ڏيهي حڪومت کي به وڏو مالي فائدو حاصل ٿيندو هو، ان ڪري ڪوشش ڪري، هو ان پرڏيهي واپار کي خوب همٿائيندا هئا ۽ عرب واپارين جو فراخدلي سان آڌرڀاءُ ڪندا هئا. چون ٿا ته ڪارو منڊل جي راجا وٽ هڪ عرب مسلمان ڪارڪن هو. راجا جي مرڻ تي ان ڪارڪن کي جيڪي سون ۽ جواهرات هٿ آيا، انهن جي ڍوئڻ لاءِ کيس ست هزار ڍڳن جي ضرورت پيئي. (معجم البلدان – بحواله عرب وهند ڪي تعلقات )
    مطلب ته عرب واپار جي صورت ۾ سنڌ جي تجارتي مال ۽ پئداوار کي بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ پهچائي، ساري دنيا سان سنڌ کي متعارف ڪرايو ۽ اهڙي طرح ماضي ۾ سنڌ پنهنجي تجارتي ساک ۽ معاشي عظمت کي برقرار رکي هڪ طرف سڄي دنيا ۾ پنهنجي زرخيزي ۽ شاهوڪاري جو ڌاڪو ڄمايو ۽ ٻئي طرف سنڌ جي عوام، گذريل دور ۾ واپار ۽ تجارت کي اپنائي خوشحال ۽ آسودي زندگي، پنهنجو معيار زندگي بلند ڪري پاڻ کي ساري دنيا ۾ روشناس ڪرايو. اهڙي طرح عربن سنڌ سان واپاري لاڳاپا رکي، پنهنجي مالي ۽ اقتصادي حالت سڌاري ۽ مستحڪم ڪري اسلام کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائي عالمي امن ۽ ڀائچاري جي فضا قائم ڪئي.

    عربن جي دور ۾سنڌ جو طبعي ڏيڻ


    لاڙي بندر

    (1) تعارف

    لهري يا لاڙي بندر سنڌ جو هڪ قديم تاريخي بندرگاهه آهي، جنهن سنڌ جي تجارت، معيشت ۽ تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هي بندر سومرن جي دور کان وٺي ڪلهوڙن جي دور تائين سنڌ جي تجارت ۾ وهائو تاري جي حيثيت ۾ رکي ٿو. هن بندر جي حوالي سان اسين هت مٿئين دور جو تجارتي جائزو به پيش ڪنداسون.


    لاڙي بندر جي بيهڪ


    (2) نالو ۽ بيهڪ

    لهري بندر جو بنياد ڏهين صدي عيسوي ۾ پيو، جڏهن سنڌ ۾ عربن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ ديبل بندر ڦٽي ويو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ” ڏهين صدي عيسوي ۾ جئن سنڌ ۾ عربي حڪومت جو زور ٽٽو، تئين سندن طاقت ۽ واپار جي مرڪز ديبل جي اهميت ۽حفاظت به گهٽجڻ لڳي. ٻئي طرف مقامي حالتن جي تبديلي ۽ سنڌو ندي جي ڇوڙ وارين شاخن ۾ ڦير گهير سبب، خود ندي جي هڪ شاخ تي هڪ نئين سهولت پئدا ٿي، جنهن تي لوهاراني نالو پيو. ( چچ نامو – مترجم مخدوم امير احمد ص نمبر 381) يارهين عيسوي صدي ۾ البيروني جڏهن سنڌ ۾ آيو تڏهن هن ديبل سان گڏ لهري بندر جو به ذڪر ڪيو آهي. 1334ع ۾ ابن بطوطه سنڌ ۾ سنڌو ندي رستي هيٺ سمنڊ طرف ويو. هن اتي ديبل بندر کي ويران ڏٺو ۽ زمين تي ڀڳل بتن جا پٿر ڏٺا. ان وقت لهري کي خوبصورت ۽ مالدار ڏٺو. بهرحال لهري بندر، عربن جي حڪومت جي زوال کان پوءِ ترقي ڪئي.
    لهري بندر موجوده ميرپور ساڪري جي حدن اندر،سمنڊ کي ويجهو کاري مير واري ڀاڱي ۾ هو، جنهن جي ڀرسان الهندي طرف، سنڌو درياءَ جو قديم وهڪرو هو. تاريخ طاهري جو مصنف لکي ٿو ته ” سنڌو درياءَ ٺٽي شهر جي ڏکڻ کان وهي لاهري بندر جي ڀرسان سون مياڻي وٽ، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ٺٽي شهر ۽ لهري بندر جي وچ ۾ ٻن ڏينهن جو خشڪي ۽ دريائي مسافري، جيترو پنڌ آهي لهري بندر کان وٺي سمنڊ تائين وري هڪ ڏينهن جي مسافري جيترو پنڌ آهي انهي وچ ۾ هڪ ڳوٺ سون مياڻي آهي. ( تاريخ طاهري ص نمبر 115) هنٽر صاحب سنڌ گزيٽيئر ۾ لکي ٿو ته ” لهري بندر سنڌو درياءَ جي مشرقي شاخ تي سمنڊ کان 20 ميل اندر طرف هڪ ڳوٺ هو.“ ( بحواله تاريخ آئينه قديم سنڌ شمس الدين قريشي ص نمبر 612) البيروني جي راءِ آهي ته ديبل کي هڪ ساحلي بندر کان 12 فرسخ ( 36 ميل ) پري هو. ( چچ نامو ص نمبر 386) مورخ سنڌ جناب مولائي شيدائي لکي ٿو ته ” لاهري بندر ديبل کان 5 ميلن جي مفاصلي تي سمنڊ کان ويهه ميل اندرئين پاسي مهراڻ جي الهندي واري شاخ تي هو. ( جنت السنڌ ص نمبر 323) ساڳيو مصنف تاريخ تمدن سنڌ ۾ لکي ٿو ته ” لاهري بندر بگهاڙ جي ڇوڙ وٽ، سمنڊ کان ٿورو مٿڀرو ٺٽي کان 40 ميلن جي مفاصلي تي هو. (جنت السنڌ – ص نمبر 379) ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو رايو آهي ته ” لوهاراني بندر“ ان ننڍي منهن تي هو جنهن کي موجوده تحقيق مورخن ڌار ڌار نالا ڏنا آهن. 16 صدي عيسوي ۾ جڏهن پورچيگيز هت آيا، تڏهن هنن لهري بندر کي لاهوري بندر، ديوئل سنڌي ۽ ديوئا خواهه لاڙي بندر ڪري لکيو. (جنت السنڌ – ص نمبر 379)پورچوگيزن ۽ انگريزن جي ديوئل مان ائين سمجهجي ٿو ته هنن لهري کي نئون ديبل لکيو جيڪو اصل ۾ هڪ ڌار بندر هو. مولائي شيدائي مرحوم جو خيال آهي ته ” هن تي لاهري نالو لاهر قوم ڪري پيو، جيڪا سنڌو ندي جي ڊيلٽا تي، تجارت پيشه قوم هئي. ( تمند سنڌ – ص نمبر 390) ڪن مورخن جو رايو آهي ” هن تي لاهري بندر نالو ان ڪري پيو جو هتان لاهور جو مال، سمنڊ رستي ٻاهر ويندو هو. ( چيتن ماڙيوالا – ماهنامه نئين زندگي جولاءِ 1964ع) پر موجوده دور جو محقق جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته ” هن بندر جو اصلي نالو لاڙي بندر آهي، جنهن تي لاڙ واري خطي ۾هئڻ ڪري اهو نالو پيو. ( لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ – ص نمبر 332)


    (3) سومرن ۽ سمن جو دور

    لاڙي بندر سومرن جي دور ۾ سنڌ جو مشعول ترين بندر هو. سنڌ جو واپار سمنڊ رستي هرمز، قيس، بحرين، عدن، گجرات، ملبار، ڪارومنڊل ۽ چين سان ملندو هو. مٿين ملڪن جي دولت سنڌ جي بندر لاهري ڏانهن ڇڪجي ايندي هئي. مٿيون واپار عربي ۽ چيني جهازن جي معرفت هلندو هو. چين جا جهاز جنڪ سڏبا هئا. انهن واپارين معرفت سنڌ جو ڪپڙو هندوستان جي بندرن تي نيڪال ٿيندو هو. معبر کان ريشمي ڪپڙو، خوشبودار شيون ۽ سچا موتي، قافلن جي وسيلي خراسان تائين پهچائيندا هئا. تراريون، گهوڙن جو زينون، ڪپڙو ۽ خوشبودار مصالحا سنڌ مان ٻاهر ويندا هئا. هرمز، قيس توڙي بحرين ۽ عدن کان هرسال ڏهه هزار گهوڙا سنڌ ۽ هندستان جي شهرن ۾ وڪري لاءِ ايندا هئا. ( جنت السنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 332) سومرن حاڪمن نشيدار شين جي وڪري تي پابندي وڌي هئي. شهر ۾ محتسب مقرر هئا جيڪي شين جا اگهه سرڪاري طور مقرر ڪيا هئا، جيئن واپاري رعايا سان ٺڳي ڪري نه سگهن. شهر ۾ اُٺ کان وٺي سئي تائين جون قيمتون مقرر رهيون. خريدارن کي حڪم هو ته ضرورت آهي. شيون خريد ڪن. ذخيره اندوزي جي سخت ممانت هئي. وڏن شهرن ۾ سرڪاري دڪان لکيل هئا، جتان ضروري شيون مقرر اگهن تي عوام آساني سان خريد ڪري سگهندو هو. واپارين کي سرڪار پئسا ڏيندي هئي. جيئن هر قسم جون ديسي خواهه ڌارين ملڪن جون شيون مهيا ڪري سگهن. شهرين کي شهر جي رئيس وٽان شين خريد ڪرڻ لاءِ راشن ڪارڊ ملندا هئا. ( تاريخ تمدن سنڌ – ص نمبر 390)
    سومرن کان پوءِ سمن جو دور اچي ٿو. هن دور ۾ سنڌ جي واپار وڏي ترقي ڪئي. سمن فرمانروائن، ڌاڙيلن کي پڪڙي کين سخت سزائون ڏيئي کانئن ڦر ۽ چوري جو مال هٿ ڪري، اصلي وارثن کي پهچايو ان ڪري رستن ۾ امن امان هو. شين جي اگهن جي جاچ ڪرڻ لاءِ هر هڪ شهر ۾ ناظم مقرر ڪيا ويا. هن دور ۾ لهري بندر کي ايڏي اهميت هئي، جيڏي مصر جي بندر اسڪندريه کي واپار ڪري هئي. ٺٽو ۽ لهري سنڌ جا مشهور شهر، واپار ۽ صنعت ڪري اٽلي جي شهر وينس، فلورنس ۽ جينوا کان به وڌيڪ دولتمند هئا. ( سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ڊاڪٽر ڇٻلاڻي ص نمبر 87) هن دور ۾ لهري بندر تان جيڪي شيون سنڌ جي شهرن ۾ وڪامنديون هيون سي آهن وولگا جي چمڙي جا گوڏن تائين ڊگها بوٽ، سائبريا جا سئمور، هرات جي شراب ۽ ڀنگ، قاهر ۽ شيراز جو ترارون، خراسان جو ڪيمخوب، يزد ۽ ڪرمان جو لنگيون، طبرير جو اطلس وغيره. هن دور ۾ يورپ وارن کي مشرقي شين لاءِ، سون ۽ چاندي ڏيڻو پوندو هو. واپارين کي مال پهچائڻ لاءِ گهڻو خرچ ڪرڻو پوندو هو، تاهم به نفعو بي حد گهڻو هو. واپارين کي جده ۽ قاهره ۾ مال رجسٽرڊ ڪرائڻو پوندو هو. اهو ڪم سندن گماشتا ڪندا هئا، مٿين شهرن ۾ بئنڪون هيون. واپار جو ڪاروبار هنڊين ذريعي هلندو هو. ( جنت السنڌ – مولائي شيدائي ص نمبر 332)


    (4) ارغونن ۽ ترخانن جو دور

    ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ هرات، خراسان ۽ قنڌار سان رستا واپار لاءِ سنڌ سان کليل هئا. سمنڊ رستي واپار لاهري بندر ۽ ٺٽي سان چالو هو. ان زماني ۾ سمنڊ تي پورچوگيزن جو قبضو هو. هنن 15 سالن ۾ ڊيو، گوئا، جزائرالشرق جي ڀيٽن مان ملاڪا، گولا، عدن، مورئمبڪ، هرمز تي قبضو ڪري قلعا تعمير ڪرائي سموري واپار تي قبضو ڪيو. سنڌ تي به سندن حريصد نگاهون پوڻ لڳيون. 1555ع ۾ هنن ٺٽي تي حملو ڪري، ان کي باهه لڳائي. ان ئي زماني ۾ هنن لهري بندر تي تجارتي ڪوٺي قائم ڪئي ۽ گمرگ ڪسٽم اڳاڙڻ شروع ڪئي. سندن اڳواڻ آگسٽ مين فاررس لهري بندر کي پنهنجي مذهب جي تبليغ جو مرڪز بنايو. هن لهري بندر ۾ هڪ ديول به ٺهرائي جنهن جي ڀتين تي ثثليث جون تصويرون نڪتل هيون. ( ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ – سه ماهي مهراڻ 1984 / 4) ص نمبر 129) ان دور ۾ سنڌ جو سمورو واپار، جيڪو ايراني نار ۽ گجرات سان هلندو هو، سو پورچوگيزن جي ور چڙهي ويو. سنڌي جهاز فقط مانڊوي ۽ پر بندر تائين مشڪل سان ويندا هئا. هت پورچوگيزي ڊالر ۽ گجرات جو سڪو لاڙي رائج هئا. مرزا عيسى ترخان پنهنجو سڪو عيسائي نالي جاري ڪيو. مير زاجاني بيگ ان جي قيمت گهٽائي، مٿس پنهنجي نالي تي ميري نالو رکيو هو. ( تحفته الڪرام – ج 3، ذڪر ترخان )
    خلجي دور ۾ سنڌ جي واپار وڏي ترقي ڪئي. هن زماني ۾ سنڌ جو واپار لهري ۽ تيز بندر رستي ٿيندو هو. سنڌ جو واپار عدن ۽ آفريڪا سان به هلڻ لڳو. عربستان ۽ ايران جا سوداگر تيز، کنڀات ۽ لهري بندر تان گهوڙن جو واپار ڪري، اتان ڪپهه، نير ۽ چمڙو خريد ڪندا هئا ۽ سنڌوندي تي جهازراني چالو هئي، ان ڪري واپار زور وٺڻ لڳو.
    محمد تغلق جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو. تڏهن لهري بندر مشغول ترين بندر هو، جنهن جي سالياني آمدني سٺ لک دينار هئي. ان ڪري هن هيءَ بندر قاضي علاءُ الملڪ کي جاگير طور ڏنو. هن ئي زماني ۾ ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو ۽ هن لهري سنڌ ۾ آيو ۽ هن لهري بندر کي چڱي طرح ڏٺو ته ” لهري هڪ سٺو شهر آهي. هت سنڌو درياءَ سمنڊ ۾ ڪري ٿو، هي شهر هڪ وڏو بندر به هو، جتي يمن، فارس ۽ ٻين هنڌن جا واپاري جهاز، مال آڻيندا هئا ۽ هت انهن جو واپاري ڪوٺيون به هيون. هي بندر مالدار ۽ خوبصورت هو. منجانئس اٽڪل 60 لکن جو محصول ڪٺو ٿيندو هو.“ ( سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ڊاڪٽر ڇٻلاڻي ص نمبر 103)
    هن زماني ۾ لهر جي ڪري سنڌ جو واپار ساري دنيا سان جاري هو. ابن بطوطه اسڪندريه ( مصر ) جي محلي سوهن ۾ سنڌي واپارين جي ڪوٺي ڏٺي هئي ۽ ٻي ڪوٺي ملباري مسلمان واپارين جي هئي. جتي درويشن لاءِ لنگر به جاري هو. مصر، شام ۽ عراق جا واپاري هت رهندا هئا. واپار کي ترقي ڏيارڻ لاءِ تغلق حاڪمن، صوبي ۾ وڏو بندوبست ڪيو هو. رستن جي سلامتي جو انتظام، صوبائي حڪومت جي حوالي هو. شاهي رستن تي، سزائون جوڙيون ويون، جتي مسافرن کي سرڪار پاران، لنگر مان کاڌو ۽ ڪچو سيڌو ملندو هو. بار برداري جي جانورن لاءِ گاهه پٽي جو انتظام، سرڪار پاران ڪيل هو. هرهڪ سراءِ ۾، قافلن جي سلامتي لاءِ شقدار جوابدار هو. ندين تي پتڻن جو انتظام هو. خطرناڪ رستن تي فوجي چوڪيون ۽ ننڍڙا قلعا واپارين جي حفاظت لاءِ قائم هئا. ( تاريخ تمدن سنڌ – ص نمبر 232)
    1001هه ۾ جڏهن سنڌ تي مرزا جاني بيگ جي حڪمراني هئي، تڏهن پورچوگيز لهدي ۽ ٺٽي ۾ موجود هئا ۽ هنن ٻنهي شهرن جي واپار تي سندن مڪمل قبضو هو. هن زماني ۾ اڪبري لشڪر جي سپهه سالار عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي ڪاهه ڪئي. ان وقت سنڌ جي حاڪم مرزا جاني بيگ، لهري بندر ۾ رهندڙ پورچوگيزن کان فوجي مدد ورتي، جن بارود سان لهري ۽ ٺٽي کي وڏو نقصان پهچايو. پر جڏهن خان خانان کي فتح نصيب ٿي، تڏهن هن پاڻ وڃي لهري بندر مان پورچوگيزن کي تڙي ڪڍيو ۽ لهري تي مڪمل قبضو ڪري ورتو. هن سندن واپاري ڪوٺيون به ختم ڪر ي ڇڏيون. بعد ۾ جڏهن مرزا جاني بيگ بادشاهي درٻار مان مشرف ٿي چڪوته اڪبر بادشاهه سلطنت جي تذيير مطابق سيوهڻ ۾ لهري بندر واريون راڄڌانيون قبضي ۾ آڻي مرزا جاني بيگ کان الڳ ڪري شاهي تحويل ۾ آنديون ۽ باقي چار راڄڌانيون مرزا جاني بيگ کي جاگير طور بخش ڪيائين. ( تاريخ مظهر شاهجهاني – نياز همايوني ص نمبر 186)


    (5) مغلن جو دور

    مغلن جو دور لهري بندر جي اوج جو دور هو. هي بندر هندستان ۾ داخل ٿيڻ هڪ مکيه لنگهه هو. ان وقت هي مشغول ترين بندر هو ۽ هندستان جي پرڏيهي واپار ۽ سنڌ جي سامونڊي واپار جو مکيه هنڌ هو، جنهن پوءِ ڊچن ۽ انگريزن کي به ڇڪي آندو. هن بندر جو ڪنارو ڪشادو ۽ ويڪرو هو، جتي ٻن سون کان ٽن سون جا جهاز جي ان وقت وڏي ۾ وڏو جهاز ليکبا هئا، اچي لنگر انداز ٿيندا هئا. جڏهن ڪوبه جهاز لهري بندر کي ويجهو پهچندو هو ته خبر ڏيڻ لاءِ توب ڇوڙيندو هو. پوءِ مير بندر هڪڙو قاصد ٺٽي ڏنهن اطلاع ڏيڻ لاءِ موڪليندو هو ته واپارين کي پتو پئجي سگهي ته فلاڻي ملڪ جو جهاز فلاڻي قسم جو ڀريل مال سان پهتو آهي. پوءِ هتان واپاري قافلن ذريعي مال ٺٽي ۽ ملڪ جي ٻين حصن ڏانهن موڪليو ويندو هو. هر قافلي سان ٻه سئو سوارن جو دستو، حفاظت لاءِ ساڻ هلندو هو. ڇو ته بندر جي اڀرندي پاسي ڪڪرالي ڄامڻ، رڻ ٻاري ڏنو هو ۽ الهندي ڪپ تي مڪراني بلوچن جو راڄ هو. هي ٻروچ قبيلا واپاري قافلن کي ڦريندا هئا. هڪ دفعي پنج سئو مسلح بلوچن جي جٿي هڪ واپاري قافلي کي ڦريو هو ان ڦرلٽ کي بند ڪرڻ لاءِ ٺٽي جي گورنر شهر کان 2 ميل پري ڪئمپ اچي لڳائي هئي ۽ اهڙن بلوچن ۽ مڪراني ڌاڙيلن کي پڪڙي سزائون ڏنيون. ان کان سواءِ لهري بندر ڏانهن ايندڙ رستن تي چوڌاري سرن يا پٿرن جو سزائون ٺهيل هونديون هيون جيڪي ننڍڙن قلعن وانگر هيون. اتي ننڍڙا ڳوٺ به هوندا هئا، جيڪي ڪڪڙ، رڍون ۽ ٻڪريون مسافرن کي وڪڻندا هيا. بندر ڏانهن ايندڙ ويندڙ قافلا رات جو سراءِ ۾ رهندا هئا. سڇ لٿي مهل، سراءِ جا دروازا بند رهندا هئا ۽ صبح جو سوير کلندا هئا. جيڪڏهن اندر ڪابه چوري ٿيندي هئي ته تيسين در نه کلندو هو،جيسين چوري ٿيل مال چور مالڪ کي موٽائي نه ڏيندو هو . انهن سزائن ۾ هزار کان مٿي جانورن، اٺن، گهوڙن ۽ گاڏين سميت قافلا سمائجي سگهندا هئا. ( تاريخ تمدن سنڌ – ص نمبر 490) لهري کان سمنڊ جو مال، قافلن رستي ننگر پارڪر به ويندو هو. هر هڪ قافلي ۾ 15 سئو اٺ هوندا هئا. مغل دور ۾ هتان لاهور وڃڻ لاءِ، چار هزار ٻيڙيون هونديون هيون ۽ في ٻيڙي تي ٽن سئو ٽنن جيترو مال چڙهندو هو. لاهور کا ن لهري تائين چار روپيا في ٻيڙو محصول ۽ ڀاڙو هڪ هزار مڻ جو اڍائن سئو روپيا هو .لهري بندر تي هر هڪ شيءَ جو اگهه مقرر هوندو هو. اتان ڪپڙو، نير، ريشم،اُن، لوڻ، قلمي شورو، چمڙو، مڇي، آفيم ۽ چوپايو مال ٻاهر موڪليو ويندو هو. مارواڙا ۽ بلوچستان کان کٿا سنڌ جي شهرن ۾ وڪري لاءِ ويندا هئا. گجرات کان ريشمي ڪپڙو، اطلس ۽ ڪيمخواب، ملتان کان رنگ ريشمي ڪپڙو ۽ جڙي ٻوٽيون، خراسان کان خشڪ ۽ تازا ميوا، ڪلابازيون ۽ نمدار درآمد شيون هيون. اڇا چانور، اپر سنڌ جي شهرن مان لاڙ جي شهرن ۾ پهچندا هئا. لاڙ وارو ڀاڱو گهڻو ڪر مشهور هو. هر سال خراسان جا قافلا سنڌ ۾ ايندا هئا. ان وقت، ابو الفضل جي لکڻ موجب لهري بندر جي سالياني آمدني هڪ لک 38 هزار هئي. ان دور ۾ مير عبدالرزاق سموري ضربخاني جو نگران ۽ منظم هو. پڇاڙي واري زماني ۾ ابو لفتح هتان جو مير منشي هو. هن زماني ۾ سنڌ اندر دام، جيتل ٽنڪا، روپيا ۽ اشرفيون هلنديون هيون بکر ۽ ٺٽي ۾ سرڪاري ضربخانا هئا. اڪبري اشرفي جي قيمت 9 روپيا ۽ عالمگيري اشرفي جي قيمت 16 روپيا هئ. مغليه سڪن کان سواءِ ايراني سڪا جهڙوڪ عباسي، محمدي ۽ صفويه چالو هئا. ايراني سڪن جي قيمت چار آنا هئي. گجرات جا روپيه لاڙي، بيجاپور ۽ گولڪنڊي جون اشرافيون ( پگوڊا ) به چالو هيون، ليڪن واپارين کي ڌارين ملڪن جا سڪا، سنڌ اندر بندرن تي مٽائڻا پوندا هئا. ( جنت السنڌ ص نمبر 332) هن دور جو مشهور خشڪي رستو اٽڪ کان هو گلي ( بنگال ) هو، جيڪو دره خيبر کان براءِ ڪابل، بلخ ۽ بدخشان کان سمر قند ويندو هو. ٻيو رستو آگره کان اجمير ويندو هو. ٽيون رستو جيسلمير کان عمرڪوٽ ۽ نصرپور ويندو هو، جتان ٺٽي ڏانهن ويندو هو. مهراڻ وارو اندروني رستو به واپار لاءِ ڪارگر هو. آگرهه ۽ ڪابل واري رستي تي لاهور، ملتان ۽ بهاولپور جو مال درياءَ رستي ٺٽي پهچندو هو. سنڌ جا مشهور شهر بکر سکر، لاهري، سيوستان، سن، نصرپور،هالاڪنڊي ۽ ٺٽو واپار ۽ هنر جا مرڪز خاص پتڻ هئا.
    مغلن جي زوال کان پوءِ، سنڌ ۾ ڪلهوڙن حاڪمن خودمختياري حاصل ڪئي. ڪلهوڙن جي هڪ امير، محمد چنا خان ملتان جي حاڪم وٽ پيش ٿي، کيس تحفا آڏو رکيا. ملتان جي حاڪم خوش تي ڄام جو لقب به ڏنائينس ۽ هڪ وڏي جاگير به ڏنائينس. هن هي به حڪم ڪيو ته اٻاوڙي کان وٺي لهري بندر تائين سڄي سنڌ جو ڍل چني خان جي معرفت شاهي خزاني ۾ جمع ڪيو وڃي. ( تاريخ سنڌ عهد ڪلوڙا – مولانا غلام رسول مهر ص نمبر 425) ان کان پوءِ لهري بندر ڪلهوڙن جي قبضي ۾ رهيو. 1729ع ۾ جڏهن نادر شاهه افشار ايراني سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هن سٺ ڪروڙ روپين جي روڪڙ ۽ هيرن جواهرن ڦرڻ سان گڏ، سنڌ جي وحدانيت کي ٽوڙي، ٽن ٽڪرن ۾ ورهايو. تن ۾ هن اٽڪ درياءَ ۽ سانڪڙا واهه جي اولهه وارا علائقا، پنهنجي قبضي ۾ رکيا ۽ لهري بندر جو شهر ۽ اٽڪ درياءَ، جي اوڀر وارا سمورا، علائقا هندستاني سلطنت ۾ رکيا. (تاريخ سنڌ عهد ڪلوڙا – مولانا غلام رسول مهر ص نمبر 425) آخر ۾ محمد مراد ياب ڪلهوڙي ڪوشش ڪري سنڌ کي هندستاني سلطنت کان ڌارڪرايو.


