ڪھاڻيون

ڇڻيل گُل

ڊاڪٽر مقبول ”مارو“ ميمڻ جون ڪھاڻيون معاشري جي هلندڙ ڦرندڙ ۽ ڪردارن جي ڪهھڻيون آهن، جنهن ۾ معاشري جي لِڪل چھري تان پردو کڻي ڪيترن انيڪ مسئلن کي نروار ڪيو آهي. هن ڪتاب ”ڇڻيل گل“ ۾ اڄ کان 30 سال اڳ کان وٺي 2017ع تائين جو ڪھاڻيون پڙهڻ وٽان اوهان کي ملنديون. مقبول مارو جون ڪھاڻيون ساديون، عام فھم جون ڪھاڻيون آهن، جن ۾ حقيقي رنگ سمايل آهن. سندس ڪھاڻيون پڙهي ڪير بہ ائين چئي نہ سگهندو تہ اهو سڀ ڪجهه هتي ڪٿي ٿو ٿئي !؟
Title Cover of book ڇڻيل گُل

معاشري جو عڪاس: خاڪي جاني

“ڏسو ته رستا لالچي انسانن جي ڀيڙ سان ڪنجهي رهيا آهن ۽ فضا لوهه جي شور، ڦيٿن جي چيڪاٽڻ ۽ انجڻين جي سِيٽين سان گونجي گونجي رهي آهي. سڄو شهر جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ طاقتور ڪمزور کي چٽ ڪري رهيو آهي ۽ ظالم شاهوڪار، غريب مزدور جي محنت جو ناجائز فائدو وٺي رهيو آهي.
منهنجا پيارا! هُتي زندگي ڪيتري نه حسين آهي ! ڄڻ ته روشني ۾ نزاڪت سان ڀريل شاعر جي دل ! منهنجي پياري هتي زندگي ڪيڏي نه بي رحم آهي، ڄڻ ته گناهن ۽ خوفن سان ڀريل ڏوهي جي دل!” هي اهي لفظ آهن جيڪي خليل جبران صديون اڳ لبنان ۾ ويهي لکيا پر ائين ٿو لڳي ڄڻ اڄ لکيا ويا هجن. ڄڻ اسانجي معاشري جي عڪاسي ڪندا هجن. ادب چئبو ئي انهي کي آهي جيڪو صدين جي سفر کانپوءِ به پراڻو نه ٿئي، جڏهن به پڙهجي ته نڪور نظر اچي. جنهن ۾ معاشري جي براين کي ننديو وڃي ۽ معاشري ۾ موجود چڱاين کي وائکو ڪيو وڃي. اهو ئي ادب آهي. پوءِ ڀلي اهو نثر ۾ هجي يا نظم ۾. اسان جو ادب به دنيا جي ادب کان گهٽ ڪونهي پر ادب کي اڳتي آڻڻ لاءِ وسائل ڪونهي. تنهن هوندي به اسانجي ڌرتي شاهه عبدالطيف ڀٽائي، شيخ اياز، خليفو قاسم، اُستاد بخاري ۽ مولوي احمد ملاح جهڙن ناميارن شاعرن جي پيرن جي خاڪ ۾ آهي. انهي کانسواءِ نثر جي حوالي سان امر جليل، علي بابا، عبدالقادر جوڻيجو، سراج ميمڻ، نسيم کرل، مدد علي سنڌي، سليم چنا، عبدالجبار جوڻيجو، نورالهدى شاهه ۽ ٻيا هزارين نانءُ آهن، جن جي پورهئي کي جيترو به ساراهجي گهٽ آهي.
ڪهاڻي پنهنجي پلاٽ اندر هڪ ڪهاڻي سمائي ٿي. جنهن ۾ تفريح به هجي ٿي، تنقيد به هجي ٿي، تعمير به هجي هجي ٿي. ڪهاڻي اسانجي چوگرد ٿيندڙ واقعن جو نچور هجي ٿي، ڪٿي ڪاري ڪُٺي، اتي ڪهاڻيڪار جي ذهن سوچيو، قلم کنيائين ۽ ڪهاڻي جُڙي راس ٿي.
