جوڳي
پنهنجي مِٽن کي ڦوڪيندي تون مرلي ايئن وڄائين ٿو
ڄڻ ڦوڪي تون روح فضا ۾ نغمن جان لهرائين ٿو
دريا شاهه جي لهرن وانگر سينو لاهين چاڙهين ٿو
ڄڻ ته فضائن ۾ گيتن جو هڪڙو واهه وهائين ٿو
يا ته فضائن ۾ نغمن جو هڪڙو ڄار وڇائين ٿو
زهريلن نانگن جي روحن کي جنهن ۾ ڦاسائين ٿو
يا ته اندر جي اونهائيءَ مان سر آڻي تون ڳائين ٿو
پنهنجي برهه جي باهه تون ساري جڳ جي دل ۾ لڳائين ٿو
ڄڻ ساري جڳ تنهنجي سورن واري ڀوڳ آ ڀوڳي
او مرليءَ وارا جوڳي!
پنهنجي راڳن سان رڳ رڳ ۾ ڪو ميٺاج ملائين ٿو
دک ۽ درد جا نانگ هزارين پيار منجهان پرچائين ٿو
جن کي پنهنجي تن جي تارن تي هي ناچ نچائين ٿو
مرليءَ جي ميٺاج سان تنهن جي زهر جو زور وڃائين ٿو
اهڙن زهريلن جي دل ۾ جادو ڪيئن نه لڳائين ٿو
پنهنجي دشمن تي ڀي حاڪم بنجي حڪم هلائين ٿو
هن دنيا جي رڻ ۾ تنهنجي مرلي ڄڻ مينهوڳي
او مرليءَ وارا جوڳي!
مان ڀي من جي مرليءَ تي ڪي گيت وڄائڻ چاهيان ٿو
مان ڀي پنهنجو پاڻ وڃائي سر ۾ سمائڻ چاهيان ٿو
مان ڀي هن ماٺي دريا ۾ لهرون آڻڻ چاهيان ٿو
مان ڀي دلين جي دنيائن ۾ باهه لڳائڻ چاهيان ٿو
مان ڀي ڳائڻ چاهيان ٿو ها مان ڀي ڳائڻ چاهيان ٿو
سهندي سور صدين کان منهنجي دل ٿي وئي آ موڳي
او مرليءَ وارا جوڳي!
مان به زماني جي دردن کي دل تان هٽائڻ چاهيان ٿو
زهريلن جي زهر کي ماري زور گهٽائڻ چاهيان ٿو
جن کان حياتي هانو ٿي هاري تن کي مڃائڻ چاهيان ٿو
پيار سان هر ڪنهن کي مان پنهنجي وس ۾ آڻڻ چاهيان ٿو
وقت جي وهه ۾ محبت جو ميٺاج ملائڻ چاهيان ٿو
تو جان مان او جوڳي من جي مرلي وڄائڻ چاهيان ٿو
تنهنجو من ڀي روڳي آهي منهنجو من ڀي روڳي
او مرليءَ وارا جوڳي!