    (6) ڪلهوڙن جو دور

    ڪلهوڙن جي دور ۾ انگريزن 1799ع ۾ لهري بندر ۾ قلمي شوري صاف ڪرڻ جا ڪارخان کوليا. هن دور ۾ لهري بندر هڪ شاهوڪار، امير ۽ دولتمند شهر هو، جتي پئسي جي فراواني جام هئي. ماڻهو خوشحال ۽ فارغ البال هئا. انگريزي ڪوٺين وارا لکن ٿا ته ” هن شهر جي اڏاوت جيتوڻيڪ سٺي نه هئي، تڏهن به منجهس آدم گهڻو رهندو هو ۽ ضرورتن جون سڀئي شيون چڱي انداز ۾ موجود هيون.“ ائنٽونيو لکي ٿو ته ” هي تمام وڏو بندر هو ۽ آدمشماري به تمام گهڻي هيس.“ ( سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ڊاڪٽر ڇٻلاڻي ) هڪ انگريز واپاري هئملٽن 1699ع ۾ لاهري بندر پهتو. هو لکي ٿو ته ” ملڪ ۾ چوطرف ڌاڙيلن جا ٽولا قافلن جي تلاش ڪندي گهمندا هئا. مغل سردار رستن کي سلامت رکڻ کان قاصر هئا. ان زماني ۾ لهري بندر ۾ هڪ سئو ڪاٺ ۽ مٽي جا گهر هئا. شهر جي وچ ۾ پٿرن جو هڪ قلعو هو، جنهن تي بلوچن جي ڪاهن کي روڪڻ لاءِ پنج ڊگهيون توبون رکيل هيون. هئملٽن پاڻ سان ملبار کان ڏهن لکن پائونڊن جو سامان آندو هو. سندس قافلي ۾ 15 سئو اٺ ٻارن ۽ زالن سان پهتا. هن جي قافلي سان گڏ، ٻن سون مسلح سوارن جو جٿو به هو. جڏهن هي قافلو لهري کان 16 ميل پري هو ته مڪراني بلوچن مٿن حملو ڪيو. ان وقت هئملٽن سان ٻه خلاصي هئا. هڪڙي خلاصي ٻه ڌاڙيل، بندوق جي گولين سان ماري وڌا. اهڙي روبڪار حالت ڏسي قافلو هڪڙي سراءِ ۾ پهتو، جنهن کي ڌڱاڻ جو ڳوٺ چوندا هئا، جتي ٿوريون جهوپڙيون مالدارن جون هيون، جيڪي ڪڪڙ، رڍون ۽ ٻڪريون، مسافرن کي وڪڻندا هيا. ڪي غريب هئا، جيڪي انگريزن جي شوري صاف ڪرڻ لاءِ ڪارخاني ۾ نوڪر هئا. ٺٽي ۽ لهري ڏانهن ايندڙ ويندڙ قافلا رات هن سراءِ ۾ گذاريندا هئا.“ هئملٽن لهري بندر لاءِ وڌيڪ لکيو آهي ته ” سنڌ مغل سلطنت جو سڀ کان الهنديو پرڳڻو آهي، جو سمنڊ جي ڪناري سان آهي. انهيءَ پرڳڻي ۾ سمنڊ کان پنج ڇهه ليگ ( هڪ ليگ = 3 ميل ) پري سنڌوندي جي هڪ شاخ جي ڪپ تي لاڙي بندر آهي، جتي ٻه سئو ٽنن جا، باربردار جهاز اچي سگهن ٿا . هت مسقط ۽ ٻين پاسن کان جيڪو مال ايندو هو، سو هن بندر تي اچي لهندو هو ۽ هتان ٺٽي ڏانهن موڪليو ويندو هو.“ ( لاڙ جي ادبي تاريخ – ص نمبر 98)


    (7) زوال

    لهري بندر جو اوج 18 صدي جي شروع ۾ گهٽجڻ لڳو. مشهور ڪلهوڙن حاڪم غلام شاهه سنڌ جي واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ نئون بندر شاهبندر جي نالي 1759ع ۾ ٺهرايو، جنهن ڪري سنڌ جو سمورو واپار اتان ٿيڻ لڳو. هڪ ٻيو بندر، اورنگا بندر به هن دور ۾ ترقي ڪرڻ لڳو. غلام شاهه انهن ٻنهي بندرن تي تجريبڪار نائب وهاريا، ان ڪري لهري بندر جي اهميت هوريا هوريان گهٽجڻ لڳي. طبعي لحاظ کان به ان دور ۾ لهري بندر پوئتي پوڻ لڳو. سنڌوندي جنهن جي وهڪري تي لهري جو عروج هو، اها منهن مٽائڻ لڳي. ان کان سواءِ سنڌو جي جنهن شاخ تي هي بندر هو، اها هوريان هوريان سوڙهي ٿيڻ لڳي، ان ڪري جهاز سمنڊ مان، هن بندر ڏانهن اچي نه ٿي سگهيا.
    ڊاڪٽر ڇٻلاڻي لهري جي تباهي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” درياءَ جو ٻيٽ واري ۽ رءُ سان ڀرجي پيو ۽ بندر تائين دريائي آمدرفت مشڪل ٿي پيئي. ان دوران ٻيا بندر جهڙوڪ: اورنگا بندر، شاهه بندر، دستا بندر، وکر، داراجا ۽ ڪراچي، اسري پيا ان ڪري هن بندر جي اهميت گهڻي ويئي، تان جو سندس نشان به نه رهيو. ( سنڌ جي اقتصادي تاريخ ص نمبر 616)


    (8) مشهور شخصيتون

    لهري بندر پنهنجي دور ۾ وسندڙ شهر هو. هت هر شيءَ جي فراواني هئي. ابن بطوطه جي لفظن ۾ ” سمنڊ جي ڪناري تي لهري نهايت خوبصورت شهر هو.“ هت ڪيترائي عالم، فاضل ۽ شاعر رهندا هئا. مير قانع جي لفظن ۾ ” هي شهر سيدن سڳورن ۽ وقت جي فاضلن جي رهڻ جو هنڌ هو.“ ( تحفته الڪرام – مير قانع ص نمبر 530) هت انهن مان ڪن شخصيتن جو ذڪر ڪجي ٿو.

    ( الف ) الفتح
    هي عبدالجميل جو وڏو پٽ هو. شاهجهان جي دور ۾ لهري بندر اورنگزيب جي ماءُ جي حوالي هو. جڏهن شهزادو اورنگزيب ملتان ۾ آيو تڏهن لهري جي شاهه بندر کي حساب ڪتاب لاءِ گهرايو. تڏهن شاهه بندر جي منشين ۾ شهزادي جي حضور ۾ ابو الفتح به حاضر ٿيو. دفتر جي چڪاس کان پوءِ هن اورنگزيب اڳيان معاشي مدد لاءِ درخواست پيش ڪئي، جنهن ڪري اورنگزيب کيس پڪن منشين ۾ شامل ڪيو. سندس علمي جوهر ۽ انثاءَ جي قابليت ڏسي، اورنگزيب بادشاهي جي دور ۾ مير منشي ۽ مدرالمهام بنائي ” قابل خان“ جو لقب ڏنو. سندس انشاءَ دنيا ۾ مشهور آهي.

    ( ب ) محمد شريف
    هي عبدالجميل جو پٽ ۽ ابوالفتح جو ڀاءُ هو. اورنگزيب سندس آڌرڀاءُ ڪيو. ابوالفتح جي فتح کان پوءِ هي قائم ٿيو ۽ قابل خان جو خطاب ورتو. سندس انشاءَ پنهنجو مٽ پاڻ هو.

    ( ث ) محمد شفيع
    هي عبدالجميل جو ٽيون پٽ ۽ ابوالفتح جو ننڍو ڀاءُ هو، جيڪو به علم، فن ۽ فضيلت جو جامع هو. اورنگزيب کائنس امتحان وٺي، وڏي عهدي تي پهچايو.

    ( ج ) عبدالهادي
    هي مخدوم عثمان جي اولاد مان هو. هو لهري بندر تي، مغلن طرفان منشيگيري جو فرائض انجام ڏيندو هو.

    ( د ) ملا عبدالرشيد
    مرزا غازي بيگ جي محفل ادب جو مشهور شاعر ۽ فقيهه، ملا عبدالرشيد به هتان جو رهاڪو هو، جنهن کي غازي بيگ، وڏي دولت ڏيئي، پاڻ وٽ گهرائي ” خاني “ جو لقب ڏنو. ( تحفته الڪرام – مير قانع ص نمبر 553)
    مطلب ته لهري بندر يارهين صديءَ تائين سنڌ جو هڪ مشغول بندر ۽ عظيم تاريخي شهر ۽ مرد خيز خطو هو. جنهن سان اسان جي سنڌ جو شاندار ماضي ۽ تجارتي ماضي ۽ تجارتي عروج جي تاريخ وابسته آهي.


    ايسٽ انڊيا ڪمپني جو سنڌ ۾ واپار

    (الف) پس منظر

    سورهين عيسوي صدي جو زمانو هو. هندستاني مغل مسلمان حڪمرانن جي حڪومت هئي. برصغير معاشي لحاظ کان آسودو ۽ خوشحال هو. ملڪ ۾ سون، چاندي ۽ ٻين قيمتن جو ذخيرو گهڻو هو. شيون سهانگيون ۽ اپت جهجهي هئي، ان ڪري ملڪ ۾ فارغ البالي هئي. ماڻهو سکيا ستابا هئا. ڪڙمي، ننڊا واپاري، ڪاريگر، رواجي ڪمي، دوڪاندار ۽ وڏن ماڻهن جا شخصي نوڪر عام ماڻهن جي اٿاهه طبقي ۾ شامل هئا. ان زماني ۾ آبادي گهٽ هئي، ان ڪري زمين گهڻي هئي. زرخيزي جو مقدار وڌيڪ هو. آبادگار آسودا هئا. حڪومت عام ماڻهن جو وڏو خيال رکندي هئي. ٻاهرين ملڪن سان سٺي واپار ۽ ملڪ اندر گهڻي کپت هئڻ سبب صنعت ۽ حرفت وڌي رهي هئي. زندگي جو عام معيار بلند هو.
    انهي زماني ۾ هندوستان مان ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو، ڪشمير جو شالون، غاليچا، کنڊ ۽ مکڻ مان ٺهيل شيون ايران ترڪي شام عربستان وغيره ملڪن ڏانهن وينديون هيون. هيرا، موتي، مصالحا، آفيم، شورو، جانورن جو کلون، چمڙو، نير ۽ رڱڻ جو ٻيو سامان به روانگي جي مال ۾ هوندو هو. اڪثر سامونڊي واپار سورت، گواڪئليڪٽ، مسليپٽم، چٽاگانگ ۽ سونار گائون جي بندرگاهن رستي هلندو هو. هت ڪپڙي جي صنعت چوٽ تي هئي. ريشمي رومال، زري ڀريل ٽوپيون، سهڻا ڪوپ ۽ بسيون، فولادي بندوق، خنجر ۽ ڪئنچيون هندستان جي گهڻن علائقن ۾ ٺهنديون هيون. چيني سياح فاهين چڏهن هت پهتو، تڏهن پنهنجي سفرنامي ۾ هن لکڻ تي مجبور ٿي پيو ته ” هتان جي رعيت نهايت خوشحال ۽ فارغ البلاغ آهي. ڪنهن به قسم جو ڍل ۽ محصول ادا ڪرڻو نه ٿو پوي، ۽ نه ئي آفيسرن جو رڪاوٽون ماڻهن جي ڪاروبار ۾ حائل ٿين ٿيون. ماڻهو جيڪا سرڪاري زمين کيڙين ٿا، ان جي پئداوار جو تمام ٿورو حصو بطور ڍل ڏين ٿا. راجا ڪنهن کي به بدلي سزا نٿا ڏين.
    هي ئي دور هو جڏهن يورپي سياح هت آيا. هنن جيڪي به ڏٺو تنهن کين اچرج ۾ وجهي ڇڏيو. سباسيتن مانريڪو ڪپهه جو سامان، تماڪ، آفيم ۽ ٻيون شيون گهڻي انداز ۾ ڏسي وائڙو ٿي ويو. برنيئر کي هتان جي روانگي معلوم ڪري، ڏندين آڱريون اچي ويون. هو لکي ٿو ته ” بنگال براعظم سلون، بحرالهند جي ٻيٽن ڏانهن چانور ۽ کنڊ موڪلي ٿو. هت ڪپهه ۽ ريشم تمام گهڻو ٿئي ٿو ان ڪري هن کي هندستان يا مغل حڪومت جي ڀروارين حڪومتن لاءِ ٻين جنسن جو گدام سڏي سگهجي ٿو.“ مسٽر ڊائو لکي ٿو ته ” هي سلطنت دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ دولتمند، آباد ۽ زراعت جي خيا ل کان بهترين آهي. هتان جا وڏا ماڻهو تاجر دولتمند آهن ۽ عام ماڻهو هاري خواهه پورهيت خوشحالي ۽ آسائش جي برڪتن سان مالا مال آهن.“ برنيئر لکي ٿو ته ” هتان هر سال وڏا وڏا جهاز سامان سان ڀرجي برما، ملايا ۽ اوڀر آفريڪا ڏانهن ويندا هئا جتان وڏي تعداد ۾ قيمتي جواهرات کڻي موٽندا هئا.“ هئملتن جيڪو اورنگزيب جي زماني ۾ هت آيو، اهو لکي ٿو ته ” ملڪ ۾ امن امان آهي. سستائي عام آهي. ڳائو گوشت ٽن فارنگن ( ٻن پئسن ) ۾ اڌ سير ملي ٿو. هڪ ٽن لوڻ ( هڪ ڪرائون) چند آنن ۾ ملي ٿو. ٻن آنن ۾ هڪ سئو مڇيون ملن ٿيون، جيڪي ايڏيون ته وڏيون ٿين ٿيون، جو ٻن مڇين کائڻ سان ماڻهو جو پيٽ ڀرجي وڃي ٿو . ڊاڪا ۾ اناج ۽ ٻيون ضروري جنسون، ايتريون ته سستيون ملن ٿيون، جو انهن جي جيڪڏهن قيمت ٻڌائي وڃي ته منهنجي ڳالهه تي ڪوبه اعتبار نه ڪندو. ملڪ بيحد آباد آهي. مون کي هڪ ماڻهو ٻڌايو ته 5 سئو پائونڊ چانور هڪ رپئي ۾ ملن ٿا. احمد آباد تمام وڏو شهر آهي. دولت جي فراواني ۾ يورپ جي ڪنهن به شهر کان گهٽ نه آهي. ان جي سالياني آمدني 16 لک 25 هزار پائونڊ ( اٽڪل اڍائي ڪروڙ) روپيا آهي، جيڪا سورت جي آمدني کان ڏهوڻي آهي. هندوستان ۾ بهترين ڪپڙو تيار ۽ گهڻائي ۾ ملي ٿو. اهڙو سٺو ڪپڙو مصر ۾ ملڻ مشڪل آهي. هت سٽ مان اهڙو ڪپڙو تيار ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ڏاڍو نرم ۽ نفيس آهي ۽ مضبوط به اهڙو جو مان ان جهڙو نه ڏٺو نه پاتو.“ ( تاريخ انقلابات عالم ج اول – ص 4)
    هن دور ۾ واپاري توازن سدائين برصغير جي فائدي ۾ رهيو، ان ڪري هت سون ۽ چاندي جا ذخيرا هئا. هاوڪنس لکي ٿو ته ” هندوستان سون ۽ چاندي ۾شاهوڪار آهي ڇاڪاڻ ته سڀ ملڪ هت پئسا آڻين ٿا ۽ انهن جي بدلي، سامان خريد ڪن ٿا.“ برنيئر جو چوڻ آهي ته ” هندستان دنيا جي سون ۽ چاندي جو وڏو ذخيرو ڪمائي کڻي وڃي ٿو.“ اليگزنڊر لکي ٿو ته ” بنگال هڪ اهڙو ڪن آهي، جنهن ۾ ڪيترو به سون ۽ چاندي وڌو وڃي، پر ان جي ڀرجڻ جي اميد نه آهي.“ فرانسي سياح برهينر جو چوڻ آهي ته ” هندوستان هڪ اهڙو درياءَ آهي، جنهن ۾ ساري دنيا جي سون ۽ چاندي جو وڏو حصو، هر طرف اچي گڏ ٿئي ٿو ۽ مشڪل سان ٻاهر نڪري ٿو.“ نڪوڊي ڪانتي جو چوڻ آهي ته ” هندوستان ۾ ڄڻ سون جا درياءَ وهن ٿا. موتين ۽ جواهرن جي ڪابه کوٽ نه آهي.“ انهن بيانن کي سامهون رکي، عبدالله اوصاف لکي ٿو ته ” حضرت آدم عليه السلام جي زماني کان وٺي، هن وقت تائين دنيا جو ڪوبه اهڙو ملڪ نه آهي، جنهن هندوستان ۾ سون ۽ چاندي آڻي، ان جي بدلي ۾ هتان قيمتي جنسون، جڙي ٻوٽيون، سنگ مرر ۽ ٻيون شيون پنهنجي ملڪ نه کڻي ويو هجي. “ ( روشن مستقبل ۽ نفش حيات ج اول – مولانا حسين احمد مدني) .
    انهي سون، چاندي، زرعي پئداوار ۽ معدني شين يورپي قومن کي هرکايو. انهن قومن مان پهريائين پورچوگيز، واسڪوڊيگاما جي معرفت 22 مئي 1498ع ۾ ڪئلڪٽ پهتا. هنن ڪئلڪٽ، ڪوچين ۽ ڪئنتور ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون. ان کان پوءِ هوريان هوريان هو، بحري طاقت جي مدد سان، ڪوچين، سلون، اورمز، ڊيئو، هگلي، گوا ۽ سرنکاپيٽم جا مالڪ بنجي ويا ۽ نفع بخش هندستاني بحري تجارت تي هڪ هٽي قائم ڪرڻ جي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا. هنن لٽمار، قتل ۽ غارتگري ڪري، ساري هندستاني کي ڏڪائي ڇڏيو. خود هن قوم جو هڪ مصنف السيفوڊي سوزا لکي ٿو ” پورچوگيزن، هندستان جي ڪناري تي، هڪ هٿ ۾ ترار ۽ ٻئي هٿ ۾ صليب کڻي پير رکيو. برصغير ۾ تمام گهڻو سون ڏسي هنن صليب کي هڪ پاسي رکي، پنهنجا کيسا سون سان ڀرڻ لڳا. انسانن کي ڦرڻ، شهرن کي لٽڻ ۽ ساڙڻ بنهه درندا ٿي پيا ليڪن دولت ايتري ته اڪيچار هئي جو ترار کي ڦٽو ڪري سون ۽ چاندي ميڙڻ لڳا. آخر اهڙيون خرص ۽ هوس واريون ٻيون قومون مٿن غالب پئجي ويون. ( ڏيئي ڏنڀ ڏڏن – داداسنڌي – ص نمبر 122) هندوستان کان پوءِ هنن برازيل تي قبضو ڪيو تڏهن پنهنجو ڌيان اوڏانهن ڦيرايائون ان ڪري مٿن ڊچ قابض ٿي ويا. 1606ع ۾ ائمسٽرڊئم جي واپارين هالينڊ ۾ ” ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني “ قائم ڪئي. هنن 1641ع پورچوگيزن کان ملاڪا فتح ڪيو ۽ سلون تي قبضو ڪيو. ان کان پوءِ مشرقي ٻيٽن کي هٿ ڪري هندستان جي شهرن ڪوچين، ڪانانور، ناگاپٽم، ڪاليڪٽ، چنسورا، مدراس ۽ سيلون تائين ڪوٺين وجهڻ ۾ ڪامياب ٿيو ويا. 1781ع ۾ انگلينڊ ۽ آمريڪا سان جنگ لڳڻ وقت، ڊچن آمريڪا جو طرف ورتو هو، جنهن ڪري 1783ع ۾ ورسيلز جي معاهدي هيٺ سيلون ۽ ٽونڪو ملي کان سواءِ ٻيا سمورا شهر ڊچن انگريزن جي حوالي ڪيا.
    ڊچن کان پوءِ هت فرينچ آيا، جن 1604ع ۾ ” فرينچ ايسٽ انڊيا ڪمپني“ قائم ڪري، هندستان جي مختلف شهرن ۾ واپاري ڪوٺيون کوليون. 1741ع ۾ ڊيوپلي، فرينچ ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ڊئڪريٽر تي هندوستان ۾ آيو. هنن ٽرنڪوملي، ماهي، سورت، پانديچري، مسلي پٽم ۽ چندنگر ۾ ڪوٺين کولڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. سندن صدر شهر پانڊيچري هو. هن دکن ۾ هڪ فرينچ حڪومت به کڙي ڪئي، جنهن جي سالياني آمدني 5 لک پائونڊ هئي. ( تواريخ پاڪستان – مترجم محمد ابراهيم جويو- ص نمبر 310)


    (ب) ايسٽ انڊيا ڪمپني جو قيام

    جي تجارتي ڪاميٽي ” دي ايسٽ انڊيا ڪمپني “ نالي ٺاهي ۽ ان لاءِ برطانيه سرڪار کي منظوري لاءِ درخواست ڏني، جنهن ۾ ڪمپني هڪ ٺهراءُ جو نقل به حڪومت کي پيش ڪيو، جنهن ۾ واضح ڪيو ويو ته ” ڪنهن به ذميداري جي ڪم تي، ڪنهن به ايماندار کي نه رکيو ويو وڃِي، ڇو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو شريفن کي نوڪر رکڻ جي ڪري ڪمپني جا ماڻهو ( حصيدار ) شڪ ۾ پئجي وڃن ۽ پنهنجي رقم واپس ڪرڻ جي گهر ڪن.“ اهڙي طرح انگريزن مختصر تجارتي جماعت جي صورت ۾ 31 ڊسمبر 1602ع ۾ ملڪ برطانيه راڻي ايلزبيٿ جي هڪ فرمان موجب هندستان ۾ قدم رکيو. ان جا 217 ميمبر هئا ۽ ڪمپني جي ڪل موڙي ڏهه لک روپيا هئي. هن جو ڪاروبار هڪ گونر ۽ چوويهه چونڊيل ڊئريڪٽرن جي هٿ ۾ هو، جيڪي سڀ پختئه ڪار غنڊا هئا، جن ۾ لارڊ ڪلائيو ۽ وارن هيسٽنگس جا نالاسرفهرست آهن، جن لاءِ انگريزن تواريخ نويس گرين لکي ٿو ته ” اهو اڙٻنگ ۽ بيڪار ڇورو، جنهن جا دوست کيس مدراس ڏانهن هڪ منشي جي حيثيت ۾ رهڻ لاءِ ڪمپني جي ملازمت موڪلي ڏاڍا خوش ٿيا هئا.“ ( تواريخ پاڪستان – مترجم محمد ابراهيم جويو- ص نمبر 325)


    (ث) ايسٽ انڊيا ڪمپني ھند ۾

    بهرحال ڪمپني 1612ع ۾ جهانگير جي دور ۾ اجازت حاصل ڪري احمد آباد سورت ۽ بمبئي ۾ تجارتي مرڪز قائم ڪيا. ڪمپني 1612ع ۾ سورت ۾ پنهنجو پهريون ڪارخانو 1616ع ۾ مسليپٽم ۾ ٻيو ۽ 1639ع ۾ مدراس ۾ ٽيون ڪارخانو قائم ڪيو. 1662ع ۾ انگلينڊ جي بادشاهه چارلس ٻئي بمبئي جو بندر جيڪو کيس زال جي ڏاج ۾ مليو هو، ڪمپني کي ڏهن هزارن پائونڊن جي سالياني مسواڙ تي ڏنو. مدراس جي راجا کان اجازت وٺي ” سينٽ جارج “ جي نالي سان هنن هڪ قلعو ٺهرايو. 1665ع ۾ سر ٽامسرو، مغلن جي درٻار ۾ ايلچي ٿي آيو، جيڪو ٽي سال رهي ڪمپني لاءِ ڪيترن ئي سهولتن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. مغل بادشاهه فرخ سير جو جڏهن ڊاڪٽر هئملٽن علاج ڪيو، تڏهن ان جي عيوض ۾ کين تجارتي سامان تان محصول معاف ڪيو ويو ۽ کين ڪجهه زمين به الاٽ ڪئي ويئي. ان ڪري ڪمپني ڪلڪتي ۾ ” فورٽ وليم“ نالي هڪ ٻيو قلعو ٺهرايو ۽ انگلينڊ مان ڪجهه گورا پلٽڻ گهرائي رکي ويئي جنهن ۾ هوريا هوريان اضافو ڪندا رهيا. ( هماري آزادي کي کهاني حصه اول عشرت رحماني ص نمبر 1) انگريز 1612ع ۾ سورت وٽ پورچوگيزن کي شڪست ڏيئي، سمنڊ جا مالڪ بنجي ويا. هاڻي هنن واپار سان گڏ خونريزي به شروع ڪري ڏني. هڪ انگريز گورنر اعلان ڪيو ته ” ڪمپني کي هڪ هٿ ۾ واپار جون شيون ۽ ٻئي هٿ ۾ ترار هئڻ گهرجن.“ مسز ايني نسبت لکي ٿي ته ” ڪمپني وارن جي جنگ سپاهين جي جنگ نه هئي پر واپارين جي جنگ هئي.“ مسٽر پام دت ڪمپني جي واپار جي باري ۾ لکي ٿو ته ” شروع ۾ هن ڪمپني جو اهو خيال هو ته هندستان سان واپار ۾ ڪجهه شيون بدلي ۾ ڏجن، پر هنن وٽ ڪابه اهڙي شئي نه هئي، جيڪا هو پيش ڪري سگهن، ڇو ته فني لحاظ کان اهي شيون انهن جي ضرورت مطابق نه هيون. انهن شين جي عيوض ڏيڻ لاءِ، انگريزن وٽ درٻار ۾ آرائش وغيره جو سامان شيهو، ٽامو، ٽين، سون ۽ عاج هو. منڍ ۾ ڪمپني کي حڪومت ٽيهه هزار پائونڊ جي چاندي سون ۽ بيروني سڪو، ملڪ کان ٻاهر کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني. پر اهڙا قيمتي ڌاتو، هو صرف مصالحن جي بدران ڏيڻ لاءِ تيار ڪين هئا، ان ڪري ڪمپني جي ماڻهن غربالهند ۽ هسپانوي آمريڪا ۾، غلامن کي وڪرو ڪري هند ۾ اتان، سون ۽ چاندي آڻي، واپار کي هٿي ڏني.“ ( بنگالي مسمانون کي صد ساله جدوجهد آزادي ص نمبر 13) ( ڪمپني جا نوڪر ڪناري وارن ملڪن مان ٻارن کي زوري کڻي، انهن گگدامن کي غلام ڪري وڪڻندا هئا. حبشي عورتون، خوبصورت مرد ۽ چوڪس ٻانهيون به هندستان ۾ وڪڻندا هئا. اورنگزيب جي ڏينهن ۾ في حبشي غلام يا ٻانهي جي قيمت پنجويهه يا ٽيهه ڪرائون هئي. في ڪرائون جي قيمت چار شلنگ ڇهه پنيس هئي. ( تمدن سنڌ – ص نمبر 489) )اهڙي طرح ڏينهون ڏينهن سندن واپار وڌڻ لڳو. 1615ع ۾ انگريزن ٻن جهازن جو محصول 14 هزار پائونڊ ڏنو. هڪ هڪ جهاز تي سندن، هڪ لک چاليهه هزار پائونڊن جو هندستاني مال هوندو هو. برنيئر لکي ٿو ته ” فرنگي واپارين جا جهاز، هر سال سامان سان ڀرجي، برما، ملايا ۽ اوڀر آفريڪا ڏانهن ويندا هئا ۽ وڏي تعداد ۾ قيمتي جواهرات کڻي موٽندا هئا. سورت، گوا، ڪاليڪٽ، سوليپٽم، چٽگانگ، هگلي ۽ سونارگائون، ٻاهرين واپارين لاءِ مشهور هئا. سوٽي ڪپڙو،ڪارا مرچ، نير، آفيم، ريشم ۽ لاک ڏورانهن ڏيهن ڏانهن موڪليا ويندا هئا. قيمتي جواهرات، ڪچو ريشم، گهوڙا ۽ چيني جو سامان هت آندو ويندو هو.“ ( روشن مستقبل ص نمبر 45 )