اسان جي دوست مقبول مارو به پنهنجي قلم جي پورهيئي سان جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو هن معاشري ۾ ڏٺو آهي. هن زيادتي ٿيندي ڏٺي آهي، هن بي ڏوهه ڪارويون ٿيندي ڏٺيون آهن، هن سياست جي آڙ ۾ سنڌ جو ڪارڊ ڪئش ٿيندي ڏٺو آهي. هن ڌارين جي يلغار کي حاوي ٿيندي ڏٺو آهي ته رئيسن جي رئيس پائي ۽ سندن مانّ ۽ سندن عزت کي به ويجهي کان پرکيو آهي، هن وڏيرن جي سازشن ۽ هٿ ڪڍن کي به محسوس ڪيو آهي ته هن ڪامورن جي ڪارين ڪرتوتن کان به چڱي طرح واقف آهي. هي سنڌ جي هڏ ڏوکين ۽ دردوندن کي به سُڃاڻي ٿو. هي عورت ذات جي انگل، آرن ۽ عياشين کان به چڱي پُرواقف ٿو ڏسجي. هن سنڌ جي اديبن جي پاڻ پڏائڻ، پاڻ وڻائڻ جي عمل کي به سمجهي ٿو. هي گناهه جي دلدل ۾ ڦاٿل ماڻهو کي ڏسي مٿس مُرڪي ٿو، هو معاشري ۾ موجود منافق ماڻهن کي به ڄاڻي ٿو. هي پيار جي نالي کي بدنام ڪندڙ ۽ حوس جي پُڄارين کي به گهڻو سڃاڻي ٿو. هي سنڌ تي قابض ٿيندڙ گروهن جي زنجيرن کان پاڻ بچائڻ به ڄاڻي ٿو. هي انهي عاشق ماڻهو جي درد ۾ به شريڪ رهي ٿو جيڪو سنڌ جي اٻوجهه ماڻهو وانگي پنهنجي حياءَ و شرم جي ڪري سڀ موقعا وڃايو ڇڏي.هي سنڌ ۾ وسندڙ هيٺين طبقي جي ماڻهن جي مسئلن ۽ محبت کان به واقف ٿو ڏسجي. هي راتو رات امير ٿيندڙ ، محبت ڪندڙ، مڪارن کي به سُڃاڻي ٿو.
مقبول انسان جي لباس ۾ لڪل شيطان به ڳوليو لهي ٿو. هي سنڌي ۽ اردو ادب جي فرق کي به سمجهي ٿو. هي قسمت ۾ يقين رکندڙ، باايمان ماڻهو آهي. هي طوائف جي آواز کي به درد جي صدا ٿو سمجهي، مقبول مذهب جي آڙ ۾ موجود ننڍ، وڏائي ۽ مت ڀيد کان به واقف آهي. معاشري جي انهن مسئلن دردن، سورن کان واقف ته اڪثر ماڻهو هوندا آهن، پر ڌيان گهٽ ڏيندا آهن، هڪ ليکڪ ئي آهي جنهن جو شعور انهن معاشري جي مرضن تائين پهچي، انهن جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ پوءِ قلم ذريعي انهي جي علاج جو طريقو به ٻُڌائي ٿو. ائين مقبو ل مارو هن ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻين ۾ نه صرف معاشري جي عڪاسي ڪئي آهي پر انهن برائين کي بُرو به ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. ۽ چڱاين جي پرک ڪرڻ جو سليقو به ڏَسي ٿو.
بس هڪ ڳالهه جي کوٽ آهي، اُها اِها جو سندس ڪهاڻين ۾ ڪو جديد رنگ ڪونهي، ڪا نواڻ ڪانهي، بس ساديون، عام فهم جون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ حقيقي رنگ سمايل آهن. سندس ڪهاڻيون پڙهي ڪير به ائين چئي نه سگهندو ته اهو سڀ ڪجهه هتي ڪٿي ٿو ٿئي !؟ ڪهاڻيڪار هوندو ئي عوام جي بدولت آهي، جيڪڏهن عوام ڪنهن به ڪهاڻيڪار جون ڪهاڻيون نه سمجهندي ته اهو ڪهاڻيڪار هوائن ۾ ته اُڏري سگهي ٿو پر ڌرتي تي انهي جو ڪو نام نشان ئي نه رهندو. شال مقبول جي محبت جو پورهيو ماروڻن جي دل وٽان هُجي.