شاعري

رڳون ٿيون رباب

ھي ڪتاب تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو آھي. نصير مرزا لکي ٿو:
”تنوير جو جديد سنڌي شاعري جي سونهن سنوار ۾ تمام وڏو حصو آهي. سندس شاعري جو هي پهريون مجموعو ”رڳون ٿيون رباب، سندس شاعري جو هڪ اهڙو دستاويز آهي، جيڪو جتي جديد سنڌي شاعري جي کيتر ۾ سندس چٽي سڃاڻپ جو سبب بڻيو آهي اتي سندس فني انفراديت جو اهڃاڻ پڻ آهي. هن مجموعي ۾ تنوير جي ڏات جو اظهار مختلف صنفن گيت، غزل ۽ نظم ۾ پرڇيل آهي“.
Title Cover of book رڳون ٿيون رباب

ڪجهه رڳون ٿيون رباب – جي باري ۾: تنوير عباسي

ايسپ جي آکاڻين ۾ هڪ جوان جماڻ، ملوڪ مهانڊن واريءَ ڇوڪريءَ جو ذڪر آهي، جيڪا شهر کان پري، رڻ پٽ ۾ اڪيلي اڪيلي، اکيون هيٺ ڪري ويٺي هئي. نڪو هوس اوهي، نه واهي. اوچتو ڪو سٻاجهو جوان اتي اچي نڪتو، جنهن سندس دل ورتي ۽ پڇيائينس ته ”تون ڪير آهين؟“ هن وراڻيو ته ”منهنجو نالو سچ آهي“. جوان وري پڇيس ته ”هتي اڪيلي، اکيون هيٺ ڪري ڇو ويٺي آهين، شهر ۾ ڇو نه ٿي هلين؟“ تنهن تي هن وراڻيو ته ”جڏهن مان شهر ۾ رهندي هيس تڏهن ڪوڙ رڳو ٿورن ماڻهن وٽ هوندو هو. جڏهن سڀني ماڻهن مون کي ڌڪاري ڇڏيو ۽ ڪوڙ کي پاڻ وٽ رهايو تڏهن مان شهر ڇڏي هلي آيس.“
ايسپ کي گذرئي ڪئي صديون ٿيون. انهي زماني ۾ به سچ کي ڌڪاري ڪڍيو ويو هو ۽ اڄ به سچ کي ڌڪاريو ٿو وڃي. اڄ تائين اها جواڻ جماڻ ڇوڪري، شهر ڇڏي، رڻ ۾ اڪيلي، اڪيلي، اکيون هيٺ ڪري ويٺي آهي.
سچ ڪڏهن مارئي ٿي ڪوٽ ۾ ڳوڙها ٿو ڳاڙي، ته ڪڏهن سسئي ٿي ڏونگر ٿو ڏاري. هر دور ۾، ”سچ“ ۽ ”ڪوڙ“ ٻه مختلف طاقتون، هڪ ٻئي سان پئي ٽڪريون آهن ۽ هر وقت جي شاعري سچ کي سهارو پئي ڏنو آهي، انهي آس تي، ته من ايسپ واري رٺل ڇوڪري پرچي، ماڻهن جي بستي ۾ موٽي اچي.
هن جڳ ۾ انسان متعلق هڪ تعبير هيءَ به آهي ته ڄڻ کيس بيهوش ڪري ڪنهن ڪاڪ محل ۾ پهچايو ويو هجي، ۽ هوش ۾ اچڻ سان سندس دل تان سموريون گذريل يادگيريون ميٽجي ويون هجن ۽ هو وائڙو ٿي، هيڏي هوڏي واجهائي، هن ڪائنات جي مانڊاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. واقعن، تجربن ۽ مشاهدن جڏهن انسان جي ذهن تي ڪي اڻ مٽجندڙ عڪس وڌا، تڏهن هن چاهيو ته اهي عڪس هو ٻين جي ذهنن ۾ پلٽائي ۽ ائين شاعري وجود ۾ آئي.
پنهنجي ٿوريءَ عمر آهر، مون به جيڪي ڪجهه ڏٺو وائٺو آهي، جيڪي واقعا منهنجي اکين آڏو گذريا آهن، جيڪي ڪجهه به منهنجي احساس کي اٿاري ۽ جذبن کي جاڳائي سگهيو آهي، جنهن به نظاري اکين کي آرام ڏنو اٿم، ان کي ڪوشش ڪري، اهڙيءَ ريت لکيو اٿم، جيئن ٻين جي دل ۾ به اهڙائي احساس اٿن ۽ اهڙائي جذبا جاڳن، جيڪي منهنجي دل ۾ جاڳيا – جي پنهنجي ڏڪندڙ ڏيئي جي وسامڻ کان اڳ ۾، ان جي لاٽ مان ڪي ٿورائي ڏيئا ٻاري سگهيس، ته منهنجو جيئن سجايو ٿيو.
منهنجي شعر، خاص ڪري منهنجي تازن غزلن، گيتن ۽ نظمن ۾ ٻولي ۽ موضوع ڪجهه اوپرا پيا ڀانئبا. اهي موضوع، شعر لاءِ ته اوپرا آهن پر سنڌ جي ماڻهن جا ڏٺل وائٺل ۽ ٻڌل آهن. ان لاءِ ايترو ضرور چوندس ته مان پنهنجي شعر ۾ ڪوشش ڪري پنهنجي ذاتي جذبن ۽ احساسن جي اپٽار ڪندو آهيان. ايراني اثر واريءَ شاعريءَ کان مون کي هي نموني وڌيڪ سهڻو لڳو، ڇو ته ان طرح مان پنهنجا خيال چڱيءَ طرح ظاهر ڪري ٿو سگهان ۽ منهنجا هم وطن انهن کي پوريءَ ريت پروڙي ٿا سگهن.
سنڌيءَ کي پنهنجو لهجو ۽ پنهنجي مخصوص لئه آهي. فارسيءَ جو لهجو ۽ موسيقيت، سنڌي شعر ۾ اجنبي پيا لڳن، ان ڪري نون لکيل غزلن ۾سنڌي لهجي ۽ موسيقيت کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ۽ ان سان گڏ، موضوع پڻ سنڌي ماحول مان چونڊيا اٿم.
بهر حال چونڊ جو سڄو بار ”ربانيءَ“ تي آهي، جنهن جي لاءِ منهنجي ڳري قيمت واري آهي.

تنوير عباسي