    (ج) ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ ۾

    هي هڪ حقيقت آهي ته سنڌ سونهاري، ساري دنيا ۾ مردم خيز خطي سان گڏ زرخيز ۽ سرسبز علائقو آهي. ان ڪري انگريزن هندستان ۾ قدم رکڻ سان ئي هن ” سوني جهرڪي “ کي تاڙي ورتو. اهو ئي سبب آهي جو ايسٽ انڊيا ڪمپني، سنڌ سان به تجارتي ناتي رکڻ لاءِ لاهه وچڙ شروع ڪئي. 1612ع ۾ هڪ انگريز ائنٿي سٽارڪي جاسوسي جي خيال سان ٺٽي پهتو. ان وقت هت پورچوگيز به پهچي چڪا هئا. جڏهن هي انگريز جاسوس لهري ۾ پهتو، تڏهن هڪ پورچوگيز پادري کيس زهر ڏيئي ماري ڇڏيو. آڪٽوبر 1613ع ۾ ڪمپني جو هڪ واپاري نمائندو نڪولس وٿنگٽن احمدآباد کان ميرپور بٺوري ۾ آيو. هو ميرپور بٺوري ۾ نير جي خريداري بابت رپورٽ تيار ڪر ي واپس موٽي ويو. 1615ع ۾ انگلينڊ جي بادشاهه جيمس اول جو سفير ” سرٽامسرو“ سنڌ ۾ آيو. 24 ڊسمبر 1615ع تي هن ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڊئريڪٽرن کي جيڪا رپورٽ پيش ڪئي، ان ۾ لکي ٿو ته ” مون کي يقيني طور معلوم آهي ته سنڌو درياءَ تجارت لاءِ تمام مفيد آهي، ڇاڪاڻ جو لاهور کان سنڌ تائين آساني سان سفر ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جي آبهوا صحت بخش آهي ۽ سنڌ جو نير ۽ ٻيون شيون انگلينڊ لاءِ ڪارآمد ثابت ٿينديون. “ ( مهراڻ تي جهازراني – مولائي شيدائي – روزانه مهراڻ سالگرهه نمبر 1961ع) 26 اپريل 1630ع ۾ ڪمپني هڪ ديسي دلال کي واپاري واءُ سواءُ لهڻ لاءِ سنڌ موڪليو، جيڪو هتان ڪپڙي جون ٻه ڳٺڙيون ۽ نير کڻي سورت موٽي ويو. 1635ع جي منڍ ۾ ڪمپني جو هڪ جهاز لهري بندر تي پهتو ۽ انگريزن ۽ پورچوگيزن جو ٺاهه ٿيو. هونءَ پورچوگيزن جي هت هڪ هٽي هئي. ان کان اڳ 1631ع ۾ ڊچن جو به هڪ تجارتي جهاز هت آيو ۽ کيس 14 هزار گلڊن فائدو ٿيو هو، پر کين پورچوگيزن ٻئي دفعي نه اچڻ ڏنو. ( سه ماهي مهراڻ 1979ع / 3- 4)


    (ح) سنڌ ۾ ڪمپني جو پهريون دور

    1635ع ۾ وفد هت پهچي، 5 ڏينهن رهي ڪپڙي، نير ۽ آفيم جو واپار ڪيو. ساڳئي سال جي اڌ ۾ ڪمپني جو هڪ تجارتي وفد سنڌ ۾ وليم، فريم لين، جان سيلر ۽ رچرڊ موئلي سان گڏجي آيو، جنهن سنڌ ۾ پهرئين واپاري ڪوٺي کولي، سندن هيڊ آفيس ٺٽي ۾ ۽ شاخون نصرپور ۽ سيوهڻ ۾ هيون. اهو سنڌ ۾ مغلن جي حڪومت جو دور هو. 1647ع ۾ ڪمپني جا ٻه نمائندا هينري گاري ۽ گلبرٽ هيئر سين سنڌ ۾ آيا ۽ پنهنجي تجارت جو بنياد مضبوط ڪرڻ لڳا.
    هن زماني ۾ ٺٽو سنڌ جي تجارت جو مرڪز هو، جتي چاليهه هزارٻيڙا موجود هوندا هئا. جن دنيا جي سڀني حصن مان مسافرن ۽ سامان جي اچ وڃ لڳي پئي هوندي هئي. صرف ٺٽي جي نوابن وٽ چار هزار ٻِيڙيون هونديون هيون. ٻيڙين ت هلڪو توبخانو هوندو هو. پتڻ تي انهن کان محصول اڳاڙيو ويندو هو. لاهور کان ٺٽي تائين هڪ هزار مڻ تي اڍائي روپيا ڀاڙو ورتو ويندو هو. مال سان ڀريل في ٻيڙي تي چار روپيا سرڪاري محصول ڏيڻو پوندو هو. ٻڏل ٻيڙِي جي نڪتل مال تي به، محصول ڏبو هو. جنهن کي ” هوائي“ چئبو هو.لاڙي چانور، سڪل مڇي، چمڙو، هٿار، سري وارن ملڪن کي پهچندا هئا. اڇا چانور ۽ خراسان جا خشڪ ۽ تر ميوا لاڙ پهچندا هئا. ڪمپني جا گماشتا پنجاب ۽ سري وارن شهرن کان ڪپڙو اگهه ۽ چوپايو مال خريد ڪري ٺٽي پهچندا هئا. پوين مغل نوابن في ٻيڙي جو محصول وڌائي ڇهه روپيا ڪيو. مهراڻ جي مهاڻن کي مڇي جي شڪار تي ڍل ڏيڻي پوندي هئي جا شڪار ماهي سڏبي هئي.
    هنن ڏينهن ۾ سنڌ جا سڀئي شهر، واپار ڪري برک هئا. ديسي شين کان سواءِ بازارين ۾ ڪابل، قندار، اصفهان، تبريز، ڪشمير، لاهور ۽ ملتان جون شيون وڪامنديون هيون. سنڌ جون شيون سستيون ساديون هونديون هيون، پر ڪمپني جو آندل ولائتي شيون مهانگيون ۽ ڪاريگري جي نئين نموني موجب، هتان جي رهاڪن ۾ عجيب هيون، مثلاً گرم ڪپڙو، نباتون چيني ۽ شيشي جو سامان، سيون، واچون، گهڙيال، وڍڪٽ جا اوزار بارود جا هٿيار وغيره. سنڌ جي ماڻهن لاءِ نيون شيون هيون، جن جو وڪرو عام هو. ايسٽ انڊيا ڪمپني، سنڌ مان جنهن شئي جي هن دور ۾ خريدي تي زور ڏنو. اهو آهي سنڌ جو سوٽي ڪپڙو. ڪمپني جا ايجنٽ لکن ٿا ته ” سوٽي ڪپڙي جي ٻين سڀني ڪوٺين کان سنڌ جي ڪوٺي وڌيڪ اطمينان جوڳي ۽ جاري رکڻ جهڙي هئي.“ ان جو واحد سبب هي آهي جو ان وقت هت ڪورين جو تعداد تمام گهڻو هو. سکر،روهڙي، نصرپور ۽ ٺٽي ۾ ڪورين جا هزارين ڪٽنب رهندا هئا، جن کي پنهنجي پورهئي سان پيار هو. ان وقت سنڌ ۾ سوٽي ڪپڙي جا قسم هئا، هرک سادو ۽ ڇريل، سنهو ۽ ٿلهو بافتو، عاليشان چيٽون ۽ ململون، سوسيون، گربيون، لونگيون، حلواڻ، کيس، چنيون، تسر، سوڙيون، پٿرائيون، اجرڪون ۽ ٻيو سادو ڪپڙو. سنڌ جي ڪپڙي جو اوڄ گهاٽو ۽ سهڻو هوندو هو، ان ڪري انکي سڄِي مشرق ۾، ٿيندڙ مال جو گل سمجهيو ويندو هو ۽ کيس ٻئي هر ڪپڙي تي ترجيح ڏني ويندي هئي، جوزف سالبئنڪ ڪيترن ئي قسمن جي ململن ۽ غاليچن جو ذڪر ڪيو آهي. والٽر پيٽان، ململ جا ڪيترائي قسم ڄاڻايا آهن. ( سنڌ ۾ڪپڙي جي صنعت – سه ماهي مهراڻ 1973ع / 4) انگريز ايجنٽن، سنڌ جي ڪپڙي کي خاصيت ۽ قيمت جي لحاظ کان وڌيڪ سستو سڏيو آهي. ڪمپني جو ايجنٽ وٿنگن لکي ٿو ته ” ٺٽي جو ڄاريدار ڪپڙو ۽ سنهڙي ململ قيمتي ڪپڙا ليکيا ويندا هئا. سنڌي ڪوري ڪشمير ۽ هندستان مان ڪچو ريشم گهرائي نفيس ڪپڙو تيار ڪندا هئا. ٺٽي جون نفيس گلبدن، اجرڪون ۽ بسترن جون چادرون ڏيساورون تائين مشهور هيون. سنڌي ڪاريگر ڪرمان جي نرم پشم مان بهترين قسم جون شالون تيار ڪندا هئا.“
    هئملٽن لکي ٿو ته ” سنڌ جو سوٽي ڪپڙو، هڪ سادي ڊزائن وارو نهايت لسائي سان اڻيل هوندو هو ۽ سندس جوڙيون ته رڳو نرم ۽ نفيس هيون پر ٻين هنڌن جي جوڙين کان وڌيڪ جٽاءُ دار هيون. اهو ڪپڙو تمام سنهو هوندو هو. “ ( سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ڊاڪٽر ڇبلائي – ص نمبر 112) خاص ڪري سنڌ جي بافتي ( بافته لفظ فارسي لفظ بافتن مان نڪتو آهي. معنى اڻڻ بافتا انهي ڪپڙي کي سڏيو ويندو هو، جنهن جي اوڄ مضبوط هجي ۽ انهيءَ وقت سنڌ، اوڄ جي ڪري ديسان ديس مشهور هئي. ( سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ص نمبر 114) ) جو مغربي دنيا ۾ وڏو قدر هو ۽ وڏي اگهه تي وڪامندو هو. نصرپور جي بافتي جو بر به وال هو. گمبٽ جو ڪپڙو ڪنڊياري کان بهترين هو ۽ ٿان جي ڊيگهه ساڍا ٻارهن وال هئي. سنڌ جون ٺهيل چيٽون، دنيا جي هر مارڪيٽ ۾ خاص قدر ۽ قيمت جي نظر سان سڃاتيون وينديون هيون. ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 114) انهن ڏينهن ۾ ٺٽو، نصرپور، سيوهڻ، ڪنڊيارو، درٻيلو، بکر، سکر، روهڙي، بوبڪ، گمبٽ ۽ سن ڪپڙي جي صنعت جا مرڪز هئا، جتان بصري اوڀر آفريڪا، ايران، ڪابل ۽ هندوستان ڪپڙو ويندو هو. ڪمپني هتان وڏي مقدار ۾ ڪپرو خريد ڪندي هئي. خاص ڪري نصرپور جو بافتو، سيوهڻ ۽ درٻيلي جو جوڙيون، يورپ جي مارڪيٽ ۾ وڏي اگهه تي وڪامنديون هيون. مئڪرڊو، هسٽري آف سنڌ ۾ لکي ٿو ته ” درٻيلي ۽ ڪنڊياري جو ململون، مشهور هيون، جنهن کي ڏيهي خواهه پرڏيهي مرد ۽ عورتون شوق سان پهريندا هئا، نصرپور جون ململون ڀر ۾ وڏيون هيون پر نفاست ۾ ڪنڊياري جو ڪپڙو اوليت وارو هو.“ ( ڪنڊيارو – قريشي حامد علي خانائي پيغام آڪٽوبر 1981ع) سنڌ جا بافته به انگلينڊ ۾ تمام گهڻو وڪامندو هئا. اهو ئي سبب هو جو ڪمپني جي سنڌ وارن ايجنٽن کي حڪم مليل هو ته هو سڄي صوبي مان ڪپڙو هٿ ڪري پاڻ وٽ اسٽاڪ ڪن. سنڌ جي ڪپڙي جي طلب ايتري ته هئي جو 1696 ۾ انهيءَ لاءِ بي انداز طلب هئي ۽ جيڪڏهن مال گهڻي مقدار ۾ پئدا ٿي سگهي ته هوند انهي مان تمام وڏا نفعا ٿين. “ ( سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ص نمبر 135) اهڙِي طرح ڪمپني سنڌ مان 1635ع ۾ ڇهه هزار ٿان سوٽي ڪپڙي جا خريد ڪيا. ان کان سواءِ هنن 250، 400، ڳٺڙيون ڪپڙي، سٽ ۽ ڇيٽن جون بمبئي ۽ سورت روانيون ڪيون. اهو ئي سبب آهي جو ڪمپني جا علمدار لکن ٿا ته ” سوٽي ڪپڙي جي لحاظ کان ٻين سڀني ڪوٺين کان سنڌ جي ڪوٺي وڌيڪ اطمينان جوڳي ۽ جاري رکڻ جهڙي آهي.“
    سوٽي ڪپڙي کان سواءِ هت ريشمي ڪپڙو به سٺو تيار ٿيندو هو. روهڙي جي تسر ۽ ٺٽي جون لونگيون ملڪان ملڪ مشهور هيون، جيڪي عاليشان ۽ دلڪش هونديون هيون. انهن ۾ تاڃي ريشمي هوندي هئي ۽ پيٽو سٽ جو هوندو هو. ريشمي ڪپڙي لاءِ ريشم چين، ايران ۽ ترڪستان مان گهرايو ويندو هو. ريشمي ڪپڙي تي سون ۽ چاندي جي ڌاڳن ڀرت ڀريو ويندو هو. سنڌ جي ريشمي لونگيون پرڏيهي مارڪيٽ ۾ هٿون هٿ کڄي وينديون هيون. اوني ڪپڙو به هتان جو مشهور هو، جنهن ۾ غاليچا، ڪمبل، کٿا، دوهران فراسيون، لويون ۽ خرزينون اچي ٿي ويئون. ( سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت – سه ماهي مهراڻ )
    ڪمپني جي ايجنٽ سنڌ مان ڪپڙي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي بي جا طريقا اختيار ڪيا. جڏهن ڪپڙي جي واپار ۾ کين هڪ هٽي ملي ويئي، تڏهن هو مقامي ڪاريگرن سان وڏا ظلم ڪرڻ لڳا. انگريز ايجنٽ سنڌ جي ساده لوح، ايماندار ڪورين کي اڳواٽ روپيا قرض ڏيئي،زبردبار ڪري پوءِ زبردستي سان سندن تيار ڪيل سمورو ڪپڙو، سستي اگهه تي کڻندا هئا حالانڪ اهو ساڳيوڪپڙو ولايت جي مارڪيٽ ۾ سٺ سيڪڙو نفعي سان وڪامندو هو. پر جنهن صورت ۾ ڪمپني جي ايجنٽن کي سڌو سنئون دهلي ۽ آگري جي درٻارن مان پروانا مليل هئا، ان حالت ۾ سنڌ جا مغليه نواب، رعايا جي دانهن ڪوڪن تي، ڌيان ڏيڻ بدران اٽلندو دٻاءُ جي ذريعي پڪارن کي بنجو ڏيندا هئا. ٻيو ته ڪمپني جا مڪار ايجنٽ نوابن ۽ سندن بيگمن کي سوکڙيون ۽ تحفا پهچائي پنهنجا رستا صاف رکي، پوءِ غريب سنڌي ڪاريگرن جو رت چوسيندا هئا. واپاري ڏيتي ليتي متعلق، مغربي عيارن جا شرط اهڙا ته پيچيده هئا جو سنڌي ڪاريگرن سندن مڪر ۽ فريت جي ڄارن ۾ ڦاسي سندن سرمائي اڳيان محتاج بلڪه سندن زر خريد غلام بنجي پيا. ( جنت السنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 560) خود هڪ انگريز وليم بولٽ لکي ٿو ته ” ڪمپني جا ايجنٽ مقامي ڪورين کي ٿوري ٿوري رقم پيشگي ڏيندا هئا، کين مقرر مقدار ۾ ڪنهن خاص وقت ۽ قيمت تي ڪپڙي ڏيڻ واسطي اقرار نامن تي صحيح ڪرڻ لاءِ زور ڪندا هئا ۽ جڏهن اهي سندن اهڙا شرط پورا ڪري نه سگهندا هئا، تڏهن هي کين چهبڪن سان مار ڪڍندا هئا ۽ پنهنجي گهٽ مليل رقم کي پوري ڪرڻ لاءِ سندس ملڪيتون ضبط ڪندا هئا. انهن کي ٻئي ڪنهن به گراهڪ واسطي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڪانه هوندي هئي ۽ کين غلامن وانگر هلايو ويندو هو. انهن سان به جيڪي ظلم روا رکيا ويندا هئا، سي خيال کان ٻاهر هئا.“ ڪچي ريشم جي وٽيندڙن کي پڻ ايتري ته بي انصافي سان هلايو ويو آهي جو ڌيان تي اهڙا ڪيئي مثال آيا آهن، جن ۾ انهن ماڻهن ريشم وٽڻ جي ڪم ۾ ڦاسجي وڃڻ کان بچڻ خاطر پنهنجا آڱوٺا وڍائي ڇڏيا آهن. ( تاريخ پاڪستان – مترجم محمد ابراهيم جويو – ص نمبر 418) سر ٽامسرو لکي ٿو ته ” ڪمپني جي ملازمن جي ڪورين جي هڪ ٽولي کي ” ٻارهن محل“ نالي هڪ جاءِ ۾ بند ڪري انهن تي بهرو ڏنو ۽ ان وقت تائين نه چڏيو ويو، جيستائين انهن معاهدو نه ڪيو ته هو پنهنجو مال سواءِ ڪمپني جي ٻئي ڪنهن کي نه وڪڻندا، جيڪڏهن ڪو ڪوري معاهدي جي انحرافي ڪندو ته ان جي مٿان هڪ نگران مقرر ڪيو ويندو هو، جنهن جي مزدوري هڪ آنو ان ڪوري کان ورتي ويندي هئي ۽ اهو نگران کيس سوٽي سان ماريندو هو.“ ساڳي طرح تجارتي بورڊ ڊائري ۾ آيل آهي ته ” ڪورين کي سخت سزائون ڏنيون ويون، کين قيد ڪيو ويو. ڏنڊ وڌا ويا ۽ ڪوڙا هنيا ويا. ( بقش حيات – مولانا حسين مدني) انهي سختي جو هي نتيجو نڪتو جو سنڌ ۽ هند جي ڪورين ڪپڙي اُڻڻ جو ڪم ڇڏي ڏنو. ان کان سواءِ انگلينڊ ۾ هڪ قانون پاس ڪيو ويو ته ولايت ۾ جيڪو به هندستان جي ڇيٽ وڪڻندو ان تي هڪ سئو روپيا ڏنڊ وڌو ويو.“ انگريزن جي انهي سخت پاليسي سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت کي وڏو نقصان پهچايو. ايتري قدر جو 1837ع ۾ برنس لکيو ته ٺٽي ۾ هزارها ڪوري هوندا هئا، جي ٻاهران درآمد ٿيل ڪچي مال مان عاليشان ۽ قيمتي ڪپڙا ٺاهيندا هئا، انهن جا هاڻي خير ڪي نشان وڃي رهيا آهن.“ برٽن لکي ٿو ته ” ٺٽي ۾ جيڪي 5 هزار اڏاڻا هئا، جن ۾ سڄي ايشيا ۾ مشهور ۽ معروف شالون ۽ لونگيون ٺهنديون هيون، انهن مان فقط ڪو ڊزن کن مس وڃي بچيو آهي.“ ( سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ص نمبر 123)
    ڪپڙي کان پوءِ ٻي خاص شئي نير هئي، جنهن تي ڪمپني وڌيڪ ڌيان ڏنو. سنڌ ۾نير جي پئدائش جو مکيه مرڪز سيوهڻ هو، جتي ساليانو ٻه سئو مڻ نير پئدا ٿيندو هو. سنڌ جو نير، سر کيج جي نير کان بهتر هوندو هو. ڪمپني مغل شهزادن کي رشوت ڏيئي سمورو نير هٿ ڪري، امبرون، بصره ۽ ترڪي تائين وڪرو ڪندي هئي. 1639ع ۾ ڪمپني هڪ هزار مڻ نير سيوهڻ مان خريد ڪيو. ان وقت نير جي قيمت في سير اٺ آنا هئا. سيوهڻ جو نير سڄي هندستان ۾ مشهور هوندو هو. انگريز ايجنٽ لکن ٿا ته ” سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ نير اهڙو عمدو هو جهڙو بنيانه ۾ نير ٺهندو هو.“ انهن ڏينهن ۾ لاهور جي نير جي قيمت في پائونڊ پينس ۽ احمد آباد جي نير جي قيمت في پائونڊ نو پينس هوندي هئي.
    شورو به هتان جي روانگي مال ( ايڪسپورٽ) ۾ شامل هو، جيڪو جهازن کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪم ايندو هو. انگريز ايجنٽن کي مٿان حڪم مليل هو ته ” سنڌ ۾ شورو تمام گهڻي انداز ۾ ٿئي ٿو ان ڪري جيترو به گھڻو شورو ملي سگهي اهو مهيا ڪريو.“ سنڌ ۾ شوري جي قيمت ڇهه روپيا في مڻ هئي. انگلينڊ ۾ جڏهن گهرو لڙائي ( 1635ع ) ۾ شروع ٿي، تڏهن شوري جي طلب وڌڻ لڳي ڇو ته اهو بارود ٺاهڻ ۾ ڪم اچڻ لڳو، ان ڪري ان جي طلب ايتري ته وڌي ويئي جو ڪمپني رس ( سپلائي ) ۾ ناڪام ويئي. ويتر اورنگزيب مغل حڪمران قلمي شوري تي بندش وجهي ڇڏي، ڇو ته سندس خيال هو ته فرنگي ان مان بارود ٺاهي، مسلمانن جي خلاف ڪم آڻيندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو ڪمپني جا گماتشا سنڌ جي بدران بهار مان شورو خريد ڪرڻ لڳا.
    ان دور ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جا ايجنٽ وليم بل، جان ڪاڪس ۽ سري ويلز هئا. ٺٽي جا انگريز ايجنٽ پنهنجو مال ديسي دلالن جي معرفت، سنڌ جي شهرن ۾ نيڪال ڪندا هئا. ڪمپني جي دفترن جا منشي سنڌي ۽ فارسي دان هئا. هر منشي کي پنجاهه پائونڊ پگهار ملندو هو. ريزيڊنٽ وقت به وقت نوابن ۽ سرڪاري بالا آفيسرن سان ملاقات ڪري سگهندو هو. نواب، فرنگي ايجنٽن کان ريشمي ڪپڙي جا ٿان ۽ جواهرات رشوت طور وٺڻ لڳا. ڪمپني جا نوڪر خانگي طور، سون ۽ چاندي جو واپار ڪندا هئا ۽ خوب پنهنجا کيسا ڀريندا هئا. سندن دلال به موجون ڪندا هئا. ڪي هندو دلال، ايجنٽن سان خانگي واپار ۽ ڀائيواري ڪندا هئا. نولداس ۽ ڀيمومل ڪمپني جي ٻن سنڌي هندو دلالن جون ملتان ۽ لاهور تائين ڪوٺيون هيون. ٺٽي ۾ انهن جا گدام هئا. هندو دلال هولي ۽ عيدن جي موقعن تي ريزيڊنٽ ۽ مسلمان منشين کي تحفا ڏيئي خوش ڪندا هئا. ( جنت السنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 595) ايسٽ انڊيا ڪمپني جا مرڪزي نمائندا به سنڌ ۾ وزٽ تي ايندا هئا ۽ پنهنجن صوبائي نمائندن کي هدايتون ڏيندا هئا. 1647ع ۾ ڪمپني جا ٻه نمائندا هينري گاري ۽ گلبرٽ هيئرسين ٺٽي ۾ آيا، جن وڏي عياريءَ ۽ چالاڪي سان سنڌ ۾ پنهنجي تجارت کي مضبوط ڪيو ۽ سنڌ جي ڪپڙي اڻيندڙن کي لٽڻ لاءِ سستي اگهه تي ڪپڙو خريد ڪيو ۽ ڏيساور ۾ وڏي اگهه تي وڪرو ڪيو. ( سنڌ –مغربي ليکڪن جي نظر ۾ - سه ماهي مهراڻ ¾ / 1979 ع ) ڪمپني جو سنڌ ۾ هي قيمتي ۽ مفيد واپار مرڪز ۾ مغل سلطنت جو ڪمزور ٿيڻ ۽ هت پليگ جي بيماري ۽ ڏڪر پوڻ ڪري بند ٿي ويو، ان ڪري مجبوراً هنن 1662ع ۾ ڪوٺي بند ڪئي. 1635ع کان 1662ع تائين ڪمپني جو سنڌ ۾ هي پهريون تجارتي دور هو، جنهن ۾ هنن خوب ڪمايو. ان لاءِ خود ڪوٺين وارا لکن ٿا ته ” هندستان جي سمورين شين مان، جيتري طلب سنڌ جي شين جي آهي، اهڙي ڪنهن جي ڪانهي ۽ اهي رنگن ۽ مال جي لحاظ کان به ايتريون ته وڌيڪ سٺيون آهن، جو ڪنهن ٻئي هنڌ جون شيون ايترو جلد نه ٿيون وڪامن. انهن مان ٻين سڀني کان وڌيڪ نفعو به ملي ٿو .“ هڪ انگريز سياح ٿيوناٽ لکي ٿو ته ” سنڌ ملڪ تجارت جو مرڪز آهي. خاص ڪري ٺٽي شهر ۾ گهڻو واپار لي ٿو هتان هندست ان جا واپاري مقامي ماڻهن جون ٺهيل عجيب وغريب شيون خريد ڪن ٿا. هتان جا ماڻهو سڀني هنرن جا بي انتها ماهر آهن.“ پروفيسر ڇٻلاڻي لکي ٿو ته ” انگريزن جو سنڌ سان واپار، اهڙو ته قيمتي هو جو هو، ڪنهن به صورت ۾ ڇڏي نه ئي سگهيا، ڇو ته جيڪي شيون کين سنڌ مان ٿي مليون، سي ڄڻ ته سڄِ ڳٺڙي ۾ گلن مثل هيون ۽ ڪاريگر خواهه قيمتن جي لحاظ کان ماڻهو انهن کي ٻين تي ترجيح ڏيندا هئا.“ ( سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ص نمبر 165) هن زماني ۾ ڪمپني جا ايجنٽ خشڪي ۽ بحري ٻنهي رستن سان پنهنجا تجارتي قافلا آڻيندا هئا. 1613ع ۾ نڪولس وٿنگٽن احمدآباد کان ٺٽي تجارتي قافلي سان آيو. هو لکي ٿو ته ” اسانجي قافلي سان به واپاري پنج نوڪر، ڏهه اٺ ۽ پنج اوٺي هئا. ٺٽي کان ٽيهه ميل اوري، اسان اتي جي راجا کي ويهه لاڙي ( گجرات جا سڪا ويهه شلنگن جيترا) ڏنا. راجا مون کي پاڻ وٽ مهمان ڪري رکيو. گڏجي مجلس ڪئي سون، شرات پيتو سون هو ظاهري اسان تي مهربان هو. اسان هن کي پنجاهه لاڙي ٺٽي پهچڻ لاءِ ڏنا ۽ هن انجام ڪيو ته بي فڪر ٿي رهيو. وچ رستي تي هن اسان کي ترسڻ لاءِ صلاح ڏني، چيائين ته هت ندي جو پاڻي اونهو آهي. اسان کي ڏيڍ ميل ٻئي پاسي وٺي ويو، جتي اسان کي هٿيار کسيا ويا. اسان جو سامان کولائي راجا ويهن هزارن جو ريشمي ڪپڙو جو اسان احمد آباد کان آندو هو سمورو ڦري ورتائين. پوءِ اسان مان هڪڙي واپاري ۽ سندن پنجن نوڪرن کي اٺن جي نوڙين سان ڦاسي تي لٽڪائي، زمين ۾ کڏ کڻائي پورائي ڇڏيائين. سندس ماڻهن مونکي به مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن چيو ته هي سفيد فام دور ديس جو رهاڪو آهي،ٻيو ٻولي کان به غير واقف آهي، ڪجهه به ڪري ڪين سگهندو. اهڙي طرح مان جان بچائي ٿر پهتس.“ جتي هڪ احمد آبادي هندو واڻئي ننگر پارڪر ۾ سندس مالي مدد ڪئي ۽ هو واپس پهتو. (تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 493) هن مان ظاهر آهي ته خشڪي رستن ۾ ڦرلٽ ٿيندي هئي، ان ڪري ڪمپني دريائي رستي کي اهميت ڏني. سندن گهڻو واپار درياءَ جي منهن تي هڪ ڪشادو بندر هو. ٻاهرين ملڪن جا سمورا جهاز اتي اچي مال لاهيندا هئا. جتان وري مقامي ٻيڙين ۾ اهو مال چاڙهي مٿي ملڪ جي اندرين حصن ۾ موڪليو ويندو هو.



