موهن جو دڙو
تنهنجي ويرانيءَ ۾ چئه ايڏي ڪشش آئي ڪٿان
تنهنجي برباديءَ کان صدقي تنهنجي مٽجڻ تان نثار
تنهنجي برباديءَ ئي ٿي وئي آهي تنهنجو يادگار
بي ڪفن مردي جي مٽيءَ ۾ ڍڪيل هيءَ کوپري
جنهن ڏني هئي سنڌ جي تهذيب کي هڪ زندگي
تنهنجو هي خاموش ساڪن گهٽيون، هي رک جا ڍير
دور ديسن کان ڏسڻ لئه ٿا اچن ڏس ڪير ڪير
تو ڏٺا آهن زماني جا گهڻائي انقلاب
تنهنجي سيني ۾ لڪل تاريخ جا آهن ڪي باب
تون زماني ڏي زماني کان نهاريندو رهئين
سنڌ کي ماضيءَ جي عظمت ڏي پڪاريندو رهئين
۽ سدائين سنڌ تنهنجي سڏ ۾ سڏ ڏيندي رهي
پنهنجي ماضيءَ جي بلندي ڏي وري ايندي رهي
قافلا تهذيب جا منزل طرف وڌندا رهيا
سنڌ جي گلشن ۾ ڪي ئي گل نوان کلندا رهيا
اڄ وري مهران جي مي ساڻ پر پيالا ٿيا
هن اڃايل سر زمين جا چپ وري آلا ٿيا
اوچتو ئي اوچتو تو کي ڪهڙو پور پيو
جو کڻي ويران نظرون سنڌ ڏي تو هيئن تڪيو
تنهنجي نظرن جي انهن ويرانين جو هر اثر
جو ويا هڪ پل ۾ ٿي ويران ڪئي آباد گهر
ٿي اکئين سڀ ڪنهن ڏٺو منزل هئي پنهنجي قريب
اوچتو ئي اوچتو ڪي راهزن ٿي ويا نصيب
وقت جا طوفان اڪري پنهنجو ٻيڙو پار ٿيو
پر ڪنارن تي اچي ٽڪرائجي پرزا ٿيو
وقت جي ڦيري هنن باغن کي بدلي بُرُ ڪيو
ڪالهه هئا جت هنج اڄ ڪانون اتي آ گهر ڪيو
ڪلهه ڪچهرين ۾ لڳل رهندو هئو جت ٽهڪڙو
موت جي خاموشين آهي اتي واسو ڪيو
ڳوٺ خالي ٿي ويا ۽ شهر ويران ٿي ويا
خواب هئا جيڪي ترقيءَ جا پريشان ٿي ويا
هي ڊٺل جايون ڦٽل رستا ڏسي تون شاد ٿي
هي به شايد تو جيان ويندا ڪڏهن برباد ٿي
تنهنجي ويرانيءَ ۽ برباديءَ کي وسعت ٿي ملي
سنڌ ساري ڄاڻ جو ٿي تنهنجي ڀاڪر ۾ اچي