رڳون ٿيون رباب- هڪ تاثر: نصير مرزا
تنوير جو جديد سنڌي شاعري جي سونهن سنوار ۾ تمام وڏو حصو آهي. سندس شاعري جو هي پهريون مجموعو ”رڳون ٿيون رباب، سندس شاعري جو هڪ اهڙو دستاويز آهي، جيڪو جتي جديد سنڌي شاعري جي کيتر ۾ سندس چٽي سڃاڻپ جو سبب بڻيو آهي اتي سندس فني انفراديت جو اهڃاڻ پڻ آهي.
اڄ تنوير جيتوڻيڪ گهڻو، تمام گهڻو اڳيان وڌي آيو آهي پر تڏهن به سندس هي ماضي واري رچنا(جيڪا منهنجي اڳيان آهي) سندس حال وانگي ڏاڍي خوبصورت، ڀرپور، جاندار ساهه سان سانڍڻ جهڙي آهي.
هن مجموعي ۾ تنوير جي ڏات جو اظهار مختلف صنفن گيت، غزل ۽ نظم ۾ پرڇيل آهي.
تنوير هڪ آدرشي شاعر آهي ۽ هڪ آدرشي شاعر پنهنجي وقت ۽ وقت جي دکدائڪ حالتن کان ڪڏهن به منهن موڙي سگهندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو تنوير جي هن مجموعي واري شاعري جنهن وقت جي حالتن ۾ سرجي ويئي آهي، ان جا پاڇا ۽ اولڙا هن شاعري ۾ ڏسي پسي سگهجن ٿا.
ڪلاسيڪل ڪهاڻين جي آڌار تي لکيل تنوير جي نظمن کي ساهتڪ رچنائون چئي سگهجي ٿو. نظمن سان گڏ ڪجهه غزلن ۾ به تنوير انهيءَ سمي وارين دکدائڪ حالتن کي پنهنجو موضوع بنايو آهي. جديد سنڌي شاعري ۾ سندس غزل پنهنجي رنگ ڍنگ ۽ مزاج جي لحاظ کان الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. سندس غزل ۾ خيال جي تازگي، پر ڪشش نغمگي، داخلي غنائيت ۽ پاتال جهڙي گهرائي موجود آهي.
تنوير، موناليزا جي امر مرڪ جهڙا مڌر مڌر گيت به لکيا آهن. هن مجموعي جي گيتن ۾ سندس اظهار وڻندڙ، انوکو ۽ دل ۾ لهي ويندڙ آهي. تنوير جو گيت جديد سنڌي شاعري جي مٿي جو جهومر آهي. تنوير امن، نيچر ۽ محبتن جو شاعر آهي.
تنوير کي پڙهندي سچ ته من ۾ ڪنهن نئين ساماڻيل نينگريءَ جي نرم ڪومل ڳل کي ڇهڻ جهڙو مٺڙو احساس اڀري ٿو. ۽ ذهن جي دشائن ۾ سُر ڌِيمي تال ۾ ٻُرندا خوشبوءِ وانگي ڦهلجندا ڀاسندا آهن.
- نصير مرزا