    چارٽ نمبر 1
    ڪمپني جي پهرين دور ۾ سنڌ ۾ ايندڙ انگريزي جهاز

    توبون ماڻهو مقدار (ٽنن ۾ ) جهاز جو نالو سن
    30 96 400 لنڊن 35- 1662

    - - 125 ايڪپڊيشن =
    - - 350 وليم =
    - - 400 رئگل =
    - - 220 هارٽ =
    - - 240 هوپ ويل =
    - - 150 ميري =
    - - 160 لئناريٽ =
    - - 220 بليسنگ =
    - - 300 ڊسڪوري =


    دريائي رستو سلامتي وارو هو. جوزف سئلبئنڪ لکي ٿو ته ” ملڪ ۾ جيڪو به مال ملي سگهي، سو اوهين ڀلي درياءَ رستي سنڌ ڏانهن اماڻيو، جتي اوهان جا جهاز اهڙي سلامتي سان هلي سگهن ٿا، جهڙو ٽيمس ندي ۾ هلي سگهن ٿا.“ مانريڪ 1641ع ۾ هڪ تجارتي قافلي سان درياءَ رستي بکر تائين امن ۽ سلامتي سان پهتو.“ سامونڊي رستو البت خوفناڪ هو جتي ڦر ٿيندي هئي. ان لاءِ ڪڇ سنڌ ۽ بمبئي جي سامونڊي آمدرفت جي حفاظت لاءِ هڪ محافظ دستو، مقرر ڪيو ويو. ترت ڪمپني هڪ دريائي فوج قائم ڪئي، جنهن لاءِ دريائي ڦورن کي نيست نابود ڪيو.“ ( سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ص نمبر 125)
    1662ع کان پوءِ ڪمپني جو ظاهري طور جيتوڻيڪ سنڌ ۾ واپار بند ٿي ويو، پر اها پنهنجي احمد آباد واري ڪوٺي جي وسيلي، سيلاني گماشتن ۽ مقامي دلالن جي معرفت سنڌ سان واپار ڪندي هئي. 1699ع ۾ هڪ خالص انگريزي تجارتي قافلو، اليگزنڊر هئملٽن جي سرڪردگي هيٺ سنڌ ۾ آيو. ان سان گڏ پنڌرهن سئو اٺن تي ڏهن هزار پائونڊن جو مال هو. هن ٺٽي ۾ رهي، ملڪ ۽ ماحول جو جائزو وٺي گجرات جي رستي کان واپس احمد آباد موٽي ويو. هن پنهنجي رپورٽ ۾ صاف لکيو ته ٺٽي شهر جي ڪپڙي جي ڪارخانن ۾ اسي هزار ڪوري ڪم ڪن ٿا. هت سورت ۽ احمد آباد کان ڪپڙو سستو آهي. هي شهر واپاري لحاظ کان لاهور ۽ ملتان کان وڌيڪ دولتمند آهي. هت واپارين جا محلات ۽ گدام آهن. انهن گدامن ۾ واپارين جو مال ٻيڙين رستي پهچندو آهي. هت سستائي ڏاڍي آهي. ملڪ ۾ ميوو، گيهه ۽ چوپايو مال اڪيچار آهي. شين جا اگهه هن طرح آهن، في ڪڪڙ جي قيمت هڪ آنو، في دنبي جي قميت هڪ روپيو، کنڊ، گيهه، چانور، تماڪ، آفيم جيڪي گزران جو شيون آهن، سي سستيون آهن. ( جنت السنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 493)


    (خ ) سنڌ ۾ ڪمپني جو ٻيو دور

    ننڍي کنڊ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي اچڻ کان پوءِ، ان جا گماتشا هندستاني حڪمرانن سان ڳالهيون هلائي رهيا هئا ته هو پنهنجي سرحدن اندر ڪارخانا قائم ڪرڻ ۽ واپارين ڪوٺين کولڻ جي اجازت ڏين. ڪمپني جي انهي نيتي هيٺ سر مڊلٽن ۽ والٽر ڀي ٽن 1711ع ۾ سنڌ ۾ آيا. هنن هندستان جي هن ڀاڱي ۾ واپاري حالتن جي جائزي وٺڻ کان پوءِ پنهنجن مشاهدن جو تفصيل پريذيڊنٽ وائلڊ ڏانهن لکي موڪليو. جنهن ۾ هنن شفارش ڪئي هئي ته سندن واپاري مفادن لاءِ سنڌ فائدي وارو بندر آهي. ( جي الانا – اسان جي آزادي جا اڳواڻ – ترجمو اياز قادري )
    ڪمپني 1713ع ۾ وري هڪ انگريزي ٻيڙو سنڌ ۾ موڪليو هن مهم جو سربراهه ڪرسٽو فرنيو پورٽ هو. جنهن جو مقصد سنڌ ۾ واپاري فائدي جو جائزو وٺڻ هو. سر رابرٽ شرلي ۽ سر ٿامس پاويل به هن سان گڏ هئا. هو لهري بندر ۾ آيو، سندس آڌر ڀاءُ مغلن جي نائب ڪيو ۽ کين گهمڻ ڦرڻ ۾ سهوليت پئدا ڪري ڏني. ملڪ گهمي، ڏسي ۽ جانچي، رابرٽ ۾ ڄاڻايو ته ” سنڌ ۾ واپار وڏي فائدي وارو ٿيندو ڇاڪاڻ ته مغل حڪومت ۾ سنڌ شاهوڪار ۾ شاهوڪار صوبو آهي. ( سنڌ مغربي ليکڪن جي نظر ۾ - سه ماهي مهراڻ 3- 4 – 1979ع) جڏهن اها رپورٽ مرڪز کي پهتي تڏهن گهڻي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ اپريل 1929ع ۾ پريذينٽ وائلڊ مٿي لکيو ته ” سنڌ چاهي ٿي ته اسان اتي ڪارخانو قائم ڪريون جنهن جي برپا ڪرڻ جي اسان ڀرپور ڪوشش ڪنداسون.“ ( اسان جي آزادي جا اڳواڻ – جي الانا ) هي اهو دور هو جڏهن سنڌ ۾ مغلن جي تسلط کان ڪلهوڙن جند ڇڏائي خودمختياري حاصل ڪئي هئي۽ هوڏانهن انگريز بهار، بنگال ۽ اوڙيسا تي قابض ٿي چڪا هئا. هاڻي سندن حريص نگاهون سنڌ ۾ کٿل هيون. ڪمپني ڪوشس ڪري ان وقت سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم ميان نورمحمد سان دوستانه تعلقات رکيا. ڪمپني سنڌ سرڪار کي هٿيار ٺاهڻ لاءِ فولاد، شيهو ۽ پتل فراهم ڪيو. ان کان سواءِ ڪجهه اسلح به سنڌ حڪومت خريد ڪيو. مدراس جي انگريزي قلعي سينٽ جارج ڪجهه توبون، سنڌ سرڪار کي وڪرو ڪيون. 26 جنوري 1748ع ۾ ڪمپنيءَ ميان نورمحمد کي 14ط بندوقون 33 هزار سئو 90 رپين ۾ وڪرو ڪيون . 21 مارچ 1749ع ۾ ڏهه توبون 63 هزار، 8 سئو 52 روپين ۽ ٽن آنن ۾ خريد ڪيون. ( تاريخ سنڌ – عهد ڪلهوڙا – مولانا غلام رسول مهر – ص 464)
    1757ع ۾ ڪمپني اهڙيون حالتون پئدا ڪيون جو هوڏانهن پلاسي جي جنگ لڳي ۽ انگريز بنگال تي قبضو ڪيو ته هيڏانهن سنڌ ۾ گهرو لڙائي لڳي، جنهن ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي کي فتح نصيب ٿي. ڪمپني غلام شاهه کي پنهنجي اثر ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آخر هن کي پنهنجي وڪڙ ۾ ڦاسائي رابرٽ سمپٽن کي غلام شاهه ڏانهن موڪليو، جنهن 22 سيپٽمبر 1758ع ۾ خاص تجارتي پروانا حاصل ڪيا. پهريون پروانو 22 سيپٽمبر 1758ع تي حاصل ڪيو ويو ۽ ٻيو پروانو 11 آڪٽوبر 1758ع ۾ حاصل ڪيو ويو. هن پرواني ۾ انگريزن لاءِ خاص رعايتون تجويز ٿيون . مثلاً حڪم ڏنو ويو ته 1. انهن کي فقط ڏيڍ سيڪڙو محصول ورتو وڃي ۽ ٻين کان انهن جو اڌ ورتو وڃي. 2. ته جهازن لاءِ سامان سڙو بنا محصول جي خريد ڪن 3. جيڪو مال وڪامي نه سگهي اهو جي انگريز کڻي وڃن ته ان تي ڪوبه محصول نه ورتو وڃي. 4. مسٽر سمپٽن جيڪڏهن چاهي ته ٺٽي ۾ يا بندرگاهه تي پنهنجي رهڻ لاءِ مڪان ٺهرائي باقي ٻئي ڪنهن به انگريز کي گهر گهرائڻ جي اجازت نه رهندي. (تاريخ سنڌ – عهد ڪلهوڙا – مولانا غلام رسول مهر – ص 464) سيمپٽن پروانو حاصل ڪري واپس ويو ۽ جارج بوشيئر کي ( جيڪو بمبئي جي خزاني جو آفيسر هو) سنڌ جي ڪوٺي جو منتظم بنايو ويو ۽ ميموئل بيون کي نائب مقرر ڪيو ويو. ٻن انگريزن ٺٽي ۾ اچي واپاري ڪوٺي کولي. ان وقت سندن سامهون قلمي شوري جي تجارت هئي، جيڪو سنڌ ۾ تمام گهڻي انداز ۾ ٿيندو هو ۽ ان جي هر ملڪ کي تمام گهڻي ضرورت هئي. پهريائين انگريز پنهنجي هندو دلال روپچند جي معرت، ميمئن کان قلمي شورو خريد ڪرڻ لڳا، پر جڏهن ان جي طلب ( ڊيمانڊ) وڌي ويئي، تڏهن هنن سنڌ ۾ ان جي ڪارخاني کولڻ جو ارادو ڪيو. آخر سندن ڪوششن سان 11 سيپٽمبر 1757ع ۾ هنن شاهبندر ۾ قلمي شوري صاف ڪرڻ جو ڪارخانو کوليو. بمبئي مان هڪ خاص جهاز ۾ قلمي شوري صاف ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪڙاهه موڪليا ويا. هن ڪارخاني ۾ ساليانو ڏهه هزار مڻ شورو صاف ٿيڻ لڳو. سنڌ ۾ ڪارخاني لڳائڻ مان ڪمپني جو خاص مقصد هو ته اتي قلمي شوري جي ٿيندڙ سڄي پيداوار کي پنهنجي لاءِ محفوظ ڪجي. ( هلال پاڪستان – مئگزين جولاءِ 1982ع) ان ڪري ڪمپني پنهنجي ڊئريڪٽر مسٽر ارسڪن کي غلام شاهه جي درٻار ۾ موڪليو، جنهن ميان صاحب کي هڪڙي اشرفي، هڪڙو مخمل جو ٿان ۽ ڪي آرسيون ڪمپني طرفان سوکڙي طور ڏنيون، ميان سندس ٿورو نه رکيو ۽ جواب ۾ هڪ ڪيمخواب جو چوغو، هڪڙي شال هڪ پٽڪو، هڪ خنجر، هڪ سون سان مڙهيل تلوار، چاندي جي سنجن سان ايراني گهوڙو کيس ڏنا. ان وقت مسٽر ارسڪن غلام شاهه کان ٽيون پروانو به حاصل ڪيو، جنهن موجب انگريزن کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به فرنگي قوم کي سنڌ ۾ قلمي شوري خريدڻ جي اجازت نه هوندي ۽ ان جو ڪوبه جهاز ٻڏي وڃي يا مال کي نقصان پهچي، ته سرڪاري ماڻهو ڪڍڻ ۾ مدد ڏين ۽ رواج مطابق پنهنجو اجورو وٺي مال يا جهاز انگريزن جي حوالي ڪن. ( تاريخ سنڌ – عهد ڪلهوڙا – ص نمبر 622) هن پرواني ملڻ ڪري ڪمپني کي سنڌ ۾ قلمي شوري جي هڪ هٽي حاصل ٿي پيئي، ان ڪري هنن ٻي ڪوٺي شاهبندر ۾ به کولي. هڪ انگريز ايجنٽ مسٽر ڪرو لکي ٿو ته ” انگريزي ڪوٺي وارن شاهبندر تي قلمي شوري کي صاف ڪرڻ ۽ ڪاڙهي قلمي صورت ۾ آڻڻ وڏي پئماني تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.
    سنڌ ۾ قلمي شوري کي انگريز پاڻ ڪڍڻ بجاءِ ڪنهن ٺڪيدار کي ملازم رکندا هئا، جيڪو کين هڪ مقرر قيمت تي ڪچي شڪل ۾ اهو مهيا ڪندو هو. ان کان پوءِ قلمي شوري کي ٻيڙين ذريعي ٺٽي ۽ شاهپور کان شاهه بندر پهچايو ويندو هو، جتي فئڪٽري لڳل هئي. اتي انهي کي صاف ڪرڻ کان پوءِ بمبئي موڪليو ويندو هو. انهيءَ تي محصول فئڪٽري پهچڻ کان پهرين ئي بندرگاهن تي لڳايو ويندو هو. انگريزن کي رڳو ڏيڍ سيڪڙو محصول پيارڻو پوندو هو. جڏهن ته کين هڪ هٽي ملڻ کان پهرين واپارين کي انهي کان تمام گهڻو وڌيڪ محصول پيارڻو پوندو هو. عام طور ٺڪيدار ۽ ڪمپني جي وچ ۾ هڪ سال معاهدو ٿيندو هو انهيءَ معاهدي هيٺ ٺڪيدار کي هڪ خاص مقدار ڪمپني کي مهيا ڪرڻي پوندي هئي ۽ انهيءَ جي ادائيگي کيس سال جي آخر ۾ ڪيل معاهدي تحت ڪئي ويندي هئي. آسي پاسي وارن علائقن ۾ قلمي شوري جي قيمت پنج روپيا في مڻ هئي. جون 1764ع ۾ ڪمپني پنهنجن سنڌ وارن ڪارندن کي لکيو ته هو جيتري به مقدار ۾ قلمي شورو حاصل ڪري سگهن ٿا اوترو ڪن ڇاڪاڻ ته کين ڊپ هو ته بنگال ۾ خراب ٿيندڙ حالتن جي ڪري اتان معمول موجب مقدار نه ملي سگهي. ( هلال پاڪستان مئگزين – جولاءِ 1982ع ص نمبر 21) ڪمپني قلمي شوري جي تجارت کي وڌيڪ ترقي ڏيارڻ لاءِ لاهري بندر ۽ اورنگا بندر تي به شوري کي صاف ڪرڻ جا ڪارخانا کوليا. اهڙي طرح ڪمپني 1764ع ۾ 1235 ڳوڻيون قلمي شوري جون اميرالمحر ڪوڪاڪ جي معرفت موڪليو جنهن جي قيمت 15884 روپيا هئي. ( روزانه هلال پاڪستان – عبدالله سومري جو مضمون) ان کان سواءِ مسقط جي امام کي به پنج سئو مڻ شورو مهيا ڪيو ويو. قلمي شوري کان پوءِ سنڌ جي روانگي مال ۾ چوپايو مال خاص اهميت رکي ٿو جنهن جي انگلينڊ ۾ وڏي طلب هئي. انگريزن سنڌ ۾ ٻيءَ ڪوٺي خاص کولي به ان خيال سان هئي ته سنڌ مان سڱن وارو مال ٻاهر موڪلجي . کين هدايت ڪئي ويئي ته صوبي ۾ جيترو به چوپايو مال هو حاصل ڪري سگهن اوترو مهيا ڪن. ڪمپني جي هر آفيسر ۽ انگريز سياح سنڌ جي چوپائي مال جي تعريف ڪئي آهي. رڍن لاءِ لکي ٿو ته ” اڀرندي طرف ٿر جي رڻ ۽ الهندي طرف کير ٿر جبلن جي لاهين تي رڍون تمام گهڻي انداز ۾ ملن ٿيون.“ سنڌ جي گهوڙن لاءِ هو لکي ٿو ته ” سنڌ جو گهوڙو تمام مضبوط ۽ طاقتور جانور آهي، جنهن کي خاص ڪري بلوچي سردار ڪيترائي ڪم ورتا ويندا هئا. سندس مالڪ پنهنجن گهوڙن کي نهايت سٺو کاڌو کارائيندا هئا ۽ کين نهايت سهڻن ۽ قيمتي سنجن سان سينگاريندا هيا سٺي قسم جا گهوڙا خراسان مان پڻ آندا ويندا هئا.“ باربوسا لکي ٿو ته ” سنڌي گهوڙا جيتوڻيڪ سنها ۽ هڏاوان ٿين ٿا، پر ڏاڍا مضبوط ۽ غير معمولي طاقت وارا ٿين ٿا.“ اٺ به مشهور هئا. ڪرو لکي ٿو ته ” صوبي ۾ اٺ هر هنڌ گهڻي انداز ۾ پاليا وڃن ٿا ۽ اهي مال ڍوئڻ جي ڪم اچن ٿا. “ ( روزانه هلال پاڪستان – عبدالله سومري جو مضمون) ليفٽنيٽ پاٽنجر لکي ٿو ته ” هتان جو اٺ انهيءَ نسل جو آهي جنهن کي به ٿوها ٿين ٿا ۽ هو فقط بار ڍوئڻ جي لاءِ ڪارگر آهي، ڇاڪاڻ ته بناوٽ ۾ ڳرو ڊگهن هڏن ۽ ڊگهن وارن سان ڀريل۽ حيرت انگيز طاقت وارو آهي. هڪ ٿوهي واري اٺ کي اهي ماڻهو لڳاتار ڪيترن ئي ڏينهن تائين عجيب تيز رفتاري سان سفر ڪرڻ جي تربيت ڏيندا آهن. هڪ ٿوهي وارا اٺ ظاهري ڊول ڊيل ۽ شڪل و صورت ۾ انهن علائقن جي آبهوا مطابق جن ۾ اهي پئدا ٿيندا ۽ رهندا آهن، ڪنهن حد تائين مختلف هوندا آهن.“ ( سنڌ ۽ بلوچستان جو سفر – ص نمبر 422) ڳائو ۽ ماهو مال انگريزن گهڻو خريد ڪيو. مينهن کي هو ” سنڌ جو ڪارومال“ سڏيندا هئا. هئملٽن لکي ٿو ته ” مينهون سنڌ ۾ تمام گهڻيون آهن. هر هڪ مان اسي کان هڪ سئو پائونڊ گوشت ملي ٿو، اهي قد بت ۽ وڏيون ٿين ٿيون ۽ کير به گهڻو ڏين ٿيون.“ مارلق لکي ٿو ته ” هن ملڪ ۾ مينهون تمام گهڻي انداز ۾ آهن.“ ڳائو مال ته ڪمپني ديسان ديس وڪرو ڪيو. هن دور ۾ ڄمون، ڪشمير، مدراس ۽ فلپائين ٻيٽن ڏانهن به هي مال ويو. بمبئي سنڌ جي چوپائي مال ڪي وڪري جي منڊي هئي. چوپائي مال سان گڏ سنڌ مان مکڻ ۽ گيهه به ڪمپني وڏي مقدار ۾ خريد ڪيو.
    انگريز ايجنٽ لکن ٿا ته ” ٺٽي، نصرپور، سيوهڻ ۽ بکر مان تمام گهڻو مکڻ ۽ گيهه کڄي اچي ٿو.“ منوڪي جي چوڻ موجب سنڌ ۾ مکڻ تمام گهڻو ٿئي ٿو، جيڪو مسقط ڏانهن به موڪليو وڃي ٿو.“ هئملٽن لکي ٿو ته ” هتي جا ماڻهو گهڻي مقدار ۾ مکڻ ٻاهر موڪلين ٿا. انهيءَ مکڻ کي وٽڙائي مرتبانن ۾وجهي موڪليو وڃي ٿو . سنڌ جو گيهه ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌي سڏبو هو. سنڌ مان چمڙو به ڪمپني خريد ڪيو ڇوته اهو اعلى قسم جو هوندو هو.فان آرلچ لکي ٿو ته ” سنڌ جو چمڙو هندستان جي ڪن بهترين چمڙن ۾ شمار ٿئي ٿو، نرمي توڙي جٽاءُ ۾ به يورپ جي چمڙي کان گهٽ نه آهي. ( تاريخ سنڌ – عهد ڪلهوڙا – ص نمبر 869) ڊاڪٽر ڇٻلاڻي لکي ٿو ته ڪلهوڙن جي زماني ۾ چمڙي صاف ڪرڻ ۽ رنڱڻ جي فن تما وڏي ترقي ڪئي ۽ هن فن جي ماهرن وڏي هنر مندي ۽ ڪاريگري جي نمائش ڪئي.“ ان ڪري چمڙي ساري جي صنعت وڏي ترقي ڪئي. نشوٽن لکي ٿو ته ” سنڌ جا ماڻهو چمڙو نهايت عمدي طريقي سان تيار ڪن ٿا، پوءِ ان تي مختلف رنگن جي ريشم سان حد درجي جي ڪاريگري سان گل ڀرين ٿا، جن جي يورپ ۾ وڏن ماڻهن ۽ شهزادن وٽ کپت آهي ۽ هندستان ۾ هن چمڙي کي تمام قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي ۽ ان کي فرش تي نه پر بسترن ۽ ميزن تي وڇائيندا آهن. چمڙي مان ٺهيل اٺن گهوڙن جا سنج به ايشيا ۽ يورپ ويندا هئا. چمڙي جون ڳوٿريون ٺاهيون وينديون هيون جن ۾ چار مڻ مکڻ وجهي سگهبو هو. چمڙي جون ڍالون ۽ ميز پوش به هتان يورپ ويندا هئا، جن تي سونهري گل نڪتا هوندا هئا. نيرن ڪوٽ ۽ ٺٽو چمڙي رڱڻ ڪري مشهور هئا. ٺٽو ايشيا کنڊ ۾ چمڙي جي هنر ڪري مشهور هو. سباسٽن مانرڪ سنڌ جي بندرن تي چمڙي سان ڀريل جهاز ڏٺا. ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 466)
    ڪمپني هتان مڇي به وڏي انداز ۾ موڪلي . ان زماني ۾ هت ايتري ته مڇي ٿيندي هئي جو ان کي لوڻي، سڪائي، ٻين ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو هو. ان وقت مڇي مان تيل ڪڍيو ويندو هو، جيڪو ٻيڙين ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو هو. ڪراچي ۽ سون مياڻي به ننڍڙا بندر هئا، جتي مڇي ماريندڙ مهاڻن جا گهر هئا. هت بصره، مسقط، بندر عباس، لکپت، مانڊوي، ڊمن، بمبئي ۽ ڪاليڪٽ جي واپارين جا گماتشا رهندا هئا، جيڪي مڇي جو واپار ڪندا هئا. انگريز ايجنٽ لکن ٿا ته ” هت مڇي ايتري ته گهڻي ٿيندي هئي جو ماڻهو سڪل مڇي گهوڙن کي کارائيندا هئا.“ هئملٽن لکي ٿو ته ” سنڌو ڌريا ۾ مڇي جا ڪيترائي قسم پئدا ٿين ٿا ۽ انهن سڀني ۾ پلي جهڙي بهترين مڇي، سڄي ڄمار ۾ نه چکي اٿم ۽ نه ڏٺي اٿم. ( سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ڊاڪٽر ڇٻلاڻي ) پوسٽن لکي ٿو ته ” ڪراچي کان گجرات ۽ مسقط ڏانهن روانگي واري مال ۾ سڪل مڇي به هڪ مکيه شئي آهي ۽ ڄرڪن جا هڏا، ڪنهڙ، بمبئي ڏانهن موڪليا ويندا آهن.“ مانريڪ به هت بهترين قسم جي مڇي ڏٺي هئي. ڊاڪٽر ڊي، سنڌ ۾ سامونڊي مڇي جا 160 ۽ دريائي مڇي جا 64 قسم ڄاڻايا آهن.“ ( روزانه هلال پاڪستان – عبدالله سومري جو مضمون ) ڪمپني وارا هتان سڪل مڇي جا جهاز ڀري هندستان ۽ يورپ موڪليندا هئا. يورپ وارو پلو ۽ سگداسي چانور شوق سان کائيندا هئا.
    پوٽاس به هتان يورپ ويندو هو. ان وقت شاهبندر، اورنگ بندر، ٺٽي ۽ ميرپور ساڪري ۾ پوٽاس جون کاڻيون هيون، جيئن ته انگلينڊ ۾ سول وار چالو هئي، ان ڪري ڪمپني وڏي مقدار ۾ هتان پوٽاس خريد ڪري، بادشاهه کي وڪرو ڪندي هئي.
    ڪمپني سنڌ ۾جيڪو مال آڻِيندي هئي، ان ۾ اوني ڪپڙو سر فهرست آهي. وڏي بر واري اوني ڪپڙي جي قنڌار ۽ خراسان جهڙن سرد ملڪن ۾ وڏي ضرورت ۽ کپت هئي. ان ڪپڙي کي خريد ڪرڻ لاءِ افغاني واپاري سنڌ ۾ ايندا هئا. ڪمپني وارا لکن ٿا ته ” پٺاڻ ڪي سولا گراهڪ ڪونه هئا. هڪ ته کين رنگن جي معاملي ۾ مطمئن ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه هئي ۽ ٻيو ته هو بنا دلالي جي وچ ۾ پوڻ جي معاملي طئي ڪرڻ کان نابري واري ڇڏيندا هئا. ان ڪري انگريزن لاءِ ضروري هو ته هو هڪ وڏي رقم دلالي طور ڏين.“ هڪ ڀيري ڪمپني ٽي هزار نو سئو ڏهه وال گرم ڪپڙو 25 هزار 4 سئو سترهين روپين ۽ اٺن آنن ۾ وڪرو ڪيو. سنڌ حڪومت به ڪمپني کان سڌو سنئون گرم ڪپڙو خريد ڪندي هئي. ان وقت غلام شاهه ڪابل سرڪار کي يارهن لک روپيا ڍل ڀريندو هو، جنهن ۾ ڪابل کي اوني ڪپڙو به ڏيندو هو. اهڙي طرح ڪمپني کان سنڌ حڪومت اٽڪل پنجاهه هزار روپين جو ساليانو ڪپڙو خريد ڪندي هئي. ( تاريخ سنڌ – عهد ڪلهوڙا ص نمبر 572) ان کان سواءِ برطانيه جي ٺاهيل ريشمي ڪپڙي جي ڪاپي لاءِ به سنڌ هڪ سٺي منڊي هئي. ريشم کي ارڙهين صدي ۾، انگلستان لاءِ سونهن، طاقت، مال ۽ رت جي برابر سمجهيو ويندو هو. هڪ اندازي موجب 1774ع ۾ انهي صنعت ۾ اٽڪل ڏهه لک ماڻهو روزگار سان لڳل هئا. ان ڪري ڪمپني جي اها ڪوشش هئي ته اوڀر وارن ملڪن ۾ نيون منڊيون ڳوليون وڃن. ان ڪري سنڌ ۾ ايندا هئا. آگسٽ 1762ع ۾ فئڪٽري ڪارندن پنهنجي ڊائري ۾ لکيو ته ” هن مهيني ۾ اسان ڇهه هزار پنج سئو روپين جو ريشمي ڪپڙو پٺاڻ واپارين کي وڪيو آهي. کين رنگن جي معاملي ۾ مطمئن ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. ڪڏهن هو پنجن کان ڇهه ڳٺڙيون کوليندا پر وٺندا رڳو اڌ ڳٺڙي . انهي ڪري ساڻن واپار ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. ٻي ڳالهه ته هو هلندا ئي دلالن جي چوڻ تي آهن، انهي ڪري اسان کي روپئي تي آنو ڪڏهن چار سيڪڙو تائين دلالي ڏيڻي پوندي آهي. “ ( هلال پاڪستان مئگزين – جولاءِ 1982ع ص نمبر 21) 29 مارچ 1762ع ۾ ڪمپني کان سنڌ حڪومت 417، 45 روپين جو ڪپڙو خريد ڪيو جنهن ۾ ٻه سئو وال اوني ڪرمچي ڪپڙو ۽ 450 وال ريشمي ڪپڙو هو. ڪپڙي کان سواءِ ڪمپني سنڌ ۾ چيني جو بسون، شيشي جو سامان، آرسيون، خنجر گهڙيون ۽ پستول وغيره به نيڪال ڪندي هئي. ڪمپني جو مال گهڻو ڪري دلچسپ ديده زيب ۽ چمڪ ڌمڪ وارو هوندو هو. جيتوڻيڪ ان ۾ اصليت جٽاءُ داري واري خصلت گهٽ هئي پر ٻاهريون رعب تاب وڌيڪ هو. ان ڪري اهو هت زياده وڪامندو هو ۽ شايد ولايت جي ڪپڙي سنڌ ۾ مينا واري چوڻي ان دور ۾ وجود ۾ آئي.
    ان کان سواءِ ڪمپني سنڌ ۾ غلامن جي واپار کي به شروع ڪيو خاص ڪري اهي ٻاهرين ملڪن مان انسان آڻِي هت وڪرو ڪندو هئا. ميان غلام شاهه به ڪي حسين حبشي ٻانهيون ۽ سرڪشي غلام انگريزن کان خريد ڪيا.

