پيار جو بارڪ ڪيئن کڻي سگهبو
پيار جي ڳالهه ئي لڳي ٿي ڳري
ساهه ۾ ائين سمائجي وئين تون
جيئن وڃي کير منجهه کنڊ ڳري
تو بنا عمر ٿي وئي پوري
تنهنجي غم کان سوا گهڙي نه سري
تنهنجا ڳل هي مکڻ سندا چاڻا
وقت جي گرمين ۾ ويندا ڳري
رات پيالي ۾ جنهن ٿي ناچ ڪيو
آئين اکين ۾ اڄ سا لال پري
اڄ ٿي نڪتا شفق منجهان شعلا
صبح جي باهه ۾ ٿي رات ٻري
روز تارن تان ترڪندي ٿي رهي
هيءَ نظر چنڊ لاءِ آهي چري
دل تي ڇانئي اماس جي اوندهه
ياد چوڏهينءَ جو چنڊ آيو وري
منهنجي دل جي زمين کي چيري
آئي اڀري سَلي جان ياد وري
دائما پُر هو تنهنجو جامِ جمال
دل ٿي سرڪي ته مون ٿي سرڪ ڀري
منهنجي لڙڪن جي اونهي پاڻيءَ ۾
تنهنجي صورت ڪنول جان آئي تري
آ تصور به ڄڻ ته ٽانڊاڻو
لاٽ نڪتي ۽ باهه ڪيئن ٻري