ڀٽائي ڏانهن
تنهنجي گيتن جون گونجارون ٿينديون رهن سدائي
تنهنجي ديس جا ماڻهو نماڻا شل پيا تو کي ڳائن
جن جي دل هن جڳ جي دکن ۽ دردن آهي جلائي
ساهه اڙيا سي تنهنجي گيتن سان ٿا دل وندرائن
تنهنجي سسئي پنهنجي پنهونءَ لئه اڄ به ٿي ڏونگر ڏاري
اڄ به پنهون جا پيرا وقت جي واءُ سان وئڙا لٽجي
جبلن جهنگن ۾ رلندي ٿي رهبر لاءِ پڪاري
اڄ ڀي پهڻن جي سختيءَ سان پير سندس پيا ڦٽجي
مدت ٿي جو ماڻهو ويٺا سُر جي لئه ڪن لائي
گيت ڪٿي جن جي گرميءَ سان دل جا دريا اٻرن
ماڻهن سر سهسايو پر ڪو چارڻ سر سهسائي
اڄ ٻيجل جي چنگ منجهان سي چڻگون ڪين ٿيون نڪرن
اڄ تائين ٿا ڪاڪ ۾ ڦرجن ۽ لٽجن ڪيئي مانجهي
مومل جي ماڻن ۾ ڪوئي ڦير نه آيو آهي
اڄ به اميدن جي ڪرڻن کي ويڙهي وئي آ سانجهي
ڪنهن جي دل جي دنيا ۾ ڪو صبح نه آيو آهي
آهي اڃا تائين ڀي تنهنجي مارئي بند ۾ باندي
اڄ به عمر جو زور هلي ٿو ويچارن مارن تي
آزاديءَ جي خوشخبري اڄ ائين ڪنهن به آندي
ضرب اڃا تائين به لڳي ٿي روحن جي تارن تي
تنهنجي گيتن جون گونجارون ٿينديون رهن سدائي
تنهنجي ديس جا ماڻهو نماڻا شل پيا تو کي ڳائن
جن جي دل هن جڳ جي دکن ۽ دردن آهي جلائي
ساهه سڙيا سي تنهنجي گيتن سان ٿا دل وندرائن
او سهڻا شاهه ڀٽائي