    چارٽ نمبر 2
    ڪمپني جي ٻئي دور ۾ سنڌ ۾ ايندڙ ڪي انگريزي جهاز

    توبون ماڻهو مقدار ( ٽنن ۾) جهاز جو نالو سن
    20 160 470 روينج شپ 85- 1760
    20 120 363 بامبي گرئب =
    14 72 220 ڊريڪ ڪئج =
    12 42 145 سيڪيس ڪئج =
    12 42 200 ٽارٽر گرئب =
    5 20 43 ٽائيگر گاليڪٽ =
    14 42 160 سئوالو گئلي =

    حوالا : بالڪرشنا ۽ سورلي – بحواله سنڌ جي اقتصادي تاريخ
    ڊاڪٽر ڇٻلاڻي – ص نمبر 275


    مطلب ته ڪمپني سنڌ مان ايڏو ته ڪمايو جو هن پنهنجي محسن ميان غلام شاهه سان هاڻي منهن ڏيئي به ڳالهائڻ نه ٿي چاهيو. هو آپي کان نڪرڻ لڳا۽ سنڌ ۾ جاسوسي خواهه ڦرلٽ ڪرڻ لڳا. هڪ دفعي ميان جي سورت واري ايجنٽ علي نواز خان ويهه هزار روپيا نقد، ست گهڙيال، ڪي واچون، جارجيا جا ٻانها ۽ حبشي عورتون انگريزن جي سازشن سان ڦاسائي ويو. غلام شاهه ڪمپني جي ڊائريڪٽر کي ان جي واپسي لاءِ لکيو، پر ان ڪو به ڌيان نه ڏنو. ان ڪري سنڌ حڪومت ڪمپني جي جهازن کي اورنگابندر تي روڪي ڇڏيو. ان کان پوءِ غلام شاهه ڪمپني جي ڪڇ جي راجا سان ويڙهه لاءِ جهاز گهريو جيڪو به هنن نه ڏنو.
    ان کان سواءِ ڪمپني شاهبندر ڇڏي، ڪراچي وٽ هڪ ننڍڙو لنگر ٺاهي، خفيه طور پٺاڻن کي مڪران ۽ قلات رستي مال افغانستان اماڻڻ لڳي. اهو قدم تجارتي پرواني جي خلاف هو ۽ سنڌ حڪومت سان کلي بغاوت هئي، ان ڪري غلام شاهه جي وفات کان پوءِ سرفراز خان ڪلهوڙي 24 آڪٽوبر 1775ع ۾ ڪمپني جي سڀني واپاري ڪوٺين کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
    هن ڪمپني جو ٻيو دور هو. هو دور ۾ ڪمپني سنڌ مان اٺن لکن پائونڊن جو مختلف مال ٻاهرين ملڪن ۾ وڪرو ڪيو. 1764ع ۾ ڪمپني بمبئي کان شاهبندر تي 884،15روپين جو مال آندو ۽ وڪرو ڪيو. هن زماني ۾ ڪمپني سنڌ ۾ خشڪي، دريائي ۽ سامونڊي رستي واپار ڪيو. خشڪي سندن مال گهڻو ڪري ان تي ايندو هو. ان کان سواءِ گڏهن گهوڙن ۽ خچرن کان به ڪم ورتو ويندو. ڍڳي گاڏين جو به ٿورو گهڻو رواج هو. اندروني طور درياءَ ۾ ٻيڙين رستي واپار ٿيندو هو. سامان خاص سيوهڻ کان شاهبندر تائين درياءَ رستي ويندو هو. ٻيڙيون ٻه سئو ٽن بار کڻي سگهنديون هيون. اهي ٻيڙيون سنئين ۽ تراکڙي تري هونديون هيون. منجهن هر هڪ پاسي ڪوٺيون ٺهيل هونديون هيون. هر هڪ ڪوٺي ۾ رڌڻو ۽ آرام ڪرڻ جي جاءِ ٺهيل هوندي هئي. اهي ڪوٺيون مسافرن يا واپارين کي مسواڙ تي ڏبيون هيون ۽ هر هڪ پنهنجي ڪوٺي ۾ ۽ آرام گاهه کي ڪلف سان بند ڪندو هو. جتي جتي به کين مارڪيٽ ملي ويئي اتي نيڪال ڪرڻ لاءِ مال تيار رکيو ويندو هو. سامونڊي رستي ڪمپني جا وڏا وڏا جهاز سنڌ ۾ سامان کڻي ايندا هئا، جن ۾ ڊسڪوري،لنڊن، ايگل وليم، بلينگ هوپ ويل ايڪسپيڊيشن، روينج، بامبئي گرئب ۽ ٿارٽر گرئب جهاز هتان ڀرجي يورپ ويندا هئا، ڪن جهازن جو تفصيل چارٽ ٻئي ۾ ڏنو ويو آهي. هن دور ۾ ٺٽي ۾ ضربخانو هو، جتي جان سپلر پئسا بدلايا هئا. ڪمپني هڪڙي سوناري گنيسٽ کان نگراني هيٺ ڪمپني لاءِ روپيا تيار ڪرايا، جيڪي سنڌ ۾ عام جام چالو هئا.


    (د) سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ٽيون دور

    ڪمپني ٽيون دفعو ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو ارڙهين صدي عيسويي جو زمانو هو. هندوستان اندر انگريزي بادشاهت جو بنياد پختو ٿي چڪو هو. نظام آئوڌ ۽ بنارس جون رياستون، سندن اقتدار هيٺ اچي چڪيون هيون. سنڌ يا گائڪواڙ، هولڪر ۽ پسلي پيشوا، سندن هٿ جا چمچا بنجي پيا. انگريز دغا ۽ فريب سان ٽيپو سلطان کي شهيد ڪرائي، اڌ ملڪ ورهائي کنيو ۽ ٽي لک روپيا، جنگ جو خرچ به ڀرائي ورتو. گورنر جنرل ويلسلي حڪم ڪيو ته ” هر ڏيهي رياست پنهنجي خرچ تي انگريزي لشڪر کي“ ان حڪم موجب بمبئي ۽ مدراس جا کاتا، بنگال جي گورنر جي هٿ اچي ويا ۽ گورنر ڪائونسل ( جنهن جا ميمبر انگلينڊ سرڪار پاران مقرر هئا) جي معرفت حڪومت هلائڻ لڳو. مٿئين انتظاميا موجب صلح ۽ جنگ جي حالت ۾ صوبي جي گورنر کي گورنر جنرل کان اجازت وٺڻي ٿي پيئي. هيڏانهن سنڌ ۾ 1783ع ۾ ٽالپور طاقت ۾ اچي ويا ۽ مير فتح علي خان کان ڪراچي واپس ورتي ويئي. هاڻي انگريزن سنڌ ۾اک وڌي . 18 آڪٽوبر 1798ع ۾ بمبئي جي گورنر کي لارڊ ويلسلي لکيو ته ” سنڌ جا ٽالپور مير، ڪابل جي ماتحت ٿي رهڻ کان بيزار آهن. سنڌ ۾ واپار جي ڪوٺي وجهڻ سان انگريز آساني سان افغانين، ايرانين، روسين ۽ فرينچن جي ڪارگزارين کي معلوم ڪري سگهندا.“ گورنر ناٿن ڊنڪن، هڪڙي ايراني آغا ابوالحسن کي پنهنجو وڪيل ڪري سنڌ ڏانهن روانو ڪيو، جنهن جو هاڻي واپار سان گڏ خاص مقصد سياست به هو. هن 17 مارچ 1799ع ۾ 1045 روپين جون مير فتح علي خان، 849 جون مير غلام علي خان ۽ 735 روپين جون مير ڪرم علي کي سوکڙيون پيش ڪيون، جن ۾ شيشي جو سامان، چيني جا برتن، بارود جا هٿيار، پلنگ، مخملي ٿان ۽ واچون هيون. خاص ڪري ننڍن ميرن واچن واري سوکڙي کي پسند ڪري، انگريزي ايجنٽ جو چڱو آڌر ڀاءُ ڪيو. آغا کين، انگريزن کي واپاري ڪوٺي کولڻ جي اجازت لاءِ عرض ڪيو ۽ وڌيڪ چيائين ته ” جي ٽالپور قنڌار تي قبضو ڪندا ته ڪمپني سرڪار سندس مدد ڪندي.“ مير حاڪمن کيس هڪ لک ٿان گرم ڪپڙي جو آرڊر ڏنو ۽ انگريز ايجنٽ کي درٻار ۾ موڪلڻ لاءِ چيو.
    انگريزن بمبئي جي هڪ سول سورس جي مڪار علمدار ناٿن ڪرو کي ميرن جي درٻار ۾ موڪليو. جنهن کي 26 آگسٽ 1799ع ۾ ميرن تجارتي پروانو عطا ڪيو، جنهن ۾ ڪمپني کي ڪارخاني لاءِ زمين ڏني ويئي. ڪراچي جي قلعي ٻاهران، محافظن جي دستي لاءِ اٺ ايڪڙ زمين ڏني ويئي جنهن تان زرعي محصول معاف ڪيو ويو.“ ( اسان جي آزادي جا اڳواڻ – جنرل هوش محمد – جي الانا) ناٿن سنڌ ۾ ڪمپني جو ناظم اعلى مقرر ٿيو. هن ڪراچي ۾ هڪ عمارت تيار ڪرائي، جيڪا سنڌ ۾ انگريزن جي پهرئين ذاتي جاءِ هئي. ٺٽي ۽ شاهه بندر ۾ تجارتي ڪوٺيون کوليون ويون ۽ ساڳي سال ۾ ڪارخانو به قائم ڪيو ويو. مئي 1799ع ۾ انگريزن جو ڊريڪ جهاز ڪراچي پهتو، جنهن ۾ قسمين قسمين شيون جهڙوڪ شيشي ۽ چيني جا برتن، لوهه ۽ ٽين جو سامان، رنگين ڇيٽون، مخمل ۽ گرم ڪپڙا هئا. هتان وري مڇي، چمڙي جو سامان، سوٽي ڪپڙو، اناج ۽ چوپايو مال ولايت موڪليو ويو. هنن واپار ڪري مقامي شين کي وڏو ڌڪ لڳو. ڪاريگر بي روزگار ٿيڻ لڳا. واپاري بدديانتي وڌي ويئي، ان ڪري واپاري طبقي جا سينيون ۽ هنرمند حڪومت جا در کڙڪائڻ لڳا. هوڏانهن ناٿن ڪرو، تجارت سان گڏ سياست تي به طبع آزمائي ڪرڻ لڳو ۽ ڪمپني کي هڪ خط ۾ لکيو ته ” سنڌ ۾ انگريزن جي موجودگي جي ڪري زمان شاهه ( افغانستان جو بادشاهه) جو سمورو ڌيان سنڌ تي رهندو. سنڌ هڪ اسلامي ملڪ آهي، جنهن سان دوستي رکڻ جي ڪري آسان سان اقتدار تي فوج ڪشي ڪري سگهنداسون، افغان بادشاهه جي جيڪڏهن ٽالپرن سان جنگ ٿي ته اسان هر حالت ۾ فائديمند رهنداسون ۽ سنڌ ۾ قيام ڪرڻ جي ڪري اسان وچ ايشيا جا حالات معلوم ڪري سگهنداسون. “ ( سنڌ مغربي ليکڪن جي نظر ۾ - سه ماهي مهراڻ – 1979/ 3 ۽ 4) انگريز واپارين جي اها هلت افغانستان جي بادشاهه جي خلاف هئي. انهيءَ ڪري هن ميرن کي ڪوٺي بند ڪرڻ لاءِ چيو. هيڏانهن اندروني طور عوام ۽ واپاري به دانهون ڪرڻ لڳا، ان ڪري 29 آڪٽوبر 1800 ع ۾ مير فتح علي خان ناٿن ڪرو کي پندرهن ڏينهن اندر سنڌ مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڪيو. ان اوچتي حڪم ملڻ سان هو ٽپڙ کڻي بمبئي هليو ويو.
    هن ٿوري عرصي ۾ ڪمپني گهڻو ڪجهه ڪمايو. سو ساليانو چئن لکن روپين جو مال نيلام ڪندا هئا، جنهن ۾ چين جي کنڊ ملبار جا ڪارا مرچ ۽ ٻيون صنعتي شيون هيون. جڏهن ناٿن اوچتو هليو ويو، تڏهن ڪمپني کي واپار بند ڪرڻ سببان اٽڪل 109659 روپين جو نقصان پيو. ( جنت السنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 563)
    انگريزن جي ڏاٺ هري هئي. مفت جو مال ڪمائي ڏٺو هئائون. سنڌ جهڙو سکيو ستابو علائقو سندن هٿن مان ويو هليو. ان ڪري هو هن کان ڪٿي ٿي بي نياز رهي سگهيا. 1803ع ۾ هنن ان وقت جي ٽالپر حاڪم مير غلام علي سان ڳالهيون هلايون. آخر 1808ع ۾ ڪئپٽن ڊيوڊسن حيدرآباد آيو ۽ هڪ معاهدو ڪري واپاري ڪوٺي کولي. معاهدي جا شرط هي هئا. 1. ٻيئي حڪومتون دوست ٿي رهنديون. 2 . ٻيئي حڪومتون هڪ ٻئي جي مدد ڪنديون. 3. ٻنيهن جا تجارتي لاڳاپا قائم رهندا. 4. ڪابه حڪومت ٻئي ڌر جي ڏهارين کي پاڻ وٽ پناهه نه ڏيندي. 5. ٽالپر حڪومت ڪمپني کان جنگي سامان خريد ڪري سگهندي. 6. ڪمپني جو وڪيل ميرن جي درٻار ۾ رهندو. 7. ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺي کولي ويندي. 9 مئي 1809ع ۾ ٻيو انگريزي وفد بمبئي سول سروس جي هڪ آفيسر نڪولڪس هئنڪي سمٿ جي سرڪردگي هيٺ سنڌ ۾ آيو، جيڪو ڪراچي ۽ ٺٽي ۾ پنهنجن ڪوٺين جي معائني ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد آيو ۽ 22 آگسٽ 1809ع تي ڪمپني جي طرفان ٽالپرن سان نئون معاهدو ڪيو جنهن سان هي شرط آهن.
    1. آنربل ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ميرن سان دوستانو ناتو رهندو. 2. ٻيئي حڪومتون هڪٻئي کي دشمني جي نظر سان نه ڏسنديون. 3. ٻنهي حڪومتن پاران، هڪ ٻئي وٽ وڪيل بطور ايلچين جي رهندا ۽ 4. ٽالپري سرڪار فرينچن کي سنڌ ۾اچڻ جي اجازت نه ڏيندي ( جنت السنڌ ص نمبر588) هن معاهدي تحت ڪمپني کي سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جو مڪمل اختيار ملي ويو.
    1828ع ۾ ڪمپني دريائي تجارت کي فروغ ڏيڻ لاءِ ٽالپرن کان سنڌو درياءَ ۾ جائزي وٺڻ جي اجازت گهري. ان سلسلي ۾ اليگزنڊر برنس هت آيو ۽ هن ڪمپني کي لکيو ته ” سنڌو ندي جهاز راني لاءِ ڪارگر آهي. ان ڪري 1831ع ۾ انگريزن رنجيت سنگهه کي گهوڙن پهچائڻ لاءِ سنڌوندي رستي پنجاب وڃڻ جي اجازت گهري. برنس ڊيلٽا کان وٺي اچ تائين سنڌو درياءَ جي ماپ وٺي ندي رستي واپار ڪرڻ جي اهميت ۽ افاديت معلوم ڪري ڪمپني جي حڪومت کي رپورٽ پيش ڪئي. ان ڪري انگريزن 1831ع ۾ پانجر کي مير مراد علي خان وٽ موڪليو ته هو سنڌ حڪومت سان نئون معاهدو ڪري، درياءَ ۾ واپار ڪرڻ جو مڪمل اختيار حاصل ڪري. اهڙي طرح 4 اپريل ۽ 19 جون وارن سنڌ جي سرڪار سان ڪيل عهدنامن ۽ ساڳي طرح بهاولپور ۽ پنجاب وارن سان سمجهوتي مطابق، سنڌوندي تي مقرر نول انگريزي منيبن ( هڪ ڏيهي هيب سنڌو ندي جي ڇوڙ وٽ ۽ ٻيو گورو ايلچي مٺڻ ڪوٽ ۾ ) جي نظردار هيٺ واپاري سلسلو چالو ڪيو. نول هر هڪ ٻيڙي تي 570 روپيا مقرر ڪيو ويو، پوءِ ٻيڙي ۾ ڪهڙي قسم جون واپاري وٿون ٻريل هجن، جنهن مان 240 روپيا سنڌ جي ميرن کي پلئه پوڻا هئا. ( اسي خيرپور وارن کي ۽ سئو سٺ حيدرآباد وارن کي) ۽ باقي بچيل رهيل ڌرين ۾ ورهائڻا هئا.“ ( سنڌوندي تي آمدرفت جون نئون ڍيگ - سه ماهي مهراڻ چتن ماڙيوالا) اهڙي طرح ڪمپني کي مهراڻ تان لنگهڻ جي مڪمل اجازت ملي ويئي ۽ هو هاڻي واپار سان گڏ سياسي راند نه کيڏڻ لڳا.
    ان دور۾ سنڌ جو واپار اوج تي هو. واپار قافلن ۽ ٻيڙين رستي هلندو هو. پنجاب، ڪشمير، چيني ترڪستان، وچ هندوستان ۽ مالوه جون شيون سنڌ جي شهرن ۾ پهچنديون هيون .هري هفتي پنج سئو ٻيڙيون مال سان ڀريل بکر راڄيديري ڏانهن لنگهندي ڏٺيون. ڪابل، قنڌار، ايران، مسقط، قلات ۽ ٻين ڪيترن ئي اسلامي ملڪن جا قافلا هت ايندا هئا. خراسان جا قافلا سياري ۾ باقاعدي پهچندا هئا. شڪارپور ۽ سکر دره بولان واري تاريخي رستي تي وڏا شهر هئا. هي رستو تمام قديمي آهي. ايران جا ماڻهو به عيسوي سن کان ست سئو سال اڳ هن ئي رستي مان سنڌ ۾ داخل ٿيون . ايران جي بادشاهه جون فوجون به هن ئي رستي سان 480 ق م ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيون .سڪندر به هن ئي رسي سان ڀريل 323 ق م سنڌ ۾ آيو. سنڌ ۾ ايران، افغانستان ۽ قديم بابل کان جيڪي به قومون آيون اهي هتان ئي آيون. وچ ايشيا جا واپاري قافلا به انهيءَ رستي سان سنڌ ۾ ايندا رهيا آهن. سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ انگريز تاجر به هن ئي رستي تان افغانستان ويندا هئا. ( شڪارپور – مرتب ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ص نمبر 10) افغاني قافلا رات جو مسافري ڪندا هئا ۽ بلوچي قافلا ڏينهن جو مسافري ڪندا هئا. افغانستان سوداگر ميوه، ڪشمير جون شالون، خراسان جو ريشم، ڪرمان جي قيمتي پشم، ترڪستان، پشمينا، ايراني ۽ ڪابلي غاليچا گهوڙا هٿيار، دوائون ۽ جڙي ٻوٽيون، سنڌ جي شهرن ۾ نيلام ڪندا هئا. هتي جي واپارين جون هنڊيون، دهلي، استر آباد ۽ ڪلڪتي تائين هلنديون هيون.( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي ص نمبر 520)
    جيتري قدر ڪمپني جو تعلق آهي ته ان هتان جي واپاري منڊي مان ڪافي ڪمايو. 1838ع ۾ ڪئپٽن ڪارليس جي چوڻ موجب ساڍن 21 لکن روپين جو مال آندو ويو، جنهن ۾ مکيه مال چين ۽ بنگال جو ريشم هو. انهيءَ کان سواءِ ڪجهه مال منيلا، بٽيوبا ۽ ملبار کان گهرايو ويو هو، جنهن ۾ 48750 روپين جا ڪارا مرچ ۽ 64000 هزار روپين جو عاج هو. ان کان سواءِ بمبئي مان ڪپڙي جا ٿان، گجرات مان سٽ جا ڍيرا، ايراني نار کان کجور، موتي ۽ 1500 سئو غلام آندا ويا. روانگي واري مال ۾ 27 هزار روپين جي ڪڻڪ، گيهه، لوڻيل مڇي، پشم ۽ نير هو. ٻاهران گهرايل مال مان ڪپڙو، کنڊ مرچ ۽ مصالحا، ڪابل ۽ قنڌار روانا ڪيا ويندا هئا، جنهن جي قيمت اٽڪل 150000روپيا هئي. هن آمدنيءَ ۽ روانگي مان ٽالپر حڪومت کي ڪافي آمدني ٿي. وڪر بندر تي 1832ع ۾ حڪومت کي هڪ لک روپيا محصول مليو. هن بندر مانڊوي، انجار، جهونا ڳڙهه، بمبئي، پور بندر ۽ ملبار کان سواءِ سون مياڻي گوادر ۽ مسقط سان واپاري ڏي وٺ ٿيندي هئي.

