مونجهارو
ساري جڳ تي ڇائنجي وئي روشني
سج مٿي آيو ۽ ڍرڪيو ۽ لڙيو
شام ٿي آخر ۽ سج ڀي ويو لهي
ساري جڳ ۾ ٻاٽ اوندهه ٿي وئي
ڏينهن جي ڇا زندگي
مان پيو آهيان منجهي
صبح جو گلشن ۾ هڪ مکڙي ٽڙي
ماڪ موتين جي مٿس مالها وڌي
ڪجهه گهڙين لئه جهومي مرڪي ۽ نچي
۽ هوا جي پينگهه تي ويهي لڏي
تير تاڻيا پنهنجي ڪرڻن جا سحر
جيڪي ويا مکڙيءَ جي سيني ۾ چڀي
۽ ويو مکڙيءَ جو منهن ڪو مائجي
ڪجهه گهڙين جي مرڪ هئي
مان پيو آهيان منجهي
چنڊ دريا تي نظر هڪڙي وڌي
جنهن جي سيني ۾ اچي هلچل متي
لهر هڪ اميد جي آئي چڙهي
چنڊ ڀي دريا ۾ آخر ويو ٻڏي
لهر ڀي ڪجهه ٿاٻڙي ڍڙڪي پئي
ڪجهه گهڙيون اميد هئي
مان پيو آهيان منجهي
جي ويس دنيا جي غم کان تنگ ٿي
تنهنجي اکڙين ۾ جڳهه مون کي ملي
سرڪ هڪڙي سڪ منجهان مون پي ڇڏي
تو سوا دنيا سڄي وسري وئي
ڪجهه گهڙين کان پوءِ جڏهن مون اک پٽي
ساڳيا غم ۽ ساڳي منهنجي بيڪسي
ڪي پلڪ هئي بي خودي
مان پيو آهيان منجهي