شاعري

رڳون ٿيون رباب

ھي ڪتاب تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو آھي. نصير مرزا لکي ٿو:
”تنوير جو جديد سنڌي شاعري جي سونهن سنوار ۾ تمام وڏو حصو آهي. سندس شاعري جو هي پهريون مجموعو ”رڳون ٿيون رباب، سندس شاعري جو هڪ اهڙو دستاويز آهي، جيڪو جتي جديد سنڌي شاعري جي کيتر ۾ سندس چٽي سڃاڻپ جو سبب بڻيو آهي اتي سندس فني انفراديت جو اهڃاڻ پڻ آهي. هن مجموعي ۾ تنوير جي ڏات جو اظهار مختلف صنفن گيت، غزل ۽ نظم ۾ پرڇيل آهي“.
Title Cover of book رڳون ٿيون رباب

ٿڙنداسين ٿاٻڙنداسين پر اڳتي هلندا هلنداسين

ٿڙنداسين ٿاٻڙنداسين پر اڳتي هلندا هلنداسين
لهرن وانگر اٿندي ڪرندي ماڳ ڏي وڌندا هلنداسين

جيئن ڪرڻن جي تيرن جي وسڪاري ۾ مرڪن ٿا گل
موت جي منهن ۾ تيئن اسان ڀي ٽلندا کلندا هلنداسين

ڪڏهين ٿورو ڪڏهن گهڻو ۽ ڪڏهين ڪاسو ڪڏهن ڪڻو
نورو ونڊيندي چنڊ سمان ئي گهٽبا وڌندا هلنداسين

ڪنهن جو هانوَ ڇنڊن سان ٺاري ڪنهن جي دل دڙڪن سان ڏاري
ڪڪرن وانگر وسندي وسندي گجندا گجندا هلنداسين

پاڻ جلائي لاٽ ڏبي جڳ کي هڪڙي واٽ ڏبي
اوندهه کي چيريندي تارن وانگر کڙندا هلنداسين

ڪر موڙيندا آهن ڪانئر ڪر کڻندا آهن دل وارا
هلندي هلندي جي ٿڪباسين رڙهندا رڙهندا هلنداسين

آزادي يا موت ٻنهي کان هڪڙو ماڳ اسان جو آ
جنهن به ڏنو آواز انهي ڏي کلندا ڪڏندا هلنداسين