    چارٽ نمبر 3
    ڪمپني جي سنڌ ۾ آندل ۽ موڪليل مال جو چارت
    1864ع کان 1874ع تائين ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ

    سنڌ کان ٻاهر واپار سنڌ ۾ اندروني واپار سال
    روانگي آمدني روانگي آمدني
    روپيه روپيه

    1339530 330626 437446 147583
    25- 1824
    1146131 260256 480371 162024
    26- 1825
    1880314 526332 2208583
    27- 1826
    2279258 588524 1585505 827948
    28- 1827
    2139681 573869 1694067 598675
    29- 1828
    1408528 287352 843294 478295
    70- 1869
    1395131 410974 939947 373879
    71- 1870
    2201500 447280 738993 266217
    72- 1871
    2330395 516031 906934 14292 73- 1872
    1161883 376295 1641357 194241 74-1873 ع
    حوالو : لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ – ص نمبر 412

    هتان هر سال 265000 لک روپين جو مال روانو ٿيندو هو، جنهن ۾ چانور گيهه ۽ ٻيو مال هوندو هو. اهڙي طرح سنڊي بندر به مشهور هو. هنن ٻنهي بندرن تان لکپت ڏانهن چانورن جي روانگي ٿيندي هئي. ( لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ – ڊاڪٽر غلام علي الانا – ص نمبر 310) ڪمپني آفيم جي واپار مان ڏاڍو ڪمايو. هن مالوه جي آفيم ( جيڪو ان وقت ستلج ۽ سنڌو وسيلي ڪراچي پهچندو هو) تي قبضي ڪرڻ لاءِ ” ستلج سنڌو واپار “ جو ڍونگ رچائي، ميرن ۽ نواب بهاولپور کي پاڻ سان ملائي ڪراچي، ٺٽي، فيروزپور ۽ مٺڻ ڪوٽ ۾ پنهنجا ايجنٽ وهاري، آفيم خريد ڪرڻ لڳي، اهڙي طرح سمورو آفيم خريد ڪري چين ۾ نيڪال ڪرڻ لڳي. آفيم ڊمن ۾ بند ڪري پورچوگيزن ڏانهن به روانو ڪيو ويندو هو. آفيم جي واپار مان ڪمپني کي ساليانو هڪ ڪروڙ روپين جو فائدو ٿيو. هن زماني ۾ ڪراچي بندر به زور ورتو، جنهن سان مسقط، کنڀات، بمبئي ۽ ملبار جو واپار هلندو هو. ڪراچي مان انگريز هندو مهاڻن جي معرفت سڪل مڇي جو واپار به ڪندا هئا، جنهن مان کين 14508روپيا سالياني آمدني ٿيندي هئي. ان زماني ۾ سنڌ ۾ ڪمپني جو ايجينٽ مسٽر هئنڪي سمٿ هو. هن ان وقت جي آمدني ۽ روانگي جي شين جو به ذڪر ڪيو آهي. آمدني ۾ ريشم، خشڪ ۽ تر ميوا، غاليچا، ٽين، لوهه، رڪ، صندل ۽ عاج آهن. روانگي جون شيون آهن. چانور، نير، مڃت، چمڙو، گيهه، لوبان، کستوري، زعفران، گهوڙا ۽ شوخ ڳاڙهو رنگ. ڪمپني هتان جي ميمڻن کان گيهه خريد ڪندي هئي، جيڪو ان زماني ۾ بمبئي ۾ ڪراچي گيهه جي نالي سان مشهور هو. “

    چارٽ نمبر 4
    سنڌ ۾ ڪمپني جو ڌار ڌار ملڪن مان آندل مال – آمدني
    ٽوٽل
    ٻيا بندر گواڊمن ۽ ڊيو ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ گجرات بمبئي سون مياڻي ۽ مڪران ايراني نار سال
    330632 5423 496 8151 483 315455 618 - 65-1964
    259218 7935 - 13533 - 236449 1301 - 66- 1865ع
    126331 10272 1103 11196 7275 486027 459 - 67- 1866ع
    88524 8525 - 21884 9571 548148 247 - 68- 1867ع
    573829 15751 255 13504 7873 536386 - - 69-1868ع
    87852 3553 - 10663 9201 250962 263 4163 70- 1869ع
    110974 3553 - 10929 1341 391076 249 3826 71- 1870ع
    847280 2455 - 17764 3691 414087 373 8910 72- 1871ع
    516031 16434 - 19170 4010 466681 5061 4675 73- 1871ع
    376295 11029 - 7663 2909 247484 4215 42995 74- 1873ع
    حوالو : لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ – ڊاڪٽر غلام علي الانا – ص نمبر 413


    چارٽ نمبر 5
    سنڌ مان ٻين ملڪن کي ڪمپني جو موڪليل مال – روانگي
    ٽوٽل ٻيا بندر ملبار ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ گجرات بمبئي سون مياڻي ۽ مڪران عدن سال
    1339530 - - 685234 766864 576689 743 - 65- 1864ع
    1146131 - - 543541 8280 590785 3525 - 66-1865ع
    1880324 - 9048 595920 69683 1203180 2883 - 67-1866ع
    2139681 - - 954560 1059997 6386 9749 - 68- 1867ع
    2139981 - 27825 995508 311728 801284 3336 - 69- 1868ع
    1408528 - 2180 290317 180921 528377 273 - 70- 1869ع
    1395231 - - 323739 45785 1012821 2882 - 71 – 1870ع
    2201500 9131 12921 1105402 390429 681582 1985 - 72-1871ع
    3330395 1436 50591 1026682 429712 789566 14641 18123 73- 1872ع
    1161883 6233 51400 305291 1858854 635660 84455 - 74- 1873

    انگريزن پنهنجي واپار مان معلوم ڪيو ته سنڌ زرخيز ۽ خوشحال آهي، ان ڪري اتي قبضو ڪري چڱي طرح کيس ڦرجي ۽ لٽجي. دراصل هو آيا به سنڌ کي ڦرڻ هئا، پوءِ اهو واپار جي صورت ۾ هجي. يا سياسي حڪومت هجي. سندن جيڪو به ايلچي سنڌ ۾ پئي آيو. تنهن سنڌ جي شاهوڪاري جو پئي ذڪر ڪيو ۽ واپار سان گڏ سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ پئي لکيو. خاص ڪري ناٿن ڪرو کان پوءِ، ڪمپني جو هر ايجنٽ سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ پئي لکيو. ڪرو واضع طور لکيو ته ” انگريزن جيڪڏهن سنڌ تي حملو ڪرڻ گهرن ته پهريائين ڪراچي کان ڏهن ميلن جي مفاصلي تي گسري نالي هنڌ تي پنهنجون فوجون لاهڻ گهرجن. ڪناري تي فوجون لاٿيون وڃن ۽ انهن جي حفاظت لاءِ توبخانو هجڻ گهرجي. ڪراچي کان ٺٽي تائين سڌو رستو وڃي ٿو ۽ ان تان آساني سان توبخانو لنگهي سگهي ٿو. سنڌو درياءَ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد جو قلعو، فقط ڇهن ميلن تي آهي. رستي ۾ فقط هي تڪليف آهي ته بلوچي لشڪر هر وقت موجود رهي ٿو. ڪراچي تي قبضو ڪرڻ هر حال ۾ بهتر رهندو.“ ان کان پوءِ جيمس برنس برطانيه سرڪار کي لکيو ته ” سنڌ بي حساب دولت سان ڀرپور هڪ نهايت زرخيز علائقو آهي، جنهن تي جاهلن جو راڄ آهي . ان ملڪ جي وڌيڪ جاچ پڙتال ڪرڻ ۽ ان ۾ پير کوڙڻ نهايت ڪارآمد ٿيندو.“ اليگزينڊر برنس، سنڌو درياءَ جو ” سياسي مقصد “ لاءِ دورو ڪيو تڏهن سنڌ جي هڪ سياڻي چيو ته ” افسوس فرنگين سنڌو درياءَ ڏٺو، هاڻي سنڌ ٽالپرن جي هٿن مان ويئي“ ۽ اهڙي طرح انگريز واپار جي آڙ ۾ ميرن سان معاهدا ڪندا ۽ ٽوڙيندا رهيا، ان ڪري ئي مير نورمحمد اول انگريزن جي ايلچي ايس – ٽي – وڪ کي چيو ته ” فرنگين جي وعدي تي جيڪو اعتبار ڪري تنهن تي لعنت هجي اهي اوهان جي سهولتن ۽ ضرورتن تحت تبديل ٿيندا رهندا آهن. ڇا دوستن ۽ محسنن سان اوهان وٽ اهڙي سلوڪ ڪرڻ جو دستور آهي.“۽ پوءِ هنن پنهنجن دوستن جي ” واپاري منڊي “ تي پنهنجي البيلي، ارڏي، لاڏلي ۽ خوار جرنيل، سرچارلس نيپئر کي ڏهه هزار فوج ڏيئي 1843ع جي 17 فيبروري ۾ سنڌ تي چاڙهي موڪليو، جنهن سڀني عهدنامن کي ڦاڙي چيري ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو. هن وڏي واڪي اعلان ڪيو ته ” سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو اسان کي ڪوبه حق نه آهي، پر ان هوندي به اسين قبضو ڪنداسين ۽ سچ پچ ته اسان جو اهو قدم تمام فائديمند ڪارائتي ڪمينپ ۽ بدمعاشي ٿيندي.“ ۽ اهڙي طرح هن پنهنجي ڪمينپ جو ثبوت ڏيندي، سنڌ فتح ڪرڻ جو عظيم گناهه ڪيو. ( ڏيئي ڏنڀ ڏڏن – انگريز داداسنڌي – ص نمبر 202)


    (ذ) ڪمپني جي دور ۾ سنڌ جا تجارتي رستا



    سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ڪمپني، حڪومت ڪرڻ سان گڏ واپاري وندر کي به جاري رکيو. ان دور ۾ سنڌ ۾ چيني جا برتن، جپان جا شمعدان، شيشي جو سامان، واچون، گھڙيال ۽ آئينا آڻڻ لڳي. ڪمپني سچن موتين جي واپار کي به وڌايو. 1849ع ۾ کيس موتين مان 6265 روپيا آمدني ٿي. تن ڏينهن ۾سنڌ هٿ جي هنر ۽ ان جي نزاڪت ۽ سونهن ۾ مشهور هئي. مينا ڪاري، چاندي تي سون جو پاڻي چاڙهڻ، لاک، چمڙي، عاج ڪاشي ۽ جنڊي جي شين بابت هئملٽن لکي ٿو ته ” سنڌي عاليشان قسم جا ڪٻٽ ۽ ڪاٺ جو ٿالهيون ۽ جنڊي جون ميزون تيار ڪن ٿا. “ ڪاشي جي ڪم ۾ هت پاٽيون، پيالا، گهڙا، گلدان، گنبذن جون ڪنگليون به سٺيون ٺهنديون هيون. ايڇ ٽي سورلي لکي ٿو ته ” ڪاشي جي ڪم ۾ سنڌ مشهور هئي. هتي جا روغني ٿانو، پنهنجي سادگي، رنگن جي بيهڪ ۽ نفاست جي ڪري ڏاڍا دلڪش لڳندا هئا.“ منوڪي لکي ٿو ته ” هتي جا ڪاريگر، ڳاڙهي رنگ جا روغني ٿانو گهڻي تعداد ۾ ٺاهيندا هئا، جن مان ڪن تي مختلف نموني جا چٽ، جانورن، پکين ۽ گلن ٻوٽن جون شڪليون چٽيندا هئا.“ ساڳي طرح پوسٽنس لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ ڪنڀارڪو ڪم اعلى نموني جو ٿئي ٿو. پاڻي جا سهڻا ٿانو ۽ مقبرن ۽ مسجدن کي سينگارڻ لاءِ، عاليشان رڱيل ڪاشيءَ جون سرون ٿيار ٿين ٿيون. انهن سنهين چٽيل سرن کي، سندن بهترين پالش ۽ بناوٽ جي ڪري، هر ڪنهن ساراهيو ۽ واکاڻيو آهي.“ اهڙي طرح ڊاڪٽر ڪنيڍي لکي ٿو ته ” مون پنهنجي حياتي ۾ اهڙي چيز ڪانه ڏٺي آهي، جا هتي سرن ٺاهڻ جي هنر ۽ ان جي عمدگي جي برابري ڪري سگهي. آءُ انگلينڊ ۾ اهڙين سرن جي تيار ٿي سگهجڻ جي امڪان کان انڪار ته ڪونه ٿو ڪريان پر آءُ نٿو سمجهان ته ڪو هتي ههڙو مڪمل ڪم پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.“ ( سربارٽل فريئر – لطف الله بدوي – سه ماهي مهراڻ 1- 2 – 1966ع)
    سنڌ ۾ واپار کي زور وٺرائڻ لاءِ برطانيه سرڪار هت بندر، بازاريون ريلون ۽ ٽرامون هلايون ۽ ٽپال جو به سهڻو بندوبست ڪيو، ته جيئين ڪچو مال ۽ ٻئي پئداوار آساني سان ڍوئي سگهجي. ان ڪري هت ” انڊس فلوٽلا ڪمپني“ قائم ڪري ريل رستي واپار کي همٿايو ويو. 19 اپريل 1858ع ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين ريلوي لائين جو افتتاح ٿيو ۽ 1861ع ۾ 110 ميل ڊگهي ريلوي لائين وڇائي، هن مفاصلي ۾ 16 اسٽيشنون هيون ۽ ڪوٽڙي ۾ هيڊ ڪواٽر هوندو هو. ڪوٽڙي ۽ سکر وارين پلين نه هجڻ ڪري ريلوي واري رستي ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي، ان ڪري 27 مارچ 1889ع ۾ سکر ۾ لئنسڊائون پل ۽ 1900ع ۾ ڪوٽڙي پل تيار ٿي، ان ڪري ڪراچي کان وٺي پنجاب تائين ريل رستي واپار ٿيڻ لڳو. ريلوي لائين کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ پڪن رستن جو ڄار وڇايو ويو. ان دور جي انگريز ڪمشنر سر بارٽل فريئر هن ڏس ۾ پاڻ موکيو. 1851ع ۾ هڪ سئو ڇويهه ميل 18 هزار 5 سئو 25 روپين ۾ ۽ 1852ع ۾ ٻه سئو ست ميل رستو 28 هزار ۽ 2 سئو 98 روپين ۾ تيار ڪرايا ويا. هنن رستن مان هڪ لڪي وارو رستو هو، جيڪو پري پري تائين ويو. هي رستو شڪارپور کان دري بولان تائين هو. رستن جي مٿان پليون ۽ سيمينٽ جون ٺهيل هيون. رستا اٽڪل 40 فوٽ ويڪرا هئا، جيڪي ٻن سالن ۾ ٺهي راس ٿيا، جن هڪ ڳوٺ کي ٻئي ڳوٺ سان ڳنڍيو. ( سر بارٽل فريئر – لطف الله بدوي – سه ماهي مهراڻ 1،2- 1966ع) اهڙي طرح خشڪي رستي واپار کي فروغ مليو.
    سنڌو ندي جي رستي واپار وڌائڻ لاءِ سنڌ ۾ ” آگبوٽ سروس“ شروع ڪئي ويئي. 1847ع ۾ سنڌ جي گورنر ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين سنڌو ندي ۾آگبوٽ سروس جو افتتاح ڪيو. نمورڊ پهريون آگبوٽ هو، جنهن ان سال ۾ سڀ کان پهرين ڪراچي ۽ ڪوٽڙي جي وچ ۾ سفر شروع ڪيو. ( ماهوار پيغام – ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ – جنوري 1983ع ) هن واپار جو هيڊ ڪواٽر به ڪوٽڙي هو. پنجاب جو مال، جهازن وسيلي ڪوٽڙي کان ڪراچي موڪليو ويندو هو. ان کي فلاٽن ۾ ڀري، جهازن رستي ڇڪيو ويندو هو. مهراڻ جي ٻنهي ڪپن تي آگبوٽ کي ٻارڻ جي ڪاٺِين پهچائڻ لاءِ اسٽيشنون هيون. 1851ع کان پوءِ ملتان ۽ ڪراچي جي وچ ۾ آگبوٽ سروس شروع ٿي. جڏهن ريلوي لائين ٺهي تڏهن واپار ۾ سهولت ته ڪراچي کان جيڪا جهاز ڪوٽڙي ايندا هئا، تنجو مال ريل گاڏن ۾ ڀريو ويندو هو. هزارين مزدور سامان لاهيندا ۽ چاڙهيندا. ڪوٽڙي ۾ تن ڏينهن ۾ عجيب چهچٽو هوندو هو. ( مهراڻ تي جهاز راني – مولائي شيداني – روزاني مهراڻ سالگره نمبر 1961ع) ساڳئي وقت ٽپال جي نظام کي بهتر بنايو ويو. اڳ جو پيادن رستي ٽپال پهچائي ويندي هئي، ان کي گهوڙن ۽ اٺن رستي پهچائڻ جو طريقو شروع ڪيو ويو. اهڙي طرح حيدرآباد ۽ سکر جي درمياني فاصلي ۾ يارهين ڪلاڪن جي بچت ٿيڻ لڳي ۽ ساڍا ٽي سير وڌيڪ بار رکڻ ۾ آيو ۽ ڪٿي ڪٿي پپال ريل گاڏين ۽ آگبوٽن ۾ اچڻ لڳي. ان ڪري واپارين کي اگهن ۽ مال جي طلب ۽ رستن جي خبر جلد پوڻ ڪري تجارتي ترقي ٿي.
    واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪمپني جي حڪومت سنڌ ۾ ” تجارتي ميلن “ جو رواج وڌو، ان سلسلي ۾ ڊسمبر 1852ع ۾ پهريون دفعو ڪراچي ۾ ميلي جو افتتاح ڪيو ويو. هي ميلو ڏاڍو ڪامياب ويو. مارٽينو لکي ٿو ته ” سنڌي، بلوچي ۽ افغان پنهنجي مخصوص پوشاڪن ۽ اچي حاضر ٿيا. ڪٿي ميوي جي خريد وفروخت هئي . ڪٿي بهترين گهوڙا هئا ته ڪٿي تيز رفتار اٺ. ڪي دڪان پنجابين جا هئا‏، جتي عمدو ڪپڙو ميسر ڪيو ويو هو. بمبئي کان جي ايراني ميلي ۾ شامل هئا، انهن جي قالين ۽ شالن عجيب بهار پئدا ڪري ڇڏي هئي. سنڌ به پوئتي نه هئي. اجرڪون، لونگيون، ڪاشي ۽ جنڊي جو سامان، سنڌين جي دڪانن جي زينت هئي. هن ميلي ۾ چين ۽ ٿٻيٽ کان به واپاري آيا هئا جن وٽ سلڪ کان سيمور جا قيمتي ڪوٽ به هئا. “ ( سربارٽل فريئر – سه ماهي مهراڻ ) ان کان سواءِ شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ به گهوڙن ۽ ڏاندن جا ثقافتي ميلا قائم ڪري، ڪمپني واپار کي همٿايو.
    ڪمپني 1600ع ۾ آئي. هن جيڪو به واپار مان ڪمايو ان مان ڪجهه برطانوي حڪومت کي به ڏنو. اها جهلڪ به ڏسو.
    يفيت رقم سال
    نذرانو 13 هزار پائونڊ 1613ع
    نذرانو 40 هزار پائونڊ 1623ع
    نذرانو 60 هزار پائونڊ 1623ع
    نذرانو 4 لک پائونڊ 1627ع
    نذرانو 10 لک پائونڊ 1700ع
    نذرانو 80 لک پائونڊ 1757ع
    نذرانو 6 لک روپيا 1766ع
    1771ع ۾ ڪمپني جي ڊئريڪٽرن کي 29 ڪروڙ 50 لک روپيا مليا.
    1760 ع ۾ هڪ ڪروڙ پائونڊ حڪومت کي نذرانو
    1763ع ۾ هڪ ڪروڙ 50 لک پائونڊ حڪومت کي نذرانو
    1767ع ۾ چار ڪروڙ پائونڊ حڪومت کي نذرانو
    ڪمپني جو بنياد 1601ع ۾ پيو. پنجين سال ڪمپني حڪومت انگلينڊ کي 13 هزار پائونڊ محصول ادا ڪيو. 1662ع ۾ اها وڌي چاليهه هزار پائونڊ کي پهتي. پهرين ويهن سالن اندر ڪمپني 5 لکن پائونڊن جو سون ۽ چاندي، هندستان کي شين جي عيوض ڏنو. ليڪن جيڪي شيون خريد ڪيائين، تن جي قيمت ڪروڙها پائونڊن جيتري آهي. ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي – ص 489)
    ڪمپني جا ايجينٽ به ” ڇٽيهه لکڻا“ هئا. هو مختلف زبانن جا ڄاڻو، حريف ۽ وڏا دغاباز هئا. رياستن جي اندروني معاملن ۽ نوابن جي حويلين جي رازن ۽ نيازن کي معلوم ڪرڻ کان پوءِ نوابن ۽ راجائن جي هر هڪ اندروني معاملي ۾ دخل ڏيندا هئا. سندن مقصد هو هتان دولت گڏ ڪري انگلينڊ کي سرسبز ۽ گلزار بنائي پنهنجي زندگي عياشي سان گذارڻ . ان حرص ۽ حوس، لالچ ۽ لوڀ کين انڌو ڪري ڇڏيو هو. هنن هتان ايتري ته دولت ڪمائي جو انگلينڊ ۾ سندن عيش کي ڏسي ماڻهو کين نواب سڏيندا هئا ۽ سندن رئيساڻي ٺاٺ جو پارليامينٽ ۾ به هُل هوندو هو. هندستان ۾ هڪ ايجينٽ پنهنجي تجارتي لوڻ تيار ڪرڻ لاءِ تيرهن هزار نوڪر رکيا هئا. اهڙي وقت ۾ جڏهن قيمتي تمام سستيون هيون، تڏهن به ڪيئي نوجوان ڪمپني جا ڪلارڪ وڏين ساليانه پنجتن ڪرڻ کان سواءِ رڳو پنهنجن ڪپڙن تي سال ۾ 15 سئو پائونڊ ۽ کاڌي پيتي تي ٻه هزار پائونڊ خرچ ڪندا هئا. اها حالت ڏسي ڪرناٽڪ جي محمد علي ڪمپني جي ڊئريڪٽر کي هڪ خط ۾ لکيو ته ” اوهان جي نوڪرن جو هن ملڪ ۾ ڪوبه ڪاروبار نه آهي ۽ نه ئي وري انهن کي ڪو معقول پگهار به ڏيو ٿا. پر پوءِ به هو لکين اشرفيون ڪمائي، واپس وڃن ٿا. ايتري ٿوري عرصي ۾ بغير ڪنهن ذريعي معاش جي هي اڻ ڳڻي دولت ڪٿان اچي ٿي اهو اوهان ۽ اسان ٻيئي سمجهون ٿا. ( تاريخ پاڪستان مترجم محمد ابراهيم جويو ) مطلب ته ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت سان گڏ تجارت رستي هندستان ۽ سنڌ کي ڦري تباهه ڪيو. سر وليم ڊگبي جي لفظن ۾ ” اڪيانوي ارب ويهه ڪروڙ“ ۽ ٻئي هڪ اندازي موجب هڪ کرب 18 ارب اسي ڪروڙ روپيا نقد انگستان پهتا. ( نقش حيات – حصو پهريون – مولانا حسن احمد مدني رح ) جنهن رقم سندن ملڪ کي سرسبز ۽ گلزار بنائي ڇڏيو، جيڪواڄ به دنيا جي ستن امير ترين ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو.


    (ز) ڪمپني جي دور ۾ سنڌ جا واپاري مرڪز

    (1) ٺٽو
    سنڌ جو تاريخي شهر ٺٽو واپار جي ڪري ايشيا جي دولتمند شهرن ۾ شمار ٿيندو هو. هي 14 صدي جي وچ کان وٺي 18 صدي جي وچ واري عرصي تائين سنڌ جو اهم ترين شهر هو. سڄي اتر هندستان ۾ ڪوبه شهر اهڙو نه هو، جنهن ۾ ٺٽي کان وڌيڪ واپار هلندو هجي. فريدي لکي ٿو ته ٺٽي کي ڌرتي جي جنت سڏي سگهجي ٿو. هتي جي رهواسين ڪڏهن به ڏکن جي گهٽي ۾ پير نه پاتو آهي. هنن جي دلين تي خوشي ۽ راحت آهي. ٿورن لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ٺٽو عراق ثاني آهي.“ ( مڪلي نامو – مرتب حسام الدين راشدي) . ليفٽيننٽ هينري پاٽنچر لکي ٿو ته ” جڏهن سنڌ جي مقامي شهزادن، عربن جي طوق مان پنهنجي گردن آزاد ڪرائي، آزادي حاصل ڪئي، تڏهن انهن پنهنجي گادي ٺٽي ۾ قائم ڪئي ۽ اهو شهر جلد ئي ايشيا جي انتهائي دولتمند ۽ خوشحال شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو ۽ انهي سڄي وڻج ۽ واپار جو مرڪز بنجي پيو، جيڪو هندستان واري اپٻيٽ ۽ ايشيا کنڊ جي انهيءَ حصي جي درميان هلندو هو، جيڪو ان جي اترائين ۽ الهندي طرفن ۾ جاري هو. انهن شهزادن شهر کي خوبصورت عمارتن جي تعمير، دلپسند ۽ سهڻن باغيچن قائم ڪرڻ ذريعي، شاندار بنائڻ ۾ پئسي ۽ محنت جي خرچ ڪرڻ ۾ ڪو به بخل نه ڪيو ۽ ساڳئي وقت تي هنن سنڌوندي مان جيڪا انهيءَ شهر جي اڀرندي ۾ چئن ميلن جي مفاصلي تي وهي رهي آهي، واهن کوٽائڻ جي ذريعي، دور دراز علائقن کان مال آندو ۽ واپارين جي دروازن وٽ مهيا ڪيو ويندو هو. اهي تجارتي طبقي کي، سهولت ۽ آساني پهچائڻ جي وڌيڪ اهم مقصدن کي پوري ڪرڻ ۾ ڪوشان رهندا هئا.“ ( سنڌ ۽ بلوچستان جو سفر )
    ان زماني ۾ ٺٽو واپار جي لحاظ کان لاهور ۽ ملتان کان وڌيڪ دولتمند هو. سنڌو درياءَ جون شاخون شهر تائين پهچنديون هيون، جن جي ڪپن تي واپارين جا گدام جڙيل هئا. انهن گدامن ۾ واپارين جو مال ٻيڙين رستي پهچندو هو. هتي ننڍيون توڙي وڏيون اٽڪل چاليهه هزار ٻيڙيون هونديون هيون. ٺٽي جو واپار عربستان، افغانستان، ايران، ترڪي، ميسو پوٽيما، آگري، احمد آباد، گوا، ڪئمبي ڊيو ايشيا مائينر، الهندي يورپ ۽ چين سان هلندو هو. سمنڊ رستي هرات ۽ سمر قند جو واپار ٺٽي ۽ لاهوري بندر سان چالو هو. پورچوگيز سياح لکي ٿوته ” ٺٽو هڪ وڏو صنعتي مرڪز ۽ مکيه بندر آهي، جنهن ۾ هميشه جهازن جون قطارون بيٺل هونديون آهن. اهي جهاز هر قسم جو سامان ايشيا ۽ پورچوگال جي مختلف حصن ڏانهن کڻي ويندا آهن.“
    جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ ۾ واپار شروع ڪيو، تڏهن هن جي ايجنٽن ٺٽي کي واپار جو مرڪز ڏنو ۽ دل کولي ٺٽي جي تعريف ڪيائون، نڪولس وٿنگٽن 1613ع ۾ لکي ٿو ته ” ڏکڻ سنڌ ۾ ٺٽو بيشڪ هندوستان جو عظيم واپاري شهر آهي ۽ هندوستان جي مشهور ترين منڊين مان هڪ آهي رڳو پورچوگال سان واپار ڪرڻ ۽ گرزيٽش ۽ بنيانس ڏانهن پنهنجا جهاز موڪلڻ تان کين ڪل ساليانو هڪ لک روپيا محصول ملي ٿو، جيڪو انگريزي سڪي ۾ ڏهن هزارن پائونڊن جي برابر آهي. “ تيوناٽ لکي ٿوته ” سنڌ جي شهر ٺٽي ۾ تمام گهڻو واپار هلي ٿو. هتان هندستان جا واپاري مقامي ماڻهن جو ٺهيل عجيب ۽ غريب شيون خريد ڪن ٿا. هتي جا ماڻهو سڀني قسمن جي هنرن جا بي انتها ماهر آهن.“
    مٿين حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽو هندستان جو مکيه واپاري بندر هو ۽ سنڌ جي واپار ۽ تجارت ۾ سڀ کان اڳرو هو. ٺٽو پنهنجي زماني ۾ صنعت، حرفت، هنر ۽ ڪاريگري ۾ بلند مقام تي پهتل هو. ٺٽو سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ شين جهڙوڪ ڪپڙي، چمڙي جي سامان، نير، سوري، چانور، کنڊ، مکڻ ۽ لوڻ جي مکيه مارڪيٽ هو. هن شهر ۾ ڪپڙي جي صنعت ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جا ٽيهه هزر ڪٽنب هئا. انگريز واپاري ايجنٽ لکن ٿاته ” ٺٽي شهر ۾ ٽيهه هزار ڪٽنب آباد آهن، جيڪي عاليشان قسم جا چونڪڙي تي کيس ۽ بافتا تيار ڪن ٿا، جن جو ايران ۽ ترڪي ۾ گهڻو کاپو آهي. ( سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ص نمبر 76) ان کان سواءِ چمڙي جي رڱائي به بهتر ٿيندي هئي ۽ ان امان عمدو سامان تيار ڪيو ويندو هو. ميوو، اناج، گيهه ۽ مڇي جو واپار به ٿيندو هو. هت ڪمپني جي خاص ڪوٺي هئي، جنهن کي ڪاٺ جو وڏو دروازو هو، جنهن کي ”لکي دروازو“ سڏبو هو. ٺٽي جي عظمت 19 صدي جي اڌ ۾ ختم ٿي ويئي ۽ ان جي جاءِ تي ٻين شهرن مقبوليت حاصل ڪئي.

    (2) بکر
    بکر سنڌ جو هڪ سهڻو ۽ سکيو ستابو شهر هو، جيڪو ڪيتري وقت تائين، اتر سنڌ جو تختگاهه ۽ وڏي مارڪيٽ هو. بکر پنهنجي اوج واري زماني ۾ واپار جو مکيه مرڪز هو، جتي سنڌي صنعت ۽ حرفت وڏي ترقي ڪئي. اروڙ جي ڦٽن کان پوءِ بکر جي شهر جي سونهن ۽ واپار ۾ واڌارو آيو. خاص ڪري مغلن جي دور ۾ هن شهر ڪافي ترقي ڪئي.
    بکر واپار جي لحاظ کان هندستان جي وڏي مارڪيٽ ليکيو ويندو هو. هن جو واپار ڏورانهن ملڪن سان هلندو هو. هتان ڪيترائي رستا ڦٽي نڪرندا هئا، جيڪي سنڌ کي هند ۽ ٻين ٻاهرين ملڪن سان ڳنڍيندا هئا. اتر هندستان ۽ وچ ايشيا سان، جن رستن ذريعي واپار هلندو هو، انهن کي هي ملائيندڙ شهر هو. افغانستان ۽ ٻين اترين ملڪن سان واپار هڪ شاهي رستي هلندو هو، جيڪو بکر کان شروع ٿي سليمان، هالار، جبلن جي قطار جي آسان لڪن وچان ” بولان دري“ مان لنگهي قنڌار، هري روڊ، مود کان ٿيندو، ترڪستان وڃي ختم ٿيندو هو.“ مغلن جي دور ۾ هت هڪ ضرب خانو به هو، جتي فقط ٽامي جا دام ۽ ڪي چاندي جا چوڪنڊا سڪا به تيار ٿيندا هئا. چاندي جي روپين جو وزن ساڍا ٻارهن ماسا هئا. اڪبر جي دور ۾ انهن سڪن تي اڪبري سال دين الاهي جو سال ۽ مهينو ڏنل هئا. شاهجهان جي ڏينهن ۾ هت تيار ڪيا ويندا هئا. اورنگزيب جي ڏيهن ۾ فقط ٽامي جا سڪا تيار ٿيندا هئا.“ ( بکر جو قلعو – الوحيد سنڌ آزاد نمبر – ٻي ايڊيشن )
    بکر جي واپار بابت ڪيترن ئي مغربي مورخن تفصيل سان لکيو آهي. پورچوگيز سيلاني، مسٽر سباسٽن لکي ٿو ته ” اتر سنڌ جو مکيه شهر بکر، هڪ سهڻو شهر هو، جنهن جي چوڌاري چمن ۽ باغ باغيچاهئا. سندس بازار هر ڪنهن قسم جي مال سان ڀرپور هئي. هن جي آبهوا وڻندڙ ۽ پاڻي مٺو هو.“ مانريق لکي ٿو ته ” بکر ۾ باغن جي ڪري ميوو تمام گهڻو آهي ۽ ملڪ ڏاڍو سرسبز ۽ شاداب آهي. هتان هر سال ايران ۽ خراسان ڏانهن اٺن جا قافلا مال کڻي ويندا هئا. ” ڊاڪٽر بالڪرشنا “ چوي ٿو ته ” آگري کان مال، اٺن تي بکر آندو ويندو هو، جتان پوءِ ٺٽي ۽ لهري بندر موڪليو ويندو هو.“ هت ڪپڙو جو اعلى سامان کان سواءِ تلوارون به تمام سٺيون هيون“ بکر جي کير ۽ مکڻ جي باري ۾ انگريز ايجنٽ لکن ٿا ته ” بکر ۾ ڏڌ ۽ لسيون، بهترين قسم جو تيار ٿين ٿيون. هتي تمام گهڻو مکڻ ۽ گيهه جو واپار هلندو هو. ( الطاف سومرو – بکر – سنڌ جو هڪ تاريخي شهر) انهن ڏينهن ۾ خراسان جا واپاري هت خشڪ ۽ تر ميوا، ڪيمخواب، ڪلاباتون ۽ غاليچن جو نيڪال ڪندا هئا. بکر مان نير جوڙيون، تسر جو ڪپڙو ۽ هندوستان جو مال ملتان جا رنگين ڪپڙا خريد ڪندا هئا، جيڪي مهراڻ جي ذريعي پهچندا هئا. بکر مهراڻ جو وڏو پتڻ هو، جتان مساڻ ۽ مال لهندو ۽ چڙهندو هو.

    (3) روهڙي ۽ سکر
    روهڙي ۽ سکر سنڌ جا ٻه قديم ۽ تاريخي شهر آهن. مسٽر ٽريموا رائل ۽ مسٽر جان ٽيٽ جو رايو آهي ته ” پٿر جي دور ۾ روهڙي ۾ هڪ قديم قوم رهندي هئي، جيئن ميڪسيقو جي جبلن ۾ پٿر جي زماني جي قديم رهاڪن نيولنهڪ رهندا هئا.“ ريورٽي لکي ٿو ته ” روهڙي هڪ جهونو شهر آهي، جنهن جو هندي نالو روراپور يا روانگر آهي، جنهن جي معنى آهي جبل تي شهر.
    سکر به سنڌ جو هڪ پراڻو شهر آهي، جيڪو اصل ۾ ساگر مان نڪتل آهي. ( سنڌ جا پراڻا شهر – مولائي شيدائي )
    هي ٻيئي شهر سترهين صدي جي شروعات ۾ سري وارن شهرن ۾ درياءَ جي ڪناري تي هجڻ ڪري، سياسي، تجارتي ۽ صنعتي اهميت جا حامل هئا. سکر ۾ خراسان جا قافلا مال آڻيندا هئا ته روهڙي ۾ آگري جا قافلا، سورهن ڏينهن ۾ پهچندا هئا. ٻنهي شهرن ۾ واپاري مال جي مٽا سٽا ٿيندي هئي . روهڙي جو ڪپڙو دريائي ( تسر) ديسان ديس مشهور هو. جوزف سئلبئنڪ ( 1609ع) ۾ لکي ٿو ته ” هتي جا شهري محنتي ڪڙمي ۽ هوشيار ڪاريگر آهن، جڪي سوٽي ڪپڙي، نير ۽ ٻين شين جو واپار ڪن ٿا. هلت چلت ۽ وهنوار ۾ ڏاڍا سڌا سوا ۽ امن پسند ماڻهو آهن.“ پوسٽنس لکي ٿو ته ” روهڙي اهميت رکندڙ وڏو شهر آهي، جتي بهترين قسم جا عاليشان باغ آهن ۽ اونهاري جي موسم ۾ شروع ٿيڻ سان سڄو ملڪ گلن، خاص ڪري گلاب جي گلن سان ڍڪيو پيو هوندو آهي. ماڻهو اونهاري جو باغن ۾ گذاريندا آهن.“ اهو ئي سبب آهي جو مانريق کيس ” سنڌ جو چمن “ سڏي ٿو. ( سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ص نمبر 135)
    سکر به سنڌ جو اعلى پائي جو شهر هو، جيڪو اٽڪل ست سئو قبل مسيح سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي آباد ٿيو ۽ قديم روايتن موجب پنهنجي مهذب ۽ متمدن باشندن ۽ باغات سبب مشهور ٿيو. قديم سکر، اڄ ڪلهه پراڻي سکر جي نالي سان سڏجي ٿو. ( سليم هالائي جو مضمون – سکر – نئين زندگي اپريل 1972ع)ماضي ۾هت کجين جا وڻ ۽ سرسبز کيت هئا. هي شهر باغات، گلن ۽ ميون جي ڪري مشهور هو. هت ڪمند جي پوک گهڻي ٿيندي هئي، ان ڪري شڪر ( ڳاڙهي کنڊ) جي ڪري مشهور ٿيو. آسودگي، خوشحالي ۽ سرسبزي ڪري به هن جو نالو سکر ٿيو، جنهنجي معنى آهي سٺو وڏي ساک وارو ۽ ڀاڳن ڀريو. مير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته ” لاڙ ۾ ٺٽو ۽ سري ۾ سکر ٻئي شهر، تمدني مراڪز ۽ نزهتگاهون آهن ۽ ماڻهن ۾ انسانيت جا گڻ ۽ قابليت آهي.“
    مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾سکر تجارت ۽ صنعت جو مرڪز هو جوزڪ سئلبئنڪ لکي ٿو ته ” سکر ۾ گهڻو ڪري ڪورين ۽ رنگريزن جا ڪٽنب رهن ٿا، جي اتي جي آسپاس جي ماڻهن جو ڪم ڪن ٿا. انهن هنڌن تي بهترين قسم جو نير وڪامي ٿو.“ پورچوگيز سيلاني مارنق سکر جي ٽڪرن کي به سنڌ جو چمن سڏي ٿو.
    1838ع ۾ افغان ويڙهه جي زماني ۾ هت ڇپري بندر جوڙيو ويو جتي انگريزن جي فوج کي راشن ملندو هو. ڇيري بندر هوريان هوريان ترقي ڪندو ويو. فوج کي مال پهچائڻ لاءِ پارسين، ميمڻن ۽ هندو ٺڪيدارن جايون جوڙايون، اهڙي طرح نئون سکر تجارت سان گڏ فوجي ڪارواين جو به مرڪز بنجي پيو. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي. هنن سکر کي تجارتي مرڪز بنائڻ لاءِ، سربارٽل فريئر جي زماني ۾ ڪراچي ۽ ڪوٽڙي جي وچ ۾ ريلوي لائين شروع ڪئي. انهيءَ زماني ۾ ” انڊس فلوٽيلا ڪمپني“ جا بار کڻندڙ جهاز ڪراچي، ڪوٽڙي، ملتان ۽ شير شاهه جي رستي سکر ايندا هئا. سکر ۾ به ڪمپني جو دفتر قائم ڪيو ويو. سکر جو موجوده ميونسپل هال، دريائي جهازن جي رهنمائي لاءِ اشاريگاهه ( سگنل هائوس ) طور ڪم ايندو هو. جهازن جي اچ وڃ سبب سکر واپار جو مرڪز بنجي پيو. ويتر ڪوٽڙي کان سکر تائين دادو ۽ لاڙڪاڻي کان ريلوي لائين لڳائي ويئي. 1872ع ۾ بکر ۽ سکر جي وچ ۾ سنڌو درياءَ تي ريلوي پل جي اسڪيم تيار ڪئي وئي. 1889ع ۾ روهڙي کان ملتان تائين ريلوي پل جي اسڪيم تيار ڪئي وئي. 1878ع ۾ لئنسڊائون ٺهي تيار ٿي ۽ ڪوئيٽا پشين ريلوي لائين ٺهي مڪمل ٿي سکر ۽ قنڌار جي وچ ۾ تجارت جو سڌو رستو ٿي پيو. 1932ع ۾ سکر بيراج جڙي راس ٿيو جنهنجو سنڌ جي تجارت ۾ نئون روح ڦوڪيو.
    اهڙي طرح سکر شهر بلوچستان، پنجاب ۽ قديم وقت ۾ افغانستان لاءِ اهم تجارتي مرڪز جي حيثيت سان مشهور هو. هي شهر درياءَ جي ڪري پاڻي، ريلوي جي ڪري خشڪي ۽ واپار جي قافلن جي صورت ۾ واپار جو اهم اڏو هو.

    ( 4) اورنگا بندر
    اورنگا بندر شاهه بندر جي پراڻن آثارن مان هڪ آهي، جيڪو مغل گورنر شهزادي اورنگزيب 1642ع ۾ ڪڪرالي واري خطي ۾ سمنڊ جي ڪناري تي تعمير ڪرايو. اورنگزيب ان وقت لاڙ جو نواب هو. ( لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ) ص نمبر 100 (ڪاظم رضا صاحب جنگ ويڪلي 6 آڪٽوبر 1987ع ۾ لکيو آهي ته ” سڪندر اعظم بغير ڪنهن جنگ وجدل جي سنڌ کي فتح ڪري اورنگا بندر تي لٿو.“ هي سراسر غلط آهي ۽ سنڌ جي تاريخ سان مذاق آهي ” ڇوته اورنگا بندر جو ان وقت وجود به ڪين هو.“ )

    (5) شاهه بندر
    لاڙ جو هي بندرگاهه ميان غلام شاهه ڪلهوڙي 1759ع ۾ ٺهرايو ۽ اورنگا بندر مان ماڻهو لڏائي هت اچي رهيائين. ان زماني ۾ شاهبندر ڏيساور سان واپار ڪرڻ جو اهم هڪ ذريعو هو، جتان بصره، بندرعباس، هرمز، مسقط ۽ بحرين وغيره ڏانهن ملڪلي سامان روانو ڪيو ويندو هو. هن بندر تي ميان غلام شاهه جا 15 جهاز هر وقت بيٺل هوندا هئا. واپاري آمدرفت جي مرڪز بنجڻ سبب تاجر هن بندر تي اچڻ لڳا. هتي جا ڪڇي ۽ ڀاٽيا مسقط ۽ ٻين ملڪن سان واپار ڪندا هئا. ايسٽ انڊيا ڪمپني، جڏهن 22 اپريل 1761ع ۾ تجارتي پروانو حاصل ڪيو، تڏهن هنن شاهبندر کي پنهنجو واپاري مرڪز بنايو ۽ پريتم داس روپچند کي قلمي شوري پهچائڻ جو ٺيڪو ڏنو. ڪمپني شاهه بندر تي شوري کي صاف ڪرڻ ۽ ڪاڙهي قلمي صورت ۾ آڻڻ لاءِ وڏي پئماني تي ڪم شروع ڪيو. 11 ڊسمبر 1757ع ۾ ڪمپني هت شوري صاف ڪرڻ جو ڪارخانو کوليو، جنهن ۾ ساليانو ڏهه هزار شورو صاف ٿيڻ لڳو.
    هي بندر 1819ع ۾ زمين جي ٻنڌڻ ۽ سنڌونديجي رخ مٽائڻ سبب تباهه ٿي ويو.

    (6) ڪيٽي بندر
    شاهه بندر جي ڦٽڻ کان پوءِ هن بندر زور ورتو. هن بندر تي بمبئي، مدراس، ايراني نار، سون مياڻي ۽ مڪران کان مال ايندو هو. انگريزن جي حڪومت جي شروعاتي دور ۾ هن وڏي ترقي ڪئي. چارٽ ۾ هن بندر جي آمدني ۽ روانگي ڏيکاريل آهي.

    چارٽ نمبر 6
    ڪمپني جو ڪيٽي بندر تي لٿل مال ( امپورٽ )
    16- 1915 15- 1914 14-1913 13- 1912 12- 1911
    13000 122602 128247 121050 174856 واپاري شيون
    29520 21121 22741 3450 8117 خزانو
    159560 143727 50988 124500 182973 ڪل

    چارٽ نمبر 7
    ڪمپني جو ڪيٽي بندر تان ويل مال ( ايڪسپورٽ)
    16- 1915 15- 1914 14-1913 13- 1912 12- 1911
    641200 444308 553932 817892 691123 واپاري شيون
    641200 444308 553932 817892 691123 ڪل
    بحواله : لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ – ص نمبر 417

    (7) سنڊي بندر
    جاتي شهر کان ڏکڻ اولهه طرف چئن ميلن جي مفاصلي تي ندي هو. 1997ع ۾ هي مشهور بندر هو. هن بندر تي هروقت ٻيڙيون موجود هونديون هيون. هن بندر تان اناج جو واپار تمام گهڻو ٿيندو هو. لکپت ڏانهن سمنڊ رستي، سنڊي بندر تان چانورن جي روانگي ٿيندي هئي. ( لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ – ڊاڪٽر جي الانا)

    چارٽ نمبر 8
    سنڊي بندر جي آمدني ۽ روانگي جو مال 1911ع کان 1912ع تائين
    ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ
    آمدني جو مال
    16- 1915 14- 1915 14-1913 13- 1912 12- 1911
    155388 138872 132934 180743 178721 واپاري شيون
    179783 137420 162464 213862 199504 خزانو
    235171 276292 295398 124605 378225 ڪل
    روانگي جو مال
    16- 1915 14- 1915 14-1913 13- 1912 12- 1911
    840440 498257 512420 899121 670688 واپاري شيون
    حوالو ؛ لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ – ص نمبر 416

    (8) وڪر بندر
    سنڌو درياءَ جي ڊيلٽا وٽ، سمنڊ کان ويهه ميل پري، وڪر بندر هو. 1837ع ۾ ڪمانڊر ڪالس، درياءَ جي ڊيلٽا جي ماپ ڪرڻ وقت هن بندر کي اهم بندر ڏٺو . وڪر جي قلعي وٽ، جهاز اچي بيهندا هئا. هڪڙو جهاز 70 باءِ 68 فوٽ هوندو هو،جنهن تي چوڏهن بندوقون رکيل هونديون هيون. هي ٻه سئو ٽن بار کڻي سگهندو هو. هي جهاز لڙائي ۾ ڪم ايندو هو. هن جهاز کي سنڌي ماڻهو ارمات چوندا هئا.
    ٽالپورن جي دور ۾ هن بندر کي وڏي اهميت حاصل هئي. 1832ع ۾ ٽالپرن حاڪمن کي هن بندر تان هڪ لک روپين کان به وڌيڪ محصول ٿيو. هن بندر تان مانڊوي انجار، جهوناڳڙهه، بمبئي، پورپندر ۽ ملبار کان سواءِ سون مياڻي، گوادر ۽ مسقط سان واپار هلندو هو، جنهن ۾ چانور گيهه ۽ ٻيو مال هوندو هو. هي بندر انگريزن جي حڪومت واري دور۾، حجامڙي شاخ جي سڪي وڃڻ ڪري بند ٿي ويو. ( لاڙ جا بحري بندر – ٿهيم رسول بخش – نئين زندگي اپريل 1982ع)

    (9) حيدرآباد
    هي سنڌ جو تمام قديم ۽ تاريخي شهر آهي. جيڪو پراڻي زماني ۾ ” نيرون ڪوٽ“ جي نالي سان سڏبو هو.نئين شهر جو بنياد 1767ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي وڌو ۽ هڪ مضبوط ٽڪر تي قلعو اڏايو ۽ وچ ۾ هڪ منارو پڻ ٺهرايو. ( تاريخ سنڌ – عهد ڪلهوڙا – ص نمبر610) پوءِ حيدرآباد کي سنڌ جو تخت گاهه بنايو ويو. 1889ع ۾ جڏهن مير فتح علي خان ٽالپر سنڌ جو حاڪم مقرر ٿيو، تڏهن هن شهر جي ترقي ڏانهن خاص ڌيان ڏنو. هن شهر کي شاهوڪار بنائڻ لاءِ هنر جي ترقي ۽ ڪارخانن کي قائم ڪرڻ تي زور ڏنو. ان ڪري ڪوري، کٽي، کهنباٽي رنگريز، زري دوز، پاٽولي، سونارا، وينجهر، چوڙيگر ڦڻي گر، سراز، ڪمانگر، لوهار، ٺاٺارا ۽ ڪاسائي شهر ۾ اچي آباد ڪيا. اهڙي طرح حيدرآباد ڪاريگرن ۽ ڪارخانن جو مرڪز بنجي پيو. (حيدرآباد – ڊاڪٽر بلوچ صاحب سه ماهي مهراڻ – 1- 1962ع )
    حيدرآباد صنعت ۽ حرفت، هنر ۽ ڪاريگري جو گهر هو. هي شهر گنجي ٽڪر تي بيٽل هو. آسپاس رزخيز زمينون هيس. هڪ پاسي ٽن ميلنجي پنڌ تي درياءَ هئس ۽ ٻئي پاسي مدامي وهندڙ ڦليلي. هتان مکيه صوبائي رستا ڦٽي ٿي نڪتا ۽ ان ڪري صوبي جي مکيه واپاري مرڪز سان خشڪي رستن جي ذريعي ڳنڍيل هو. جڏهن انگريز واپاري هت آيا، تڏهن هنن شهر کي آباد ۽ خوشحال ڏٺو. والٽر هئملٽن لکي ٿو ته ” هي قلعو هڪ ٽڪر تي آهي، جو هڪ هزار قدم ڊگهو آهي. هت هڪ وڏي بازار آهي. بازارن جي دڪانن تي هر قسم جون جنسون ڪثرت سان موجود آهن ۽ گهڻو ڪري، هندو دوڪانداري جو ڌنڌو ڪندا آهن.“ ساڳي طرح پوسٽر لکي ٿو ته ” حيدرآباد جو شهر هڪ ٽڪري تي اڏيل آهي، جنهن جي اوڀر طرف سان لڳو لڳ پري تائين درياءَ وهندڙ آهي. هن جا بچاءُ تمام وسيع آهن. هڪ بازار آهي يا هڪ ميل تائين ڊگهي آهي. سامونڊي هوائون حيدرآباد تائين پهچن ٿيون. هي شهر سنڌ جي پوري وچ تي آهي. انهي ڪري غالباً حڪومت جي مرڪز لاءِ هن شهر کي چونڊيو ويو.“
    پاٽنجر لکيو ته ” حيدرآباد هڪ ٻيٽ تي پڌل آهي ۽ ڦليلي جو وهڪرو قلعي کان هڪ هزار، قدمن تي ٿيندو پر انهيءَ مان هڪ شاخ، قلعي جي بالڪل نزديڪ وهندي آهي، جنهن ۾ ٻيڙيون وغيره اچي لنگر هڻنديون آهن.“
    ان زماني ۾ هت شاندار ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو تيار ٿيندو هو، پر خاص ڪري منجهس هٿيار پنوهار به سٺا هئا. ٽوٽي واريون بندوقون، تلوارون ۽ خنجر به عمدا ٺهندا هئا جي ڪنهن به طرح يورپ جي ٺهيل هٿيارن کان گهٽ ڪين هئا.
    ڪمپني حيدرآباد ۾ جيڪو مال، ٻاهران آڻي وڪرو ڪندي هئي، ان جو تفصيل چارٽ نمبر 9 ۾ ڏنو ويو آهي

    چارٽ نمبر 9
    ڪمپني جو حيدرآباد ۾ آندل مال ( امپورٽ )
    ٽوٽل رقم قيمت جنس ڪٿان آندل





    250020
    100000
    40000
    40000
    45000
    25020 ( خاص ڪري انگريزي مال )
    1. ٻڻيون يا هرک
    2. ڇيٽون
    3. بخمل، اوني ۽ ٻيو ڪپڙو
    4. ڌاتو خاص ڪري ٽامو
    5. کنڊ ۽ مصالحا ( الف ) بمبئي کان
    20000 20000 (1) کجور ۽ سڪل ميوا ( ب ) عربستان کان

    30000 20000
    10000 1. ڪپهه
    2. اڇو ۽ ڳاڙهو ٿلهو سوٽي ڪپڙو ( ث ) ماروڙا کان


    10000
    20000 ڪپهه ۽ ٻيو مقامي تيار ٿيندڙ مال خاص ڪري ٿلهو ڪپڙو
    عاج وغيره ( ج ) ڪڇ کان
    عاج وغيره
    320020 ڪل رقم
    سنڌ جي اقتصادي تاريخ ص نمبر 280

    (10) شڪارپور
    گهڻو گهڻو اڳي جڏهن سنڌ ۽ فرات دجله جا پاڻ ۾ تجارتي ناتا هئا، تڏهن فرات دجله جا قافلا قنڌار ڪوئيٽا قلات کان سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا ۽ بولان لڪ اڪري سوري جهڏير جي دڙي کان لنگهي شڪارپور کان ٿيندا موهن جي دڙي تائين پهچندا هئا. جتان پوءِ لحم جي دڙي، ماڻڪ ٺاري، موندر، مرکپور کان ٿيندا، سيوهڻ ڏانهن ويندا هئا. سيوهڻ کان انهن قافلن کي لڪي ۽ نيرون پهاڙن واري قطار جو اولهه وارو پاسو ڏيئي لنگهڻو پوندو هو. سيوهڻ کان 12 ميل پري جهانگارن وٽ اهو رستو ٻن شاخن ۾ڦٽندو هو. ٻي شاخ وري دنب بني ٻندڙي، چورلي، ڪرچات ۽ تاڻي عارب کان، ڪلاچي جي ڪن مٿان لنگهي لاهوت، لس ٻيلي وٽان ٿيندي، مڪران جي حدن ۾، سمنڊ جي ڪناري مٿان، جبلن جي قطار جي پريان هلندي، آر تائين ٿي ويئي. سنڌ ۾ ان شاهراهه تي جيڪي مکيه چئو واٽا شهر هئا، انهن ۾ هڪ شڪارپور وٽ ڪودڙو سيوهڻ ۽ ڪرچاٽ هئا. ( جناب تاج صحرائي – شڪارپور – هڪ تهذيب – شڪارپور ) اسين هت جنهن شڪارپور جو ذڪر ڪريون ٿا سو 1617ع ۾ دائودپوٽن اڏايو. اهڙي طرح عظيم شاهراهه ۽ سياسي سهولتن سبب هي شهر سنڌ جو مکيه واپاري شهر بنجي ويو. ابتدائي دور کان وٺي انگريزسن جي زماني تائين، شڪارپور جو واپار ڪابل ۽ قنڌار، سمرقند ۽ بخارا، قلات ۽ خراسان، ملتان ۽ لاهور، ڪيچ مڪران ۽ سون مياڻي سان هلندو هو. شڪارپور جا تجارتي ناتا اڃا به وسيع هئا، جيڪي هڪ طرف احمدآباد، بمبئي، ڌڙاواڙ، حيدرآباد دکن، مدراس، مينگلور، ڪلڪتي بلڪ برما جي گادي جو هنڌ رنگون تائين وڌيل هئا. ڪي شڪارپوري واپاري ته اوڀر ۾ هانگ ڪانگ، سنگاپور تائين وڃي پهتا هئا ۽ ڪجهه ڏکڻ اولهه، نائيجريا ۽ يوگنڊا تائين وڃي رسيا هئا.
    1696ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ پليگ جي بيماري آئي، تڏهن ٺٽي جي اهميت گهٽجي ويئي ۽ هي شهر واپار جو اهم مرڪز بنجي پيو. سر اليگزينڊربرنس لکي ٿو ته ” شڪارپور ۾ ڪامياب ترين بئنڪر يا صراف پئدا ٿيا ۽ هن شهر ۾ ان وقت جون وڏيون بئنڪون يا ڏيتي ليتي جا ادار هئا، جن مان گماشتا سڀني مشهور شهرن جهڙوڪ اولهه ۾ استر خان يعني ڪئپسين سمنڊ جو ڪنارو، اوڀر ۾ ڪلڪتي ۽ ڏکڻ ۾ حيدرآباد دکن ۾ هوندا هئا. وڏي واپار لاءِ اهي موڙيون مهيا ڪندا هئا ۽ سندن هنڊيون هر هنڌ هلنديون هيون.“ هندو سيٺ هتان جي واپار کي چوٽ چاڙهيو. ميسن لکي ٿو ته ” شڪارپور جا سيٺيون سڀ هندو آهن ۽ انهن جو واپار ڪيترن ئي ملڪن سان هلي ٿو. هو ڏاڍا چالاڪ آهن ۽ سنڌي کان سواءِ پشتو، بلوچي، پارسي ۽ هندوستاني ٻوليون رواني سان ڳالهائي سگهن ٿا. هو خوش پوش ۽ مهذب آهن.“ شڪارپور جا سيٺيون گهڻو ڪري ڪپڙي جي واپار سان گڏ بلوچستان، افغانستان ۽ روسي ترڪستان مان تازو ۽ خشڪ ميوو سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن ڏانهن موڪليندا هئا. ڪئپٽن گولڊ سمڊ، ڪيترن شين جي وچور ڏني آهي جيڪي ايران ۽ افغانستان مان شڪارپور اينديون هيون ۽ هتان سنڌ جي ٻين شهرن توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن وينديون هيون. انهن شين ۾ نيشاپور جي خاص مٽي، ريشم، سڪو ميوو، ڀرت جو ريشم، عاج، ٽامي ۽ پتل جا ٿانو، رنگ خام مال وغيره اچي ٿي ويو. ڀرت لاءِ پٽ شڪارپور ۾ هڪ ٽولو، هڪ آني ۾ ملندو هو.“ ( شڪارپور – ماضي ۽ حال- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي – ص نمبر 15) انگريزن جي اوائلي دور ۾ هت اناج، ڪپهه، ڪپڙي ريشم، ڌاتن، صرافن، عاج، ميوي ڀاڄين، عطر ۽ خوشبودار شين جا نو سئو دڪان هئا، جيڪي سڀ هندن جا هئا. ان کان سواءِ هت غاليچن ٺاهڻ جا ڪارخانا هئا ۽ انهن هٿ جي اڻيل غاليچن جا رنگ ۽ ڊزائينون وچ ايشيا جي غاليچن جي مقابلي ۾ پسند ڪيون وينديون هيون. ڀرت ۽ چمڙي جو ڪم به ريشم ۽ سٽ مان سوين قسمن جو سامان، ڪاٺ تي رنبي سان نفيس ۽ نازڪ ٽڪ، ڌاتن مان برتن ٺاهڻ، سون ۽ چاندي جا خوبصورت زيور، پتل ۽ لوهه جا ڪلف، کجي جي ڦرهن مان روزمره ڪتب ايندڙ مختلف وٿون، مٽي جا اڪيچار شيون جهڙوڪ : برتن، مورتون وغيره. ان زماني ۾ هٿ ٽامي ۽ پتل جي ديڳين ٺاهڻ جو ڪارخانو هوندو هو، جنهن ۾ ٽيهه چاليهه ماڻهو، ڏهاڙي ڪم ڪندا هئا. اهي ديڳون قنڌار، قلات ۽ ايران کان قافلا خريد ڪرڻ لاءِ ايندا هئا.
    ڪمپني شڪارپور ۾ جيڪو مال وڪرو ڪيو، ان جي هڪ جهلڪ چارٽ ۾ ڏني ويئي آهي. ان زماني ۾ شڪارپور پنهنجي سونهن ۽ شاهوڪاري ڪري شهزادي ۽ سنڌ جو پئرس سڏبو. ميسن لکي ٿو ته ” شڪارپور خوشحال ۽ شاهوڪار شهر آهي. دڪان مال سان ڀريل آهي ۽ سڀئي ماڻهو ڌنڌن ۾ مشغول آهن. هتان جي بازار عاليشان آهي، جتي هر قسم جي شئي ملي سگهي ٿي. شهر جي چوطرف مختلف قسم جا باغ آهن، جتان کجور، سنگڙا، انب، مالبري، ڪيلا، گدرا ۽ ٻيا ڪيترائي ميوا گهڻي انداز ۾ ملن ٿا. زمين ۽ پاڻي سٺو آهي، ان ڪري چوطرف فصل ڀلا ٿين ٿا. زرعي پئداوار ۾ ڪڻڪ، جوئر، ڪپهه ۽ تيلي ٻج مشهور آهن. گاهه گهڻي ٿيڻ ڪري چوپايو مال، تندرست ۽ سگهارو آهي. کير ۽ گيهه گهڻو ۽ سٺو ملي ٿو، جنهن ڪري هتان جو مٺايون مشهور آهن.“ ( ماهوار پيغام فيبروري مارچ 1982) والٽر بيليو لکي ٿو ته ” شهر صاف ۽ سهڻو آهي، چوڌاري باغ ۽ وڻراهه اٿس. نم، سرنهن ٽاري ۽ کجي جا وڏا ۽ گهاٽا وڻ آهن. شهر جي چوڌاري جيڪي رستا آهن، اهي سرنهن سان ڍڪيل آهي. انهي ڪري سخت گرم مند ۾ به ٿڌي آهي.“ ڪئيٽن ايٽوڪ هتان جي مشهور صراف ڄنٺسنگهه وٽ گروي رکيل شين ۾ سچن زمردن سان ايرنگن جو هڪ جوڙو ڏٺو، جيڪي زمرد ڪبوتر جي آنن جيڏا هئا ۽ انهن جي قيمت ويهه هزار هئي، جيڪي وٽس 11 هزارن ۾ گروي ٿيل هئا.“
    شڪارپور جو هي اوج ۽ واپاري شان 1843ع کان پوءِ ڍرو ٿي ويو ۽ ان وقت پوسٽن هن کي گندي ۽ ڦٽل حالت ۾ ڏٺو.






    چارٽ نمبر 10
    ڪمپني جو شڪارپور ۾ آند ل مال
    ( امپورٽ )
    ٽوٽل رقم قيمت جنس ڪٿان کان آندل

    30،000
    30،000 ريشم، گربيو ۽ گلبدن ڪپڙو ( الف ) ملتان ۽ بهاولپور کان


    210000 30،000
    80،000
    100000 (1) انگريزي مال
    (2) کنڊ
    (3)مصالحا،پسارڪو سامان ۽ ڌاتو (ب) ڪراچي کان
    مجموعي رقم 240000
    سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ڊاڪٽر ڇٻلاڻي – ص نمبر 279

    چارٽ نمبر 11
    ڪمپني جو شڪارپور مان ٻاهر ويندڙ مال
    ( ايڪسپورٽ )
    ڪل رقم رقم جنس
    50،000 50،000 (1) ڪابل جو پٽ
    30،000 30،000 (2) قلات جو موڱي رنگ
    5،000 5،000 (3) سڪل ميوو
    5،000 5،000 (4) آفيم ( مقامي )
    مجموعي رقم 90،000
    سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ڊاڪٽر ڇٻلاڻي 278


    (11) نصرپور
    نصرپور سنڌ جو هڪ پراڻو تاريخي ۽ علمي شهر آهي. جيڪو تهذيب ۽ تمدن، علم ۽ عرفان جو مرڪز رهيو آهي. هي شهر فيروز شاهه تغلق 754هه ۾، ساڱري ڍنڍ جي ڪناري تي اڏايو. اتي هن هڪ قلعو ٺهرايو، جتي امير نصر کي هڪ هزار سوارن سان مقرر ڪيائين ۽ ملڪ بهرام کي، انهي علائقي جو فوجدار مقرر ڪيائين. سمن جي دور ۾ نصرپور جي نئين ٻڌايل شهر ترقي ڪئي. چوڌاري ملڪ آباد هو جو درياءَ جي نزديڪي سببان آباد هو ۽ سندس آبادي به وڌندي رهي. اهڙي طرح ارغونن ۽ ترخانن خواهه ڪلهوڙن، جي دور ۾ نصرپور انتظامي توڙي فوجي لحاظ کان هڪ علائقي شهر جي حيثيت اختيار ڪري ويو.“ ( نصرپور – ڊاڪٽر بلوچ صاحب – روزانه مهراڻ سالگرهه 1959ع)
    ڪلهوڙن ۽ مغلن جي دور ۾ هن شهر تجارت ۾ وڏي ترقي ڪئي. جيئن ته هي شهر سنڌو ندي جي ڪناري تي آباد هو، ان ڪري منجهس عمدي قسم جا باغ رکيل هئا. ميان محمد مراد ياب ڪلهوڙي، پنهنجي تاجپوشي جي خوشي وارو جشن هن شهر ۾ سنڌو درياءَ جي ڪپ تي باغن ۾ ملهايو. 17 صدي ۾ نصرپور هڪ وڏو ۽ آباد شهر هو. انگريز ايجينٽ لکن ٿا ته ” هي شهر ٺٽي کان جي وڏو نه آهي ته سندس برابر جيڏو بيشڪ آهي.“ هن شهر جي ڀرسان سنڌو درياءَ وهندو هو. شهر جي پکيڙ درياءَ جي ايراضي تائين هئي. دياءَ جو پتڻ هو ۽ سامان جي لاهڻ ۽ کڻڻ، ٻيڙين جي لنگر انداز ٿيڻ ۽ مسافرن لاءِ وڏو درياهي شهر هو. هتان جو مال ٻيڙين رستي ٺٽي پهچندو هو، جتان اهو دنيا جي وڏين مارڪيٽن ڏانهن کڄي ويندو هو.
    نصرپور پراڻي زماني کان هنر ۽ ڪاريگري ۾مشهور هو. خاص ڪري ڪپڙي جي صنعت جو هڪ وڏو مرڪز هو. هت هرک، بافتا ۽ سوسين جا ڪپڙا سٺا تيار ٿيندا هئا. موسڙا به تمام سٺا تيار ٿيندا هئا، جيڪي ارغونن ۽ ترخانن جو زالون خاص ڪري ڪم آڻينديون هيون. هتان جا کيس ڏاڍا مشهور هئا جيڪي جاگيردار، نواب ۽ زميندار شوق سان استعمال ڪندا هئا. مغل دور ۾ دهلي ۽ آگره جو امير طبقو پڻ نصرپور جو ڪپڙو ڪتب آڻيندا هئا. ( نصرپور – قريشي حامد علي خانائي – سه ماهي مهراڻ سنڌي ادب 1979-1) انگريز ايجنٽن هتان جو ڪپڙو وڏي انداز ۾ خريد ڪيو ۽ اتي آفيس کولي ريذينٽ مقرر ڪيائون. هو لکن ٿا ته نصرپور، ڪپڙي تيار جو اهم ترين مرڪز آهي. رپورٽن موجب منجهس ٽي هزار ڪورين جا خاندان آباد آهن.“ ان زماني ۾ هتان جو بافتو گهڻو مشهور هو. ڏيساور ۾ ان جي تمام گهڻي گهر هئي. انهيءَ ڪري ڪمپني جي نمائندن هڪ ڀيري نصرپور مان بافتي جا ڇهه هزار وال خريد ڪري، وڏي نفعي سان وڪرو ڪيا. نصرپور جون ٻه بازارون وڏي بازار ۽ ننڊي بازار مشهور هيون، جتي وڏا وڏا سکر واپاري تجارت ڪندا هئا.

    ( 12) ڪنڊيارو
    ڪنڊيارو سنڌ جو مکيه واپاري ۽ ڪپڙي جي صنعت جو اهم شهر، مغلن جي دور حڪومت ۾ 1628ع ۾ قائم ٿيو. هن شهر جي ويجهو، سنڌو درياهه وهندو هو، ان ڪري سندس گهڻو واپار درياهي ٻيڙين رستي ڏيساورن سان هلندو هو. هن شهر جو ٺهيل بهترين ڪپڙو ۽ ڪچو مال، سندس ويجهو درٻيلي جي درياهي پتڻ تان، سيوهڻ ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن مرڪزي شهرن ڏانهن ويندو هو. مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ڪنڊياري جي ڪپڙي جي صنعت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” اڳئين زماني ۾، هن علائقي جو نفيس ڪپڙو تمام گهڻو مشهور هو . ڍاڪا جو ململون ڪنڊياري جي ٺهيل ململن جو مقابلو ڪنديون هيون.“ ڏيهي خواهه پرڏيهي امير طبقي جا ماڻهو ۽ عورتون ڪنڊياري جون ململون وڏي شوق سان پهريندا هئا، جيڪي نفاست ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيون.
    17 صديءَ ۾ ڪمپني جڏهن سنڌ ۾ ڪپڙي جو واپار شروع ڪيو، تڏهن هن ڪنڊياري جو سوٽي ڪپڙو به خريد ڪيو. ان وقت هن ڪپڙي جا وڏا ڪارخانا هئا ۽ انهن ڪارخانن ۾، جوڙيون، بافتو، ململ، انگوڇا ۽ ٽسر جو ڪپڙو گهڻو ٺهندو هو. ڪمپني پنهنجن گماشتن جي معرفت هتان ڪپڙو گهرائي، يورپي منڊين ڏانهن موڪليندي هئي. هتان جو سفيد جوڙيون ۽ بافتو پنجاب جي طرف لاهور به موڪليو ويندو هو، جتان ان جي عيوض مصري ۽ کنڊ گهرائي ويندي هئي. سن 1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر، سنڌ جون صنعتي شيون گڏ ڪري، لنڊن جي هائيڊ پارڪ واري صنعتي ميل ۾ رکيو هيون. انهن صنعتي شين ۾ ڪنڊياري جو ڪپڙو به رکيو ويو. “ ( ڪنڊيارو – قريشي حامد علي خانائي – ماهوار پيغام)

    (13) ڪراچي
    ڪراچي سنڌ جو هڪ مشغول ترين بندر ۽ تاريخي شهر آهي، جتي منڍ ۾ ته مهاڻن جون ننڍيون ننڍيون جهوپڙيون هيون، جيڪي مڇي ماري گذارو ڪندا هئا. انهن جي وڏي مائي ڪلاچي هئي، جنهن تان هن تي نالو ڪراچي پيو. ان جي ڀرسان کڙڪ بندر نالي هڪ شهر هو، جو واپار لاءِ مشهور هو. هڪ هندو سيٺ، ڀوڄومل اتي وڃي رهيو. هتان پنهنجا گماتشا گوادر ٻيلي ۽ مسقط موڪليا. هوريان هوريان کڙڪ بندر ترقي ڪندو ويو ۽ اتان مال سنڌ جي اندرين بندرن شاهبندر ۽ لاهري بندر ۾ اچڻ لڳو. ( يادگيريون – سيٺ نا ئون مل – ص نمبر 47) ميان نور محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾، ايراني نار ۽ عربي سمنڊ غوراب ۽ دنگيون هتان اچي لنگهنديون هيو ن ۽ منهوڙي وٽ اچي بيهنديون هيون، جتان سودو سامان خريد ڪيو ويندو هو. هتان حاجي به روانا ٿيڻ لڳا. اهڙي طرح هي شهر وڌڻ لڳو. ميرن جي دور ۾ سامونڊي ڪاهن کان بچڻ لاءِ منهوڙي ۾ پٿر جو ڪوٽ اڏائي اتي توبون رکي ڇڏيون ۽ بلوچن جي فوج جو هڪ دستو به اتي مقرر ڪيو ويو.
    ڪمپني جڏهن ناٿن ڪرو کي سنڌ ۾ پنهنجو ايجنٽ ڪري موڪليو، تڏهن ڪراچي هڪ آباد شهر هو. هو ڪرو ڪراچي جي عاشق بنجي پيو ۽ هن هتي هڪ عمارت به تعمير ڪرائي. هن پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ لکيو ته ” ڪراچي سستو شهر آهي ۽ هتي پالتو جانور، گيهه ۽ گاهه جام ملي ٿو.“ ان کان پوءِ جڏهن پاٽنچر سنڌ ۾ آيو، تڏهن هن ڪراچي کي هڪ واپاري شهر ڏٺو. هو لکي ٿو ته ” ڪراچي سنڌ جو مکيه سامونڊي بندرگاهه آهي جنهن جي سالياني آمدني 99 هزار روپيا آهي. هي شهر مستقل طور سڌي رهيو آهي ۽ ان جو خاص سبب هن بندر مان جاگرافيائي بيهڪ مان حاصل ٿيندڙ اهي فائدا آهن، جيڪي ان کي هندستان ۽ ڪابل جي بادشاهه جي سڀني علائقن سان گڏوگڏ ايران، خراسان، بلخ، بخارا جي عين وچ ۾ هئڻ ڪري حاصل ٿي رهيا آهن. سنڌ جو ٻاهرين ملڪن سان اڪثر واپار، ڪراچي جي ذريعي طور پئدا ٿيندڙ آهن. تن ۾ قلمي شورو، لوڻ، چانور، ڪپهه، گيهه، تيل، تيلي ٻج، شارڪ مڇي جو تيل، چمڙي رڱڻ لاءِ ڇوڏا، کار، ڪپڙو ۽ کلون شامل آهن، ۽ جيڪي شيون اتر وارن ملڪن ۽ بادشاهن کان ٻاهرين ملڪن ڏانهن، روانيون ڪرڻ لاءِ، خاص طور واپاري هت آڻين ٿا تن ۾ زعفران، گهوڙا، صاف ڪيل چمڙو، کلون، مشڪ، ڦٽڪي، مختلف قسمن جون نشيدار دوائون، ڪشميري شالون، سڪل ميوو، هيرا، لعل، فيروزا ۽ ٻين قسمن جا قيمتي پٿر ۽ کوئنر شامل آهن. هندستان کان درآمد ٿيندڙ شيون لوهه، قلعي رڪ، شيهو، ٽامو، عاج، چانهه جي پتي، کنڊ، هر قسم جا مصالحا ڪاشي جون سرون، بافتي جو ڪپڙو، دالون وغيره آهن. جن مان وڏي تعداد ۾ مٿي شمار ڪيل شين جي عيوضي ۾ موڪليون وينديون آهن. خراسان، مڪران، ايران ۽ عربستان کان سنڌي ماڻهو، پنهنجي گهرو استعمال لاءِ تراريون، ريشم، غاليچا، کارڪون، گلاب جو پاڻي، تماڪ، قهوه ۽حقا گهرائيندا آهن، جيڪي هن بندر تان ايندا هئا.“ ( سنڌ ۽ بلوچستان جو سفر – ص نمبر 403)
    رچرڊ برٽرن لکي ٿو ته ” ڪراچي هڪ سنڌائتي هنڌ تي آهي. هتان جي آبهوا، ٻين شهرن جي مقابلي ۾ صحت بخش ۽ وڻندڙ آهي. سندس بندر جو ايران، عربستان ۽ اولهه هندستان سان چڱو چوکو واپار هلي ٿو.“
    ڪراچي بندر جي اهميت 18 صدي ۾ جيئن پوءِ تيئن وڌندي ويئي. 1838ع ۾ انڊين نيوي جي ڪمانڊر ڪارلس، ڪراچي جي واپار بابت رپورٽ ۾ لکيو ته ” ڪراچي جي سڄي واپار جو تخمينو 2146625 روپيا آهي. “ اهڙي تجارتي ۽ شاندار شهر کي هٿ ڪرڻ لاءِ انگريزن، سرويلنٽ جي اڳواڻي ۾ڪراچي ۾ لهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ منهوڙي تي برٽش، جو جهنڊو چاڙهي ڪراچي تي قبضو ڪيو. منهوڙي جي فتح کان ٻه ڏينهن پوءِ انگريزن ۽ ميرن جي وچ ۾ هڪ عهدنامو ٿيو، جنهن ۾ طئي ٿيو ته ” گورنر قلعي ۾ ڪراچي شهر جو مڪمل قبضو برٽش فوجين جي حوالي ڪندو.“ ( سنڌ ۽ بلوچستان جو سفر – ص نمبر 403 )
    انگريزن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي وڏي ترقي ڪئي. بسپثر رچرڊ برٽن کي ڪراچي جي جائزي وٺڻ لاءِ موڪليو. 1853ع ۾ فريئر جي ڪوشش سان ڪراچي بندر جي اصلاح ڪئي ويئي ۽ منهوڙي تي لائيٽ هائوس ٺهرايو ويو. انگريزن ڪراچي بندر تي ڪيترائي گهاٽ ۽ گوديون ٺهرايون. آمدني ۽ روانگي جي سامان جا ڌار ڌار گدام ٺهرايا. ان دور ۾ هن بندر تي اٺاويهه ٻيڙا اهڙا ڪم ڪندا هئا، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه وڌ ۾ وڌ 150 ٽن کڻڻ جي گنجائش هئي. 1853ع ۾ ڊبوڪ آف آرگيلي، اٺ سئو ٽن وزني جهاز پهريون دفعو ڪراچي بندر تي لنگر انداز ٿيو. 1944ع ۾ هن بندر تي هر روز 78000 ٽن مال لاٿو ۽ چاڙهيو ويندو هو، جنهن مان 107 ڪروڙ رپين جي آمدني ٿيندي هئي. ( ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ – پيغام جنوري 1983ع) ڪراچي کي ملڪ جي اندرين حصن سان ڳنڍڻ لاءِ 108 ميل ريلوي لائين ڪوٽڙي تائين ٺهرائي ويئي، جنهن کي پوءِ ملتان تائين وڌايو. اهڙي طرح ڪراچي بندر اڀرندي حصي ۾ ڪڻڪ موڪلڻ جو اهم وسيلو ڪافي فائدو حاصل ڪيو. پهرين مهاڀاري جنگ ۾ ڪراچي وڏو ڪردار ادا ڪيو. هتان کان بصري تائين ٻين رستي ذريعي خوراڪ جو سامان ويندو هو. برطانوي سرڪار جا فوجي اهو سامان ڪم آڻيندا هئا. جنگ دوران مال جي اچ وڃ مان هتان جي واپارين کي گهڻو فائدو پهتو. ( ڪراچي – حنيف رضا – ص نمبر 15)
    هن دور ۾ ڪراچي بندر جي رستي جيڪا واپار ترقي ڪئي، ان جو اندازو ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، جي انگن اکرن سان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪي هن ريت آهن. 13- 1912 ع ۾ جهازن 21183090 ٽن سامان ڍويو، جيڪو ڪراچي بندر جي هڪ مثال آهي. مڇون ۽ بيڪار جهازن کان سواءِ ڪراچي جي بندر ۾ 3742 جهاز داخل ٿيا، جن سوا 1295904 ٽن سامان کنيو.
    12-1911ع ۾ 3706 جهاز بندر ۾ داخل ٿيا هئا ۽ انهن 197305 ٽن سامان کنيو هو. بندر ۾ 990 آڳبوٽ داخل ٿيا هئا. انهيءَ جي مقابلي ۾ اڳئين سال 914 جهاز داخل ٿيل هئا. آگبوٽ ڪل 2049219 ٽن سامان آندو هو. بندر پنج هزار ٽنن جا 161 جهاز بندر تي آيا. ان کان اڳئين سال ( 12- 1911ع) ۾ 135 اهڙا جهاز آيا هئا. شاهي بحري آرماڙ جا ٽي جهاز ۽ هندستاني ٻيڙي جا سپاهين کڻڻ جا ٻه جهاز بندر تي آيا ۽ 15316 ماڻهو لاٿا ۽ چاڙهيا ويا. مڪي مان ٽيهتر حاجي لٿا ۽ 201 حاجي روانا ٿيا.“ ( يادگيريون – سيٺ نائومل – ص نمبر 280)
    بهرحال ڪراچي سنڌ جو هڪ عظيم بندرگاهه هو، جنهن ٿوري عرصي ۾ وڏي ترقي ڪئي ۽هاڻي اهو دنيا جي بهترين بندرگاهن ۾ شمار ٿئي ٿو. سر چارلس نيپئير صحيح چيو هو ته ” اي ڪراچي ڪڏهن مشرق توتي ناز ڪندو ۽ جڏهن تون پنهنجي عروج جي بلندين کي رسي چڪو هوندين، آءُ شل توکي ڏسي سگهان.“

    چارٽ نمبر 12
    ڪمپني جو ڪراچي ۾ آندل مال
    ڪل رقم في مڻ مڻ جنس ڪٿان کان آندل
    50000 روپيا 2/ 121روپيا 4000 (1) کنڊ (1) بمبئي کان
    4500روپيا 0-0- 18روپيا 250 (2) مصري
    45750روپيا 0-0- 15روپيا 3250 (3) مرچ
    3350روپيا --- 200000 (4) ناريل
    2000روپيا 0-0- 10روپيا 200 (5) ڪيسر
    500روپيا 0-0- 5روپيا 100 (6) سوپاريون
    ---- ---- ---- (7) سندورو (اڇو ۽ ڳاڙهو)
    2500روپيا 0-0- 10روپيا 250 (8) شيهو
    5500روپيا 0-0- 11روپيا 500 (9) رڪ (اڇو)
    475روپيا 0-8- 9روپيا 50 (10)رڪ ( سادو)
    9000روپيا 0-0- 6روپيا 1500 (11) لوهه
    900روپيا 20 في پائونڊ 450 پائونڊ (12)پارو
    54000روپيا 54روپيا 1000 مڻ (13) ٽامو
    10500روپيا 0-0-0- 140روپيا 75 مڻ (14) ڦوٽا مصالحو
    120000روپيا 0-0- 600روپيا 200 (15) ڪچو ريشم نمبر 1
    128000روپيا 0-0- 120روپيا 800 (16) ڪچو ريشم نمبر 2
    10000روپيا 20 روپيا في وال 500 وال (17) عمارتي ڪاٺ
    64000روپيا 120روپيا في مڻ 450 مڻ (18) عاج
    3000روپيا 0-0-6 روپيا 500 مڻ (19) سناهه
    35000روپيا 0-0-7 روپيا 5000 (20) ٿلهي کنڊ
    2500روپيا 50 روپيا في پيتي 50 پيتيون (21) چيني ڪاغذ
    20000روپيا 0-0-40روپيا 500 مڻ (22) انگريزي سٽُ
    1500 روپيا 0-0-30 روپيا 50 مڻ (23) صندل جو ڪاٺ
    3000 روپيا 0-0-12 روپيا 250 (24) لوهي ٿانو ۽ ڪئنچيون
    2700 روپيا 0-0- 25روپيا 150 (25)ڪسون
    25000 روپيا 0-0- 5روپيا 5000 (26) ڏونگهيون
    17500روپيا 0-0- 35روپيا 500 (27) ٽين
    650 روپيا 0-0- 40روپيا 150 (28) ايريو
    650 روپيا 0-6-1- 21روپيا 300 (29) گدامڙي
    600000 روپيا ---- ---- (30) ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو
    37500 روپيا 0-0- 15روپيا 2500 ڪپهه (2) گجرات کان
    30000 روپيا 0-8-13 روپيا 20000 (1) کجور (3) ايراني نار کان
    70000 روپيا 0-8-13 روپيا 20000 (2) کجور سڪل
    75000 ---- ---- (3) موتي
    800 روپيا 0-4 روپيا 0-200 (4) سڪل ليما
    2500 روپيا 0-10 روپيا 250 (5) سڪل گلاب
    120000 روپيا 80 في ٻانهو 1500 (6) ٻانها
    1250 روپيا ---- ---- (7) سوٽي ٽاٽ
    300 روپيا 0-4 روپيا 75 (8) سڪل ميوو
    800 روپيا 0- 8روپيا 100 (9) بادام
    3000 روپيا 0- 3روپيا 1000 (10) ڏاڙهون جون کلون
    1200روپيا 0- 8روپيا 200 (1) تماڪ (4) اتر سنڌ مان
    3000 روپيا ---- ---- (2) ٿلهو سوٽي
    19500روپيا 10- 10روپيا 12000 (1) کڙ (5) لس ٻيلي کان
    آندل مال جي جملي رقم 625 1599 روپيا
    سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ڊاڪٽر ڇٻلاڻي ص نمبر 275



    چارٽ نمبر 13
    ڪمپني جو ڪراچي مان ٻاهر ويندڙ مال
    ( ايڪسپورٽ)
    ڪل رقم في مڻ رپيا مڻ جنس
    000، 170 0-0- 17 10000 (1) گيهه
    35000 0-0-10 3500 (2) اُن
    12500 0-8-2 5000 (3) ڳڳر
    6000 ____ ____ (4) پرويزو ڳاڙهي رنگ جو هڪ قسم
    45000 0-0-15 3000 (5) موڱي
    32000 0-0-8 4000 (6) ڪش مش
    10000 0-0-10 1000 (7) جيرو
    120000 0-0- 75 160 (8) نير
    70000 0-0-0- 70في خرار 10000خرار (9) تيلي ٻج
    67500 0-0-45 1500 (10) ڪڻڪ
    30000 ____ ____ (11) لوڻيل مڇي، ڪاڊ مڇي جي چرٻي ۽ شارڪ مڇي جون کنڀڙاٽيون وغيره.
    5000 ----- ----- (12) لونگيون
    1600000 0-0-0-400 لٿل هر هڪُ اٺ ۾ 8 مڻ (13) آفيم بندر تي 500 اُٺ بار
    مڙئي مال جو ڪل ملهه 3746625
    سنڌ جي اقتصادي تاريخ – ص نمبر 672


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 865
    ڪتابن جو مشاهدو: 2388762
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 610242
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